ھل چانھ چري

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    هل چانهه چري.
    هڪ جڙي ٻوٽي جي سائي رنگ جا پن جيڪي چائنا ۾ دريافت ٿيا شروع ۾ دوا طور استعمال ٿيا،ڏسندي ڏسندي دنيا کي پنهنجي منفرد خوشبو، ذائقي ۽ محرڪ طور قبضي ۾ ڪري ويا. چانهن نالي مشهور هن ٻوٽي جا رنگ ڍنگ نرالا، خوشبو، تازگي بخشيندڙ.....
    داڻي دار، چورو، سبز، مختلف خوشبو مليل......... اصل واه.
    ننڍو وڏو هن عادت ۾ مبتلا اسان جي زندگي ۾ ايتري قدر داخل آهي جو ڪا ڪچهري، ڪا گڏجاڻي، ڪا ملاقات، ڪو گهر يا دفتر چانهن کان سواءِ اڻپورو.
    لسي پاڻيءَ جي جاءِ تي....
    چانهه پاڻيءَ جي صلاح پهاڪي طور مشهور ٿي وئي.
    گهر بازارن، هوٽلن جي رونق چانهن.... ننڍا هئاسين ته هوٽل تي ملائي واري چانهن "ڊبل چانهن" سڏبي هئي.
    تيز پتي گهٽ کير واري چانهن "ڪڙڪ چانهن" سڏبي هئي.
    بغير کير جي چانهن "سليماني" سڏبي هئي.
    کير واري چانهن ۾ پيٺل خشڪ ميوو جو چورو وجهبو ته" ڪشميري چانھن" سڏبي هئي.
    بغير پاڻيءَ جي خالص کير ۾ پتي وجهي ٺهندڙ چانهن کي "کير پتي" چانهن سڏبو هو.
    اڌ ڪوپ جو آرڊر ڪٽنگ چانهن چورائي.
    پيالي ۾ ملندڙ چانهن پيالا چانهن سڏائي.
    ايراني هوٽلن تي ملندڙ اسپيشل چانهن جو جواب ڪونهي، جنهن ۾ چانهن جو گرم پاڻي الڳ، گرم کير الڳ، کنڊ الڳ ملندي آهي، ان کي پنهنجي ذائقي موجب ڪڙڪ يا هلڪو تيز ڪري سگهجي ٿو.
    ان کان علاوه سبز چانهن جا ڪيئي قسم آهن، ڪنهن ۾ ليمون، ڪنهن ۾ دارچيني، ڪنهن ۾ ايلاچي، وڏو ڦوٽو ڪنهن ۾ ادرڪ، ڪا چنبيلي جي خوشبو رکندڙ........ سبحان الله.
    ڪي بنا کنڊ جي، ڪا تيز مٺي واپرائين.
    قهوه در اصل سليماني چانهن جو قسم آهي، جنهن ۾ کير کنڊ نه پوي. ڳڙ جي ڳڙي وات ۾ رکن، مٿان ڪڙڪ قهوه جو ڍڪ ڀرين.

    دفترن ۾ ته ايتري هلي ٿي جو رشوت جو نالو به چانهن پاڻي رکيو ويو آهي.
    شاعر، اديب، دانشور ۽ تخليق ڪار کاڌي کان وڌيڪ چانهن واپرائين.
    سامهون ٿرماس ڀريل هجي اصل ڪم ئي پوءِ ڪري سگهن.
    چانهن جي هوٽلن تي واندا به اوهان کي جام ملي ويندا. ڪم نه ڪار ڏينهن نه کار.
    سستي گرم مشروب هئڻ ڪري سياري ۾ چانهن جو استعمال وڌيو وڃي.
    زڪام، کنگهه، مٿي جو سور.....
    اصل اسان جهڙن کي بهانو مليو وڃي، دانهن پئي پوي ته چانهن ڏيو.
    قسم سان هاڻي ته حالت اها آهي جو نيراني چانهن نه ملي ته اک ئي نه ٿي کلي.
    ڪو صبح جو ڪم چوي ته اهو جواب ڏيون "يار صبح سويري چانهن به نه پيتي اٿئون." .
    نيراني چانهن چري ساڻ بسڪوٽ پاپا پوءِ ڏسو اسان جو ڪمال.
    مون زندگي ۾ بهترين هوٽلن تي چانهن پيتي آهي پر جيترو وڏو هوٽل اوتري بد ذائقي چانهن.
    دادو جي عبدالله هوٽل جي چانهن نه ٿي وسري.
    ڌاٻيجي ۾ پليجي هوٽل جي دودھ پتي نہ ٿي وسري.
    Amar Gul
    ڪونڪر اسٽاپ تي کير پتي چانهه پياري نه ٿي وسري.
    ملير گوشت مارڪيٽ ۾ پٺاڻ جي هوٽل جي کير پتي چينڪ چانهن نه ٿي وسري.
    خاص طرح ته حيدرآباد مارڪيٽ ۾ ڦول گلي جي ڪڙڪ کير پتي چانھ، جنهن ۾ پستا بادام به وجهي ڏين ٿا، نه ٿي وسري.
    .
    اميد ته اوهان به پنهنجو تجربو شيئر ڪندا ته سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي لاجواب چانهن ميسر آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو