عقل ڪل ڀوتار

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ مهران ميانداد شر طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2019۔

  1. مهران ميانداد شر

    مهران ميانداد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڀوتار الله ڀلو ڪرئي شل تنهنجا پٽ ڪليٽر ٿين تون پاڻ ائين ئي پنهنجا جلوه ڏيکاريندو ره
    جنهن کي وڻئي تنهن کي مار جنهن کي وڻئي تنهن کي غدار چئه جنهن کي وڻئي تهن کي صدر ڪر وزير ڪر نوڪر
    ننڍو ڪر وڏو ڪر اها اوهان جي ڪرامت ائين ئي اوهان وٽ هجي ۽ هرڪو اوهان کي ڪاني ڪرامتي جي لقبن سان پيو ياد ڪندو رهي
    ڀلو ٿئي ڪالھ دوسو اوهان جي شان ۾ جيڪو چيو سو خوب چيو ٻڌو هيم ته پاڄا پسي ويندا آهن پر دوسو جي سڄي ڪانچ پسي ويئي
    ڀاڳ لڳئي ائين ئي ڳوٺ ۾ دٻ دٻو رکيون اچ متان ڪو تنهنجي سامهون اچي ، خبر پئي ته اهو جاڙو خان ڳوٺ مان لڏي ويو هيو تهن ٽي ڪمرا الڳ الڳ ٺاهي ان تي نئين ڳوٺ جو نالو رکيو هيائين بس ڇا انصاف هيو اوهان جي ابي جو بس راتو رات ڪمرا عين الپٽي همراه ڳولهيو نه مليو صفا پيء وانگر تون به آني ٻچو آهين
    پاڙي وارا هروڀرو اوهان جي شڪايت ڪندا آهن ته تون سٺو نه آهين
    اهو ڏينهن ياد جڏهن ٻڪرين تي ڪتا اوهان ڇڏرايا هرڻيون سمجهي ڪتا اوهان جو ٿورو اڃان ڳائن ٿا ، شل بخت بلند هجئي سيباڻي وارو ٻڪر اوهان ئي چوري ڪرايو ددلي کان لڳو صدوري خان تي اوهان ٻنهي کي گهرائي ڪلن سان ٻڌي پادر جو وسڪارو لائي ڏنو بس واه واه جو انصاف جو ماپو آهين ، تنهنجي در تان بکيو ڇا ڍاول به خالي واپ نه ويو ، ڳوٺ تهنجي پيء جو جيڪو وڻئي سو ڪر شينهن ٻڪريون ۽ ٻڪرين شينهن ٿين ٿيون بس پڇ تي اوهان جو هٿ هجي ، مجال آ ٿاڻيدار کي جو ڪمدارن جو نالو کڻين ، بس ڀوتار ڇا ڳالھ ڪيان تنهنجي پٽن جي بس وتن ٿا صحافت ڪندا ڪنهن جي شان ۾ لکن لعنتون ته ڪنهن کي ڏين گاريون ڇارئي طرف واه واه لڳي پئي آ . کائڻ پيئڻ جا صفا شوڪين آهن ڪجه ڏينهن ٻه ٽي ٻڪر سجي ڪيائون پر کاڏئون ڪون ليڪن
    قبلاء قل هڪ عرض ته هاڻي ڳوٺ جا ڇورا سامايا آهن صفا مٿي فريا آهن اشارو ڪر ته هڻين ٿا ڪڍن جي ڪنهن کي چئجي ٿو ته چپ ڪري ويه ته اصلي سندرو ٻڌي چڙهي ٿا وڃن بس پٽڪو لاهيندي ئي دير نه ٿا ڪن ٻڌو اٿم پڙهي لکي آيا آهن سو اوهان جي عمر به پوئتي پئي ٿيندي وڃي هاڻي هيئن ڪر جو جنهن کي ڳوٺ بدر ڪيو هيوئي تنهن کي گهرائي سندن سان ٺاه ڪري ڇڏ گهٽ ۾ گهٽ ڪو جنازو ته پڙهئي توارا پٽ ته هاڻي تنهنجي هٿن مان نڪري چڪا آهن نڀاڳي نيٽ جو دور آ پوري رات انهي بجلي واري مشين ڪمپوٽر ٻيو مبليل پيا هلائن لکندي لکندي کلن پيا ۽ آڱوٺا به ڏيکارن ٿا
    اڳي اوهان جي ابي جي دور ۾ مجال آ جو ڪو ڪنهن کي آڱوٺو ڏيکاري پر اوهان جا پڳدار پٽ چون ٿا نيٽ تي آڱوٺي ڏي نه ته ڳوٺ مان نڪر اها به خبر پئي ته بجي ڏيڻ تي خوش پيا ٿين بس ڀوتار مان هلان ٿو مونکي وري نئون ڀوتار مليو آ ڏسان ته هو ڪٿي ٿو دنگ ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو