ضراب حيدر مڪلي جي تاريخي قبرستان

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2019۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    *مڪلي جو قديمي قبرستان* *هڪ حقيقت ۽ مختصر تاريخ*

    *تحرير ظھير حسين ملوڪاڻي*

    *سنڌه دنيا ۾ اها ڌرتي آھي جنهن ۾ ڪنهن خوبصورت شھر ۽ قديمي آثار موجود آھن جنهن ۾ موئن جو ڌڙو منصوره ٿرجو ريگستان وغيره وغيره شامل آھن ۽ بزرگ اولياء پڻ سنڌه تي موجود آھن جنهن ۾ قلندر شھباز شاه عبدالطيف بهٽائي سمن سرڪار ۽ ٻيا به ڪنهن بزرگ اوليائن جا مقبره هتي پاتا وڃن ٿا*
    *بهرحال هتي اسان جو موضوع مڪلي شهر جو تاريخي قبرستان آھي مڪلي شھر جو نالو ٻڌڻ سان انسان جي دماغ ۾ ڪنهن تصورات ايندا آھن چو جو مڪلي جي سرزمين ۾ جتي سنڌه امڙ لاء پنهنجي قيمتي جان ڏيندڙ ستل آھن انهن کان سواء هن زمين پنهنجي پيٽ ۾ انهن ماڻھن کي به جاء ڏني جيڪي سنڌه امڙلاء ڪارو داغ هئا تاڪي ايندڙ نسل هن قبرستان مان سبق سکهي ۽ پنهنجي لاء هڪ صاف رستو هموار ڪري مڪلي جي قبرستان ۾ سنڌه جي چھ سو ورهين جي تاريخ لڪيل آھي*
    *پر ان کان پهريان مان مڪلي ٽڪري جي تاريخ تي غورفڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو*
    *مڪلي ڪراچي کان اوڀر طرف اسي ميلن جي پنڌ تي کير ٿر جبل جي فائدي مند جو هي ٽڪرو نيشنل هاءوي تي ضلعي ٺٽي کان ٻه ڪلو ميٽر الهندي ڏکڻ کان پير پٽي جي مزار کان وٺي اتر ڏانهن ساموئي تائين 25 ڪلو ميٽرن تائين آھي مڪلي شھر جو ٽڪرو (علائقو) پٻ ۽ هاڙي جبل جي شاخ آھي (رني ڪوٽ) واري قطارن ما هڪ قطار آھي پير پٽي شھر کان نڪري اتر طرف ڏي برابر پنج کوه وڃي ٺٽي ضلعي کي ويجهو الهندي طرف بيهي ٿي سمن ڄامن جو مکيه شھر (ساموئي) (1) ٽڪري جي اتر واري چيڙي هيٺيان آھي جتي ڄام تماچي نوربين جو قبرون آھن ٿر خانن کان وٺي ٺٽو گادي جو هنڌ هو انهن مان گهڻن جون قبرون ۽ مقبران مڪلي تي آھن ۽ بعض محققن لکيو آهي ته مڪلي جي سرزمين تي ڏه لک قبرون آھن انهن منهجان سوا لک اوليائن ۽ بزرگن جا مقبرا آھن*

    *مڪلي ٽڪري جو نالو*

    *مڪلي ٽڪري جي نالي بابت مختلف روايتون ملن ٿيون هر مصنف پنهنجي ڪتابن ۽ ناولن ۾ هن ٽڪري جي نالي مطابق لکيو آھي پهرين روايت پراڻي دور ۾ هڪڙو وڏو بزرگ حج ڪرڻ لاء پنهنجي شھر مان نڪتو وڏو سفرڪرڻ کان بعد ۾ هڪ ٽڪري تي اچي بيٺو ۽ رات به ٿئي وئي دل ۾ خيال ڪيائين رات هتي گذاريان صبح جو نڪرندس وڌيڪ سفر ڪرڻ لاء رات جو خواب ڏٺائين ڪهڙو خواب ڏٺائين اهو خواب ڪنهن به مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر نه ڪيو آھي جنهن جي اثر کان جاڳندي چيائين هذا مڪلي هذا مڪلي يعني هي منهنجي لاء مڪو آھي تڏهن کان هن ٽڪري جو نالو مڪلي پئجي ويو ۽ ٻئي روايت ۾ چون ٿا ته ڪا مسلمان عورت اچي مري وئي جنهن جو نالو مڪلي هو جنهن کي دفنائڻ کان بعد ۾ هن ٽڪري جو نالو مڪلي ڪوٺيو ويو ٽئين روايت ڪجھ هن طرح جي آھي هندو ڌرم جا ماڻھو مڪلي جي ٽڪري کي ڪالي ديوي سان منسوب ڪن ٿا جنهن جو وڏو مندر تيرٿ آستان مين روڊ واري وڪڙ ۾ ڏکڻ طرف آهي جين مذھب ۾ گوسالو ۽ اجيوڪا اهم فرقا سمجها وڃن ٿا انهن اجيوڪا فرقي جو باني گوسالو مڪلي پوٽو آھي مڪلي جي پڙهڻي به جدا جدا پڙھڻ لاء ملي ٿي مثلن مڪلي منڪلي جڏهن ته گوسالو فرقي جي هڪ شاخ ڊيگامبر مڪلي ٽڪري ۽ هنگلاج ۾ رهندا هئا انهن جي آستانن عفائن ۽ آمد رفت جي سبب ڊيگامبر فرقي جي نالي منڪلي جي پٺيان مڪلي تصور ڪيائون*
    *مڪلي جو نالو مشھور ۽ *معروف سمن باد شاهن جي حڪومت ۾ ٿئي ٿو ڄام نظا الدين سنڌه تي آزاد حڪومت ڪئي 866 کان 914 تائين*

    *فن تعمير مڪلي*

    *مڪلي جي ٽڪري تي عام ماڻهن سان گڏ ڪنهن معتر ماڻھن ۽ باد شاهن جا مقبرا آھن*
    *چند معتبر شخصتيون هتي بيان ڪنجن ٿيون*
    *پهرين رستي تي مرزا جاني بيگ عرف مرزا غازي بيگ جو مقبرو آھي مرزا جاني بيگ اڪبر بادشاه جي دور ۾ ٺٽي جو پونيو ترخان حاڪم آھي انهي جي قبي جو سال 1613ع آھي*
    *(2)نواب مرزا عيسي ترخان*
    *مرزا عيسي ترخان پهريون شخص هو جو جهانگير بادشاه جي وقت ۾ ٺٽي جو نواب مقرر ٿيو انهي جو قبو پهرين قبي جي اتر طرف آھي قبي جو سال سنه 1644ع آھي*
    *(3)مرزا طغرل بيگ جو قبو مٿين ٻن قبن جي وچ ۾ آھي (ڪلان ڪوٽ)( 2) تي هن جو نالو پيل آھي (طغرل آباد) به سڏبو آھي ڪي مصنف چون ٿا طغرل آباد اهو قبو آھي جيڪو ٻارنهن پيلپائن تي بيٺل آھي*
    *(4)ديوان شريف خان ارغون (دهلي) مان وزير مقرر ٿئي ٺٽي جي هڪڙي نواب وٽ آيو قبي جو سال سنه 1638آھي اهو قبو هن پنهنجي حياتي ۾ ٺھرايو*
    *(5)نواب اميرخليل خان هن بابت تاريخ جي مختلف ڪتابن مان ملي ٿو هن وصيت ڪئي منهنجو لاش قبي کان ٻاهرين پاسي دفن ڪنجو انهي ۾ وڏا بزرگ رکيل آھن سندس قبي جو سال 1585ع آھي*
    *(6) ڄام نظام الدين سمن سنڌه جو زبرست حڪم ٿئي گذريو آھي قبي جو سال 1508 آھي*
    *(7) سيد علي شيرازي جو قبو ڄام نظام الدين سمن جي قبي جي اتري طرف ڏي ۽ ماٿري جي هن پاسي آھي هي سيد ٺٽي جي ماڻھن جا تحفا کڻي همايون بادشاه وٽ (عمرڪوٽ) کڻي ويندو هو* *ڪراچي واري قومي شاهراه واري روڊ مڪلي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو آھي ڏکڻ واري اڌ حصي ۾ عيد گاه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سيد محمد يوسف بکري ۽ چيڙي تي ڪلان ڪوٽ جو ڊٺل قلعو ۽ ٻيا عجائبات آھن اتر واري طرف اڌ حصي ۾ شيخ حماد جمالي عيسي لنگوٺي ملا عبد الرحمن عباسي جامع مسجد سيد علي شيرازي سمن باد شاهن جا مقبرا مغلن باد شاهن جون رانڪون ۽ ٻيون ڪنهن جڳهون آھن جيڪي شماري کان ٻاهر آهن هن قبرستان کي اڃا ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو هڪ حصي ۾ سمن سلطانن جا مقبرا آھن ۽ ٻئي حصي ۾ ارغونن ۽ ترخانن جون قبرون آھن مڪلي جي کاٻي پاسي کان هڪ چور کوه آھي ٻن حصن ۾ سوڙهيون ڏاڪڻيون هيٺ کوه جي ڪنڌي تائين وڃن ٿيون کوه جي ڪنڌي تي پهچبو ته چئو طرف ورانڊو نظر ايندو وچ ۾ کوه آھي*
    *(1) مٿي ذڪر ڪيل شهر ساموئي بابت ملي ٿو ته ساموئي شھر وجود ۾ آيو جڏهن سومرن جو وڏو شھر محمد طور سومرن جي حڪومت ختم ٿيڻ سان گڏوگڏ هي شھر به ختم ٿئي ناس ٿئي ويو جڏهن سما سومرن جي جڳھ تي حاڪم ٿيو جنهن محمد طور شھر جي جاء تي ڪنهن نوا شھر آباد ڪيا جن مان مکيه ۽ وڏو شھر ساموئي آھي*
    *(2) مٿي ذڪر ڪيل ڪلان ڪوٽ جي مختصر معلومات هن طرح آھي هي ڪوٽ مڪلي جي ٽڪري کان ڊيڊ ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ڏکڻ طرف آھي انهي جو قديمي نالو ڪلا رام هو ۽ پوء ڪلان ڪوٽ ٿيو بعض مصنفن جو چوڻ آھي اهو لفظ اصل ۾ ڪالن ڪوٽ آھي يعني آرام جو قلعو ڪالن ڪوٽ جي معني وڏو قلعو به ٿي سگهي ٿئي هي قلعو سيوڻ شريف جي قلعي وانگر سڪندر باد شاه جي جڪومت ۾ ٺھيو*

    حواله
    {1}ڪتاب سنڌه جا قديم شھر ۽ ماڻهو مصنف مرزا قليچ بيگ
    ايڊيشن چوٿون 1999
    {2}مڪلي جي خاموش تاريخ
    مصنف عسي ميمڻ
    {3}سنڌه جي تاريخ چا آھي
     
  2. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88

هن صفحي کي مشهور ڪريو