ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت ختم آرٽيڪل 370 ڇا آهي؟

'راءِ شماري' فورم ۾ جنيد احمد ماڪا طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2019۔

  1. جنيد احمد ماڪا

    جنيد احمد ماڪا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    شڪارپور،حيدرآباد
    ڀارت ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇاٿو ثابت ڪرڻ چاهي؟
    جنيد ماڪا
    رياستي ظلم فلسطين ۾ ٿيندو هُجي، برما ۾ ٿيندو هُجي يا والاريل ڪشمير ۾، اسين اُن ظلم ۽ ڏاڍ تي پنهنجي هنيانءَ ۾ هٿ پوندي محسوس ڪندا آهيون جو انهيءَ ظلم سان رُڳو رياست جي پنهنجائپ واري احساس تي ئي حرف ناهي ايندو، پر ڪيتريون ئي جوانيون به موت جي مُنهن ۾ هليون وينديون آهن ۽ پٺيان روڄ راڙو ۽ آهه و زاري ڇڏي وينديون آهن. اهڙو ئي لقاءُ گذريل ڪيترن ورهين کان والاريل ڪشمير ۾ برپا آهي، جتي رياست حيواني روش اختيار ڪندي ٻچن کي ڪچو کائي رهي آهي. عجيب منظر آهن، هڪ پاسي ڳرن هٿيارن سان ليس ڀارتي فوجي آهن ته ٻئي طرف هٿن ۾ پٿر جهلي بيٺل ڪشمير جون نياڻيون ۽ نوجوان آهن، جيڪي اُنهن پٿرن ذريعي پاڻ مٿان وسندڙ گولين کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. آخر ڪو ڪيئن ته پٿرن سان گولين جا رُخ بدلائي سگهي ٿو؟ نتيجي ۾ ڪشميرين کي فقط نوجوانن جا لاش ملن ٿا. اُهي نوجوان جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ تان والار ختم ڪرائڻ جا خواب ڏسندي ڏسندي نيٺ پنهنجون اکيون اِن اطمينان سان ٻوٽي مٽيءَ جي چادر اوڍي ڇڏين ٿا ته اُهي پنهنجي ڌرتيءَ تان قربان ٿيا. اُنهن کي سدا لاءِ اکيون ٻوٽڻ وقت يقينن اِهو ويساهه به هوندو ته هُو جنهن ظلم ۽ بربريت خلاف پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي رهيا آهن، هڪ ڏينهن سندن ڌرتي اُنهن ظلمن کان ضرور آجي ٿيندي! اصل ۾ اِهو ويساهه ئي آهي جيڪو قومن توڙي ڌرتين کي آزاديءَ جي پنڌ ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ اُن ويساهه اڳيان ظلم ڪندڙ قوتون نااُميديءَ جي ناؤ تي چڙهي ناڪامين جا رڻ لتاڙينديون آهن. جُڳن کان اِهوئي ٿيندو رهيو آهي. سو ڀارت جي حڪمرانن به کي سمجهڻ گهرجي ته هُو مظلومن مٿان جيترو ظلم ڪندا، ايترو ئي هُو پاڻ شڪستن کي ويجهو ويندا؛ جو تاريخ اِهوئي ٻُڌائي ٿي ته فتح هميشه حق جي ٿيندي آهي. مظلوم ڀلي ته هيڻو هُجي، ڀلي ته اُن جي هٿن ۾ پٿر هُجن، پر حق ۽ سچ جي سگهه اُنهن کي پاڻ کان ڏهوڻ تي ڏاڍن خلاف هڪ ڏينهن ضرور سُرخرو ڪندي آهي. والاريل ڪشمير جا مظلوم ماڻهو هڪ ڏينهن ظلم جا زنجير ٽوڙي آزاد فضائن ۾ ضرور خوشيءَ جا گيت جهونگاريندا. پر ڪجهه فرض گڏيل قومن جي اداري جو به بڻجي ٿي ۽ اُنهن سُڌريل سماجن جو به، جيڪي دنيا جي ٻين هنڌن تي پيش ايندڙ هر واقعي تي سراپا احتجاج بڻجي وڃن ٿا، پر اُنهن کي والاريل ڪشمير جا هي مظلوم ماڻهو ۽ اُنهن جون پُڪارون ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ ۾ نه پيون اچن! ڪو دور هو، جڏهن سوشل ميڊيا عام نه هُئي، خبرن جو ذريعو فقط مُلڪ جا سرڪاري چئنل هوندا هُئا، تڏهن حڪومتي ظلم توڙي جبر واريون خبرون لڪائي سگهبيون هيون، پر هاڻ ظلم ۽ جبر جي خبرن کي لڪائڻ ڪنهن به سرڪار جي هٿ وس ناهي رهيو. واقعن کي ڪيترو به ڳجهو رکڻ جي ڪوشش ڇونه ڪئي وڃي، سچ سيڪنڊن اندر دُنيا جي سامهون نروار ٿي پوي ٿو. جيڪڏهن ڀارت اِهو سمجهي ٿو ته هُو اهڙن هٿڪنڊن سان سچ کي کاري هيٺان لڪائي سگهندو ته اِها سندس ڀُل آهي. خون ۽ کٿوري لڪي ناهن لڪندا. ڀارت جيترو ظلم ۽ جبر جو مظاهرو ڪندو، اوترو ئي ان خلاف بغاوت وڌندي. اڄ جيڪڏهن هٿين خالي ڪشميري روڊن تي نڪتل آهن، اُهي ڀارتي ڏاڍ خلاف سراپا احتجاج آهن ته اُنهن کي اِها سگهه خود ڀارتي ظلم ئي ڏئي رهيو آهي، جيئن جيئن ظلم جي انتها ٿيندي ويندي، تيئن تيئن ڪشمير جي ماڻهن جا ارادا پُختا ٿيندا ويندا ۽ عين ممڪن آهي ته اڳيان هلي دُنيا جو سُتل ضمير به ڪشميرين جي حق ۾ جاڳي پوي. جيتوڻيڪ هيءُ وقت عالمي قوتن جي ضمير جي جاڳڻ جو آهي، جو ڀارت نون هٿڪنڊن سان فقط ڪشميرين کان ئي حق ڦُرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، بلڪه گڏيل قومن جي اداري کي به چئلينج ڪيو آهي ته جيڪڏهن اُن ۾ ڪو دم آهي ته اُهو پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائي ڏيکاري.
    اهو چئلينج ڪجهه هن ريت آهي جو ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي نيم خودمختيار حيثيت متعلق آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ختم ڪندي رياست کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مودي سرڪار صدارتي فرمان جاري ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير هاڻي رياست نه بلڪه وفاقي علائقو سڏبو، جنهن جي قانون ساز اسيمبلي هوندي. ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه پارليامنٽ راجيه سڀا ۾ والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت متعلق آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ختم ڪرڻ جو بل به پيش ڪري ڇڏيو. اجلاس دوران ڀارتي اپوزيشن والاريل ڪشمير جي صورتحال تي شديد احتجاج ڪيو.آرٽيڪل 370 ختم ٿيڻ سان فلسطينين جيان ڪشميري به بي وطن ٿي ويندا. ڇو ته ڪروڙن جي تعداد ۾ غير مسلم آبادڪار ڪشمير ۾ آباد ٿي ويندا، جو اُنهن جون زمينون، وسيلا ۽ روزگار تي قبضو ٿي ويندو. انڊيا جي هندو قوم پرست جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي ڊگهي عرصي کان ڪشمير متعلق انڊين آئين ۾ موجود ان تمام حفاظتي ديوارن کي ڪيرائڻ چاهيو پئي، جيڪي ڄمون ۽ ڪشمير کي ٻين ڀارتي رياستن کان منفرد بنائينديون هيون.
    سوال اهو آهي ته انڊيا جي آئين جو آرٽيڪل 370 هو ڇا، جنهن تحت ڄمون ۽ ڪشمير کي خصوصي حيثيت حاصل هئي ۽ ان تبديلي جي نتيجي ۾ ڇا ٿيندو؟ بي جي پي جي حڪومت پاران ڪيل هن تبديلي جي نتيجي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ رياست جو درجو حاصل ناهي رهيو. هاڻي رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي جاءِ تي مرڪز جي زير انتظام ٻه علائقا بنجي ويندا، جن مان هڪ جو نالو ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ٻئي جو لداخ هوندو ۽ انهن ٻنهي علائقن جو انتظام ليفٽيننٽ گورنر هلائيندو. ڄمون ڪشمير ۾ قانون ساز اسيمبلي ٿيندي جڏهن ته لداخ ۾ ڪائي اسيمبلي نه هوندي.
    اميت شاهه مطابق ڄمون ۽ ڪشمير جي مرڪز کي زير انتظام علائقو بنائڻ جو فيصلو علائقي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ مبينه طور تي سرحد پار ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي تناظر ۾ ڪيو ويو آهي. آرٽيڪل 370 جي صرف هڪ شق کي برقرار رکيو ويو آهي، جنهن مطابق صدرِ مملڪت تبديلي ۽ حڪم جاري ڪرڻ جو مجاز هوندو. ان کان علاوه هاڻي ڄمون ۽ ڪشمير جي گهرون مامرا وزير اعليٰ جي جاءِ تي سڌو سنئون وفاقي گهرو وزير جي تحت اچي ويندا، جيڪو ليفٽيننٽ گورنر جي ذريعي انهن کي هلائيندو.
    انڊيا جا سڀئي مرڪزي قانون جيڪي پهرين رياستي اسيمبلي جي منظوري جا محتاج هئا، هاڻي علائقي ۾ خودبخود نافذ ٿي ويندا. اهڙي طرح انڊين سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو اطلاق به هاڻي براه راست ٿيندو. ڄمون ۽ ڪشمير جي رياستي اسيمبلي جي مدت به ڇهه جي جاءِ تي پنج سال ٿي ويندي. ڪشمير ۾ عورتن جي حوالي سان روايتي قانون نافذ هئا اهي به ختم ٿي ويندا. وفاقي حڪومت يا پارليمان فيصله ڪندا ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تعزيراتِ هند نافذ ٿيندو يا وري مقامي آر پي سي نافذ رهندو.
    آرٽيڪل 370 هو ڇا؟
    ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪمران راجه هري سنگهه پهرين ته خودمختيار رهڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته بعد ۾ مشروط طور تي انڊيا سان الحاق تي آمادگي ظاهر ڪئي هئي. ان صورتحال ۾ انڊيا جي آئين ۾ شق 370 کي شامل ڪيو ويو، جنهن تحت ڄمون ڪشمير کي خصوصي درجه ۽ اختيارات ڏنا ويا. جڏهن ته رياست جي طرفان عليحده آئين جو به مطالبو ڪيو ويو، جنهن تي سن 1951ع ۾ اتي رياستي آئين ساز اسميبلي جي قيام جي اجازت ڏني وئي. انڊين آئين جي شق 370 عبوري انتظامي ڍانچي جي باري ۾ آهي ۽ هي دراصل مرڪز ۽ رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي لاڳاپن جي خدوخال جو تعين ڪندو هو.

    هي آرٽيڪل رياست ڄمون ڪشمير کي انڊين يونين ۾ خصوصي نيم خود مختيار حيثيت ڏيندو هو ۽ رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم شيخ عبدالله ۽ انڊين وزيراعظم جواهر لعل نهرو جي ان تي پنج مهينن جي مشاورت کانپوءِ ان کي آئين ۾ شامل ڪيو ويو هو. ان تحت رياست ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ خاص مقام حاصل هو ۽ انڊيا جي آئين جا جيڪي دفعات ٻين رياستن تي لاڳو ٿين ٿا، ان آرٽيڪل تحت اُهي رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي لاڳو نه ٿي سگهندو هو. ان تحت رياست کي پنهنجو آئين بنائڻ، الڳ جهنڊو رکڻ جو حق ڏنو ويو هو، جڏهن ته انڊيا جي صدر وٽ رياست جو آئين معطل ڪرڻ جو حق به نه هو.
    ان آرٽيڪل تحت دفاع، مواصلات ۽ پرڏيهي مامرن کان علاوه ڪنهن ٻئي معاملي ۾ مرڪزي حڪومت يا پارليمان رياست ۾ رياستي حڪومت جي توثيق کان سواءِ انڊين قانون لاڳو ٿي نه سگهندا هئا. ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 360 تحت وفاقي حڪومت ڪنهن رياست ۾ يا پوري ملڪ ۾ مالياتي ايمرجنسي به نافذ ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته آرٽيڪل 370 تحت انڊين حڪومت کي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انهن قدمن جي اجازت نه هئي.
    انڊيا جي والار هيٺ ڪشمير غير يقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. وادي کان هندو ياترين، سياحن ۽ غير ڪشميري شاگردن کي واپس موٽڻ جي حڪم سان عوام ۽ سياسي حلقن ۾ ڳڻتي آهي، جنهن جو اظهار ڄمون و ڪشمير جي اڳوڻي وزير اعليٰ ۽ ڪشمير جي ميئر جي ٽوئيٽ مان بخوبي ٿي سگهي ٿو. ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزير اعليٰ عمر عبدالله ڪشمير جي صورتحال تي تشويش جو اظهار ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته ”ڪشمير جي موجوده صورتحال“ جي لاءِ فوج ۽ ائيرفورس کي الرٽ ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟ هي 35 اي يا حد بندي جي متعلق نه آهي. جيڪڏهن اهڙي طرح جو الرٽ واقعي جاري ڪيو ويندو آهي ته ان جو مطلب ڪا بلڪل ئي مختلف شيءِ آهي.“
    ٻئي طرف سرينگر جي ميئر جنيب عظيم مٽو رات اٺين بجي کانپوءِ ٽوئيٽ ڪيو : ”منهنجي سرڪاري گاڏي کي منهنجي سرڪاري گهر کان ٽي ڀيرا پوليس واپس ڪري ڇڏيو. ڪار کي منهنجي ٽن سالن جي ڌيءَ جي دوا جي لاءِ موڪليو ويو هو! ڇا اسان سڀ ماڻهو محصور آهيون؟ ڇا ميئر به سيڪيورٽيءَ جي لاءِ خطرو آهي؟ ڇا اسان باضابطه طور تي پوليس رياست ۾ تبديل ٿي چڪا آهيون؟“
    انڊيا جي معروف صحافي برکا دت به صورتحال کي بحراني قرار ڏنو آهي. هن ٽوئيٽ ڪيو: ”افسوس، فيصلو جيڪو به هجي سرڪولرز جو سيلاب، معطل پروازون، وڏي پيماني تي انخلا هي تمام شيون بحران جو پتو ڏين ٿيون نه ڪي تياريءَ جون. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيڻ وارو آهي ان جي لاءِ بهتر مواصلاتي نظام آهي.“ گذريل هفتي کان سوشل ميڊيا تي هي افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته انڊيا جي آئين تحت ڪشمير کي حاصل خاص پوزيشن کي ختم ڪيو ويندو ۽ امڪاني عوامي ردعمل کي روڪڻ جي لاءِ فورسز مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته بعد ۾ گورنر چيو ته آئين جي دفعه 35 اي سان ڇيڙ ڇاڙ نه ٿيندي. جمعي جي منجهند جو هي افواهون به اڏريون ته انڊين حڪومت هندو اڪثريت واري ڄمون خطي کي عليحده رياست جڏهن ته ڪشمير ۽ لداخ کي مرڪز جي زير انتظام خطا قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان فيصلي جي ردعمل کي روڪڻ جي لاءِ ڇنڇر کان ڪرفيو نافذ ٿيندو. ڊائريڪٽر جنرل ڪشمير پوليس دل باغ سنگهه انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي.
    ماهرن جو چوڻ آهي ته انڊيا جي آئين جي دفعه 3 مطابق انڊين حڪومت ڪنهن به رياست جي جغرافيائي حدن ۾ يا سڀني مقامي قانون ساز اسمبلي جي رضامندي کان بغير تبديل نٿي ڪري سگهي. پر ڪشمير واحد رياست آهي جتي صدارتي راڄ جي دوران انڊين صدر کي رياست ۾ قانونسازي جا اختيار آهن.
    انڊيا جي آئين ۾ ڄمون ڪشمير جي خصوصي شهريت جي حق متعلقه دفعه 35 اي جو ڪشمير مسئلي کان به پراڻو آهي. ان قانون جي حوالي سان ڄمون ڪشمير جي حدن کان ٻاهر ڪنهن به علائقي جو شهري رياست ۾ جائيداد جو مالڪ نٿو بڻجي سگهجي. هتي نوڪري حاصل نٿو ڪري سگهي ۽ نه ڪشمير ۾ آزادانه طور تي سرمائيڪاري ڪري سگهي ٿو. هي قانون ڊورگه ماهراجه هري سنگهه سن 1927 کان 1932 جي وچ ۾ مرتب ڪيا هئا ۽ انهن ئي قانونن کي سن 1954ع ۾ هڪ صدارتي حڪم نامي ذريعي آئين هند ۾ شامل ڪيو ويو. انڊيا جي هندو قومپرست جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) گذريل 70 سالن کان ڪشمير متعلق انڊين آئين ۾ موجود انهن سڀني حفاظتي ديوارن کي ڪيرائڻ چاهي ٿي، جيڪي ڄمون ڪشمير کي ٻين ڀارتي رياستن کان منفرد بنائيندي آهي. مثال جي طور تي ڄمون ڪشمير جو پنهنجو آئين آهي ۽ هندوستاني آئين جو ڪوئي شق هتي نافذ ڪرڻو هجي ته پهرين مقامي اسمبلي ۾ پنهنجي آئين ۾ ترميم ڪبي آهي ۽ ان جي لاءِ اسيمبلي ۾ اتفاق راءِ ضروري هوندي آهي.
    ڪشمير جي تازي صورتحال پوري ننڍي کنڊ لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب آهي. هڪ طرف آمريڪي صدر ٽرمپ اِها دعوا ڪري ٿو ته ڀارتي وزيراعظم کيس ڪشمير معاملي تي ٽياڪڙيءَ جي آڇ ڪئي هُئي ته ٻئي طرف ڀارت گڏيل قومن جي اداري پاران منظور ڪيل قراردادن ۽ ڪشميرين سان ڪيل واعدن جي نفي ڪندي اُتي بربريت جو راڄ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جا يقينن خراب نتيجا نڪرندا. سو اسين ننڍي کنڊ جي سلامتيءَ لاءِ دُعاگو آهيون ۽ ڪٿي اُهو جنگي جنون جي ڄَر ۾ سڙي نه وڃي.
     
    بوزدار مصطفى ۽ جواد حسين شر هيء پسند ڪيو آهي
  2. جواد حسين شر

    جواد حسين شر
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 آڪٽوبر 2020
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    تمام بهترين تحرير
     
    بوزدار مصطفى هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بوزدار مصطفى

    بوزدار مصطفى
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    بھترين تحرير..............سنڌي ۾ اھڙي تحرير گھٽ ئي ڏسڻ وٽان ملندي آھي. فاضل رڪن جي محنت کي مڃتا ڏيڻ جُڳائي.
    ھتي ھڪ سوال بہ پيدا ٿو ٿئي تہ ڄمون ۽ ڪشمير کي يونين ٽيريٽريز قرار ڏيڻ کان پوء والاريل ڪشمير کي ڀارت ۾ ضم ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ پاڪستان آزاد ڪشمير جي ھڪ الڳ حيثيت برقرار رکيو اچي.
    ڇا اھڙي عمل سان ڀارت ھن وقت جئين آھي، جتي آھي واري طريقي سان ڪشمير جي مسئلي جو حل ڪڍڻ تہ نہ ٿو گُھري.
     
    آخري ترميم: ‏30 ڊسمبر 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو