ڪتاب ڪامريڊ هوچي منھه جو سرجڻهار ايشور لال!!!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    سڀ کان پهرين جس هجي سنڌ جي باذوق نوجوانن کي جيڪي پنھنجي انتھائي مصروف وقت مان ڪجھه گھڙيون ڪڍي ادبي ڪم لاءِ پاڻ جاکوڙي رهيا آھن.

    سندن ادبي دنيا ۾ اُھي خدمتون هن وقت ڀلي نه به قبول ٿين پر اڳتي هلي سندن لاءِ بيحد ڪارائتيون ثابت ٿينديون. موجوده دؤر ۾ نوجوانن جي لکڻ جو سلسلو وسيع نظر اچي رهيو آھي.

    انهن نوجوانن جي رڳو همت افزائي ڪئي وڃي ته هُو سڄي دنيا ۾ سنڌي ٻولي جو پيغام با آساني پهچائي سگهن ٿا، پر افسوس انهيء ڳالھه جو آھي ته سندن همت افزائي ڪرڻ بجاءِ کين ڌڪا ۽ ٿاٻا ڏنا پيا وڃن.

    موجوده دؤر ۾ جن ادبي کيتر ۾ پنهنجو نانءُ پاڻ پنهنجي جاکوڙ سان مڃرايو آھي، انهن ۾ منهنجي سنڌ جو جاکوڙي نوجوان "ايشور لال سُوجاڻي" پڻ ھڪ آھي.

    سندس تعلق ٿرپارڪر جي تاريخي ڳوٺ آڌيگام سان آھي. هيءُ نوجوان موجوده وقت ۾ حيدر آباد ۾ رهي ڪري پنهنجي تعليم سان گڏ علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي.

    ڪجھه ڏينھن پهرين هن "ڪامريڊ هوچي منھه" جي شخصيت ۽ جدوجهد "زان لاڪوتيور" جو ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو آھي، جيڪو بيحد دلچسپ ڪم آھي.

    ڪامريڊ هوچي منھه ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو سندس جنم ٿيڻ کانپوءِ سندس مٿان ڪهڙي ذميواري پئي جو هُو پنهنجي ڌرتيءَ ويٽنام لاءِ ننڍڙي هوندي کان ئي جدوجهد شروع ڪئي؟

    ويٽنام جي ڌرتيءَ جي آزادي لاءِ ڪامريڊ هوچي منھه جي ڪارڪردگي مان ديس ڌڻي ڪيترا مطمئن هئا؟ ڪامريڊ هوچي منھه پنهنجي ڌرتيءَ جي آزادي ۽ پنهنجي ويٽنامي قوم کي آزادي ڏيارڻ لاءِ ڪيتري جدوجهد ڪئي؟ انهيء بابت سڄو احوال ڪتاب "ڪامريڊ هوچي منھه" ۾ ترتيب سان ڏنل آھي.

    هيءُ ڪتابڙو نه بلڪه هڪ وڏو ڪتاب آھي. ڪتاب جا صحفا گهٽ وڌ ڏسي ڪتاب کي ڪتابڙو چوڻ بجاءِ ڪتاب ۾ لکيل مواد کي ڏسجي جيڪو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.

    انتهائي وڏي ڄاڻ ڏيندڙ هن ڪتاب کي ڪتابڙو نٿو ڪوٺي سگهجي. ويٽنام جي ڌرتيءَ، هوچي منھه جي شخصيت ۽ ويٽنام جي ڌرتيءَ لاءِ ڪيل هوچي منھه جي تاريخ ساز جدوجهد جي حوالي سان بيحد ڪارائتو ڪتاب آھي.

    ڪنھن ملڪ، ڪنهن ڌرتيءَ تي آزادي جا خواب گهر ويٺي بنا ڪنھن تڪليف بنا ڪنھن جدوجهد جي نٿا ڏسي سگهجن. ڪامريڊ هوچي هڪ عام ماڻهو هيو جنھن کي پنهنجي گهران ڌرتيءَ جي جدوجهد لاءِ سبق سيکاريو ويو.

    پوءِ اُھو هوچي جڏهن سمجھه ڀريو ٿيو ته پنهنجي ڌرتيءَ جي گوريلن سان گڏجي ڌرتيءَ جي بقا، ڌرتيءَ جي آزادي، ويٽنامي قوم کي غلامي کان نجات ڏيارڻ لاء فرانسيسي ڏاڍ اڳيان بنا ڪنهن جهڪڻ تي آزاديءَ جو نعرو هڻي نڪري پيو.

    اُھو هوچي ويٽنامي قوم جو چاچو هوچي بڻجي ديس ڌڻين لاءِ بقا جي جنگ جو اعلان ڪري فرانسيسي غلامي خلاف بغاوت جو جهنڊو لهرائي باھه جيان ڀڙڪي اُٿيو.

    اڄ تڏهن ته سندس نام نشان اٿس، قومن ۽ ڌرتيءَ لاءِ جيڪي وڙھندا آھن، انهن جا نانءُ هميشه ياد رکيا ويندا آھن. انهيء مان هوچي منھه جو نانءُ اڄ سڄي دنيا ۾ ڳائجي رهيو آھي.

    "ڪامريڊ هوچي منھه" جي جدوجهد ۽ شخصيت جي حوالي سان زان لاڪوتيور هيءُ ڪتاب لکي ڪري غلام قومن کي پيغام ڏنو آھي تہ اوهان ٻين جي غلامي ڇڏي پنهنجي وطن لاءِ سڀ ڪجھه ڪري سگهو ٿا.

    انهي ساڳين ڪتاب کي ايشور لال سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي، جيڪو انتهائي بهترين ڪم آھي. دنيا ۾ اڳ به اھڙا ڪردار موجود هئا، هن وقت به موجود آھن پر خبر ناهي غلامي جي ڄار ۾ ڪيئن ڦاسي پيا آھن يا صرف پنهنجي مفاد خاطر چُپ آھن.

    اِيشور لال جو ترجمو ڪيل هيءُ ڪتاب پارڪر پبليڪيشن آڌيگام طرفان شايع ڪري پڙھندڙن کي ارپيو ويو آھي. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي اعليٰ درجي جي نوجوان رمتا جوڳي ليکڪ جيڪو پاڻ پنهنجو نالو ادبي دنيا ۾ مڃرائي چُڪو آھي، اُھو طوائف ناول جو سرجڻهار ڪامريڊ سليم جمالي لکيو آهي. پنهنجي پاران ايشور لال هن ڪتاب جي ارپنا هر ان باضمير شخص جي نانءُ ڪئي آهي جيڪو غلامي کان نفرت ڪري ٿو ۽ مزاحمت ڪندڙ آھي.
    هن ڪتاب جي قيمت اوهان جي کيسي ۾ پيل سئو ويھه روپيه آھي، جيڪا يقينن سان اوهان وٽ هوندي. اميد ڪيان ٿو سنڌ جي انھيءَ باشعور دوستن کان جيڪي ايشور لال سُوجاڻي جو ڪتاب ڪامريڊ هوچي منھه خريد ڪري پاڻ پڙھندا، پنهنجي دوستن کي پڙھائيندا، ڪامريڊ هوچي جي شخصيت توڙي ويٽنامي قوم جي ڪيل جدوجهد کي چڱي طرح سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا.
    اميد ته هيءَ منهنجا لکيل لفظ اوهان کي ضرور پسند ايندا.

    اظهر امر
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو