پي ٽي آءِ حڪومت جو هڪ سال پورو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سوبيا طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2019۔

  1. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    [​IMG]
    اسلام آباد: آچر 18 آگسٽ 2019ع: پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت هيٺ اڄ پنهنجو هڪ سال پورو ڪري ورتو آهي.

    تفصيل موجب عمران خان چواڻي حڪومت ڪاميابي سان ملڪي معيشت کي صحيح طرف گامزن ڪيو، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارا ڪيا، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ڪينيڊا جهڙن دوست ملڪن کان معاشي تعاون حاصل ڪيو جڏهن ته عالمي مالياتي فنڊ سان ڪامياب ڳالهين کانپوءِ هڪ پيڪيج حاصل ڪيو.

    ان عرصي دوران حڪومت ڪيترين ئي چيلينجن جي باوجود مختلف شعبن جي ترقي لاءِ ڪيترا قدم کنيا، پر سفارتي محاذ تي حڪومت عالمي سطح تي پاڪستان جي سڃاڻپ بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. وزيراعظم پاران آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪرتارپور راهداري کولڻ ۽ پلواما حملي کانپوءِ ڀارت طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙين تي فوري ۽ بروقت ردعمل تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جا مثال آهن.

    سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ اڄ ايوان وزيراعظم ۾ هڪ اجلاس دوران گذريل هڪ سال دوران مختلف شعبن ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي پيش ڪندي.
    Sindhi News
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو