“جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم..!!”

'مختلف موضوع' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    امڙ کي دربدر ڪندڙ بدبخت پٽ!

    شرف الدين مرکنڊ

    گذريل جمعي جي ڀلاري ڏهاڙي تي معمول جيان شهر جي محمد بن قاسم لائبريري ڪنڊيارو ۾ اخبارن پڙهڻ دوران اڪثر اخبارن ۾ لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور محلي جي رهواسڻ 105 ورهين جي ٻڍڙي مريم ڪلهوڙي جي چنگچي رڪشا سان گڏ نڪتل تصويرون ڏسي ۽ خبر پڙهي جيءُ جهري پيو ۽ اندر ڪُري پيو، هانءُ ڇڄي پيو، اکين مان ڳوڙها وهي هليا، سوچڻ لڳم ڇا ته زمانو اچي ويو آهي، انسانيت ته رهي ئي ناهي، ماڻهپو موڪلائي چڪو آهي، انسانن جي روپ ۾ بگهڙ اچي ويا آهن، جيڪي پنهنجي زالن تي فدا ٿي پنهنجي امڙ جي رشتي کي سڃاڻي نه ٿا سگهن، اها ڪهڙي زندگي آهي، ان کان ته موت ڀلو آهي، اخباري رپورٽن ۽ نشرياتي ادارن مطابق ان مظلوم عورت مريم ڪلهوڙو کي سندس سڪليڌي پٽ نواز ڪلهوڙي کيس بيماريءَ کان تنگ ٿي زال جي چوڻ تي کيس گهر کان ٻاهر ڪڍي دربدر ڪري ڇڏيو!! ان وقت آسمان به رنو هوندو، ان وقت ملائڪ به اچرج ۾ پئجي ويا هوندا، ان وقت روح به ڪانپجي ويو هوندو، پر افسوس جو ان ظالم وحشي پٽ نواز کي ايترو به شرم ۽ حياءَ نه ٿيو،کيس ضمير به ملامت نه ڪئي ته نواز! تون هي ڇا ڪري رهيو آهين؟ بسترو،کٽ ڏئي کيس گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. جنهن بعد انسان دوست ماڻهن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي پڻ ڊاڪٽرن وارثي نه ٿيڻ ڪري گلوڪوز ۽ فليجل جي ڊرپ ۽ معمولي گوريون ڏئي واپس رڪشا ۾ اڳتي روانو ڪري ڇڏيو، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته جيڪڏهن ان مظلوم مريم جي وارثي نه هئي ته انسان ته هئي، هئي ته بيمار، ڊاڪٽرن وٽ ته مريض ئي ايندا آهن پر جيڪڏهن اها ڪنهن ڊاڪٽرن جي نجي اسپتال ۾ پهچي ها ته ائين نه ٿئي هئا، سرڪاري اسپتال جا ڊاڪٽر ته هونئن به ڊيوٽي چور هوندا آهن اهي خانگي ڪلينڪن ڏانهن مريضن کي ريفر ڪندا رهندا آهن، ڊاڪٽر ته مسيحائي هوندا آهن، ڊاڪٽرن کي گهرجي ها ته مڪمل علاج تائين کيس اسپتال کان ٻاهر نه ڪڍن ها، اهي به مسيحائي بجاءِ شايد “ڪاسائي” ٿي پيا جو جن پنهنجي ممڪن ڪاعذي ڪارروائي کان بچڻ لاءِ کيس جلدي ڊسچارج ڪري بيڊ خالي ڪري ڇڏيو...
    ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو هڪ امڙ جيجل، جنهن جي رشتي جو تمام گهڻو ذڪر اچي ٿو، امڙ جيجل جو رشتو دنيا جي سمورن رشتن ناتن کان بالا تر آهي، امڙ جي شان ۾ جيئن ممتاز لاشاري ڳائيندو آهي:
    رشتا ٻيا به گهڻا پر امڙ جيجل زور آ،
    امڙ جيجل زور آ، ويندي ٻچن تان گهور آ
    سورن سان نپري ٿي پوءِ به پيار ڪري ٿي،
    دعائون دل سان گهري ٿي، الله کي منظور آ
    ڇاتي مٿان سمهاري، ٻاتا ٻول سيکاري
    هر هر کير پياري، ڳنڍيل روحاني جوڙ آ
    سپنا سانڀيان ٿي ٺاهي ڏاوڻ ڏاج ٿي ٺاهي
    مالڪ آسون پڄائي، علي گوهر مور آ
    ۽ جيئن مشهور شاعر فيض جوڻيجي جي امڙ جي شان ۾ ٺاهيل منقبت جيڪا وڪيل احمد پنهور طاهري ڳائي آهي ته:
    مٺڙي منهنجي ماءُ، تو ۾ منهنجو ساهه، جنت تنهنجي قدمن ۾ آ
    ۽ جيجل امان ٻڌايان،ڇا شان تنهنجو آ، قدمن تنهنجي ۾ جنت رب مهربان آ
    اها ڪهڙي زندگي آهي جو پنهنجي ماءُ کي گهران ڪڍي ڇڏجي، بدبخت نواز کي شايد ايتري خبر نه هئي ته هو به جڏهن ان عمر کي پهچندو ته کيس به اهو ئي بدلو ورتو ويندو، ڇاڪاڻ جو هي دنيا مڪافات عمل آهي، يعني جيڪو جيئن ڪندو تنهن سان به اهو ئي بدلو ورتو ويندو، اڳ ۾ ائين هوندو هو ته ان جا پونيئر اها تڪليف ڀوڳيندا هئا پر قدرت جو قانون ائين آهي ته جيڪو ڪنهن سان ظلم، زيادتي، جبر، ڏاڍ ڪري ٿو ته کيس ان جو بدلو ترت ائين ئي هتي ملي وڃي ٿو. نڀاڳي نواز کي اها ڪهڙي خبر ماءُ جيجل ڇا هوندي؟ ماءُ جي قدمن جي هيٺيان ته جنت آهي، ماءُ جي رشتي بابت جيڪو بيان ڪجي اهو گهٽ آهي، ظالم نواز ته جوان زال جي نشي ۾ اچي سندس چوڻ ڪري پنهنجي پيٽ ۾ 10 مهينا تاتي پوءِ وڏو ڪري کيس جوان جماڻ ڪري شادي ڪرائيندڙ ان ماءُ کي ئي ڌڪا ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو، مريم جو ڏوهه صرف اهو هيو ته هن کيس پالي وڏو ڪري جوان ڪيو هيائين، مريم جنهن جي عمر هن وقت پورهيو ڪري ڪمائڻ جي نه پر باقي رهيل ڪجهه گهڙيون سک سڪون سان گذارڻ جي آهي، پنهنجي پٽ پاران پنهنجي ٻڍڙي امڙ کي بيماريءَ دوران زال جي چوڻ تي کيس ائين ذليل ڪري خوار ڪرڻ سان ته آسمان به رنو هوندو، اخبارن ۾ باڪس رپورٽن جي صورت ۾ شايع ٿيل ان خبر پڙهڻ سان هر روح رکندڙ شخص جي اک مان ڳوڙها وهي آيا هوندا، نواز ته رازڪو ڪم ڄاڻي، کيس ماءُ جو قدر ڪهڙو، هو ڀتيون، ديوارون ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ ڄاڻي. پر کيس هاڻي سگهو ئي پتو پئجي ويندو ته امڙ جيجل ڇا هوندي آهي، ماءُ جو قدر ڪيئن ڪيو ويندو آهي.
    نواز تون ماءُ جو قدر ته ان کان پڇ جيڪو ان نعمت کان محروم آهي، ماءُ ته ماءُ هوندي آهي، اها ته دنيا جي عظيم رشتن مان هڪ رشتو آهي. نواز ڇا توکي خبر آهي ته جڏهن ته پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ اڃان ٺهيو هئين ۽ آڳاٽي واري زمانن ۾ نشانين دوران جڏهن تنهنجي ان مظلوم امڙ کي اها خبر پئي هئي ته سندس پيٽ ۾ ٻار آهي ته هن خوشيون ملهايون هونديون، هن سهرا ڳايا هوندا، ڇاڪاڻ جو چئن ڀينرن جو تون اهو نڀاڳو ڀاءُ آهين، جنهن پنهنجي ا ماءُ جو به خيال نه ڪيو، نواز ڪلهوڙا! جيڪڏهن تنهنجي ان ٻڍڙي امڙ کي اها خبر هجي ها ته تون ئي شادي ڪرڻ بعد پنهنجي امڙ کي گهران ڪڍي ڇڏيندين ته هو توکي ته رائيس ڪينال ۾ لوڙهي ڇڏي ها...!!
    مون وٽ ته اهڙا لفظ ئي ناهن جو امڙ جي شان ۾ لکان بس مان ايترو ضرور چوندس ته نواز ڪلهوڙو اهو ڏينهن پري ناهي، جنهن ڏينهن توکان اهو بدلو ورتو ويندو، ماءُ ته ماءُ ئي آهي ڇو ته هن وقت به ميڊيا مطابق هو توکي دعائون ڏئي ٿي، وري به شابس آهي ان لاڙڪاڻي جي انور کوکر کي جنهن اها ذميواري قبولي هڪ دفعو ٻيهر عوامي خدمت ۾ پاڻ مڃايو آهي.
    Sharfdinmarkhand@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو