جن سالڪن سنڌه سنڌاري مولانا رياض حسين ٻٻر

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2019۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    حجة السلام والمسلمین *مولانا رياض حسين ٻٻر* (رح) جي سوانح حيات

    تحرير: * ظھير حسين ملوڪاڻي*

    مهاڳ: *سب ساراهون ان پالڻهار لاء آھن جيڪو هن سڄي سنسار جو خلقيندڙ آھي ڪڙوڙي دورود ۽ سلام هجن سندس ان محبوب تي جنهن جي صدقي هن جهان کي خلقيائين جڏهن پالڻهار هن ڌرتي تي حضرت آدم عليه السلام جي خلافت جو اعلان ڪيو تڏهن ملائڪن جهڙي عظيم مخلوق مٿان سندس برتري جو دليل علم کي قرار ڏنائين اهڙي طريقي الله تعالي الله تعالي هر دور ۾ پنهنجي نبي يا ولي کي علم جهڙي عظيم نعمت جي آڌار تي چونڊيائين انهن سببن جي ڪري عالمن کي جاهلن جي مٿان فضيلت عطا ڪئي وئي علمائن کي ئي انبياء جو وارث بڻائيو ويو ۽ هر دور ۾ انبياء جي ميراث جو سهرو محمد آل محمد جي مڪتب جي خدمت ڪندڙ عالمن سڳورن جي ئي سر جو تاج رهيو*
    جڏهن ڪو انسان سنڌه جي سالڪن جي زندگي جو مطالعو ڪندو يا انهن جي زندگي تي ڪجھ لکندو يا انهن جو تصور دماغ ۾ آڻيندو ته انسان جي دماغ ۾ مرحوم مولانا رياض حسين ٻٻر جو تصور صاف پاڻي وانگر نظر ايندو مولانا رياض حسين جو شمار به انهن عالمن سڳورن مان ٿئي ٿو جن پنهنجي سڄي زندگي دين اسلام ۽ مڪتب نبي ڪريم جي خدمت ڪرڻ لاء وقف ڪري چڏي

    *پيدائش*

    ضلعي سانگھڙ جي تعلقن منجهان آدم شماري جي لحاظ وڏي ۾ وڏو تعلقو سنجهورو آھي جنهن جي 70 فيصد آبادي فڪري لحاظ سان مذھب شيعه تي مشتمل آھي هن تعلقي منجھ ڪنهن اهڙن انسانن جا وجود پاتا وڃن ٿا جن پنهنجي قيمتي زندگي دين آل محمد جي خدمت ڪرڻ ۽ ان کي فهلائڻ لاء وقف ڪري چڏي جنهن منجھ قبله استاد بزرگوار مولانا رمز علي رند ۽ قبله محترم شاهد حسين لسڪاڻي جيڪي اڄ تائين دين اسلام جي خدمت ڪري رهيا آھن
    مرحوم مولانا رياض حسين ٻٻر ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري جي هڪ وڏي ۽ قديمي ڳوٺ گل محمد ٻٻر ۾ 1988 تي مرحوم مولانا علي ڏنو ٻٻر جي گهر ۾ اک کولي

    *دنياوي ۽ ديني تعليم جي طرف سفر*

    سائين جن جا والد صاحب مرحوم مولانا علي ڏنو ٻٻر هڪ بهترين شخصيت جا مالڪ هئا مرحوم کي ديني تعليم سان وڏو چاھ ھوندو هو جن پنهنجي حيات زندگي ۾ پنهنجي فرزند کي ڳوٺ گل محمد ٻٻر جي پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني بعض مرحوم جي خاندان جي افرادن کان ملي ٿو ته مرحوم مولانا علي ڏني ٻٻر هڪ ڏينهن پنهنجي فرزند کي گهرائي چيو مان هن وقت پيرسن ٿئي ويو آھيان منهجي زندگي تي ڪوبه بهروسو ڪونهي ڪڏهن مهل وڃي پنهنجي حقيقي پالڻهار سان ملندس مان تونکي هڪ وصيت ٿو ڪيان ته منهنجي دلي هڪ حسرت آھي ته منهنجي تعليم ۽ تبليغ تون اڳتي وڌائجان مرحوم پنهنجي والد صاحب جي انهي وصيت مان ڏاڊو متاثر ٿيان مرحوم جڏهن پرائمري تعليم مڪمل ڪئي ته ٻن يا ٽن مهينن کان بعد ۾ سندس مٿي تان والد جهڙي عظيم نعمت جو هٿ کڄي ويو جيڪي وڃي پنهنجي حقيقي پالڻھار سان مليا سائين جن پنهنجي والد صاحب جي وصيت تي عمل ڪندي پنهنجي ديني تعليم جي شروعات مدرسه ابو تراب هالا مان ڪئي جنهن ۾ ان وقت جي معتبر عالم سڳورن مولانا دوست علي سعيدي مولانا حاجي محمد حيدري مولانا سڪندر علي لغاري جي نگراني ۾ سيوطي دوم تائين تعليم حاصل ڪئي مرحوم وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاء مدرسه ابوتراب هالا کي الوداع ڪري مدرسه المعصومين ڪراچي ۾ داخلا ورتي پر مرحوم کي اتان جو ماحول سمجھ ۾ ڪونه آيو مرحوم اتان چڏي مدرسه جامعه المنتظر لاهور ۾ داخلا ورتي جتي ان خوب پڙهيو

    *دين اسلام جي تبليغ ۽ ترويج جي طرف سفر*

    مرحوم جي خطابت ۾ خطيب آل محمد عرفان حيدر عابدي ۽ علامه طالب جوهري جي خطابت جا جوهر پاتا ويندا هئا مرحوم خطابت سان گڏوگڏ آواز جا پڻ سريلا هئا مرحوم خطابت جي ڪري ضلع سانگهڙ ۾ ڏاڊا مشھور هئا
    مرحوم جڏهن جامعه المنتظر لاهور مان فارغ ٿيا ته واپس اچي پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ تبليغ شروع ڪيائين مرحوم جو ڳوٺ ضلع سانگهڙ جي قديمي ڳوٺن ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آھي جيڪو فڪري لحاظ سان 100 فيصد ئي مذھب شيعه سان تعلق رکندڙ هئو پر اتان جا ماڻھون جاهلن واري زندگي گذاريندا هئا پر مرحوم پنهنجي اخلاق ۽ محنت سان وڏي تبليغ ڪئي مرحوم پنهنجي تبليغ دوران اتي هڪ مسجد جوڙيائين اتي ڳوٺ جي تقريبن 80 ٻارن کي دين خدا ۽ مکتب اهلبيت جي تعليم ڏنائين جنهن مان اتان جان نوجوان ڏاڊا متاثر ٿيان جن مرحوم کي مکتب اهلبيت جي تعليم جي گذارش ڪئي جيڪا مرحوم دل سان قبول ڪندي ڳوٺ جي نوجوان چوڪرن ۽ چوڪرين کي مڪتب اهلبيت جهڙي عظيم علم جي زيور سان آراسته ڪيو مرحوم پنهنجي ڳوٺ ۾ چوڪرين لاء ھڪ الگ مدرسو ٺھرايو جنهن ۾ نياڻين کي اعلي تعليم ڏنائين ۽ چند چوڪرين کي با قائدگي سان تعليم ڏنائين ۽ ان مدرسي جون واڳون انهن جي هٿن ۾ ڏنيون جيڪي اڄ تائين اتان جي تمام چوڪرين کي مڪتب اهلبيت جو علم ڏئي رهيون آھن
    ۽ مرحوم جي تبليغ جو اکين ڏٺو شاهد مان پاڻ آھيان جڏهن سن 2017 ۾ رمضان جي سينٽر لاء مدرسه جامعه باب حيدر جي پرسپنل مولانا رمز علي رند مونکي رمضان المبارڪ جي سينٽر لاء چيو ته مان به مرحوم جي ڳوٺ ۾ روانو ٿيس ته مان اتي ڏٺو ننڊڙن گلاب جي گلن جهڙن ٻارن کي قران مجيد جو ننڊڙيون سورتون ۽ امام زمانه جون دعائون ۽ ٻيون به مختلف دعائون ياد هيون حتاڪه اتان جا نوجوان ۽ بزرگ روزي جي سحري وقت اعلان ۽ قصيده به پاڻ پڙھندا هئا ۽ پنج وقتن جي نماز لاء آذان به پاڻ ڏيندا هئا نماز تي به وقت پنهچدا هئا مسجد ۽ امام بارگاه جي صفائي جو خاص خيال رکندا هئا
    يعني مونکي ماه رمضان جي تبليغ دوران اهيو محسوس ٿيو ته مان ڪنهن ٻھراڙي جي ڳوٺ نه بلڪي شھر جي ڪنهن پڙھيل لکيل ماحول ۾ تبليغ ڪري رهيو آھيان مرحوم فقط پنهنجي ڳوٺ ۾ مڪتب آل محمد جي تبليغ نه ڪئي پر ضلع جي اڪثر ڳوٺن ۾ تبليغ ڪئي مرحوم مدرسه جامعه باب حيدر جي پرنسپل مولانا رمز علي رند جي آبائي ڳوٺ سانوڻ خان رند ۾ به تبليغ ڪئي اتان جي موئمن کي به علم آل محمد جهڙي زيور سان آراسته ڪيو ان کان بعد ۾ ڳوٺ ابراهيم مگسي ۾ به دين اسلام جي خدمت ڪئي
    مان مٿي ذڪر ڪيو ته مرحوم جي خطابت جي هاڪ پوري ضلعي ۾ هئي مرحوم ٻيراني شھر ۾ هڪ سال عشرو پڙھيو جيڪو تعلقي ٽنڊو آدم ۾ واقع آھي
    مرحوم شھداد پور تعلقي جي شھر ۾ به ٻه سال عشرا پڙھيا ۽ مرحوم ٿر جي طرف به لڳاتار ٽئي عشرا پڙھيا
    مرحوم جي مجلس ۽ مصائبن جي گونج اڄ تائين ضلعي جي تمام مومن کي مرحوم جي ياد ڏياريندي آھي

    *مرحوم جا ڪلاسي* (دوست)

    مرحوم پاڻ هڪ ڪامياب انسان هئا پر مان هتي مرحوم جي ڪجھ ڪامياب دوستن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جنهن ۾
    مولانا ميرحسن رند جيڪي ڪافي عرصي کان مدرسه جامعه باب حيدر رڪن ٻرڙا۾ مدرس جا فرائض انجام ڏئي هن وقت قم المقدس جهڙي عظيم سرزمين تي علم حاصل ڪرڻ ۾ مشغول آھن
    مولانا محمد اسمائيل ٻٻر جيڪي دانشگاه جعفريه مان فارغ التحصيل ٿئي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاء نجف اشرف (عراق) وڃڻ جي تياري ڪري رهيا آھن
    مولانا ميهر علي ٻٻر جيڪي هن وقت دانشگاه جعفريه ۾ علم محمد وآل محمد حاصل ڪرڻ ۾ مشغول آھن
    مولانا حسنين علي لغاري جيڪو هن وقت مدرسه علميه ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشغول آھن

    *سندس وفات*

    جڏهن مان مدرسي جي امتحاني موڪلن تي ڳوٺ ويل هئس ٻن يا ٽن ڏينهن کان بعد ۾ مدرسي جي طالب علم فون ڪري ٻڌايو ته مولانا رياض حسين ٻٻر رضا الله ئي سان وفات ڪري ويو آھي اهيا ڳالھ ٻڌڻ وقت ڄڻ پيرن هيٺيان زمين ئي نڪري وئي
    مرحوم جي وفات جي تفصيل سندس ڀاء هن طرح بيان ڪئي آھي
    مرحوم پيدائش وقت ٻيهنن ٽنگن کان معذور هئا ۽ مرحوم کي تڪليف به ٿيندي هئي پر پنهنجي زندگي ۾ تعليم محمد وآل محمد ۽ تبليغ مڪتب اهلبيت ۾ ايڏا ته مشغول ٿئي ويا جو ڪڏهن به محسوس نه ڪيائون ته مونکي ڪا تڪليف ٿيندي آھي
    مرحوم هڪ ڏينهن چيلھ ۾ شديد تڪليف ٿئي جڏهن پنهنجو پاڻ کي ڊاڪٽر کي ڏيکاريائين ته ڊاڪٽر چيو توهان جي مٿي حصي جو وزن وڌي ويو آھي جيڪو ٽنگن کان برداش ڪونه ٿو ٿئي هاڻ توهان کي آپريشن ڪرائڻو پوندو
    مرحوم جو خاندان هڪ غريب گهراڻي تعلق رکندو هو پر مدرسه دانشگاه جعفريه جي پرنسپل ۽ ٻين مومنن جي کمک سان مرحوم کي ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي مرحوم جو آپريشن ڪامياب ٿيو پر ڪجھ غفلت جي ڪري مرحوم جي هڪ ٽنگ جو پٽو لاٿو ويو ٻئي ٽنگ جو پٽو لاٿوئي ڪونه جنهن جي ڪري خون سڄو مٿي ئي ڄمي ويو ٽنگ جي هيٺي حصي ۾ خون پهتو ڪونه جنهن جي نتيجي ۾ مرحوم کي ٽنگ ۾ (ڪينسر) جهڙي خطرناڪ بيماري ٿئي پئي جنهن جي ڪري ان ٽنگ کي ڪٽيو ويو مرحوم ان آپريشن کان بعد ۾ اڪثر بيمار رهڻ لڳو پر هڪ ڏينهن تڪليف وڌڻ جي ڪري مرحوم 18 يا 19 ذوالج تي دم ڌڻي حوالي ڪيو
    مرحوم جي جنازي نماز مولانا سڪندر علي لغاري جي اقتدار ۾ ڳوٺ گل محمد ٻٻر ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ضلع سانگهڙ جا معزز ماڻھون ۽ سوين مومنين شريڪ ٿيا
    مرحوم کي سوين آلين اکين اڳيان سندس آبائي ڳوٺ جي قبرستان سيد جعفر حسين شاه ۾ دفن ڪيو ويو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو