نفسيات: ذهني دٻاءُ کان نجات حاصل ڪرڻ جا طريقا!

'صحت سرير جي' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2019۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    [​IMG]

    ليکڪ: تحسين بانو
    سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري

    هر ڏينهن ڪم ڪارڻ ڪرڻ کان پوءِ انسان ڪنهن نه ڪنهن نموني ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي پوي ٿو. انهي دٻاءُ ۾ اچڻ کان پوءِ تقريبن سوچيل سمجهيل منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ انساني مزاج معمول کان هٽي وڃي ٿو.

    ذهني دٻاءُ کان ڇوٽڪارو بلڪل ممڪن آهي. جيڪڏهن توهان هتي ٻڌايل تجويزن تي عمل ڪندا ته يقينن توهان جو ذهن هر قسم جي دٻاءُ ۽ مونجهاري کان آزاد ٿي ويندو ۽ توهان پنهنجي پاڻ کي تر و تازه محسوس ڪندا.

    اصل ڪارڻ معمول ڪيو:
    ڪجھ شيون يا ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي اسان جي ذهن کي يرغمال ڪيون ويٺيون هونديون آهن. ان لاءِ جنهن وقت توهان کي واندڪائي هجي انهي گهڙي انهن ڳالهين يا سببن جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ته آخرڪار اهي شيون توهان کي مونجهاري جو شڪار ڇو ٿيون ڪن. اصل ڪارڻ معلوم ٿيڻ مونجهاري جي حل طرف پهرين پيش قدمي آهي.

    مثبت انداز فڪر اپنايو:
    ٿيندو ائين آهي ته پاڻ وٽ ماڻهن جي اڪثريت هر قسم جي ڪم ڪار، واقعي يا حڪمت عملي کي منفي انداز ۾ ڏسڻ جا قائل آهي. جنهن جي ڪري پڻ ڪافي شيون غلط رخ ۾ هليون وينديون آهن ۽ کوڙ معاملا مونجهارن جي ور چڙهي ويندا آهن. ان لاءِ جيڪڏهن توهان فڪر جي انداز کي مثبت نموني سان وٺندا ته اميد ته کوڙ مسئلن جا حل پاڻهي ڄاڻ توهان جي سامهون اچي پيش پوندا.

    پنهمجي پاڻ جا مددگار ٿيو:
    روزاني جي زندگي ۾ پاڻ پنهنجي ناڪامين جو ذميوار ٻين کي ظاهر ڪندا آهيون ۽ پنهنجي ڪمزورين، اوڻائين ۽ غلطين جي ذميواري قبول ڪونه ڪندا آهيون. جنهن سبب اسان تي ڪا به اصلاح اثر انداز نه ٿي سگهندي آهي. ان لاءِ پنهنجي پاڻ جا مددگار ٿيو ۽ هر معاملي ۾ پنهنجو احتساب اعتدالي نموني ڪيو.

    ننڍڙا منصوبا جوڙيو:
    جيڪي عنصر توهان جي ذهن کي مونجهاري جو شڪار ڪن ٿا انهن جي نشاندهي ڪرڻ کان پوءِ انهن جي حل لاءِ روزاني جي بنيادن تي هڪڙا ننڍڙا منصوبا جوڙيو. جن کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ توهان کي تمام ٿورو وقت درڪار هوندو ۽ ڪافي معاملا وقت کان پهريان ئي سُلجهي ويندا.

    پنهنجي پاڻ سان سچا ٿيو:
    ائين به ٿيندو آهي ته اسان ڪافي معاملن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون. جنهن جي ڪري اُهي ئي شيون اڳتي هلي ڪري اسان جي مٿي جو سور ثابت ٿينديون آهن ۽ اسان کي هر روز پريشان ڪنديون رهنديون آهن. ان لاءِ هر هڪ معاملي توڙي ڪم ڪار کي مڪمل ڌيان سان پنهنجي اختيار ۾ رکجي.

    پنهنجي ذهن کي تازه رکو:
    انساني ذهن هر روز مختلف مونجهارن ۾ مبتلا ٿيڻ جي باوجود به نت نئي معلومات جون گهرجائون هوندو آهي. ذهني تسڪين لاءِ ڪي گهڙيون پنهنجي پسند جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو. يا وري ڪا فلم وغيره ڏسي وٺو. مزاق مشڪري جو ويڊيوز ڏسو. انهي نموني توهان جو ذهن مونجهارن کان آجو ٿيندو ۽ توهان پنهنجي آس پاس پُرسڪون ماحول کي محسوس ڪندا.

    پوري انساني جسم کي هلائڻ جو سڄو ذمو دماغ تي آهي. جيڪڏهن دماغ ئي ڪنهن ٻڏتر جو شڪار هوندو ته يقينن انساني مزاج مان سڪون اڻ لڀ ٿي ويندو. ان لاءِ مٿي بيل ڪيل ڳالهين تي عمل ڪري توهان پنهنجي ذهن کي مختلف مونجهارن کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهو ٿا.
     
    اعجاز علي ڏهوٽ ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو