علي محمد درد سولنگي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2019۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ
    سنڌ سونهاري جي جاگرافيائي جي لحاظ سان نظر ڦيرائبي ته ادب سان لاڳاپيل هتي ڪيترائي املهه هيرا ملندا پوءِ هو ادب جي ڪهڙي به صنف سان لاڳاپيل شاعر مفڪر ڪهاڻيڪار محقق سفرنامانگار يا تاريخدان ڇونه هجن جيئن دادو ضلعو به ماضي ۾ پکيڙ جي حساب سان وسيع ضلعو رهيو آهي تيئن ادب جي حوالي سان پڻ تمام اڳڀرو رهيو آهي دادو ضلعي جي ادب جي دنيا ۾ هڪ الڳ نرالي سڃاڻپ رهي آهي دادو ضلعي ۾ دنيا جي عظيم قومپرست ليڊر سيد غلام مصطفى شاه (سائين جي ايم سيد) ننڍي کند جي عوامي شاعر احمد شاهه ( استاد بخاري) عظيم فلاسفر علامه آءِ آءِ قاضي محسن ڪڪڙائي سرڪش سنڌي تاج صحرائي جيجي درشهوار الهنواز رڪڻائي احمد خان مدهوش ( ريڊيو جي دنيا جو هيرو) ڊاڪٽر قربان جهتيال ايم ايڇ پنهور آمينه خميساڻي ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جهڙا ڪيترائي انسان دادو مان جنم وٺي چڪا آهن هي اهي انسان آهن جن جي ڪري دادو جو دنيا اندر نالو روشن آ هي اُهي انسان آهن جن دادو کي پنهنجي ڪم پنهنجي شعبي وسيلي دنيا آڏو متعارف ڪرايو ان کي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏيارائي هاڻ مان جنهن انسان جو ذڪر ڪري رهيو آهيان اهو به انهي ضلعي جي چيڪي مٽي مان ٺهيل آهي ان انسان کي علي محمد درد سولنگي نالي سان سڃاتو ويندو آ . سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي هي اهو شاعر آهي جيڪو درد کي هميشه پاڻ گڏ کڻي گھمي ٿو درد هن جو زندگي جو ساٿي آهي علي محمد کان سواءِ درد ۽ درد کان سواءِ علي محمد اڌورو آ ڇاڪاڻ ته هن جي دل ۾ درد جو جيڪو دونهو دکيو هو اهو هاڻي مڪمل طور مچ مچي ويو آهي جيڪو وسائڻ ايترو ڏکيو آ جيئن لوڙي سان سڙيل ڪپڙو ڇڏائڻ آ درد جي سڃاڻپ به ته درد آ سائين درد جڏهن سندس اند ر درد وڌندا آهن درد جو سفر شروع ڪندو آهي پوءِ خوشن سکن اميدن سکن کان دور رهي پيو پڪاريندو آهي هن ريت
    مان مقدر جو ماريل اهو آدمي
    ڏکن ۾ گذاري آ جنهن زندگي
    ڄمڻ سان وٺي سک ڏٺو مون نه آ
    رهي دور مون کان سدائين خوشي

    علي محمد درد سولنگي 21 نومبر 1965ع تي ڦلجي اسٽيشن لڳ ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگي تعلقي ۽ ضلعي دادو جي رهواسي قاضي پير محمد جي گھر ۾ جنم ورتو پڙهيل لکيل گھراڻي سان تعلق رکندڙ هن ٻار کي گورنميٽ اسڪول ڦلجي ۾ داخل ڪيو ويو جتان پاڻ ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين تنهن کان پوءِ ڊپلوما ٽيڪنيڪل ڪاليج ڪراچي سنڌ ايم اي (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ بي ايڊ جي ڊگري عالمه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان حاصل ڪيائين . علي محمد اڃا نائون پڙهي رهيو هو ته کيس شاعري جو شوق جاڳيو ۽ پاڻ قلم جو ساٿ ورتائين ۽ پنهنجي هن شعر سان ادب جي شروعات ڪيائين
    تنهنجي سونهن سٽي وئي سهڻي
    منهنجا هوش کسي وئي سهڻي
    جيڪو ان وقت روزاني سنڌو جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿيو 1980ع کان باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪيائين علي محمد سنڌ جو اهو شاعر آهي جيڪو سنڌ ۾ شايع ٿيندڙ سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپندو آهي هي اهو شاعر ناهي جيڪو ڪنهن مخصوص رسالي ۾ لکي هي عوامي شاعر آهي جنهن جا احساس درد لفظن جي صورت ۾ هر رسالي ۾ لکندڙ آهي .
    علي محمد درد سولنگي سنڌي ادب جي خدمت ڪندڙ عورتن تي پڻ گھڻو تحقيقي ڪم ڪيو آهي کين جيئري ڀيٽا ڏيڻ وارو عمل برقرار رکيون ٿو اچي ان حوالي سان سنڌي ادب ۾ علي نواز آرسير عثمان هاڪڙو غلام مصطفى سولنگي انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي اظهر امر ، امر ثنا لهٻر پن سنڌي ادب جي عورتن تي ڪم ڪيو آهي جن مان ڪجهه ليکڪن جا ڪتاب پڻ مارڪيٽ ۾ پڌرا ٿيا آهن ۽ ڪجهه ليکڪ اخبارن رسالن وسيلن ڀيٽا جو سلسلو برقرار رکيون اچن ٿا علي محمد درد سولنگي به ڪيترا ئي شخصي مضمون مقالا لکيا آهن جيڪي مختلف مرحلن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن ۽ پاڻ هاڻي انهن مقالن مضمونن کي تمام جلد ڪتابي صورتن ۾ آڻي رهيو آهي
    اسان وٽ سنڌي ادب ۾ به عجيب رواج آهي جيئري قدر ڪيون ڪونه مئي کان پوءِ سڀ وارث جيئري ڪنهن ڪنهن مڃتا ناهيون ڏيندا پر مرڻ کان پوءِ سندس ياد ۾ ميڙاڪا ۽ ورسيون وڏي ڌوم ڌام سان ڪندا آهيون ڪوڙا لڙڪ هاري ايندا آهيون علي محمد سور سليندي چوي ٿو
    شام جيئري ملهائبي آهي
    پر اسين ورسيون پيا ملهايون
    علي محمد درد سولنگي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان به هڪ سٺو ليکڪ شاعر آهي جڏهن اسان وٽ ٻاراڻي ادب ۾ سينئر شاعرن ٻاراڻي ادب تي لکڻ ڇڏيو جڏهن اسان جي سينئرن ٻاراڻي ادب کي لکڻ وقت ضايع سمجهو بورنگ سمجهي تڏهن علي محمد درد سولنگي ٻارن سان ٻار ٿي ٻاراڻي ادب تي لکندو رهيو جنهن ۾ هن ڪيتري ئي مڃتا ماڻي ٻاراڻي ادب ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا اٿائين سندس ٻاراڻي شاعري ۾ ٻارن لاءِ نصيحت ، پيغام، سبق، ننڍن وڏن سان پيار ، هدايت ، برادشت ۽ معلومات جهڙا شعر ملندا جيئن هتي پاڻ لکي ٿو
    اگر ڪوئي پهچائي تڪليف توکي
    ته ڇا گذرندي انهي وقت توتي
    خدارا انهن جي دل تون نه آزار
    جا پڪڙي اٿيئي جھرڪي ان کي اڏار
    هن سٽن ۾ پاڻ انهن ٻارن کي هدايتون ڪري رهيو آهي جيڪي ٻار پکين جا ٻچا پڪڙيندا آهن انهن کي ايذاءَ ڏيندا آهن انهن جي آکيرن مان آنا ٻچا پڪڙيندا آهن جن کي سدائين نقصان پهچائيندا آهن ته وري انهن ٻارن کي هدايتون ڪندي پرهڻ جو رستو ڏيکاري ٿو
    ادا پڙههُ ، پڙهڻ ۾ ڀلائي اٿئي
    سکڻ جي عمر بس اها ئي اٿئي
    اگر آئيندي جو ڪو اونو اٿئي
    ته پوءِ علم سان روشنائي اٿئي
    علي محمد درد جهڙن شاعرن جو اسان وٽ قدر ناهي ڪيو ويو اسان وٽ ادب ۾ ساڙ حسد پهاڙن جيڏو آ هڪ اديب ٻئي اديب کي ڪيرائڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائي ٿو ان جا ڪارڻ اهي آهن ته اسان وٽ تنقيد براءِ اصلاح نٿي ڪئي وڃي باقي تنقيد براءِ تنقيد هجي ته سڀ ادين ڪاسائين جيان ڪات ڪهاڙا تيار لڳا ويٺا آهن .
    علي محمد درد سولنگي جي شاعري ۾ سندس جذبا سندس احساس سماج جا الميا محبت پيغام ڏک سور آهن جيڪي سندس اندر ۾ لاٽون جيان ٽڪ ٿيا پيا آهن علي محمد درد سولنگي شاعري جو شاندار ڪاريگر آهي پنهنجي شاعري بابت پاڻ چوي ٿو
    هيءَ منهنجي جا شاعري آهي
    اوتيل ان ۾ منهنجا جذبا آهن
    منهنجي دردن جي ڊائري آهي
    هيءَ منهنجي جا شاعري آهي
    علي محمد درد سولنگي جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن پنهنجي سريلي آواز ذريعي کيس مقبول بڻايو آ منظور سخيراڻي، ممتاز لاشاري، سجاد يوسف، حميره چنه ، ديبا سحر، ثمينه ڪنول، ديبا ڪنول عابده خانم، ثريه سومرو، علي مراد جتوئي، رزاق جميل، ڪوثر ماروي ، غزالا آفتاب ، تهمينه ڪنول، شازيا بلوچ، آسيه سمن، روبينا ڪاوش، ناهيد علي، ذوالفقار سولنگي، ذوالفقار راهي، اسلم راهي، الهڏنو جوڻيجو، الهڏنو خاصخيلي، آصف چارڻ،سرور سخيراڻي، غلام شبير سخيراڻي، حسين بخش ، منصور سخيراڻي، اميران بيگم، اڪرم پنهور، امام بخش زرداري، انور وسطڙو، ثمينه گل سومرو، گل سمون ،ناهيد، غلام علي سنديلو سندس شاعري پيغام ذريعي سنڌ جي وستي وستي واهڻ واهڻ جھر جهنگ تائين پهچايو آهي
    علي محمد درد سولنگي ادب جي دنيا ۾ ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا آهن
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران مڃتا شيلڊ 2005ع
    روزاني فاسٽ ٽائيمز نيوز لاڙڪاڻو پاران بهترين شاعر ايوارڊ 2011ع
    سنڌ راڻي حيدرآباد پاران ٻارن جو جاکوڙي شاعر ايوارڊ 2013ع
    سنڌي ادبي سنگت دادو پاران بهترين ڪهاڻي 2017ع
    سنڌي ادبي سنگت ساخ سيتا روڊ پاران بهترين شاعر ايوارڊ 2018ع سميت ڪيترائي سرٽيفڪيٽ مليا اٿس .
    پاڻ ادب جي دنيا ۾ 7 ڪتاب پڙهندڙن نانءُ ڪري چڪو آهي
    ٻار گلن جا هار (ٻاراڻي شاعري) 2005ع
    چاهتن جا گلاب (شاعري) 2007ع
    چاهتن جي موٽ (شاعري) 2008ع
    سهڻا ٻار (ٻاراڻي شاعري) 2012 ع
    هڪ شام جو الميو (ڪهاڻيون) 2012ع
    موتين داڻا (ٻاراڻي شاعري ) 2017ع
    ڪاش (شاعري) 2019ع
    علي محمد درد سولنگي هڪ باضمير شخصيت آهي جيڪو هڪ استاد جي حيثيت سان دادو ۾ رهائش پذير آهي اڄ هن بهترين شاعر جنم :mad:دن آهي سندس جنم ڏڻ جي موقعي کيس ڪيتريون ئي مبارڪون پيش ڪيان ٿو الله تعاليٰ جي دربار ۾ دعا آهي ته سدائين سلامت هوندو الله تعاليٰ اوهان کي عزت شهرت صحت عطا فرماءِ الله تعالي اوهان کي وڌيڪ لکڻ جي سگھه عطا فرماءِ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو