سنڌي ادب جي مستقل مزاج شخص، حميد سنڌي جي موڪلاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سنڌي ادب جي مستقل مزاج شخص، حميد سنڌي جي موڪلاڻي....!
    فقير محمد سنڌي

    ٻرياسون ته پل، پر اجھامڻ کان اڳ،
    هزارن چراغن کي، ٻاري ڇڏيو سين.

    ڪنهن ڏاهي جي چوڻي آهي ته :" عظيم انسان جيڪي دلين ۾ گھر ڪري وڃن ۽ تاريخ ۾ پنھنجو نالو روشن ڪري وڃن، اهي عظيم ۽ مقبول شخصيتون، پنهنجي عوام جي خيالن ۽ مزاج جا عڪس ٿين ٿا" اهڙو ئي گلابن جھڙو حسين شخص ۽ سنڌي ادب کي خوشبو ارپيندڙ حميد سنڌي، ٻوليءَ ۽ ادب کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي.حميد سنڌي جھڙا مانجھي مرد صدين تائين مشڪل سان جنم وٺندا . حميد سنڌي جو تعارف ڪنهن به ادب دوست فرد کان ڳجهو ڪونهي، 12 آڪٽوبر 1939ع تي سنڌي ادب جو مرد قلندر ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ روح رهاڻ مئگزين جي ايڊيٽر حميد سنڌي، اصل نالو عبدالحمید ميمڻ، نوشهروفيروز ۾ اک کولي.سرور منگيءَ جي ڪهاڻي،" ايڪسيڊنٽ " جا ڪجهه منظر ياد ٿا اچن، جيڪي حميد سنڌي جي زندگي تي بلڪل پورا آهن، "پياري، سارنگيء جي تار جو هڪ ڇيڙو تنهنجي هٿ ۾ ۽ ٻيو منهنجي دل ۾ آهي. جڏهن ان تي حسن جو هٿ لڳندو ته ان مان محبت جو اهڙو گيت جنم وٺندو جنهن سان هيءَ سموري ڪائنات جهومڻ لڳندي. هوائن کي ان گيت جي ترنم۽ موسيقيءَ جو انتظار آهي." حميد سنڌي جيڪي اوڳا ڪيا اڄ 3جنوري 2020ع تي سڀ خواب ۽ محنتون تاريخ جو امر حصو آهن.تعليم جي ميدان ۾ حميد سنڌي پاڻ ملهايو، تعليم جا ۽ حميد سنڌي جي زندگي جا ڪيترائي ئي حوالا موجود آهن.
    حميد سنڌي ﺯﺭﻋﻲ ﺍﻗﺘﺼﺎﺩﻳﺎﺕ ﺟﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ۾ ﺍﻳﻢ . ﺍﻱ ۽ ﺍﻳﻞ . ﺍﻳﻞ . ﺑﻲ ڪري به ادب، تاريخ، ٻولي، ڪهاڻي ۽ لطيفيات تي برجستو ڪم ڪيو جيڪو نظرن کان ڪڏهن به اوجهل نه رهندو . گھڻن ادارن جي سڃاڻپ حميد سنڌي رهيوپر ادارا ان جي سڃاڻپ نه رهيا. اهو ان ڪري ته حميد سنڌي ادارن ۾ سگھ پيدا ڪئي، سنڌ جي ڪافي ادارن۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. انھن ۾ڪجھ ادارا سرفهرست آهن.
    ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرسٽي ﺀَ ۾ ﺍﻣﺘﺤﺎﻧﻲ ڪنٽرول ، ﺭجسٽرﺍﺭ ۽ ﺍﻳڊﻳﺸﻨﻞ ڊائريڪٽر ‏ ﺳﻨﮅﺍﻻﺟﻲ، ‏ ڪﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﺎﺗﻲ ۾ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽر ڪﺎﻟﻴﺠﺰ، ﭘﺒﻠڪ ﺍﺳڪﻮﻝ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺟﻲ ﭘﺮﻧﺴﭙﺎﻝ جي حيثيت سان ڪم ڪيو، ﺯﺭﻋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭسٽي ٽنڊو ﭴﺎﻡ ۽ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻄﻴﻒ يونيورسٽي ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺟﻮ ﻭﺍﺋﻴﺲ ﭼﺎﻧﺴﻠﺮ خدمتون سرانجام ڏنيون. 1996 ﻉ تي ڊﺍﺋﺮﻳڪٽر ﺑﻴﻮﺭﻭ ﺁﻑ ڪرڪيوليم 1997 ﻉ ﮐﺎﻥ 1998 ﻉ تائين اهڙي طرح سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ﺟﻮ ﭼﻴﺌﺮﻣﺌﻦ ۽ 1997ﻉ ﮐﺎﻥ 1998ﻉ ﺗﺎﺋﻴﻦ سنڌ لئنگئيج اٿارٽي جي ﭼﻴﺌﺮﻣﺌﻦ جي حيثيت سان خدمتون ڏنيون.
    ﺣﻤﻴﺪ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﮐﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﺍﺩﺑﻲ ڪارڪردگي عيوض وقتن به ﺍيوارڊ ملندا رهيا جنهن ۾، ڪﻬﺎﮢﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺠﻤﻮﻋﻲ ﻭﻳﺮﻭﻥ ، ﺗﻲ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺍڪﻴڊﻣﻲ ﺁﻑ ليٽرچر ، پاڪستان رائيٽر گلڊ ۽ ﺳﻨﮅﺍﻻﺟﻲ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﻃﺮﻓﺎﻥ ايوارڊ ‏ 1981ع ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران، ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻄﻴﻒ ايوارڊ.
    23 ﻣﺎﺭﭺ 1990ع تي تمغه امتياز ﺍﻭﺍﺭڊ ۽ 1993ﻉ ﺗﻲ صدارتي اعزاز، ﻓﻀﻴﻠﺖ شامل آهن.
    حميد سنڌي پنهنجو وجود ڄڻ لطيف شناسي ۽ ادب شناسيءَ ۾ صرف ڪيو هو، لطيف سرڪار جي هنن سٽن تي بلڪل عمل پيرا هو.
    برو هو ڀنڀور، آرياڻيء اجاريو،
    لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهي ڌڻيء هور،
    ڇوريون ڇڙڻ سکيو، پنھون ڪيائون پور،
    آيو سو اتور، جنھن ڏکيون ڏک ويهاريون.
    حميد سنڌي جي ادب ۾ گل گلزاري وارو عمل پنهنجي جوڀن جي جمال سان ڪيو، سندس جا هي ڪتاب هر پڙهندڙ کي حوصلو بخشين ٿا.
    ‏ ﺳﻴﻤﻲ ‏، ڪﻬﺎﮢﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ ‏،
    ‏ﺍﺩﺍﺱ ﻭﺍﺩﻳﻮﻥ ‏ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ،
    ‏ﻭﻳﺮﻭﻥ ‏،ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ،
    ‏ﺭﺍﮢﺎ ﺟﻲ ﺭﺟﭙﻮﺕ ‏، ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ،
    ‏ ﺟﺎڳ ﺑﻪ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻲﺀَ ﺳﺎﻥ، ‏ ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ‏،
    ‏ ﺳﻮﻧﻲ ﺯﻧﺠﻴﺮ، ‏ﺟﺎﭘﺎﻧﻲ ﻟﻮڪ ڪﻬﺎﮢﻴﻦ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ‏،
    ‏ ﺳﻮﮐﻲ ﮄﺭﺗﻲ، ‏ﺍﺭﺩﻭ ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ،‏
    ‏ ﺁﺭﻱ ﺍﭼﻦ ﺷﺎﻝ، ‏ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ ﺗﻲ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ﻣﻘﺎﻻ، ﺗﺮﺗﻴﺐ ،
    ﻣﻬﺮﺍﮠ ﺟﻮﻥ ﭼﻮﻧڊ ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ،ﺗﺮﺗﻴﺐ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ .
    حميد سنڌي لطيف جو آدرشي سونهون هو جنهن زندگيءَ جا ڪجھ پل محفوظ ڪري فڪري طور ڪم ڪيو. لطيف سائينءَ جي مختلف سرن تي سوچن جا مينار بلند ڪيا آهن، جنھن ۾هي سُر شامل آهن.
    ﺳﺮ ﻟﻴﻼﻥ ﭼﻨﻴــﺴـﺮ، ‏ﺳـﺮ ﮔﻬﺎﺗـﻮ، ‏ﺳـﺮ ڪـﺎﻣﻮڏ، ‏ ﺳﺮ ﻣﺎﺭﺋﻲ، ‏ﺳﺮ ڪﺎﭘﺎﺋﺘﻲ، ‏ ﺳﺮ ﺑﻼﻭﻝ، ‏ ﺳﺮ ﺭﺍمڪﻠﻲ، ‏
    ‏ ﺳﺮ ﮐﺎﻫﻮڙﻱ، ‏ ﺳﺮ ڪﺎﺭﺍﻳﻞ، ‏ ﺳﺮ ﺑﺮﻭﻭ ۽ سر سارنگ شامل آهن. حميد سنڌي شاھ لطيف جو اهو ماڻڪ موتي هو جنهن جي وڇوڙي تي سنڌ جي علم ادب جا ساٿي ڏکارا آهن. آخري ۾ حميد سنڌي لاءِ لاکڻي لطيف جو هي بيت :
    سي پوڄارا پر ٿيا سمنڊ سيويو جن،
    آندائون عميق مان، جهوتي جواهرن،
    لڌائون لطيف چئي، لالون مان لھرن،
    ڪانھي قيمت تن، ملھ مهانگو ان جو.( سر سريراڳ).
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو