سالن کان سرگرم شگر مافيا خلاف ڪو قدم کڄندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پوري دنيا جيان پاڪستان به هن وقت ڪورونا جهڙي سنگين مسئلي جو شڪار آهي.ميڊيا ۽ عوام جو فوڪس به اهو ئي مسئلو آهي تنهن هوندي به ان دوران اٽي ۽ کنڊ جي پيدا ڪيل هٿرادو بحران متعلق جاچ ڪميٽيء جي رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد پوري ملڪ ۾ سياسي لوڏي واري ڪيفيت ڇانئجي ويئي آهي .ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ ملڪ ۾ کنڊ ۽ اٽي جي پيدا ٿيل هٿرادو کوٽ سبب عمران حڪومت کي ميڊيا،مخالف ڌر توڙي عوامي حلقن پاران سخت دٻاء کي منهن ڏيڻو پيو هو جنهنجي نتيجي ۾ وزير اعظم ايف آئي جي سربراه واجد ضيا جي اڳواڻيء ۾ مڪمل ۽ تفصيلي جاچ لاء هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جڏهن ته ان کان اڳ پوري ملڪ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي ڌريون توڙي ميڊيا ان بحران جو ذميدار حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن کي قرار ڏنو هو پر حڪومتي حلقا اهڙن وزيرن ۽ مشيرن جو اجايو دفاع ڪندي نظر آيا ٿي.هاڻي جڏهن حڪومت جي پنهنجي بنايل ڪميٽيء جي رپورٽ جڏهن سامهون آئي آهي ته ان ۾ جهانگير ترين،خسرو بختيار ۽ عثمان بوزدار سوڌو ڪيترن ئي ٻين سياستدانن کي انهيء بحران جو ذميدار قرار ڏنو ويو آهي.اهو ڪو نئون ڪم ناهي. پاڪستان م شگر ۽ اٽو مافيا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حڪومتن جي سرپرستيء ۾ عوام جي کيسن تي اربين روپين جا ڌاڙا هڻندي رهي آهي.شگر مافيا جا ڪرتا ڌرتا هر حڪومت جو حصو رهندا آهن ۽ سندن حڪومت ۾ رهڻ جو هڪ بنيادي مقصد ئي پنهنجن ناجائز مفادن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي.شگر ملن جي مالڪن ۾ پاڪستان جا اڳوڻا حڪمران شريف برادران،آصف زرداري ۽ هاڻوڪي حڪومت مان جهانگير ترين،خسرو بختيار ۽ فهميدا مرزا جهڙا وڏا نالا شامل آهن.انهن ماڻهن اقتدار جي زور تي سدائين هارين جو استحصال ڪيو،ڊپٽي ڪمشنرز ۽ پوليس جي مدد سان علائقي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڪمند جي خريداري ڪئي ۽ ٽيڪس جي مد ۾ هارين ۽ آبادگارن کان وصول ڪيل ڪروڙين روپيا به هضم ڪري ويا.زميندار کان ٻه لک ٽن ڪمند وٺي رڳو سوا لک ٽن ڪمند جا پئسا ادا ڪيا ويندا هئا ۽ اهي ادائگيون به کين ذليل ڪرڻ بعد ڪيون وينديون هيون.ان شگر مافيا پنهنجن مفادن خاطر ڪپهه ۽ ٻيون زرعي جنسون اپائيندڙ زمينن کي رڳو ڪمند لاء مخصوص ڪري ملڪي زراعت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو.آصف علي زرداريء جي دور ۾ ان وقت جي سيڪريٽري خزانه واجد رانا شگر مافيا کي ايڪسپورٽ جي نالي تي سبسڊي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي.هن جو چوڻ هو ته شگر ايڪسپورٽ جي معاملي تي نه ته وفاقي حڪومت ۽ نه ئي صوبائي حڪومتون ڪا سبسڊي ڏيڻ جو اختيار رکن ٿيون.ان بعد سنڌ جي صوبائي حڪومت آرڊيننس پاس ڪري اومني گروپ جي شگر ملن کي سبسڊي ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ڪلهه سيد مراد علي شاهه نيب جا ڪيس ڀوڳي رهيو آهي ته پوء عثمان بوزدار سبسڊي ڏيڻ جي معاملي ۾ ڪيئن ڪيسن کان بچي سگھي ٿو؟ سنڌ ته وري به سبسڊي ڏيڻ لاء ڪنهن آرڊيننس جو سهارو ورتو هو پر پنجاب جي بادشاهه ته اها تڪليف به نه ڪئي ۽ مونس الاهي،جهانگير ترين،هاشم بخت ۽ ٻين جي ملن کي اربين روپين جي سبسڊي ايڪسپورٽ جي نالي تي ڏيئي ڇڏي.هاڻي جڏهن 25 اپريل تي فرانزڪ آڊٽ رپورٽ ايندي ته خبر پوندي ته ايڪسپورٽ لاء ڪٿي ايل سي کولي ويئي ۽ ان کنڊ جي ايڪسپورٽ مان آيل پرڏيهي ناڻو ڪٿي آهي؟

    رپورٽ موجب جڏهن انهن کي سبسڊي ڏني پئي ويئي ته ڇهن مهينن ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 12 روپيا في ڪلو جي واڌ ڪري عوام جي کيسن تي اربين روپين جو ڌاڙو هنيو ويو جڏهن ته کنڊ مهانگي ڪرڻ جا ڪي به سبب نه هئا.ملڪ ۾ ڪمند جي گھرج ۽ سپلائي جو به مسئلو نه هو ۽ نه ئي حڪومت ڪو نئون ٽيڪس لڳايو هو پر ان جي باوجود بنان سبب کنڊ مهانگي ڪري اربين روپيا هڙپ ڪيا ويا.شگر ملن جي مالڪن کنڊ جي تياريء دوران ڪمند مان نڪتل ڦوڳ کي به گتو بنائيندڙ فيڪٽرين ۽ بجليء جي ڪارخانن سان وڪرو ڪري ڇڏيو پر انهيء تي ڪو ٽيڪس به نه ڏنو بلڪه شگر ملن جا مالڪ ان ڦوڳ سان هلندڙ بجلي گھر جوڙي ڪروڙين روپيا ڪمائي رهيا آهن.

    اٽي جي کوٽ تي جاچ رپورٽ ۾ عثمان بوزدار تي ڪافي حد تائين ذميداري عائد ٿئي ٿي.رپورٽ مطابق هن هڪ سال اندر چار فوڊ سيڪريٽري بنان ڪنهن سبب جي بدلي ڪيا جڏهن هن کان ان باري ۾ سوال ڪيو ويو ته هو جاچ ٽيم کي ڪو تسليء وارو جواب نه ڏيئي سگھيو.رپورٽ مطابق فوڊ سيڪريٽريء کان پڇڻ سواء اٽڪل 38 ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سياسي بنيادن تي تبديل ڪيا ويا ۽ تعليم کاتي جي هڪ ملازم کي ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ جي عهدي تي لڳايو ويو.ڪميٽيء پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته تعليم کاتي جي هڪ آفيسر کي ڪهڙن بنيادن تي خوراڪ کاتي ۾ مقرر ڪيو ويو؟عثمان بوزدار جي ان نااهليء سبب ڪڻڪ جي خريداريء ۾ دير ٿي ۽ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ وارو بحران شروع ٿيو.حقيقت ۾ ان بحران جي لاء پاسڪو جي چيئرمين ۽ ان وقت جي وفاقي وزير محبوب سلطان خلاف به ڪاروائي هئڻ گھرجي جيڪي پڻ ان بحران جا مکيه ذميدار آهن.ڏسڻو اهو آهي ته تفصيلي رپورٽ اچڻ بعد وزير اعظم جيڪو هروقت گذريل حڪومتن جي ڪرپشن جو راڳ ڳائيندو رهي ٿو هاڻي پنهنجن حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن خلاف ڪهڙو ٿو قدم کڻي.رڳو وزيرن جا قلمدان بدلائڻ سان انصاف جون گھرجون پوريون نٿيون ٿي سگھن.ان مامري ۾ ملوث سمورن عملدارن خلاف ڪيس قائم ڪري کين جوڳيون سزائون ملڻ گھرجن.اسان جي ملڪ جي سخت سچائي ته اها رهي آهي جو اڄ تائين ڪنهن به طاقتور ڏوهاريء کي ڪڏهن به سزا نه ملي آهي ۽ انهن ئي طاقتور ڏوهارين مان شگر مافيا به آهي.هاڻي عمران خان جي سخت آزمائش آهي ته هو انهن خلاف ڪا سخت ڪاروائي ڪري ڪو نئون مثال ٿو قائم ڪري يا پنهنجي حڪومت بچائڻ لاء انهن هٿان بليڪ ميل ٿي سندن سامهون هٿيار ٿو ڦٽا ڪري.اقتدار ۾ اچڻ بعد احتساب جي حوالي سان عمران خان جي عوام ۾جيڪا ساک خراب ٿي چڪي آهي انهيء کي ٻيهر بحال ڪرڻ جو هن وٽ اهو سونهري موقعو آهي.جيڪر اڃا به خان صاحب کي اهڙي جرئت نٿي ٿئي ته پوء هو ايندڙ اليڪشن ۾ ماڻهن کي ڪهڙو منهن ڏيکاري سگھندو. انهيء سان گڏوگڏ عمران خان انهن ماڻهن جي لسٽ به گھرائي جن سرڪاري خزاني مان کنيل قرض معاف ڪرايا آهن،انهن کان به قرضن جي رقم واپس وصول ڪري ڪورونا جي مصيبت سبب بيروزگار ٿيل ماڻهن ۾ ورهائي وڃي.قرضن جي وصوليء جو ڪم به پهرين هاڻوڪي حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن کان شروع ڪرڻ گھرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو