پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو: شڪارپور جي شاهي باغ مان ڇڻي ويل ھڪ گل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو جي وڇوڙي تي لکيل

    شڪارپور جي شاهي باغ مان ڇڻي ويل ھڪ گل

    سارنگ منير سومرو

    هڪ سڃاڻپ هڪ تعارف هُن جي پوري زندگيءَ سان سلهاڙيل رهيو ته هو جتي به رهيو سادو، سٻاجهڙو، سچو ۽ کرو رهيو، زندگيءَ جي هر موڙ تي سادگيءَ ۾ نمايان نظر ايندڙ پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جي سچائي ۽ ايمانداريءَ تي مان حيران تڏهن ٿيس، جڏهن هو 2013ع ۾ نگران وفاقي وزير ٿيو ته هِن پهريان ئي مليل سيڪيورٽيءَ کي واپس ڪندي چيو هو ته ”پوري عمر زندگيون بچايون آهن، عوام مان دعائن جي اميد آهي، باقي دشمني مون غريب سان ڪير رکندو، انهيءَ لاءِ سيڪيورٽي وارن کي تڪليف نٿو ڏيڻ چاهيان“. ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو کي مون پوري زندگي مسيحا جي روپ ۾ ڏٺو، هن جنهن به مريض جي نبض ڏٺي، هن ڪڏهن به انهن جي رنگ، نسل ۽ کيسي ڏانهن نه نهاريو، هن انهي جذبي سان انهن مريضن کي ڏٺو، جيڪو جذبو هن جو پنهنجي اولاد سان هوندو هو، هن ڊاڪٽر هوندي گاڏيون، بنگلا ۽ پلاٽ نه ٺاهيا، هن ڊاڪٽر هوندي انسانيت جو مان مٿانهون ڪيو، هن ڊاڪٽر هوندي تعلقات اهڙا جوڙيا جو هو جڏهن نگران وفاقي وزير ٿيو ته ائين پئي لڳو ته هو ڪو جهونو سياستدان آهي، هن جون وڏيون ياريون باشيون آهن. پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو کي مون زندگيءَ ۾ تمام ويجهو ڏٺو، هن جو جڏهن نگران وفاقي وزير لاءِ مون ٽي وي تي نالو پڙهيو هو ته مون هن کي ايڊوانس مبارڪون ڏيڻ لاءِ فون ڪئي، جنهن تي هن جواب ۾ چيو هو ته ”تمام گهڻو پريشان آهيان، سنگت زور ڀريو آهي ته سڀاڻي اوهان نگران وفاقي وزير جو حلف کڻندئو، مون چيو ته مان ڪلينڪ هلائيندو آهيان، منهنجا مريض رلي ويندا ۽ اهم آپريشن رهيل آهن، انهن جو ڇا ٿيندو“، انهيءَ معاملي تي هو وڏي ضد ۾ هو ته مان حلف نه کڻان، پر سنگت هن کي مجبور ڪيو ۽ آخرڪار پنهنجي ويجهي دوست ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين دوستن جي اسرار تي 2013ع واري نگران دور ۾ ڊاڪٽر يونس وفاقي وزير جو حلف کڻي شڪارپور پهتو، جنهن شڪارپور پهچڻ سان ئي پنهنجي ڏاڏي شهيد الهه بخش سومرو جي مزار تي حاضري ڀري. شهيد الهه بخش سومرو سان واعدو ڪيو هو ته مان ڪنهن به شعبي ۾ هجان، اوهانجو مان مٿانهون رکندس ۽ ائين ئي ٿيو. هن شهيد الهه بخش سومرو جو مان مٿانهون ڪيو، هن ٽن مهينن جي نگران دور ۾ قومي خزاني مان هڪ رپيو به ڪرپشن ته ڇا پنهنجي مٿان به خرچ نه ڪيو، هو ماني به پنهنجي پئسن جي کائيندو هو، ايندڙ ويندڙ مهمانن جي خدمت پنهنجي کيسي مان ڪندو هو.
    عام طور ڏٺو ويو آهي ته هِن ملڪ ۾ ڪوبه وزير ٿيندو آهي ته هو ڪرپشن ۽ ناجائز اختيار استعمال ڪرڻ ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيندا آهن، پر هن وزارت ۾ هوندي پنهنجو ذاتي خرچ ڪيو. مون کي ياد آهي اسان جي شڪارپور جو هڪ نوجوان نگران صوبائي وزير ٿيو هو، جنهن وزارت جو ٽائيم پورو ٿيڻ وقت رات جو پوري ٻارهين وڳي سيڪيورٽي ڇڏي هئي ۽ انهيءَ رات جو ٻارهين وڳي تائين آفيس ۾ ويهي بل ٺاهڻ سميت ذاتي فائدي وارا ڪم ڪيا هئا. پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو سنڌ جي اها واحد شخصيت هو، جيڪو وفاقي وزير هوندي به صبح جو وزارت واري آفيس ۾ ۽ شام جو ڪلينڪ تي ويهندو هو، وري رات جو آپريشن ڪري پنهنجي زندگيءَ جو گذر سفر اتان ڪندو هو، انسان دوست، انسان ذات جي بي لوث خدمت ڪندڙ ۽ مسيحا پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو شڪارپور جو اهو سڄاڻ چهرو هو، جنهن شڪارپور سميت پوري سنڌ جي ماڻهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. شڪارپور جي سومرا سياسي خاندان سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر يونس سومري جو سياسي گهراڻي سان واسطو هوندي به پهريان سياست کان پري رهيو ۽ هو نگران وفاقي وزير کانپوءِ سياست کي ٽائيم ڏيڻ لڳو. ڊاڪٽر يونس سومرو جي خاندان مان ڪيترائي ناليوارا سياستدان آهن، جن ۾ هن جو ڏاڏو شهيد الهه بخش سومرو، هن جو چاچو جهونو سياستدان مرحوم رحيم بخش سومرو، هن جو ننڍو ڀاءُ قومپرست اڳواڻ جنيد احمد سومرو، وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اڳوڻو قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر الاهي بخش سومرو، شڪارپور جو ميونسپل چيئرمين عقيل عباس سومرو ۽ ٻيا سياستدان آهن. شهيد الهه بخش سومرو جي فرزند حيدر بخش عرف مٺو خان سومرو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر يونس سومرو 17 آگسٽ 1946ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. 7 ورهين کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ گرامر اسڪول ۾ داخلا ورتي، شڪارپور جي مشهور سي اينڊ ايس ڪاليج مان 1966ع ۾ انٽر فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. 1972ع ۾ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ڪئي، هن زندگيءَ جي شروعات فوج کان ڪئي. 1971ع واري جنگ دوران هو 3 سال فوج ۾ رهيو، ڏيڍ سال ٻين ملڪي ادارن ۾ ڊاڪٽري جا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. 75-1974ع ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جي حڪومت دوران ميڊيڪل آفيسر رهيو. 1975ع ۾ آرمي ڇڏيائين ۽ 1976ع ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو، جتي ساڍا اٺ سال تعليم حاصل ڪرڻ کان علاوه مختلف سروسز به ڪيون. هڏن جي بيمارين جي ڊگري (ايف آءِ سي ايس) جيڪا دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي ڊگري شمار ٿئي ٿي، سا حاصل ڪئي ۽ هڏن جي بيمارين جو ماهر سرجن بڻيو. وطن واپس ورڻ کانپوءِ 1984ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏنائين ۽ 1990ع ۾ پروفيسر ٿيو. 2007ع ۾ 21هين گريڊ ۾ رٽارئر ٿيو، هو پروفيسر هوندي شڪارپور واسين لاءِ ڇپر ڇانوَ هو.
    مون کي ياد آهي جڏهن منهنجي هن سان واقفيت نه هئي، مان ڀيڻ جي چيڪ اپ لاءِ ڪراچيءَ اچي رهيو هئس ته مون کي هڪ دوست ٻڌايو هو ته ڪراچي سول اسپتال ۾ شڪارپور جو هڪ پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو اٿئي، ان کي ٻڌائجان ته مان شڪارپور جو آهيان، تنهنجي مڪمل مدد ڪندو ۽ مون ائين ئي ڪيو ته هن ڪافي مدد ڪئي هئي، هو ڊاڪٽريءَ ۾ هجي يا سياست ۾، هن لاءِ مشهور هو ته هو شڪارپور جي ماڻهن لاءِ دل ۽ جان سان مدد ڪرڻ جي ڪوششون ڪندو آهي. ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو ڪيترن ئي ملڪن روس، آمريڪا، چائنا، جاپان، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ به وڃي پڙهائي ڪري ڊگريون ورتيون. ڊاڪٽر يونس سومرو روس ۾ پوليو ۾ مبتلا ڪيترن ئي ڇوڪرين جو علاج ڪيو، جن ڇوڪرين جي پوليو ۾ مبتلا هجڻ ڪري انهن ڇوڪرين جي شادي ٿيڻ ممڪن نه هئي، پر ڊاڪٽر يونس سومرو انهن جو علاج ڪري انهن جي زندگيءَ کي عام بڻايو، جنهن تي روس جي حڪومت سندس کي ميڊل سان نوازيو هو. ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو کي ڊاڪٽري شعبي ۾ خدمت عيوض مڃتا طور ٻه صدارتي ايوارڊ مليل آهن. ڪجهه سال اڳ ستاره امتياز جو اعزاز رکندڙ ڊاڪٽر يونس سومرو دنيا جي ماهر هڏن جي ڊاڪٽرن کي ملندڙ لائيف اچيومينٽ ايوارڊ حاصل ڪيو. سارڪ ملڪن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون سنڌي شڪارپور جو ڊاڪٽر هو، جيڪو ڊاڪٽرن جو صدر پڻ رهيو، جيڪو وڏو اعزاز ليکيو وڃي ٿو. هِن وقت پاڪستان جي مشهور آرٿيوپيڊڪ ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو ۽ ڊاڪٽر محمد علي شاهه جا نالا سرفهرست آهن. پوري زندگي پيغمبري پيشي کي ڏئي زندگيءَ جو ڪجهه حصو سياست کي ڏيندڙ ڊاڪٽر يونس کان مون هڪ ڀيري پڇو هو ته اوهان کي سياست ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آئي، هاڻي اوهان جي سياست ۾ ڪاميابي جو ڪهڙو سبب آهي، جنهن تي هن چيو هو ته منهنجو زندگيءَ سان واعدو ٿيل هو ته زندگي ٻين لاءِ جيئندس، ان ڪري ڊاڪٽري شعبي کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس. سياست ۾ اچڻ جو هڪ ئي سبب هو ته مون جڏهن پنهنجي ڀاءُ مرحوم جنيد احمد سومرو جو جنازو ڏٺو ته حيران ٿي ويس ته هن ايتري عزت ڪمائي، جيڪا عزت مون پنهنجو سرمايو سمجهي جنهن کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ سياست جو رخ اختيار ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو جا ڪيترائي سياسي ۽ ڊاڪٽر دوست هئا، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، ڊاڪٽر اديب رضوي، شهيد اڪبر بگٽي، ڊاڪٽر عاصم، مير هزار خان بجاراڻي، جميل بگٽي، نواب ذوالفقار مگسي، ملڪ حيدر، عاشق جتوئي ۽ ٻيا هزارين دوست رهيا.
    ڊاڪٽر يونس سومري جي سياست ۽ شخصيت جي سڃاڻپ صرف عوامي رهي، هو جتي به رهيو، عوام جو رهيو، شڪارپور جي شاهي باغ جي گلن جهڙي ڇانوَ ڏيندڙ شڪارپور جو امر ڪردار جي وڇوڙي تي ائين پيو لڳي ڄڻ شڪارپور جي شاهي باغ مان پوري شڪارپور جي عوام کي خوشبو ڏيندڙ هڪ اهڙو گل ڇڻي ويو آهي، جنهن گل جو جنم ئي شڪارپور جي خوشين ۽ خوشبوءِ لاءِ ٿيو هو. پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو اسان کان گذريل ڏينهن 15 جولاءِ 2020ع تي صبح جو ساڍي ستي وڳي ڪلفٽن جي ضياءَ الدين اسپتال ۾ وڇڙي ويو، جنهن جي جنازي نماز ڪراچيءَ جي سي ويو وٽ هڪ مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. ان کانپوءِ پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو کي ڪراچيءَ ڊفينس واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان ۽ ڊاڪٽر يونس سومرو

    قادر مگسي

    1984ع ۾ جڏهن مونتي قاتلاڻو حملو ٿيو شهيد ڪمال راهمون شهيد ٿيو، اسين ۵ ساٿي زخمي ٿي ڪريا هئاسين. مونتي فوجداري ڪيس داخل هئا ان ڪري اسپتال ۾ داخل نہ پئي ٿي سگهيس. منهنجي ڄنگهه جي هڏي 6 انچ چور چور ٿي وئي هئي. ڪجهه هڏين جي ماهر ڊاڪٽرن فيصلو ڪيو ته مونکي Traction تي رکجي. ۸ مهينا منهنجي ٽنگ ٽريڪشن تي ٻڌل هئي پر هڏي جو گيپ نہ ڀرجي سگهيو. دوستن جڏهن ڊاڪٽر يونس سان رابطو ڪيو تہ هو مونکي چيڪ ڪرڻ لاء منهنجي رهائش واري جڳه تي آيا. منهنجي ٽنگ جي معائني کانپوء چيائون ته گرافٽنگ ۽ پليٽنگ ٿيندي، اسپتال ۽ بيهوشي واري با اعتماد ڊاڪٽر جو انتظام توهين پاڻ ڪريو ۽ منهنجي ٽنگ ۾ لڳل ٽريڪشن جي راڊ کي بغير بيهوشي جي ڊرل مشين ۾ اٽڪائي گهمائي ڪڍيائين ۽ مهنجي 8 مهينن جي مصيبت کان جند آزاد ٿي. ڪجه ڏينهن کانپوء اسپتال ۽ بيهوش ڪندڙ ڊاڪٽر جي انتظام کانپوء سومرو صاحب منهنجي سرجري ڪئي 8 ڪلاڪ ڊگهي سرجري. منهنجي هپ بون مان جيترو هنن کي cartilages مليا اهو گرافٽنگ ۾ ڪتب آندو پوء به مهنجي ڏيڊ انچ ٽنگ کٽي پيئي. منهنجي ھوش ۾ اچڻ کان پوء جڏهن وزٽ تي آيا ته وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي چيائون ته تهنجي آپريشن اسانجي ڦاڙي وڌي.
    هو هڪ جيئدار غريب پرور مدد ڪندڙ ۽ کل ڀوڳ جو بادشاه هيو شهيد الله بخش سومرو جو خون انجي رڳن ۾ ڳالهائيندو هيو پڪو سچو ۽ نج سنڌي محب وطن هيو.
    الله سائين سندس درجه بلند ڪري آمين

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو