ڪربلا جي قربانيءَ کي روح سان سمجھڻ جي ضرورت.!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏31 آگسٽ 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪربلا جي قربانيءَ کي روح سان سمجھڻ جي ضرورت.!

    تحرير: حبيب مرکنڊ

    تاريخ جي ورقن کي اٿلائڻ ۽ ڪربلا جي واقعي جو گھرائيءَ سان مطالعي ڪرڻ مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته شهادت امام حسين عه تاريخ جو اُهو المناڪ سانحو آهي، جنهن جي ذڪر کان ڪو به زمين جو خطو خالي ناهي، ڪيترائي ورهيه گذري وڃڻ جي باوجود به هِن ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ به ذڪر حسين عه ادب و احترام سان ڪيو ويو وڃي ٿو ۽ جيسيتائين دنيا رهندي، تيسيتائين ڪربلا جي شهيدن جو ذڪر جاري و ساري رهندو.

    تاريخ اسلام ۾ بيشمار شهادتون ٿيون آهن ۽ هر شهادت پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت، انفراديت، قدر و منزلت ۽ مقام رکي ٿي، پر شهادت امام حسين عه جو واقعو ڪيترن ئي اعتبارن سان ٻين شهادتن کان مختلف ۽ منفرد آهي. حضرت امام حسين عه اهڙي عظيم تاريخي قرباني پيش ڪئي، جنهن جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي ۽ اُن واقعي کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي. هڪ طرف ظلم ۽ بي شرمائي جو منظر هو ته ٻئي طرف پيغمبر عليه السلام جي آل سان گڏ 72 ساٿين جي ننڍڙي جماعت جو باطل سان مقابلو ۽ ان سان جهاد تي ثابت قدمي، قرباني ۽ جان نثاري جو اهم منظر هو ۽ انهيءَ واقعي ۾ اسان جي لاءِ هزارين عبرتون ۽ حڪمتون پوشيده آهن. حضرت امام حسين عه طاقت جي نشي ۾ پيل چور، تڪبر ۽ جي غورور جي پيڪر يزيد کي پنهنجي شجاعت ۽ بهادري سان اهڙو ته للڪاري اهو عظيم مثال قائم ڪيو، جنهن هڪ طرف دنيا کي حيرت ۾ وڌو ته ٻئي پاسي ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عه جن پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان سميت دوستن جون شهادتون پيش ڪري اسلام ۽ انسانيت کي قيامت تائين بچائيندي اسلام کي هڪ نئي زندگي عطا فرمائي. مولانا محمد علي جوهر ان کي هن طرح بيان ڪيو آهي:
    قتلِ حُسین اصل میں مرگِ یزید ہے،
    اسلام زندہ ہوتا ہے ہر کربلا کے بعد!

    هر سال محرم الحرام جي مهيني ۾ حضرت امام حسين عه جي ياد تازي ٿيندي رهندي آهي ۽ مختلف جلسن ۽ پروگرامن ۾ حضرت امام حسين عه جي شهادت تي روشني وڌي ويندو آهي، حضرت امام حسين عه جي شهادت اسلامي تاريخ جو هڪ اهڙو عظيم باب آهي، جيڪو دنيا جي قائم رهڻ تائين ان جي ياد تازي ٿيندي رهندي ۽ انسانيت جي لاءِ پڻ معشل راهه آهي.

    اڄ عاشوري جو ڏينهن آهي، جيڪو مختلف واقعن سان پُر آهي، پر ان جي عظيم شهرت، رسول صه جي ڏوهٽي، دين حق جي سربلندي ۽ حفاظت جي عظيم علم بردار امام حسين عه جي عظيم قرباني جي ڪري ئي آهي، جڏهن امام حسين عه کي ڪوفين جي سربلندي ۽ ظالم يزيد جي فسق ۽ فجور جي خلاف جهاد لاءِ مسلسل پيغام مليا، امام حسين عه مديني ۽ مڪي شريف ۾ پرسڪون زندگي، فسق ۽ فجور جي خلاف جهاد جي لاءِ ڇڏي هئي، پاڻ حق جي سربلندي جي لاءِ دعوت جهاد ۽ ايثار جي روايت کي نظر انداز نه ڪري سگهيا، امام حسين عه 16 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ سفر جي تڪليف برداشت ڪئي، فقط هن عظيم روايت قائم ڪرڻ لاءِ ته ظلم، فسق فجور ۽ جبر جي خاموشي، خودڪشي ۽ هلاڪت آهي. ظلم ۽ جبر جي خلاف جدوجهد، ايثار ۽ قرباني ڏيڻ ئي حسينت ۽ احياءِ اسلام آهي. امام حسين عه قيامت تائين ايندڙ انسانن جي لاءِ حق پرستي جي عظيم روايت قائم فرمائي.

    اڄوڪي ڏينهن تي پوري دنيا ۾ ڪربلا شهيدن جي ياد ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، هر اک آلي آهي، هر پاسي اداسي نظر ايندي، اڄ اکيون لڙڪن جي ۽ دليون رت جي ڀيٽا ڏينديون. اڄ شهداءِ ڪربلا جي شهيدن جي شهادت جو ڏينهن آهي، جن ثابت ڪري ڏيکاريو ته جنگ رڳو هٿيارن ۽ ماڻهن سان نه پر همٿ، ثابت قدمي، ڏاهپ، ۽ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي جذبي سان به وڙهي سگھجي ٿي. حضرت امام حسين عه جي شهادت دنيا جي سڀني محڪوم، مظلوم ماڻهن ۽ قومن کي دلجاءِ، دلاسو، اميد، آسرو، آٿت ۽ اتساهه بخشيو آهي. جنهن درس ڏنو ته توهان حق ۽ سچ تي آهيو پوءِ ڀلي ٿورائي ڇو نه هجو ڪوڙ سان مهاڏو اٽڪايو، پوءِ ڇو نه ماريا وڃو!

    ڪربلا جو واقعو اسان کي درس سکاري ٿو ته ظالم ڪيترو به طاقتور ۽ بااثر ڇو نه هجي آخر فتح حق ۽ سچائي جي هوندي آهي ۽ شڪست هميشه باطل جو مقدر بڻجندي آهي. حضرت امام حسين عه جن ڪربلا جي ميدان ۾ خاندان، دوست ۽ پنهنجو سر گھوريائون. حق، سچ جي راهه تان نه هٽائڻ لاءِ ڇا نه سٺائون. وطن جي جدائي، حرمين کان دور، شهرن کان دور ، پاڻي بند، معصوم ٻارن جو تڙپڻ، ٻارن ٻچن کي بک ۽ اڃ ۾ ڏسڻ، جگري يارن جا سر ڪٽجندي، اولاد جا سر ڌڙن کان ڌار ڏسڻ، سڄي خاندان جي شهادت اکين اڳيان ٿيڻ، ڪو به انسان ايتريون سختيون ڏسي گھٻرائجي وڃي ٿو، ڪيڏو به دنياوي مقصد هجي پر ان لاءِ ايتري قرباني برداشت نه ڪندو پر جنهن جو موقف سچ ۽ حق جو علم بلند ڪرڻ هجي، اهو سر ۽ گھر گھوري سرخرو ٿيندو ۽ دنيا وارن جي لاءِ هڪ مثال بڻجي ويندو آهي جو ماڻهو ان جي پيروي ڪندا رهن، هي مثال اسان کي حضرت امام حسين عه جي صورت ۾ مليو، جنهن کي حق تان هٽائڻ لاءِ ڪا به سختي روڪي نٿي سگهي. جنهن جي پهاڙن کان وڌيڪ مضبوط ارادي کي زخم، سور، سختيون سمهاري نه سگهيون. هيءَ حقيقت آهي ته امام حسين عه ڪنهن هڪ مسلڪ ۽ فرقي جو نه پر امام حسين عه ته انسان ۽ پوري انسانيت جي بقا جو نالو آهي. جيڪا ڏهين محرم الحرام 61 هه تي واضح ٿي وئي هئي ته جتي ڪوڙ، فريب، فتنو فساد، چوري، قتلام هوندا اتي يزيدي ڪردار ادا ڪيو ويندو ۽ جتي حق ۽ حق جي ڳالهه ڇانيل هوندي ته اتي امام عالي مقام عه جو ڪردار ادا ڪيو ويندو. امام حسين عه جي مٿان ٿيل مصيبتن کي ياد ڪرڻ ۽ پنهنجي اندر ۾ ان جو اظهار ڪرڻ هر شخص جو ذاتي فعل، هن جي معرفت جي معيار جي عڪاسي ۽ ان جي جذبن ۽ احسانن جي ترجماني آهي. ڪربلا جي قرباني اسان جي لاءِ سبق آموز ۽ يادگار آهي جنهن ۾ ڪيترائي راز سمايل آهن.

    حضرت امام حسين عه جي مقدس هستيءَ جي شهادت، ميدان ڪربلا کي جيڪو مقام، مرتبو ۽ عالم السلام ۽ عالم انسانيت کي سوچ ۽ فڪر عطا ڪيو آهي، ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته هي واقعو ئي ناهي پر هي هڪ حقيقت به آهي واقعي ڪربلا جي اندر ٻه ڳالهيون نظر اچن ٿيون، هڪ طرف يزيد جي سوچ ۽ فڪر هو ته ٻئي طرف امام حسين عه جي سوچ ۽ فڪر آهي، امام حسين عه جي سوچ ۽ فڪر کي “حسينيت” جو نالو ڏنو ويو آهي ته ٻئي طرف يزيد جي سوچ ۽ فڪر کي “يزيديت” جو نالو ڏنو ويو آهي. واقعه ڪربلا جي پسمنظر ۾ يزيد جي سوچ ۽ فڪر هي هو ته طاقت ئي حق آهي يعني جنهن وٽ طاقت آهي اهو حق تي آهي، ان جي پيروي، تابعداري ۽ هر صورت ۾ ان جو ساٿ ڏنو وڃي. حضرت امام حسين عه جي سوچ ۽ فڪر هي هو ته طاقت حق ناهي بلڪي حق ئي طاقت آهي. طاقت جي بجاءِ حق جو ساٿ ڏنو وڃي. هن ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪربلا جي ميدان ۾ ظاهري طور تي فتح يزيد جي ٿئي پر اهو نظرياتي ۽ فڪري جنگ هاري ويو ۽ فتح حضرت امام حسين عه جي ٿي. اڄ به دنيا ۾ يزيد جو نالو ۽ يزيدي سوچ ذلت ۽ شرمندگي جي نشاني آهي ۽ حضرت امام حسين عه جو نظريو ۽ فڪر اعلى عزت جو نالو آهي. يزيد جي عبرت ناڪ انجام مان اڄ جي ظالم ۽ طاقتور ۽ دولت جي اقتدار جي نشي ۾ چور حڪمرانن، وڏيرن، جاگيردارن، ۽ سياستدانن کي به سبق حاصل ڪرڻ گھرجي ته جهڙي طرح يزيد جي حڪومت، اقتدار، دولت، عهدو، سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ناڪام، ذليل ۽ رسوا ٿيو. اهڙي توهان به ظلم کان باز نه ٿيو ته ڪاٿي توهان جو به اهڙو حشر نه ٿئي!

    ڪربلا صرف جهاد ۽ شجاعت جو ميدان ناهي بلڪي سماجي تربيت جو به مرڪز آهي. حضرت امام حسين عه شجاعت، ايثار ۽ اخلاص جي پاڇي ۾ ماڻهن کي بيدار به ڪيو ۽ انهن کي فڪري ۽ ديني سطح تي بلند به ڪيو ته جيئن سماجي ۽ جهادي تحريڪ پنهنجي نتيجي کي حاصل ڪري سگهي. اڄ به يزيدي فڪر ۽ سوچ دنيا ۾ رائج آهي ۽ مٿي چڙهي رهئي آهي ۽ هي حسينت جي تقاضا آهي ته حسيني فڪر ۽ سوچ رکڻ وارا “امر بالمعروف ونهي عن المنکر” لاءِ اٿي کڙا ٿين ۽ ڀلائي کي رائج ڪن ۽ برائين کي ختم ڪري معاشري کي هڪ حقيقي اصلاحي معاشرو بڻائين ته جيئن ڪوئي طاقتور ڪنهن ڪمزور تي ظلم نه ڪري سگهي ۽ جتي برائين کي سٺي ترجيح نه ملي سگهي..

    (روزاني ڪوشش، روزاني پنهنجي اخبار، روزاني سوڀ ۽ روزاني جيجل اخبار ۾ ڇپيل)
     
    آخري ترميم: ‏31 آگسٽ 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو