ڪتاب "بابا مون کي ڪر نه ڌنار" جو جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    دل جي سدا ڪو ٻارن کان سکي!
    ڪتاب "بابا مون کي ڪر نه ڌنار" جو جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    اچو ته کيڏون ڪوڪ راند،
    ويهي گذاريون ڇو ٿا واند.
    پڙ تي جيڪو بيهندو ٻار،
    تنھن کي رهڻو آ هوشيار.( مور مغيري )
    قرآن پاڪ ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن کي وڏي درجي وارو شمار ڪيو ويو آهي. جيڪو غور ۽ فڪر ڪري ٿو اهو سنئين واٽ کان ڪڏهن به ڪونه ٿو ڀٽڪي. ٻار ۾ هڪڙي اهڙي ڪماليت هوندي آهي جو، جنهن به نئين شيءَ کي ڏسندو ان جي باري ۾ بار بار سوال ڪندو. پڇڻ کان پوءِ سمجهڻ چاهيندو آهي. تڏهن ئي هن دنيا ۾ غور ۽فڪر جي ڪمال تي رسندو آهي. جيڪڏهن ڪوبه ٻار گهر ۾، اسڪول ۽ مارڪيٽ ۾ سوال ڪري يا ڪنهن شيءَ معلومات وٺي ته ان کي آساني سان سمجهائڻ گهرجي. مور مغيريءَ جي ڪتاب "بابا مونکي ڪر نه ڌنار" اهو هڪ سوال به آهي ۽ التجا پڻ.
    مور مغيري ٻاراڻي شاعريءَ ۾ زمانيءَ جي گهڻن مسئلن کي نظر ۾ رکندي قلم کي جنبش ۾ آندو آهي ۽ ڪافي هنڌن تي ڪامياب به ويو آهي. جيئن "علم جي دولت" نظم ۾ هوشيارپ جو درس ڏئي ٿو.
    علم جي دولت آهي انمول،
    علم جو ڪوئي ناهي مول.
    علم ذهن جو آهي نور،
    علم ڪندو تڪليفون دور.
    علم وارا سارا ٿئي بهتر،
    ڄڻ هي چنڊ، ستارا ٿئي بھتر.
    علم وارن جي صحبت ۾ رهڻ، سو سالن جي گهڙين کان بهتر آهي. ڪنهن فارسي دان شاعر جو شعر آهي ته :
    "يڪ زمانا صحبت با اوليا، بهتر از صد سالہ طاعت بي ريا.".
    مور مغيري جي " پيار" واري نظم به علم جي پرچارڪ خوب ڪري ٿو. جيڪا ٻار کي مستقبل لاءِ اتساهه بخشي ۽نظم به اهڙا ئي هجن گهرجن.
    اَبي، اَمان جو تو سان پيار،
    ٻالڪ تون بي ٿيءُ هوشيار.
    اَبي، امان جي چوڻ تي هَلُ،
    ايندئي ڪين آڏو مشڪل.
    علم جو توکي دڳ ڏنائون،
    راھ سُٺڙي ساڻ لاتائون.
    هيءُ ٻاراڻو ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري 2020ع ۾ شايع ڪيو آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ مصور منگي ٺاهيو آهي. اداري پاران عيسي ميمڻ لکيو آهي ته :- مور مغيري سنڌي ادب جو خدمتگار آهي جنهن پنهنجي حال آهر سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي.
    "اکين جا تارا" نظم ۾ مور مغيري ٻارن لاءِ هن ريت محبت ڀريا ٻول لکي ٿو ته :
    گلابن کان پيارا وڻن ٻار ٿا،
    هي اکين جا تارا وڻن ٻار ٿا.
    خدا سونهن تن ۾ سمائي آهي،
    هي دلڪش نظارا وڻن ٻار ٿا.
    مٺي مرڪ تن جي ماکي جهڙي،
    هر سِر جا سهارا وڻن ٻار ٿا.
    ڪتاب "بابا مون کي ڪر نه ڌنار " ۾ منير سومرو، مور مغيري جو مختصر تعارف ڪرايو آهي، لکي ٿو ته :
    اصل نالو غلام عمر مغيري، ادبي نالو مور مغيري، 13جنوري 1976ع تي رئيس عبداللطيف مغيري جي گهر ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري تعلقي وارهه ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. تعليم :ايم. اي( سنڌي ۽ پوليٽيڪل سائنس )( ايم. ايڊ، ايم فل( سنڌي ادب ) 2020ع،ايم فل عنوان : "صوفي سيد رکيل شاھ جي سنڌي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو. " پاڻ تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل آهي. ادب ۾ وجهه شهرت : شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ محقق اٿس. سنڌ جي مقبول فنڪارن مور مغيري جي ڪلام کي آواز جو روپ ڏنو آهي. مور مغيري جو پهريون شعري مجموعو "ڳوڙها ڳوڙها ڳل "شايع ٿيل آهي.
    اک جي روشني رنگيني جي عاشق آهي، انهيءَ رنگيني کي مور مغيري جي دل ۽ اک آساني سان پسي ٿي، تڏهن ته پوپٽ نظم سرجيو اٿس.
    پوپٽ ڪيڏا پيارا ٻارو،
    سهڻا آهن سارا ٻارو.
    رنگ تنين جا آهن رنگيلا،
    واهجو وڻندڙ سهڻا سريلا.
    پر تني جا ڳوڙها ۽ پيلا،
    ساوا سونهن سُراپا نيلا.
    سنڌ جي ناليواري غزل جي شاعر اياز گل لکيو آهي ته :"مور مغيري بهترين شاعر، محقق ۽ سٺو استاد هئڻ ناتي، ٻارن جي نفسيات کان گهڻي حد تائين واقف آهي. مور ٻاراڻين ڪيفيتن کي سمجهي ٿو تڏهن ته هن پنهنجي گيتن ۽ نظمن ۾ اهڙن ئي موضوعن کي آندو آهي. "
    ڀٽائي سرڪار فرمايو ته :
    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
    پاڻان ڏوھ چڙهن، جيئن ورق ورائن وترا.
    مور مغيري پنهنجي فڪر ۽ غور ۾ پڙهيل سان گڏ ڪڙهيل پڻ نظر اچي ٿو.
    علم وارا انسان ٿيندا هن،
    روشن جيڪي دنيا ڪندا هن.
    صبح جو ساجھر اُٿي وڃن ٿا،
    تتيءَ ٿڌيءَ ۾ پورهيو ڪن ٿا.
    ٻئي تي ڀاڙي ڪين ويهن ٿا،
    سچ جا هيءَ ساٿاري آهن.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر، ڪالم نويس ۽ تعليمدان پروفيسر مختيار سمون لکيو آهي، لکي ٿو ته : " سٺي تعليم ۽ تربيت ڪارج ڀريو علم ۽ معياري ادب مثبت تبديلي جا محرڪ هوندا آهن، جيڪي ماڻهن انهن مان چڱي طرح مستفيض ٿي چڪا آهن يا ٿيندا سي پنهنجي نئين نسل کي به اھا ئي سرت ۽ ساڃاهه واري واٽ وٺرائڻ لاءِ ڪوشان رهن ٿا. ان ئي حوالي کان، ٻارن لاءِ مور مغيري جا لکيل نظم گهڻا دلچسپ آهن جن کي ٻار ورجائي ورجائي پڙهڻ سان به نه ٿڪبا. اهڙن مختلف نظمن مان ڪجهه بند کڻي هڪ گلدستو جوڙيون ٿا ۽ پوءِ ڏسو ته انھن جو سڳنڌ دل ۽ دماغ کي ڪيئن نه واسي ڇڏي ٿو. "
    ڳوٺ به ٻارن جي جذبن بهترين حسن آهن، انهيءَ حسن کي مور مغيري شاعراڻي انداز ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي.
    سارين جو آهي ديرو تيار،
    اَنُ جا ٿيندا هاڻي انبار.
    بٽئي تي اچو گڏجي هلون،
    اَنُ اَبي کان سڀئي وٺون.
    ابو منهنجو آهي زميندار،
    سارين جو آهي ديرو تيار.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌي ادب جي مستقل مزاج ۽ گڻ پاسائي شخصيت ڊاڪٽر ادل سومرو لکيو آهي. " مور مغيري به انهيءَ جذبي جي آڌار تي" بابا مونکي ڪر نه ڌنار " ڪتاب ۾ ٻارن کي پنهنجي تخليقن جا گل ارپيا آهن. مور نئين ٽهيءَ جو سڃاڻ شاعر آهي. هن کي ٻار جي ذهني اوسر جو اونو ۽ احساس آهي.
    آخر ۾ مور مغيري لاءِ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون ته :
    واري ڇڏيو مون، توسان ملڻ آسرو،
    پوءِ به تون ئي تون، ڇا جي لاءِ تنوار ۾..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو