"شيخ اياز ۽ منظر نگاري جو فن" ڪتاب جو تحقيقي جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    "شيخ اياز ۽ منظر نگاريءَ جو فن" ڪتاب جو تحقيقي جائزو......!
    فقير محمد سنڌي.
    تجربو هڪ بھترين درسگاهه آهي. ولڊورنت جو خيال آهي ته : "عشق انساني زندگيءَ جي سمورن تجربن مان نھايت دلچسپ تجربو آهي." عزيز قاسماڻي به عشق جي بنياد تي پنھنجي ذهني پروڙ مان "شيخ اياز ۽ منظر نگاريءَ جو فن " ترتيب ڏنو آهي. تحقيق شين ۾ نکار پيدا ڪري ٿي. عزيز قاسماڻيءَ جو هي پورهيو ادب جي شاگردن لاءِ رهنمائي جو حصو رهندو.
    ڪتاب" شيخ اياز ۽ منظر نگاريءَ جو فن " ۾ 10 باب آهن، انھن ڏهن بابن ۾ شيخ اياز جي شاعري، شاعريءَ جون صنفون ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري تي خاصو مواد هڪ موجود آهي. باب پھرين ۾ شيخ اياز جي سوانح عمري جامع انداز ۾ ڏنل آهي. پڙهندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ کي شيخ اياز بابت ڀرپور ڄاڻ ميسر ٿيندي.
    لطيف شناس، سنڌي ٻوليءَ جو گيتڪار ۽ محقق سرمد چانڊيو ڪتاب جي امھاڳ ۾ لکي ٿو ته : "شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو مباني شاعر آهي. وٽس فن ۽ فڪر سانوڻ رت جي سنڌوءَ وانگي موجزن آهي. هُو سنڌي شاعريءَ جا گُڻ ۽ گس کيس سمجهه ۾ اچي ويا آهن. هي ڪتاب عالمن ۽ اديب جي گهڻ طرفي ڄاڻ ۾ اڃا به واڌارو ڪندو."
    "ڊاڪٽر تنوير عباسي پنھنجي ڪتاب" شاهه جي شاعريءَ ۾ منظر نگاريءَ لاءِ لکي ٿو ته :" شاعريءَ ۾ لفظ رنگن توڙي سُرن جو ڪم ڏين ٿا ۽ انھن جي ذريعي ڏک، خوشي، ڪاوڙ توڙي ٻين جذبن جو اظھار ڪيو وڃي ٿو. مصوري رنگن سان ٿيندي آهي پر شاعريءَ ۾ مصوري لفظن جي ذريعي سان ڪئي ويندي آهي. "
    ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،
    نمن جھليو آ ٻور، ڪيسين رهندين دور!
    بختاور منصور ڪتاب بابت پنھنجي راءِ ڏني آهي ته :" مجموعي طور تي هي ڪتاب املھ موتين جي مالها جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو سنڌي ادب ۾ هڪ انتھائي ڪارائتو واڌارو آهي. ڇاڪاڻ جو هي ڪتاب پڙهندڙ کي گهڻ رخي معلومات مهيا ڪري ٿو. هڪ ئي هنڌ شيخ اياز جي شخصيت سان سڃاڻ ڪرائي ٿو." ڪتاب جو ٻيو باب منظر نگاري تي آڌاريل آهي. جيئن شيخ اياز جي ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس جون سٽون : جيڪي استعاري ۾ منظر نگاري طور آهن.
    سڀ ڪا مومل سڀ ڪو راڻو،
    پنھنجي پنھنجي ڪاڪ سڀن کي.
    جيئن تشبيهه ۾ منظر نگاري،
    اڙي چنڊ اڙي چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناھِ،
    سندس روپ سندس رنگ، ائين آھِ جيئن تون.
    ڪتاب جو باب ٽيون "شاعريءَ ۾ منظر نگاري جي اهميت تي آهي. شاعريءَ جو فن ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، ان جو هڪڙو حصو علم عروض يا ڇند وديا تي ٻڌل آهي جنھن کي سٽاءَ جو نالو ڏنو ويو آهي. شاعريءَ جو ٻيو حصو علم بديع علم بيان ۽ علم معانيءَ تي مبني آهي جنھن ۾ ٻوليءَ جي استعمال جا ڪل فني پاسا شامل آهن. منظر نگاري به علم بيان جو حصو آهي. "
    شيخ اياز ۽ منظر نگاريءَ جو فن ڪنول پبليڪيشن قنبر، جنوري 2021ع تي شايع ڪيو آهي.ڪتاب جي رَڄَ، پيارن استادن، ملڪ نديم، مونس اياز، سرمد چانڊيو. پرين پيارن، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، علي آڪاش، سعيد سومرو، ستار هليو، حسن پنهيار ۽ جامي چانڊيو جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب ۾ باب چوٿين کان وٺي باب ڏهين تائين جن صنفن تي شيخ اياز طبع آزمائي ڪئي. اهي صنفون هن ڪتاب جون زينت بڻيل آهن. جيڪڏهن سڀني صنفن تي ترتيب وار قلم کڻي ته ان جيترو ٻيو ڪتاب جڙي سگھي ٿو. ان لاءِ اختصار کان ڪم وٺندي اياز جن صنفن تي لکيو آهي ان جو ڳاڻيٽو اوهان اڳيان پيش آهي.
    ڪوتا ڳاڻيٽو :
    بيت - 6454،دوها 612،وايون 887،گيت 190،لوڪ گيت 15،نظم 490،آزاد نظم، 293،نثري نظم 22876, غزل 331،ترائيل 257،قطعا 103،ٽه - سٽا 910, هائيڪو /ٽيڙو 526،اوپيرا 3،ڏيڍ سٽا 705 ۽ دعائون 188شامل آهن. جن ٽوٽل تعداد 34840آهي.
    فڪر مند فرد پهاڙن جي بلندين کان وڌيڪ عظيم ۽ اٽل هوندا آهن. جيئن هن وقت سنڌ جو فڪر سگھارو آهي، رڳو واڳ ڌڻي ڪجهه قائل مزاج بڻجي پيو آهي.
    جيئن شيخ اياز چيو ته :
    مان توکي گيت ڏيان، او ڌرتي!
    تون مون تي زنجير وجھين.
    شاعر جي اندر ۾ جيڪا منظر نگاري تجلا ڏيندي آ اها سڀني رنگن کان حسين هوندي آهي.
    ڏس، ريت ته ڳاڙهي!
    جئن سج لٿو ٿر تي، هر ڀٽ ٻڌي ساڙهي!
    اوپيرا! منظوم ڊرامي جو قسم آهي، جيڪو نظم ۾ جوڙيو ويندو آهي، ان ڊرامي ۾ ٽن کان وڌيڪ ايڪٽ نه هجڻ گهرجن جيئن ڊرامي جي مقصد کي سولائيءَ سان نظم ۾ بند ڪري سگھجي.
    دودي جي اوپيرا جو ڪجهه حصو : چنيسر دودي کي چوي ٿو :
    جر - ڦوٽي جي ڦُونڊ اجائي!
    دودا! تو ڇو جان گنوائي؟
    هر ماڻهوءَ جي هاڪ به مٽي،
    هن ڌرتيءَ تي ڌاڪ به مٽي،
    آڻ مڃين ها، عيش ڪرين ها،
    هئين جوانيءَ ۾ نه مرين ها.
    ڪتاب شيخ اياز ۽ منظر نگاريءَ جو فن جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي ناليواري دانشور ۽ ليکڪ جامي چانڊيي لکيو آهي : "شيخ اياز تي هو هڪ چڱي عرصي کان انفراديت، تخليقت ۽ ادب جي معيار سان لکندو رهي ٿو جنھن ۾ ڪيترن مضمونن سان گڏ هي ڪتاب" شيخ اياز ۽ منظر نگاريءَ جو فن "کان اڳ سندس هڪ ٻيو ڪتاب" شيخ اياز جي غزلن جو فن "نالي سان اهم پرک جو ڪتاب شايع ٿيو هو. ظاهر آهي ته ان موضوع تي اهڙي معياري ۽ اصلوڪي ڪتاب کي فقط هڪڙو چاڻو ئي لکي سگهي ٿو. جنھن کي عروضي شاعري ۽ خاص طور غزل جي صنف جو فن، گھاڙيٽي، بحر وزن، تجربن ۽ موضوعاتي بيھڪ سان گڏ شاعريءَ جي صنف تي مڪمل عبور هجي."
    آخر ۾ لطيف سائين جون هي سٽون ته :
    سَتي ٿيءَ مَ سھڻي، لنڊي ٿي لڏيج،
    چيو ڪري چگهه جو، آڌي رات اٿيج،
    ري هنئين ٻار ٻڏيج، ڍڪڻ ۾ ڍڪ ڀري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو