21 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    21 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي.
    21 اپريل 1526ع تي لوڌي سلطنت جي آخري حڪمران ابراهيم لوڌي کي پاڻيپت جي جنگ ۾ ظهير الدين محمد بابر هٿان شڪست ڏئي قتل ڪيو.
    21 اپريل 1802ع تي عبدالعزيز بن محمد بن سعود جي اڳواڻي ۾ ڪربلا جي شهر تي حملو ڪري 3000 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ۽ شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو.
    21 اپريل 1902ع تي قائداعظم جي والد محترم جناح پونجا جو وڇوڙو ٿيو.
    21 اپريل 1918ع تي فرانس ۾ عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو.
    21 اپريل 1921ع تي اديب، شاعر ۽ نقاد مرزا اجمل بيگ ولد شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ ڄائو.
    21 اپريل 1923ع تي ڪافيءَ جو شاعر سيد نجف علي شاهه ڪمتري نقوي ٽنڊي جھانيان ۾ ڄائو.
    21 اپريل 1938ع تي شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جو وڇوڙو ٿيو.
    21 اپريل 1941ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ وشنو ڀاٽيا ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.
    21 اپريل 1967ع تي علامه اقبال جي تصوير ڊاڪ جي ٽڪليءَ لاءِ پھريون دفعو ڏني وئي.
    21 اپريل 1972ع تي پاڪستان ۾ ٽئين مارشل لا ختم ٿي.
    21 اپريل 1973ع تي ريڊيو پاڪستان عالمي سروس شروع ڪئي.
    21 اپريل 1977ع تي جنرل ضياءَ الرحمان بنگلاديش جو صدر منتخب ٿيو.
    21 اپريل 2005ع تي اسپيني پارليامينٽ هم جنس پرستن جي شادي کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
    21 اپريل 2007ع تي محقق، سائنسدان ۽ اسڪالر ايم ايڇ پنھور جو وڇوڙو ٿيو.
    21 اپريل 2009ع تي گلوڪاره، اقبال بانو جو وڇورو ٿيو.
    21 اپريل 2011ع تي نوجوان قومپرست اڳواڻ، روپلو چولياڻي، سرائي قربان کهاوڙ ۽ نور ﷲ تونيو باکوڙي موري ويجهو کپري ۾ ساڙي ان کي ماريو ويو.
    21 اپريل 2016ع تي پرنس راجرز نيلسن، آمريڪي گيتڪار ۽گٽار نواز جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو