پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    لارڊز(مانيٽرنگ ڊيسڪ)آسٽريليا پاڪستان کي 150 رنسن تان شڪست ڏئي ٽيسٽ سيريز ۾ ٻڙي 1 تان فتح حاصل ڪري ورتي آهي، آسٽريليا پنهنجي واري ۾ 440 رنسون ٺاهيون پر پاڪستان جي سموري ٽيم 289 رنسن تي ڍير ٿي وئي، آسٽريليا سان ٻئي ڏينهن جي ميچ ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو هو پر سندن بيٽنگ لائن مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي، آسٽريليا جي مارڪس نارٿ 6 پاڪستاني ڪرڪيٽر آئوٽ ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري پاڪستان 13 ڀيرو آسٽريليا کان اها ٽيسٽ ميچ هارائي آهي، پاڪستان 15 سالن ۾ 13 ٽيسٽ ميچ هارائڻ جو نئون عالمي رڪارڊ ٺاهيو آهي، پاڪستان ٽيسٽ ميچ ۾ ڪنهن به تياري سان نه آئي هئي، پاڪستان ٻن نون ڪرڪيٽرن کي کيڏايو هو، جڏهن ته ٽيم ۾ ڪو به سينئر ڪرڪيٽر نه هو،جڏهن ته مارڪس نارٿ کي پهرين ٽيسٽ سيريز ۾ مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي، پاڪستان جي بالرن پهرين اننگ ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو پر ٻئي اننگ ۾ بالرن ۽ بيٽسمينن پوري همت هاري پاڪستاني ٽيم راند جي چوٿين ڏينهن چانهه جي وقفي کان اڳ آئوٽ ٿي وئي، سلمان بٽ 92، اظهر علي 42، عمر حميد 33، ڪامرن اڪمل 46، عامر 19 رنسون ٺاهيون، پاڪستاني بيٽسمينن اهڙا شاٽس کيڏيا جيڪي ٽيسٽ ميچ ۾ ناهن کيڏيا ويندا، شاهد آفريدي، عمران فرحت، عامر، ڪامران اڪمل ون ڊي ميچ جيان غلط شاٽ کيڏي آئوٽ ٿيا،مارڪس نارٿ 55 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون، ان کان اڳ 15 ٽيسٽ ميچن ۾ 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو، پاڪستاني بيٽسمينن هڪ اننگ ۾ نان ريگيولر بالر کي 6 وڪيٽون ڏئي ميچ فتح جي ٿالهي ۾ پيش ڪيو، آسٽريليا لارڊز ۾ سوڀ جو جشن ملهايو آهي،پاڪستان جي سلمان بٽ ۽ آسٽريليا جي سائمن ڪيٽچ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي، شاهد آفريدي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هو ٽيسٽ ميچ جو جبر برداشت نه ٿو ڪري سگهي، آئون ون ڊي مزاج جو ماڻهو آهيان، ٽيم جي بدترين شڪست تي مايوس آهيان، پي سي بي جي چيئرمين اعجاز بٽ چيو آهي ته شاهد آفريدي جي رٽائرمينٽ جي فيصلي کان باضابطه طور آگاهه ناهي ڪيو، جڏهن هن آگاهه ڪيو ته ڏٺو ويندو.ظ
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم

    سائين نارٿ مين آف دي ميچ نه آهي۔۔ مين آف دي ميچ سائمن ڪيٽچ ۽‌سلمان بٽ آهن۔۔
    سٺي ڪوشش آهي۔۔ اهڙيون خبرون وقت سر ونڊ ڪندا رهو
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم

    ڪو ته رڪارڊ بڻيو
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم

    ادا اهڙا رڪارڊ هاڻي روز ٺهندا.
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم

    دوستو هار جيت ته راند جو حصو آهي، ضروري ناهي ته اهڙا رڪارڊ روز ٺهندا رهن۔ اسان جي پنهنجي قومي ٽيم جي همٿ افزائي ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن اسان انهن جي دادرسي نه ڪندا سين ته ٻاهريان ته خوش ٿيڻا ئي آهن ۔
     
  6. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم

    سولنگي صاحب انشا الله ان جو بدلو اوهان هن ميچ ۾ ڏسندئو
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم

    ادا سٺي ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو