مان آهيان ڊبل اي نسواري

'تعارف' فورم ۾ اعجاز احمد طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2010۔

  1. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    السلام عليڪم ورحمة الله،

    آئون آهيان اعجاز احمد سومرو عرف ڊبل اي نسواري.... رهائش خيرپور ميرس ۾ آهي. مرحوم ابي ماستريءَ جا گهڻائي آرڊر وٺي ڏنا. دوستن جي بد دعاءَ سان ماستري ڇڏي، ايريگيشن ۾ سرويئر جي نوڪري ڪيم. پڇتاءُ کان پوءِ سائين قائم علي شاهه جي ڀنگ جا ڪونڊا به گهڻا ئي گهوٽيم، پر مليو ڪجهه ئي ڪين. هاڻي سڄو ڏينهن پيو واهن جا وتان پيٽ ڪڇيندو. ٻين لفظن ۾ ”ليول مٿي تي پاڻ پنڌ“، اس هجي يا رُڃ، بک هجي يا اڃ، پاڻ چرئي اٺ وانگر سڄو ڏينهن جهنگن ۾. گاڏيون ته گهڻيون ئي مليل آهن، پر ايندو ويندو پنڌ آهيان، ڊسڙ ڪياڙي وٺندي آهي. ڇاڪاڻ ته گاڏي هلائڻ اچي ئي ڪين. پسنديده خوراڪ نسوار آهي، جنهن تي متاثر تي ڪري دوستن ڊبل اي نسواريءَ جو لقب ڏنو آهي. ڪمپيوٽر ٿورڙو ڪو گهڻو اچي، بس گذارو ڪري وڃون.

    ننڍڙي لاءِ امڙ سڳوريءَ دعا ڏني هئي ته ”ابا، الله ڪندو ته گورنر ٿيندين.“ بس هاڻي اهائي خواهش اٿم ته الله ڪري هڪڙي ڀيرو گورنر ٿيان، ته جيئن پنهنجي ماستريءَ جو آرڊر ڪڍيان، انهيءَ کان پوءِ استيعفا ڏئي ڇڏيندس.

    اهو آهي منهنجو مختصر تعارف. هاڻي جيڪڏهن دوستن کي پسند اچي ته سٺي موٽ ڏين، ٻيءَ صورت ۾ نسوار جي چپٽي هڻي ماٺ ڪري ويهي رهنداسين.

    دوستن کي دعوت آهي ته نسوار واپرايو، دوست وڌايو....!!!
     
  2. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    واه سائين واه تمام خوشي ٿي توهان جو تعرف پڙهي ڪري ... ادا توهانکي مون طرفان هن سنڌ سلامت تي ڀليڪار .....
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    يار هي تعرف آهي يا ٽوٽڪو يا ڪنهن ڊرامي جو سين ۔۔۔ پر جيڪو به آهي اصل کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجهي ڇڏيو اٿس ۔۔۔ ادا ڊبل اي (اعجاز احمد) عرف نسواري صاحب، اوهانکي هن اوطاق تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿي چئجي ۽ اوهانجي لکڻ واري انداز مان لڳي ٿو ته خوب گذرندي جڏهن گڏبا چريا چار ۔۔۔ اسان وٽ به، مست، ملنگ، فقير، موالي ۽ مولائي دوست جام هئا بس نسواري کٽل هو سو هاڻ مزو ٿيندو ۔۔ رنجيت عرف مولائي فقير جوهو پڻ خيرپور جو آهي ۔۔۔

    مٺا سومرا صاحب۔ رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ اسانجي به دعا آهي ته اوهان هڪ دفعو گورنر ٿيو ته جيئن ان ڪيئن کاڌي سنڌ جي گورنر کان جان ڇٽي ۔۔۔ اسانجون دعائون اوهان سان گڏ

    هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    سنڌ سلامت جي محبتن ڀريي ميدان تي اوهان کي خوش‌آمديد۔
    واهه ڙي جاني نسواري واهه، اصل ڪو وڏو محبتي ماڻهو آهين، هتي ته خبر ناهي الائي ڪيترا موالي آهن، پر نسوار جو موالي پهريون دفعو مليو آهي، توهان جي ڳالهين ۾ ته رڳو مزاح پر وڏي سمجهاڻي وري ڀريل آهي،
    ادا سنڌ سلامت تي محبتن ڀريي اڱڻ کي توهان جهڙن دوستن ۽ ڪچهري جي مور ماڻهن جي ضرورت آهي،
    اميد ٿا ڪريون ته توهان کان اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو،
     
  5. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    مهرباني ابڙا صاحب،

    ابل، هي نه ٽوڪٽو آهي نه ۽ فلمي سين آهي، منهنجي رام ڪٿا آهي، جيڪا دوستن کي ٻڌايم.

    لک ٿورا توهان جا، جو اهڙي سٺي ڀليڪار چئي اٿو. چوندا آهن ته: چريا ڏئي چار چوت (بيوقوف) ورتوسين هڪڙو. واڙي ته منهنجي لال وڌائي. هڪڙو ته چريو آهي نسواري، باقي ٽي چريا ڪهڙا آهن، جن جو توهان ذڪر ڪيو آهي.

    ٻڌو آهي ته هتي ڪاڪي آچار جي اوطاق مچندي آهي. ڇا ڀلان اوطاق تي سلفي سان گڏ نسوار به ملي ٿي يا نه...!!!

    باقي خيرپوري مولائي فقير جو ڪو پار پتو ٻڌايو. جمعي ڪي ڇٽي هي، ڇيڙ ڪر آجان گي.
     
  6. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري


    ڀاؤ عبدالوهاب، ڀليڪار چوڻ جي مهرباني.... باقي ير! جيڪو نسوار کائي سو اسان سان ياري رکي، نه ته پاڻ ڪنهن سان ٺهون ئي ڪونه....
     
  7. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    ادا ڪاڪي آچار جي اوطاق جا سليڪٽڊ خدمتگار همانگير سولنگي عاشق سولنگي اٿي يار تون اچ هتي سڀ ڪجه ملندو توکي تون اصل گهٻرا۽ ئي نه اسان اوطاقي جي هوندي تون بي فڪر ٿي وڃ
     
  8. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    ڀليڪار ڪري آئين نسواري ڀاءُ،

    مزاح سان ڀريل تعارف پڙهي مزو آيو... خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ سلامت تي هڪڙي نسواريءَ جو اضافو ٿيو.

    خيرپوري مولائي يقينا توهان جا پڄايل ڪيلينڊر وصول ڪري چڪو هوندو....:|
     
  9. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    واهه سولنگي صاحب
     
  10. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    هئي ڙي ير سولنگي، ڳالهه ته دل وٽان ڪئي اٿئي... پر سولنگي آهن ڪجهه ڏنگا ماڻهو، اوطاق تي اچڻ سان دل ڏڪي ٿي، متان نسوار سان گڏ دنبوق نه ڏيکاريو... ير اصلي ڊپ ورائي ٿو...
     
  11. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    ادا سولنگي توهانکي پيار ڏيندا ادا توهان بي فڪر ٿي ڪاڪي جي اوطاق پير گهمايو
     
  12. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    ادا مان اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو۔
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    ادا ڊبل اي (اعجاز احمد) نسواري صاحب۔۔۔ سنڌ سلامت جي پياري ڀريئي اڱڻ‌تي ڀليڪار ، يار توهان جو تعارف پڙهي ڏاڍو مزو آيو، ٻيو ته توهان گورنر ٿيو اها اسان جي به دعا آهي، پنهنجي ماستريءَ‌سان گڏوگڏ منهنجي ماستريءَ‌جو به آرڊر ڪڍجو۔۔۔ باقي يار پاڻ نسوار کان ايئن ڀڄندا آهيون جيئن ٻار دوا کان۔۔۔ جهونو هوا کان، ۽ ڪئو بلا کان۔۔ بس يار ٻيلي اسان تي رحم ڪجان۔۔ خيرپور جا ماڻهو ٻڌو آهي ته ڏاڍا ڀلا ٿيندا آهن، سائين قائم علي شاهه، رنجيت رام رکيو ۽ ٻيا گهڻا مثال آهن۔۔ هاڻي ڏسون ته اوهان رڳو نسوارين سان دوستي ٿا رکو يا مستن، مولائين ۽ فقيرن کي به کاتي ۾ آڻيو ٿا۔۔ b-(
     
  14. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    ڳوٺائي بابلا!

    الله شل امان ۾ رکئي۔۔۔۔ ۔مان غريب کي مولائي فقير چوندا آهن۔۔۔

    توهان جو تعرف پڙهي واهه جو مزو آيو۔۔۔ اصلي لقمان ياد اچي ويو۔۔۔ اهو ولوُ وارو هوٽل۔۔۔۔ اسان جو هڪ دوست هوندو هو ارشاد جاگيراڻي ان جي ياد اچي وئي۔۔۔ خيئر هو نسوار ته ڪونه وجهندو هو۔۔۔ پر ڳالهائڻ جو انداز اصلي توهان جهڙو هوس۔۔۔۔۔

    باقي ير۔۔۔۔ ۔اريگيشن وارا عرف نسواري۔۔۔ ڪهڙي نسوار ڏيندا آهيو۔۔۔ سائي يا وڙي ناسي۔۔۔ هتي انڊيا ۾ ته نسوار تمام گهٽ‌ آهي پر ڪچو تماڪ جام ماڻهو کائيندا آهيو۔۔۔۔ اهو ڏسي بس اصلي خيرپور وارا پٺاڻ ياد ايندا آهن جيڪي نسوار جون پڙيون دڪانن تي وڪڻندا آهن۔۔۔۔ توهان کي ڪنهن به شي جي گهرج هجي حڪم ڪجو۔۔۔ مطلب۔۔۔۔ ڀنگ وغيره۔۔۔ بس ابا انڊيا ۾ خس خس تمام مهنگي آهي جنهن ڪري هڪ نج ڀنگ ملندي آهي کير واري۔۔۔ جيڪڏهن اها پيئڻ‌تي دل ٿي ته هليا اچجو يا وري اُتان ئي رڙ ڪجو۔۔۔۔

    الله ڪري شل توهان گورنر ٿيو۔۔۔۔۔ اسان جو دعائون توهان سان گڏ آهي۔۔۔۔ بس اها پارتڙي اٿوَ۔۔۔ ٻيلي مولائن ۽ موالن کي خيرپور واري ريسٽ هائوس ۾ رهڻ‌ جي پرميشن ڏجو۔۔۔۔

    ير معاف ڪجان ڪچهرڙي ۾ ويهون ٿا اصلي رات ٿي گذري وڃين۔۔۔۔ خبر ئي نه ٿي پوي ته ڇا ڳالهه ڪرڻي هئي ۽
    ڇا وسري ويو اهو ير۔۔۔۔۔ توهان کي ڀليڪار چوڻ ته وسري ئي ويو۔۔۔۔۔ ابا ڀلي ڪري آيا۔۔۔۔

    ڪيبورڊ ۾ شفٽ بڻڻ جي خراب هجڻ‌ جي ڪري فلحال ايترو ئي باقي حال احوال ٿيندا رهندا۔۔۔ سدائين گڏ

    يارو ياري۔۔۔۔
     
  15. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    اڙي يار رنجيت اڄ وري ڪٿان ولو وارو هوٽل ياد ڏياريو اٿئي۔۔۔ يار شام جي وقت جڏهن مير واه جي ڪناري تي ويهي ولو واري هوٽل تي ويهي ڏاڍي چانهه پيتي سين۔
    جڏهن اتان فارغ ٿيا سين ته وري سڌو ئي پنڌ ئي پنڌ واٽر سپلائي واري تلا جي ڀرسان واري باغ مان ڄمون پَٽي کائي ڀرسان ئي سبيل وٽ چاچي جي گهر " جلالي هائوس" وڃي ڏاڍو ٿڌي پاڻي سان وهنجي سمهي پوندا هئا سين۔
    اهي پنج سال پراڻيون يادون اڄ وري اصل ورائي ويون۔۔۔۔۔

    خئير مائٽ سائين پنهنجو تعارف تمام بهترين طريقي سان ڪرايو آهي پڙهي اصل منهنجي دل به گورنر ٿي پنهنجي ماستري جو آڊر ڪڍرائي استعفي ڏيڻ جي لا چئي رهي آهي پر ، يَرَ ڇا ڪيون اسان وٽ گورنر ٿيڻ جو ٽائيم ئي نه آهي۔
     
  16. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    مهرباني مست فقير جو توهان ايتري عزت بخشي... خيرپور جا ماڻهو واقعي مٺا ٿيندا، ائين جيئن کجور.... ٻيلي نسوار کان نه ڀڄندو ڪر. جيڪڏهن آسمان گهمڻو اٿئي ته ٿورڙي چپٽي نسوار جي ڏئي ڏس، پاڻهي ٻين کي چوندين ته، ”هِل پکڙي ڏيانوَ...“ باقي جڏهن گورنر ٿيس ته سموري سنڌ سلامت جي دوست جو ماستريءَ جو آرڊر ڪڍندس. دل جاءِ ڪر...=;
     
  17. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    مولائي فقير نمستي، وڏي مهرباني جو ايتري سار لڌي... يار تون ته پاڙي جو نڪري پئين، انهيءَ ارشوءَ کي چڱيءَ طرح سڃاڻان...

    سائي نسوار ڪونه کاوان، بنوءَ سان پنهنجي دل آهي. رهي ڀنگ جي ڳالهه، اها ته منهنجي مرشد جي پسنديده خوراڪ آهي، جيڪو هينئر وڏيءَ ڪرسيءَ تي ويٺو اٿئي... ولايتي ڀنگ مڻ کن ملي پوي ته واهه واهه ٿي ويندي، مڙئي ماستريءَ جو آرڊر ملي پوندو... پوءِ ته گورنريءَ جي سورن کان ئي بچي پوندم...
     
  18. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    ادا تنهنجي هتي هر ڪوئي سار لهندو تون اصل بي فڪر ٿي وڃ
     
  19. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    خاص ڪري اسان وارا اوطاقي
     
  20. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مان آهيان ڊبل اي نسواري

    عزت بخشڻ وارو الله اٿئي ادا۔۔۔ پاڻ ته عزت ڪرڻ وارا آهيون۔۔۔
    بروبر ادا بروبر۔۔ ان کان انڪار ٿوڙئي آهي۔۔۔
    ادا آسمان گهمڻ جا ٻيا به طريقا آهن، پائليٽ ٿي، پکي ٿي، يا وري جهاز جي ٽڪيٽ ڀر، باقي ٻيلي نسوار اهڙي اٿئي، جو ان جي بدبوءِ مون کي ذري گهٽ بيهوش ڪري ڇڏي ٿي، منهنجي ڀرسان جيڪڏهن بيهي ڪو نسوار کائيندو ته دل چوندي آهي مُڪ هڻي ڪڍانس۔۔ b-( (سچي ادا، ڇو ته بيهوش ٿيڻ کان ڀلو آهي ته اڳئين کي ڀڄائجي)

    هائو ادا اها اميد لائيو ته اوهان جي گورنري جي دعا پيا ڪريون، پر ٻيلي اوهين به ڪٿي ڄامشورو جي ايم پي ايز ۽‌ ايم اين ايز وانگر نه غائب ٿي وڃو۔۔۔ اهي وڏيون هستيون به ووٽ وٺڻ مهل وڏا واعدا ڪن ٿيون ته توهان جو هر ڏک شُو منتر ڪنداسين۔۔ پر هو ته پاڻ ئي شُو منتر ٿي ويندا آهن۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو