مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پاڻ ڇو ٿا لکون؟




    سومر 16 فيبروري 2009ع



    .مون کي اپاهج ڪرڻ چاهيو ته مون تي ڪو احسان ڪري ڇڏيو، مان ڪنهن ڪم جو نه رهندس.

    .مون هفتيوار يا ماهوار ڪالم لکڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي آهي. جيڪڏهن مان هفتيوار ڪالم لکڻ جي ڪوشش ڪريان ته ٻن يا ٽن هفتن ۾ پنهنجو ذهن وڃائي ويهندس. زوريءَ ڳالهيون گهڙڻ وارو ڪم مان ڪري ئي نٿو سگهان. منهنجو ذهن منهنجي وس ۾ ئي ناهي، جيڏانهن ٿو وڻيس اوڏانهن ٿو هليو وڃي. منهنجو هڪڙو ساٿي مون کي چوندو آهي ته ”تون پنهنجي معاملن جو سٺو مئنيجر نه آهين“. حقيقت اها آهي ته مان پنهنجن معاملن جو انتهائي گندو مئنيجر رهيو آهيان. مون هر هنڌ گند ڪيو آهي، مون هر هڪ ڪم ۾ گند ڪيو آهي. چڱائي، صفائي، سٿرائي منهنجي فطرت ۾ ئي ناهي، ۽ قدرت به مون سان گڏ مون وانگي ئي هلي آهي. مون کي غلط سمجهو، منهنجي ڪنهن ڳالهه کي غلط رنگ ڏيو، مان مري ويندس. مان بي حس ناهيان جو پوءِ به جيئرو رهان. سياري ۾ اونهاري ۾ گهٽين ۾ ۽ رستن تي لکين پيرين اگهاڙا ۽ پيٽ بکايل هلن پيا، مان به هلي سگهان ٿو.

    .وڏا محل محلات هجن يا فقط پنج ايڪڙ ٻني هجي، منهنجي نظرن ۾ انهن مان وڌيڪ خوش نصيب اهو آهي، جنهن وٽ پنج ايڪڙ ٻني آهي، بس مان فقط سياري کان ڊڄان ٿو.

    .ماڻهو غلاظت جو ڍير/انبار آهي، جيئن جيئن عمر ۾ وڏو ٿيندو ويندو آهي، تيئن تيئن پنهنجون غلاظتون لڪائڻ سکندو ويندو آهي ۽ ٻڍاپي کي پهچي پاڻ کي معتبر ظاهر ڪندو آهي. اها آکاڻي فقط منهنجي ناهي، اوهان جي به آهي، سڀني جي آهي، هر هڪ ماڻهوءَ جي آهي. منهنجي انهيءَ ڳالهه تي جيڪڏهن اوهان مون سان ڦڏو ڪندا ته مان به ڦڏي تي لهي ايندس ۽ اوهان کي اوهان جا ڪيل ماضيءَ جا ڪرتوت ٻڌائيندس. اهو ڪم تمام سولو آهي، ڇو ته اوهان جا ماضيءَ ۾ ڪيل ڪرتوت بلڪل اهڙا هئا، جهڙا منهنجا هئا. ڪو به تفاوت نه هو، اوهان جي ۽ منهنجي ماضيءَ جي ڪرتوتن ۾.

    .ننڍا هئاسين ته اسان سادا هئاسين، وڏا ٿيندا وياسين ته غلط ٿيندا وياسين، جو هوريان هوريان پنهنجا ڪارا ڪم لڪائڻ سکندا وياسين. هاڻ پاڻ سڀيئي معتبر آهيون، جو پاڻ ٺيڪو کنيو آهي، دنيا کي دوکو ڏيڻ جو. پاڻ پنهنجن ننڍن ٻارن کي ائين نصيحتون ڪندا آهيون، جيئن اسان جڏهن سندن عمر جا هئاسين، تڏهن اسان فرشتا هئاسين.

    .ٽاپڪ بدلائڻ گهرجي. مون ٻڌو آهي ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي واري عمارت ۾ وڏن اکرن ۾ الف، ب، ت لکيل آهي. منهنجو خيال آهي ته انهن اکرن کي اڃا به ڪجهه وڌيڪ وڏو ڪرڻ گهرجي.

    .عذابن جا مختلف قسم آهن، پر سڀ کان وڏو عذاب آهي، سنڌي اکر لکڻ. اوهان ديوناگري/هندي اکر لکو، انگريزي اکر لکو ۽ پوءِ سنڌي اکر لکو. سنڌي اکرن ۾ ڪالم لکي ختم ڪرڻ تائين اوهان جي ٻانهن جواب ڏيئي ويندي. سنڌي ليکڪ ڪجهه به چون، مون سميت پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن نالي ۽ پئسي جي لالچ نه هجي ته ڪو به سنڌي ليکڪ سنڌي اکرن ۾ ڪالم نه لکي. چاليهه ورهين جي عمر ۾ جڏهن مون کي پهريون ڀيرو هڪڙي سيريس ۽ ٻه مشڪري واريون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ لکڻ سجهيو ته ان وقت مون کي نه پئسن جي ضرورت هئي، نه نالي جي اهميت جي ڄاڻ هئي. مون اهو ڪتابچو پاڻ ڇپائي مفت ۾ ورهائي ڇڏيو. نه منهنجو اهو ڪتابچو ماڻهن کي وڻيو ۽ نه وري منهنجو لکڻ ئي ماڻهن برداشت ڪيو. ٽن چئن ورهين کانپوءِ اهي ٽيئي ڪهاڻيون سهڻي رسالي ۾ جنهن ڇپيون تنهن کي نه سيريس ڳالهه جي ڄاڻ هئي نه مذاح جي سمجهه هئي. هن کي فقط پنهنجي رسالي جي نالي پڏائڻ جو شوق هو. پر اڄ ڳالهه ٻي آهي، مون کي پيسن جي لالچ به آهي، نالي ڇپجڻ جو شوق به آهي، جيڪي ٻئي لياقتون اڄ مون ۾ ڪونهن.

    .مان سمجهي نٿو سگهان ته ماڻهو بک ڇو نٿو مري سگهي ۽ کيسا خالي ڇو نٿو رهي سگهي. مان پيرين اگهاڙو هلڻ چاهيان ٿو، پر سيءَ تپايو آهي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    امر جليل، مان ۽ جبار





    سومر 23 فيبروري 2009ع

    . ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي سڄي ڪاوڙ دراصل امر جليل تي آهي، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تقرير ڪندي پروفيسرن کي چيو هو ته حليم بروهي سندن تنقيد کان مٿي آهي، ڇو ته حليم بروهي سٺو ليکڪ آهي ۽ سٺي پليئر کي راند ڪرڻ لاءِ وڏو ميدان گهربو آهي. امر جليل وڌيڪ چيو هو ته حليم بروهي جو دماغ وڏو آهي ۽ انهن پروفيسرن جا دماغ ننڍڙا آهن. جڏهن مون کي خبر پئي ته امر جليل سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڇا چيو آهي، تڏهن مان ڄاڻي ويو هوس ته هاڻ پروفيسر حضرات مون تي زبردست حملا ڪندا، ڇو ته ڪاوڙ ته هنن کي امر جليل تي آهي، جنهن هنن کي ٽڪي جو ڪري ڇڏيو، پر هن حضرات ۾ اها همٿ ناهي جو امر جليل جو مقابلو ڪن يا هن کي غلط ثابت ڪن. سو مان اڳيئي ذهني طور تيار هوس ته هي ڪمزور فطرت استاد مون تي ئي حملو ڪندا. پوءِ امر جليل هڪڙي ٻي به غلطي ڪئي. هن ڪي ٽي اين ٽي وي چينل تي ڳالهائيندي ٻه ڀيرا مون بابت سوالن جا جواب ڏيندي اهو ئي چيو ته، حليم بروهي جي سوچ بابت بحث اجايو آهي، جو هن جي هر ڪا ڳالهه سوچيل ويچاريل هوندي آهي. سو مان ذهني طور تيار هوس ته ڪٿان ڪو پروفيسر مون تي حملو ضرور ڪندو. وڏي مشڪري جي ڳالهه اها آهي ته مون تي اهو حملو مون جهڙي ئي هڪڙي رٽائرڊ ۽ رٽارڊيڊ ماڻهوءَ ڪيو آهي. رٽائر ته هرڪو ٿيو وڃي، پر رٽارڊيڊ فقط مون ۽ جبار جهڙا ٿيندا آهن. تواريخ نويس هوندي به هن کي مذاح لکڻ جو شوق رهيو آهي. سندس چچ مچ چنچلداس اڃان پورو نه ٿيو آهي. پروفيسر هوندي به هن کي اها ڄاڻ ناهي ته تواريخ نويس ڪڏهن به مذاح نگار نٿو ٿي سگهي، پر مذاح نگار سڀيئي ڪم ڪري سگهي ٿو. امر جليل ڪرڪيٽ راند ڪري سگهي ٿو، ڊراما لکي سگهي ٿو، افسانا لکي سگهي ٿو، انگريزي لکي سگهي ٿو، ڪالم لکي سگهي ٿو، سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ڇو؟ ڇو ته هن وٽ بنيادي مذاح آهي. جبار صاحب وٽ غلط سلط نموني واري سنڌ جي تواريخ آهي، جنهن کيس فقط درسي ڪتابن تائين محدود ڪري ڇڏيو. صفحا 1200 هجن يا 12000، ڏٺا ڪنهن آهن ۽ پڙهيا ڪنهن آهن؟

    . امر جليل ڪرڪيٽ جو رانديگر رهيو آهي. هن جو ذهن سدائين تازو ۽ فريش رهندو. سنڌيءَ جي پروفيسرن جو آخري اجهو سنڌي اخبارون آهن. اها قدرت جي ڪجهه زيادتي آهي جو جبار صاحب کي به ڪاوش اخبار ۾ ڪالم جو سهارو وٺڻو پيو آهي. اهو ثابت ٿو ڪري ته سنڌيءَ جي پروفيسرن جي آخري منزل ڪالم نويسي آهي، جنهن لاءِ هو مشڪرو ٿيڻ لاءِ به تيار آهن. اها غلط ڳالهه آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي. ڪٿي ويهين ٻاويهين گريڊ واري سنڌيءَ جي پروفيسري ۽ ڪٿي سنڌي اخبار ۾ ڪالم نويسي! مان ته ڄائو ئي سنڌي اخبارن جي ڪالمن ۾ هوس ۽ پهرين اخبار ڪاوش ئي هئي ۽ پوءِ هوس به ته سترهين گريڊ ۾، ۽ اهو به فقط سترهن سال!

    . ٿورڙي وقت جي ڳالهه آهي، پوءِ مان به نه هوندس ۽ جبار صاحب به نه هوندو. ان وقت کان گهڻو پوءِ ماڻهن کي ڄاڻ پوندي ته حليم سنڌ ۽ هند جي تواريخ بابت ڇا ڪجهه لکندو هو ۽ ڇا ڪجهه ڪيو هو. يا شايد ان وقت انهيءَ قسم جي ڳالهين جي ڪا اهميت ئي نه رهي. مون پنهنجي ليکي هسٽري تي ڪافي ڪم ڪيو آهي، ڪجهه سنڌيءَ ۾، ۽ ڪجهه انگريزيءَ ۾. اهو چرچو ناهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪڙو پروفيسر جيڪو ڊين جي عهدي تان رٽائر ٿيو هجي سو هڪڙي عام ماڻهوءَ سان سنڌ جي هسٽري بابت اٽڪي پئي!

    . مون کي خاطري آهي ته جبار صاحب جا ٻار انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ ئي پڙهيا هوندا ۽ هنن جي انگريزي چڱي خاصي هوندي. جبار صاحب پاڻ چين ويو هو بنيادي چيني ٻولي سکڻ. اها پاڻ سڀني سان جٺ آهي ته جيڪي ڪجهه جواني ۾ سکندا آهيون سو ٻڍاپي ۾ وسريو وڃي.

    . منهنجي هن ڪالم جو مقصد فقط دنيا وارن کي اهو ٻڌائڻ آهي ته جبار صاحب کي ڪاوڙ امر جليل جي لفظن تي آئي آهي ۽ ڇو ته امر جليل بلڪل پختو ماڻهو آهي، تنهن ڪري جبار صاحب مون کي ڪمزور سمجهي مون تي حملو ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪئي اٿس ته مزاحيه ڪالم لکي ماڻهن کي کلائي ۽ داد حاصل ڪري. ڳالهه ڪهڙي به هجي، ڪوڙ نه ڳالهائبو آهي. مون ڪڏهن به ٽوپلو يا مائو ڪيپ نه پاتا آهن، نه مون پاڻ کي انگريز چيو آهي. جيڪي مون کي ڄاڻن سڃاڻن ٿا، سي چوندا ته اها منهنجي فطرت ئي ناهي.

    . مون کي تواريخ ۽ تواريخن بابت جيڪي ڪجهه لکڻو هو، سو مون لکي ڇڏيو. مون لاءِ اهو چئپٽر هاڻ ختم ٿي چڪو آهي. جبار صاحب جي ڪا به اهميت منهنجي نظرن ۾ نه هئي، نه آهي. ٻين تواريخ نويسن بابت به منهنجي ساڳي راءِ آهي. منهنجو اڄوڪو ڪالم فقط امر جليل جي طاقتور تقريرن جو اثر ظاهر ڪرڻ لاءِ آهي. مان ورهين کان لکندو اچان پر ڪنهن به سنڌي تواريخ نويس نوٽيس ئي نه ورتو ته حليم به ڪو ليکڪ آهي. امر جليل جي ٻن ٽن تقريرن جو اثر اهو ٿيو جو هڪدم ستل شينهن جاڳي پيا ته ها، حليم به ڪو ليکڪ هو ۽ هن کي هن جي ئي فن سان ختم ڪجي. انهن ستل شينهن کي اها ڄاڻ ناهي ته مذاح جي ڪا حد ئي ناهي ۽ تواريخ نويسي جون حدون لوهي زنجيرن ۾ ٻڌل آهن. جي تواريخ نويس آهيو ته گرامر ۾ رهو جو اوهان جو گرامر کان ٻاهر نڪرڻ ثابت ڪندو ته اوهان تواريخ نويس به بس فقط هوائي هئا ۽ اوهان جي فطرت جو تواريخ نويسي سان ڪو به تعلق ناهي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    حواس




    خميس 26 فيبروري 2009ع



    پيار ۽ نفرت ساڳئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، جي اوهان جي اندر ۾ پيار بي انتها آهي ته نفرت به بي انتها هوندي ۽ جي نفرت بي انتها هوندي ته پيار به بي انتها هوندو. خوش نصيب اهي آهن، جن جي اندر ۾ اهي ٻئي جذبا ڪونهن. جيڪو انهن ٻنهي جذبن کان بلڪل ڪورو آهي، سو سڀ کان وڌيڪ خوش نصيب آهي.

    جنهن کي قسمت چئبو آهي، تنهن جي ٺهڻ يا ڊهڻ جو دارو مدار انهن ئي پيار ۽ نفرت جي جذبي تي آهي. جي اوهان چاهيو ٿا ته اوهان خوش نصيب ثابت ٿيو ته انهن ٻنهي جذبن کان پري رهو. جيڪي ڪجهه ٿئي پيو تنهن کي ٿيڻ ڏيو. جيڪو ڪجهه ڪري پيو، تنهن کي اهو ڪرڻ ڏيو. اوهان پاڻ کي پاڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو، بلڪل مطلبي ۽ خود غرض ٿي وڃو. اهي چڱايون آهن، جن کي مطلبي ۽ خود غرض ماڻهن خرابين ۾ ڳڻيو آهي.

    مطلبي ۽ خود غرض هجڻ خوشقسمتي جي نشاني آهي. اوهان کي جيڪي ڌڪ لڳندا آهن، دل تي يا آنڊن ۾، سي اهي هڻندا آهن، جن کي اوهان پيار ڏنو يا جن سان اوهان نفرت ڪئي.

    جي اوهان خوش بخت آهيو ته اها خوش بختي قائم رکڻ لاءِ بدبختن کان پري رهو. جيڪي اوهان کي وڻندا آهن، تن کان پري رهو. جيڪي اوهان کي ڀائين ٿا، تن کي ڀائڻ ڏيو، جو هو بيوقوف آهن ۽ پاڻهي ڌڪ کائيندا.

    جن کان اوهان کي نفرت آهي، تن سان کلي ڳالهايو. جن کي اوهان کان نفرت آهي، تن جو ڪو وجود ڪونهي، جو اوهان فقط غلط فهمي جو شڪار آهيو. ڪنهن به ماڻهوءَ جي اندر جي جذبي سان اوهان جو واسطو ناهي، اها فقط لفاظي آهي، جنهن پيار ۽ نفرت جهڙن جذبن کي هوا ڏني آهي.

    علم ۽ اخلاق اهم ناهن، هوش ۽ حواس اهم آهن. اوهان ٻڌي سگهو ٿا؟ ڏسي سگهو ٿا؟ سنگهي ۽ چکي سگهو ٿا؟ ڪنهن زماني ۾ هڪڙي بداخلاق شخص اخلاق تي ڳالهايو هو، جن هن کي بداخلاق چيو تن وٽ اخلاق نه هو، علم ۽ اخلاق غير اهم صفتون آهن، جن جي باري ۾ ڳالهائبو آهي، لکبو آهي، تقريرون ڪبيون آهن. انساني وجود جو بنياد حواس آهي ۽ هوش حواسن جو مجموعو آهي.

    علم ۽ اخلاق انساني ذهن تي زوريءَ ٿاڦيل آهن. اکيون ٻوٽي زندگي گذارڻ ڏوهه آهي، علم ۽ اخلاق ماڻهوءَ کي انڌو ڪريو ڇڏين. يورپ ۽ آمريڪا وٽ هوش ۽ حواس آهن، ايشيا وٽ علم ۽ اخلاق آهن. ايشيا انڌو آهي. يورپ ۽ آمريڪا وٽ اکيون آهن.

    هيڏانهن هوڏانهن نه نهاريو، جا شئي نڪ سامهون آهي، تنهن ڏانهن هٿ وڌايو، هوائون اوهان کي ڪجهه نه ڏينديون. جن هٿان سڀ ڪجهه ڇڏائي ويندو آهي ۽ جيڪي سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيندا آهن، سي تقدير جي ڳالهه ڪندا آهن. فلسفو حواس کي رد ڪريو ڇڏي، تنهن ڪري خطرناڪ آهي.

    پڇتاءُ انساني وجود جو لازمي حصو آهي، اڳي يا پوءِ، پڇتائڻو ضرور پوندو آهي. راهون، رستا ۽ واٽون بند ٿيو وڃن ۽ انسان قيد ٿيو وڃي. حواس جا رستا بند ٿيڻ نه ڏيو. نفسيات جي سمجهه وڌيڪ منجهايو ڇڏي. نفسيات علم ۽ اخلاق سان جڙيل هئڻ ڪري ماڻهوءَ کي انڌو ڪريو ڇڏي. حواسن تي ضابطو رکڻ لاءِ ضروري آهي ته نفسيات، فلسفي ۽ ادب کان پري رهجي.

    فقط شيڪسپيئر تائين ڳالهه محدود نه ڪريو، هن اهو چيو هو ۽ هن جو مطلب به اهو ئي هو ته دنيا هڪڙو اسٽيج آهي، جتي هر هڪ ماڻهو پنهنجو پارٽ ڪري، پنهنجو وارو ورائي، پويان لڳل پڙدي پويان هليو ويندو آهي. اهو پويان لڳل پڙدو سڏبو ئي گم پڙدو آهي. اها غلط فهمي ته اصل فيصلا پڙدي پويان ٿيندا، جي صحيح به هجي ته به ان سان اوهان جو واسطو ناهي. اوهان اسٽيج تي آهيو ته حواسن کان ڪم وٺو، عقل ۽ علم سان اوهان جو ڪو به واسطو ناهي.

    اسٽيج تي اوهان کي فقط ائڪٽنگ ڪرڻي آهي ۽ تنهن لاءِ اوهان کي پنهنجا حواس سنڀالڻا آهن. اهو نه سوچيو ته اوهان مورتيون يا پتليون آهيو، اسٽيج تي اوهان جيئرا جاڳندا ائڪٽر آهيو ۽ اوهان جي دل ۾ ڇا آهي، تنهن سان اوهان پاڻ به ٻڌل نه آهيو.

    جتي اوهان ڪو برباد حال ڏسو ته ڄاڻي وٺو ته هو پيار ۽ نفرت جو ماريل آهي. پيار ۽ نفرت ساڳي قوت جا ٻه نالا آهن، ٻي ڪا به قوت ناهي، جن وٽ حواس ئي ناهن يا جن جا حواس نقص وارا آهن، تن جو ڏوهه ڪونهي، هو ته هونئن ئي بربادي جو شڪار ٿيڻا آهن.

    فقط درسي ڪتاب پڙهو ۽ پنهنجن حواسن کي درسي ڪتابن تائين محدود رکو. هيڏانهن هوڏانهن اجايا ڪتاب پڙهي پنهنجي حواسن کي توائي نه ڪريو، پنهنجا حواس سنڀاليو، اهو آهي زندگي جو پهريون سبق.

    مان ننڍي هوندي کان ئي مختلف قسم جا ڪتاب ۽ رسالا وغيره پڙهندو هوس. ماڻهو واهه واهه ڪندا هئا ته حليم تمام گهڻو پڙهيل آهي، نتيجو هي نڪتو جو منهنجو ذهن دربدر ٿي ويو ۽ اهي جن پنهنجو پاڻ کي درسي ڪتابن تائين محدود رکيو هو، سي انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿي ويا. اها فخر جي ڳالهه ناهي ته مان گهڻو پڙهيل هوس، اها دراصل شرم جي ڳالهه آهي، ته مان دربدر ٿي ويس.

    اها حقيقت آهي ته مان پنهنجي باري ۾ تمام گهڻو سوچيندو آهيان. مون تمام گهڻيون غلطيون ڪيون، پر گهڻي ئي ڳالهيون مون تي قدرت طرفان مڙهيل هيون. تفصيل ٻڌائڻ مان ڪو به فائدو نه ٿيندو، پر تت اهو آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پنهنجن حواسن تائين محدود رکي ۽ پاڻ کي پکيڙي نه. مان ڏسان پيو ۽ اوهان به ڏسو ته جيڪي مختصر قسم جا ماڻهو هئا، سي اڄ خوش آهن ۽ جن مون وانگي پاڻ کي پکيڙيو هو تن لاءِ واهه واهه ته گهڻي آهي پر هو دربدر آهن.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    حق ۽ ناحق



    سومر 2 مارچ 2009ع



    .ڊگهي عرصي کانپوءِ مون چوڌاري نهاريو آهي ۽ ڪاوش غور سان پڙهي آهي. مان حيران ٿي ويو آهيان ته دنيا ڪيترو بدلجي وئي آهي. يونيورسٽين، رٽائرڊ آفيسرن ۽ پروفيسرن بابت نديم پنهور جو لکيل مضمون ڪاوش ۾ پڙهي مان ڄاڻي ويو آهيان ته مان ٺپ بيوقوف هوس، جو يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪندي سترهن سال هوائن سان وڙهندو رهيس ۽ اهو نه ڄاڻي سگهيس ته حقيقتون ڇا آهن. اڄ مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو دماغ خراب هو، جو مون پنهنجا اهي سترهن سال خراب ڪيا. شرافت سان نوڪري ڪريان ها ته اڄ تائين نوڪري ۾ هجان ها.

    .پاڻ گڙٻڙ ڪريو ڇڏيون. پاڻ پنهنجن خوابن کي حقيقتن جو درجو ڏيئي اصل حقيقتن خلاف جنگ شروع ڪندا آهيون، نتيجو اهو نڪري ٿو ته اسان پاڻ ڊهيو پئون. ٺوس حقيقت هڪ لت سان اسان جو خواب اڏايو ڇڏي. هاڻ پاڻ وڏا ٿي ويا آهيون ۽ پاڻ کي سمجهي وڃڻ گهرجي ته حقيقتن سان کيچل بازي ڪرڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي.

    .بي صبري بي جان ماڻهن کي به ليکڪ بنايو ڇڏي ۽ آخر ۾ اهو ليکڪ وري بي جان ٿي ڊهيو پئي. بهتر آهي ته اوهان فقط پنهنجي ڌنڌي سان ئي وابسته رهو ۽ هيڏي هوڏي نه نهاريو. جي اوهان ڪٿي واهه واهه ٻڌو ته پڪ سمجهو ته اوهان ڪو اهڙو ڪم ڪري رهيا آهيو، جنهن ۾ اوهان لاءِ بربادي ۽ تباهي ڀريل آهي.

    .ورهاڱي کان اڳ سنڌ صوبو بامبي يونيورسٽي سان لاڳاپيل هو. پاڪستان ٺهڻ تي سنڌ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جوڙي وئي، پوءِ ان يونيورسٽي کي سنڌ يونيورسٽي جو نالو ڏيئي وائيس چانسلر اي بي اي حليم سميت حيدرآباد اماڻيو ويو ۽ ڪراچي لاءِ الڳ ڪراچي يونيورسٽي ٺاهي وئي. ائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر اي بي اي حليم هو، جنهن کي ان زماني ۾ ابا حليم چيو ويندو هو ۽ جنهن کان آءِ آءِ قاضي چارج ورتي. غلط نالا وٺڻ کان بهتر آهي ته وساري ڇڏيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪو پهريون وائيس چانسلر به هو.

    .اوهان به چوڌاري نهاريو ۽ ڏسو ته ڪيتريون سازشون گڏ هلي رهيون آهن، جن ۾ اوهان شريڪ نه ٿي سگهيا آهيو. اوهان کي ڄاڻ به نه پوندي ۽ اوهان استعمال به ٿي ويندا. اهو ڪمال آهي جيڪو اسان کي ذهني مريض بنايو ڇڏي. هزارين ورهين کان پاڻ سڀئي استعمال ٿيندا آيا آهيون ۽ پاڻ کي احساس به نه ٿيو آهي ته اسان استعمال ٿيندا رهيا آهيون.

    .تمام گهڻي دير سان سهي، پر مون کي هاڻ احساس ٿيڻ لڳو آهي ته ڪا تمام وڏي سازش هئي، جنهن ۾ مان شريڪ نه ٿي سگهيس، مان ٻاهر رهجي ويس ۽ سازش وئي پکڙجندي. سچ پڇو ته مون کي افسوس آهي ته مان ڇو ٻاهر رهجي ويس.

    . الائجي ڇو مان رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ کي ڏوهه نٿو سمجهان. شرط فقط اهو آهي ته ان ۾ زور بار يا طاقت يا داداگيري جو عنصر شامل نه هجي. دراصل منهنجي سوچ ۾ ڪجهه ڏڦير آهي. مان سدائين کان غلط نموني سوچيندو آيو آهيان، هر ڪا ڳالهه مان غلط نقطه نظر کان ڏسندو رهيو آهيان، در در خوار به ٿيو آهيان، ناڪامي جو عاليشان مثال به ثابت ٿيو آهيان، پر الائجي ڇو مان سڌريو نه آهيان.

    .مان منجهي پيس ته ڪالم ڇا تي لکان؟ سو مون تيرٿ کان پڇيو ته مان ڇا ڪريان؟ تيرٿ چيو ته سياست سان تنهنجو ڪو به واسطو ڪڏهن به نه رهيو آهي، سو تون ڦڏي يا ڏچي تي لک ۽ تنهن لاءِ تون پاڻ ڪو ڦڏو يا ڏچو ڳولهه. صاف ظاهر آهي ته اڄڪلهه منهنجي دنيا ڪاوش تائين محدود آهي، جو مان ان اخبار جو صبح سوير کان انتظار ڪندو آهيان ۽ ملڻ تي سموري اخبار ذري گهٽ چٽي ويندو آهيان ۽ ڦڏا ۽ ڏچا به انهيءَ ۾ ڳولهيندو آهيان ۽ هاڻ يونيورسٽين بابت اهو نديم پنهور جو ليک پڙهي وڌيڪ منجهي پيو آهيان. ڪٿي لکيل آهي ان ليک ۾ ته انهيءَ نظام يونيورسٽين ۾ تعليم جو نقصان ڪيو آهي؟ ڪٿي به نه، ته پوءِ شڪايت ڇا جي؟ جيڪڏهن پروفيسرن ۽ آفيسرن جا حق ماريا ويا آهن ته حق ته هوائي هوندا آهن، جي مليا ته واهه ۽ جي نه مليا ته به واهه.

    .يونيورسٽيون بند ادارا آهن، انهن ۾ دوستيون نڀايون وينديون آهن، دشمنيون ورايون وينديون آهن. مون کي الياس ابڙو صاحب چوندو هو ته سندس وڃڻ کانپوءِ مون کي يونيورسٽيءَ ۾ دشمنيءَ جا عذاب سهڻاپوندا، پر مان سمجهي نه سگهيس ته ڪهڙي دشمني، ڇا جي دشمني، ڇا جو عذاب. زمانو ٿيو مون کي رٽائر ٿئي ۽ الياس ابڙي صاحب کي فوت ٿئي ۽ هاڻ مان سمجهي سگهان ٿو ته ابڙو صاحب بلڪل صحيح هو. انتهائي خطرناڪ ادارا آهن هي يونيورسٽيون. سچ پچ ته اهي خوشنصيب آهن، جيڪي ها ۾ ها ملائي نوڪري ڪندا آيا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي مون وانگي عقلمند نٿا سمجهن. اهي بيوقوف آهن، جيڪي ها ۾ ها ملائڻ کي خوشامد ۽ چمچاگيري سمجهندا آهن.

    .يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته ڪا به اهڙي جوابداري مٿي تي نه کڻو، جنهن سان اوهان جي پوسٽنگ جو واسطو نه هجي. ماٺڙي ڪري نوڪري ڪريو ۽ ماٺ ميٺ ۾ رٽائر ٿي گهر هليا وڃو. اهو نه ڏسو ته ڪو ٻيو ڇا ٿو ڪري، ڪنهن ٻئي کي ڇا ٿو ملي. اوهان پنهنجي ڪم سان واسطو رکو، هيڏانهن هوڏانهن نه نهاريو. مون يونيورسٽي ۾ عاليشان قسم جا چور به ڏٺا، ٺڳ به ڏٺا، سادا به ڏٺا، چالاڪ به ڏٺا ۽ جاهل به ڏٺا. عبيدالله عباسي (ڊاڪٽر ۽ پروفيسر) مون کي سڳي ڀاءُ جيان ڀائيندو هو. مان ئي مجبورين ڪري پري ٿي ويو آهيان.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    · منهنجي ذهن ۾ الائي ڪهڙو فطور ڀريل آهي، جو ڳالهيون کٽن ئي نه ٿيون. ڪا ڳالهه ختم ٿي ٿئي ته ان جي جاءِ ڪا ٻي ڳالهه والاريو ڇڏي.

    · جا ڳالهه مان اڄ نٿو چوان، سا اوهان ويهن سالن کانپوءِ باقائدي رائج ٿيندي ڏسندا. تڏهن مان اوهان کي ياد نه هوندس. مون کي ته ڪن ڪونهن، پر اوهان کي ته هڪ نه پر ٻه ٻه ڪن آهن. سو منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو.

    · سنڌ ۾ جڏهن انگريزي پرائمري اسڪولن جو ڪورس ٺهي، تڏهن ان ڪورس ۾ ننڍڙن ٻارن کي اها چونڊ ضرور ڏجو ته پهرين ٻن سالن ۾ ديوناگري/هندي، گجراتي، ڪاٺياواڙي، مارواڙي، ڍاٽڪي، بلوچي، براهوي، ڪڇي، اردو، فارسي، عربي، ترڪي، جرمن، ڊچ، فرينچ، پشتو، هندي ۽ ٻين ٻولين مان ڪنهن هڪ ٻوليءَ جا بنيادي اکر سکڻ جو فيصلو ڪن. انهن سڀني ٻولين ۽ ٻين به سڀني ٻولين جا اکر انگريزي ٻوليءَ جي اکرن ۾ لکجي سگهجن ٿا. صاف ظاهر آهي ته ٻارن لاءِ انهيءَ چونڊ جي چونڊ ۾ فيصلو ٻارن جا مائٽ پنهنجن ٻارن جي مرضي تي ٿاڦيندا، پر هوريان هوريان اهو سرشتو پنهنجي سهڻي شڪل پاڻ وٺي ويندو. اوهان چوندا ته حليم جي اها ڳالهه بيوقوفي ۽ ناممڪن آهي. اوهان ته مون کي سدائين ۽ سمورو بيوقوف سمجهيو آهي، پر اوهان پاڻ ڏسو ته مان اڄ به ليکڪ، ۽ منهنجا ڪي خيال اوهان قبول به ڪري رهيا آهيو. جي مان ٺپ بيوقوف هجان ها ته اوهان مون کي ڪڏهوڪو لت هڻي ليکڪن جي دنيا مان خارج ڪري چڪو ها. هاڻي هڪڙي نئين خواهش دل ۾ پيدا ٿي آهي، اها آهي ته ڪاش مان ٺپ بيوقوف هجان ها ۽ اوهان مون کي ليکڪن جي دنيا ۾ هڪڙو منٽ به برداشت نه ڪيو هجي ها!

    · لکڻ خفي جو ڪم آهي، ٽي وي کي انٽرويو ڏيڻ لاءِ سوچڻ جي به ضرورت نٿي پئي. هڪڙي پاسي ڍنڍورو ڏنو ويندو آهي ته خيالات جي اظهار جي آزادي (Freedom of speech) جي آزادي هئڻ گهرجي ۽ اهو هر ماڻهوءَ جو حق آهي، ته ٻئي پاسي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويندو آهي ته فلاڻي ڳالهه متان ڪرين. جي ڪو چريو آهي ته ان چريي کي به ڳالهيون ڪرڻ ۽ لکڻ جو حق آهي. مان چريو ئي سهي، پر مان ڳالهائيندو آيو آهيان ۽ ڳالهائيندو رهندس. مان لکندو رهيو آهيان ۽ لکندو رهندس. موت آهي باقي پري!

    · هڪڙي ڳالهه مان ورجائڻ چاهيان ٿو جو اسان سنڌين جون کوپڙيون نرم آهن ۽ هر ڪا ڳالهه جا نه وڻي، سا نه فقط وساري ڇڏيندا آهيون، بلڪه ان کان انڪاري به ٿي ويندا آهيون ۽ اها ڳالهه آهي ”مختصر“ تاريخ نويسن لاءِ. انگريزن بامبي وارو سمورو علائقو پنهنجي قبضي ۾ ورتو هو، ان سڄي علائقي تي هنن جو راڄ هو، جنهن کي هو بامبي پريزيڊنسي چوندا هئا. هنن پنهنجي ايڊمنسٽريشن بهتر ڪرڻ لاءِ ان پريزيڊنسي جا ڪجهه ٽڪر الڳ ڪري ان جو نالو سنڌ رکيو ۽ ”مختصر“ تواريخ نويس انهيءَ ايڊمنسٽريٽو آرڊر لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيس مار خان سمجهي لکيو ته نيٺ فلاڻي سن ۾ ”سنڌ انگريزن جي راڄ کان آزاد ٿي“. مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته هي ”مختصر“ قسم جا تاريخ لکڻ وارا آخر حقيقتون ڇو لڪائيندا آيا آهن ۽ ڪنهن کان لڪائيندا آيا آهن! مان ڄاڻان ٿو ته هنن کي پاڻ کي سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ ناهي. هي ڄاڻن ئي نٿا ته تواريخ ڇا ٿيندي آهي، ڇا کي چئبو آهي، ڪيئن لکبي آهي. هنن دنيا جي ملڪن جو ڪو ائٽلس ڏٺو به هجي ته هنن کي ڄاڻ هجي ته ڌرتي ڇا آهي ۽ ملڪ ڪيئن ٺهي وري بگڙي، وري ٺهيا آهن ۽ اهو سلسلو سدائين کان جاري رهيو آهي ۽ سدائين هلندو رهندو.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌي اکر





    سومر 23 مارچ 2009ع



    · جيئن مون ماءُ ۽ پيءُ جي ڪک مان جنم وٺڻ کانپوءِ هنن کي ئي برباد ڪيو، بلڪل ساڳي طرح سنڌيءَ جي پروفيسرن به سنڌي ٻوليءَ جي ڪک مان پيدا ٿي سنڌي ٻوليءَ کي ئي تباهه ۽ برباد ڪيو.

    ·انهن سنڌيءَ جي پروفيسرن گذريل 60 ورهين ۾ ڪو هڪڙو به موقعو اهڙو اچڻ نه ڏنو، جنهن ۾ ٻولي کي سڌارجي ۽ هن جي اسڪرپٽ کي بهتر ڪجي، اڄ به هنن جي اهڙي حالت آهي، جو انتهائي نڪ جي پڪائيءَ سان هڪڙي پاسي چون ٿا ته سنڌي ٻولي دنيا جي ترقي يافته ٻولين سان گڏ پئي هلي ۽ ٻئي پاسي چون ٿا ته ريڊيو ۽ ٽي وي تان سنڌي سيکاري وڃي. اوهان ڪڏهن ٻڌو ته انگلينڊ وارا انگريزي سيکارڻ لاءِ، فرانس وارا فرينچ سيکارڻ لاءِ، ايران وارا فارسي سيکارڻ لاءِ يا عربستان وارا عربي سيکارڻ لاءِ ٽي وي ۽ ريڊيو اڃا به استعمال ڪري رهيا آهن. اهي ٻوليون جيڪڏهن ترقي يافته نه آهن ته پوءِ اهي آخر ڪهڙيون ٻوليون آهن، جن سان سنڌي ٻولي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي جي راهه تي گامزن آهي؟ شايد اهي سنڌيءَ جا پروفيسر يوگنڊا، مومباسا ۽ مالي صوماليه جي ٻولين سان ڪلهو ملائڻ کي ترقي سمجهن ٿا.

    ·مادري ٻوليءَ جي ڏهاڙي ملهائڻ موقعي تي مان نٿو سمجهان ته فرانس، انگلينڊ، روس، ايران، عرب ملڪن، يورپ جي ڪنهن به ملڪ يا دنيا سڄي ۾ ڪنهن به ملڪ پنهنجي مادري ٻولي جي الفابيٽ جي تصوير جي ايڊورٽائزمينٽ ڪئي هوندي. سنڌي ٻولي اهڙا پروفيسر ڄڻيا آهن، جن وٽ نه هوش آهي، نه حواس آهي ۽ نه ڪامن سينس آهي. هنن کي اها سمجهه اڃا نه آئي آهي ته سندن في الحال رائج الفابيٽ ۾ اکرن مٿان، هيٺان ۽ وچ ۾ ڏنل نقطن جو تعداد ايترو ته گهڻو آهي، جو ڌارين کي ته ڇڏيو، پاڻ سنڌين جو به سنڌي سکڻ تان ارواهه اٿيو وڃي. اها معمولي ڳالهه به سنڌيءَ جي پروفيسرن کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته مادري ٻوليون ته قائم دائم رهنديون آهن ۽ سڄو ڦڏو فقط اسڪرپٽ تي هوندو آهي. سنڌيءَ جا اهي پروفيسر پنهنجن نڪ هيٺان ڏسن به پيا ته سڄو بلوچستان، فرنٽيئر ۽ پنجاب پنهنجيون مادري ٻوليون اردو اسڪرپٽ تي هلائي رهيا آهن، پر ته به هي سنڌي ڄاوا پروفيسر ۽ استاد انهيءَ رائج اسڪرپٽ کي ائين ”چنبڙيا“ بيٺا آهن، جيئن سنڌي ٻوليءَ جو روح انهيءَ جي نقطن ۾ ئي هجي.

    · مون مٿي لفظ ”چنبڙيا“ لکيو آهي، اهو ئي لفظ جيڪڏهن ”چمبڙيا“ ڪري لکجي ته ڪهڙو هرج آهي؟ پر نه، سنڌي ٻوليءَ جا پنهنجا ڄاوا پروفيسر چوندا ته اها غلط سنڌي آهي، جو هنن کي اها ڄاڻ به ناهي ته اها صحيح سنڌي آهي، پر فقط اسڪرپٽ ۾ مون ڦير ڦار ڪئي آهي ۽ هڪڙو نقطو گهٽايو اٿم.

    · اسڪرپٽ ڪا آسمان تان لٿل شئيِ ناهي، سنڌيءَ جي انهن پروفيسرن کي اها به ڄاڻ ناهي ته انگريزي ليکڪ چئوسر (جنهن کي پهريون انگريزي ليکڪ ڪري مڃيو ويندو آهي) وارو اسڪرپٽ ۽ شيڪسپيئر وارو اسڪرپٽ اڄڪلهه انگريزي دنيا ۾ رائج ناهن. اڄڪلهه جا انگريزي لکجي ٿي تنهن جي لکت ۾ ڪو به رنگ ڍنگ چئوسر يا شيڪسپيئر جو ناهي. اڄ جي اوهان چئوسر يا شيڪسپيئر جي انگريزيءَ ۾ ڪا درخواست يا ڪتاب لکندا ته انگريزي دنيا وارا پاڻ اوهان تي کلندا ۽ هتي سنڌ ۾ انهن سنڌي ڄاون پروفيسرن جو اهو ئي پراڻو راڳ هلندو اچي ته بابا آڳاٽي سنڌي لکندا ڪريو. اوهان انهن ئي ٽارزن سنڌي پروفسيرن کي چئو ته هو پاڻ ته آڳاٽي سنڌي ۾ موڪل جي درخواست ته لکي ڏيکارين ۽ پوءِ اهو به ڏيکارين ته اها درخواست ڪٿي ڪنهن هنڌ قبول به ٿئي ٿي.

    · سڄو معاملو آهي اسڪرپٽ جو، سڄي ڳالهه آهي اسڪرپٽ جي. جا ٻولي فقط هڪڙي اهڙي الفابيٽ تي هلندي هجي، جنهن ۾ رڳو نقطا ۽ ليڪا هجن، سا ٻولي ڳالهائي ته ويندي پر لکجڻ کان معذور ٿيندي ويندي. سرمد تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر عيسيٰ دائوپوٽو ڪمپيوٽر جا ماهر ته آهن پر انگريزيءَ جا به ماهر آهن. هنن جو ڪو به واسطو يا تعلق سنڌي جي رائج الفابيٽ سان ڪونهي. جيتوڻيڪ هنن وٽ سنڌي ۽ سنڌ لاءِ جيءَ ۾ گهڻي گنجائش آهي. ڊاڪٽر عيسيٰ ته غير شادي شده آهي پر سرمد تنوير عباسي جي بيگم بنگالڻ هجڻ باوجود سنڌي ڳالهائڻ تي مهارت رکي ٿي. مان بي انتها ۽ ڊگهو عرصو بيمار هوس، جنهن ۾ منهنجو هنن سان تعلق هو ۽ هوش ۾ اچڻ تي مون ڏٺو ته مان هنن کي وڃائي ويٺو هوس. سنڌيءَ جي پروفيسرن کي سمجهڻ گهرجي ته سرمد ۽ عيسيٰ ٽيڪنالاجي ۽ انگريزيءَ سان تعلق رکن ٿا ۽ هو فارسي عربي واري سنڌي الفابيٽ جي گپ ۾ ڦاٿل نه آهن.

    · مان ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن سنڌيءَ کي انگريزي رومن اکرن ۾ به لکيو ويو يا ديوناگري هندي ۾ به لکيو ويو ته به اهو لکڻ جٽاءُ نه ڪندو، وڌ ۾ وڌ پنجاهه ورهيه ٻيا سنڌي لکبي. هندستان ۾ سنڌين گجرات ۽ مها راشرا رياستن جي سهڪار سان انهن پاڻ واري سنڌي اکرن ۾ ڪتاب وغيره لکيا. ڊاڪٽر ايسر پارواني سڀني کان اڳڀرو رهيو، پر اهي اکر تڏهن به پوين پساهن ۾ آهن. ذهني طرح پاڻ کي تيار رهڻ گهرجي ته مستقبل ۾ سنڌي ٻولي فقط ڳالهائي ويندي، لکبي ڪا نه. اوهان ڏسو نٿا سنڌي چئنلز. دعا ڏيو ڪاوش کي جنهن جي سهاري سنڌي اڃان لکجي ۽ پڙهجي پئي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    محقق!




    ڇنڇر 28 مارچ 2009ع



    · هي جيڪي صبح شام ۽ ڏينهن رات هر هنڌ هر هڪ اسٽيج تي چڙهي اهو ئي چوندا آيا آهن ۽ چوندا رهن ٿا ته سنڌي ادب دنيا جي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پيو هلي، تن کان پڇو ته گذريل سئو يا ٻه سئو سالن ۾ ڪهڙو اهڙو سنڌي ڪتاب ڇپيو آهي، جيڪو انهيءَ لائق هجي جو هن جو ذڪر به انهن ڪتابن سان گڏ ٿئي، جن جو ذڪر عبدالقادر جوڻيجو پنهنجي 2008ع بابت ليک يامضمون ۾ ڪيو آهي؟ اهو مضمون ڪاوش ۾ ئي ڇپيو آهي ۽ تنهن ڪري انهن ضرور پڙهيو هوندو، جيڪي هر موقعي، هر تقريب ۾بس اهو ئي چوندا آهن ته سنڌي ادب دنيا جي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پيو هلي.

    · شايد ئي ڪو نوبل پرائيز يا بُڪر پرائيز يافته ڪتاب هجي، جيڪو عبدالقادر جوڻيجي وٽ نه هجي، ۽ هن نه پڙهيو هجي. هو ڄاڻي ٿو ته دنيا ۾ ڇا ڪجهه ڇپيو آهي ۽ ڇا ڪجهه ڇپجي پيو، ۽ هو ڄاڻي ٿو ته سنڌي ادب اڃا ڄائو ئي ناهي ۽ ڄمبو به ڪو نه. سنڌي ادب جا اهي زميندار، وڏيرا ۽ ڀوتار جيڪي هر هڪ تقريب ۾ ڪرسين جي اڳين لائين ۾ ويٺل هوندا آهن ۽ اسٽيج تي چڙهي هوائن ۽ انڌن ٻوڙن کي ٻڌائيندا آهن ته، سنڌي ادب شاهراههِ ترقيءَ تي تمام گهڻو اڳتي هلي رهيو آهي، سي رڳو سنڌين کي بيوقوف ٺاهيندا رهيا آهن. انهن سنڌي ادبي وڏيرن ۽ ڀوتارن پاڻ ته ڪو هڪڙو به اهڙو ڪتاب نه لکيو آهي، جنهن جو ذڪر فڪر عام ماڻهن وٽ هجي، سو پنهنجو شرم لڪائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي محقق جو درجو ڏيندا آهن. دنيا ۾ محقق جو درجو وڏي اهميت ٿو رکي، پر انهن سنڌي محققن هتي سنڌ ۾ محققن کي پاڻ جهڙي مٿاڇري سطح جي ذهنيت جي قابل رکيو آهي.

    · اهي جيڪي هر هنڌ هر موقعي تي انتهائي بي شرميءَ سان چوندا آهن ۽ اهو به اسٽيجن تان ته سنڌي ادب دنيا جي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي پيو، سي پاڻ کي محقق جو درجو ۽ خطاب ڏيئي انهيءَ جوابداريءَ کان بري ٿيو وڃن ته ڪن به پنجن يا ڇهن ڪتابن جا نالا ڏين جيڪي سنڌيءَ ۾ هجن ۽ انهيءَ لائق هجن، جن جو ذڪر عبدالقادر جوڻيجو پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڪري سگهي. سنڌي ٻوليءَ جي انهن وڏيرن ۽ ڀوتارن کي ياد رکڻ گهرجي ته عبدالقادر جوڻيجي فقط هڪڙي سال 2008ع جي ڪتابن جو ذڪر انهيءَ مضمون ۾ ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه پنجٽيهه، شايد انهيءَ کان به مٿي، ورهين جا ڪتاب عبدالقادر جوڻيجي جي دل تي لکيل آهن. مان کانئس اوڌر تي ڪتاب وٺندو هوس ۽ پڙهي موٽائي ڏيندو هوسانس.

    · محمد علي قاضي سنڌي سوسائٽي جي تبديلي چاهي ٿو. هن صاحب جي مرضي آهي ته سنڌي ماڻهو سڌرن ۽ ترقي ڪن. علي صاحب کي سڀ کان پهرين انهن ٺڳ محققن ۽ سنڌي ٻولي جي ٺيڪيدارن کان سنڌي سماج کي آجو ڪرڻو پوندو. اسان جي سوسائٽي ۾ ڪوڙ ۽ گشا پتا تمام گهڻا هليا آهن، اهو جيڪو اسٽيج تي چڙهي سنڌين کي ڪوڙ ٻڌايو ٿو وڃي ته توهان جي ٻوليءَ ۾ عاليشان ادب ڇپيل آهي، سو ڪوڙ سنڌين کي غلط فهميءَ ۾ وجهيو ڇڏي. سنڌ ۽ سنڌين جي بربادي ۽ تباهي جو ڪارڻ اهو ڪوڙ آهي، جيڪو ادب ۽ ٻوليءَ جي نالي ۾ اهي سنڌي محقق سنڌين کي اسٽيجن تان ٻڌائيندا رهيا آهن ۽ سنڌين کي خوشفهمي ڏيندا رهيا آهن. انهن ٺڳن جو اسٽيج تي چڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ئي بند ٿيڻ گهرجي.

    · هي جيڪي سنڌي پي ايڇ ڊي آهن، تن جون ٿيسزون اوهان ڏٺيون آهن، جيڪي سنڌالاجي ۾ رکيون آهن ۽ جن تي هنن کي پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جا سرٽيفڪيٽ ۽ ڊپلوما مليل آهن؟ اوهان هڪ ڀيرو ضرور پڙهي ڏسو ۽ ڏسو ته هنن فقط اها ڊپلوما وٺڻ لاءِ پنهنجي گائيڊ ۽ ٻين پروفيسرن جي ڪيتري خوشامد ڪئي آهي. اهي جيڪي پروفيسر ٿي رٽائر ٿي اڃا به ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ کان باز نٿا رهن، تن کي الائجي اڃا ڇا کپي؟ اوهان مهرباني ڪري هنن جون لکيل ٿيسزون پڙهو، اوهان کان وڏا وڏا مشڪرا به وسري ويندا. هنن جي لکيل ديباچن جي هڪ هڪ سٽ تي اوهان کي ٽهڪ نڪري ويندو.

    · هي محقق ڪيئن محقق ٿي ويا آهن، جڏهن هنن ڪا تحقيق ئي نه ڪئي آهي؟ هنن مان ڪنهن ڪا اهڙي کوجنا ڪئي آهي، جنهن جي ڄاڻ ماڻهن کي اڳ نه هئي؟ پي ايڇ ڊي هڪ ڊپلوما آهي، جيڪو فقط اهو ٻڌائي ٿو ته جنهن وٽ اها ڊپلوما آهي، سو هن قابل آهي ته تحقيقات ڪري. اها ڊپلوما اهو نٿي چوي ته هن ڊپلوما جو مالڪ ڪا تحقيق ڪري چڪو آهي. هتي هڪڙي لوڌ آهي، پي ايڇ ڊين جي، جيڪي پاڻ کي محقق ڄاڻائي هر ڪنهن اسٽيج تي چڙهيو وڃن ۽ راڳ ڳائڻ ٿا شروع ڪن ته سنڌي ادب دنيا جي ادب سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي پيو هلي. لڀي لوڻڪ ڪانه، سڌون مريڙي جون.

    · جيڪي ڪجهه سنڌيءَ ۾ سٺو لکيو ويو آهي ۽ ماڻهن کي وڻيو آهي، سو انهن لکيو آهي، جن جو ماستري پيشي سان ڪو به تعلق نه رهيو آهي. امر جليل ماستر نه رهيو آهي ۽ نه وري عبدالقادر ماستري ڪئي آهي. اوپن يونيورسٽي ۾ نوڪري ماستري ناهي. ماستري ماڻهو کي انهيءَ قابل نه ڇڏيندي آهي ته هو ڪو ڪتاب لکي. اسٽيفن ليڪاڪ لکي ٿو ته، جڏهن مون کي پي ايڇ ڊي جي ڊپلوما ملي، تڏهن مان سمجهي ويس ته هاڻ منهنجو دماغ هن قابل نه رهيو آهي، جو ڪا عقل جي ڳالهه به سوچي. اوهان هنن پي ايڇ ڊيز کي اسٽيج تي ڳالهائيندي ٻڌو ۽ ڏسو ته ڪيئن ٿا فقط ساڳيون ڳالهيون ورجائين، ڪڏهن به ڪا به نئين ڳالهه نٿا اچارين. هي هڙيئي دنيا جي ادب جي معاملي ۾ ڪورا ۽ مڪمل جاهل آهن. هنن کي ڪابه ڄاڻ ناهي ته دنيا ۾ ٻين ٻولين ۾ ڪهڙا ڪتاب ڇپيا آهن. هنن کي فقط شيڪسپيئر جي نالي جي ڄاڻ آهي، جنهن کي به هنن ڪڏهن ڪو نه پڙهيو. عبدالقادر جوڻيجو ته نئين ٽهي سان گڏ پيو هلي، مان ڪجهه پراڻي ٽهي جو ماڻهو آهيان. اهي جيڪي پي ايڇ ڊي گهاگهه واڳون اوهان پاليا آهن، سي به پراڻي ٽهي جا آهن، پر هنن کان پڇو ته هنن ڪڏهن ڪو ڪتاب جيمس مچز، جيمس ڪليول، يا هيمنڊ انس جو ڏٺو به آهي؟ هرگز نه، هي اسٽيج تي اچي فقط هڪٻئي کي ڏاهو، محقق، دانشور وغيره جا خطاب ڏيڻ ۾ ڀڙ آهن.

    · سنڌ ۾ علي قاضي جي گهربل تبديلي آڻڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪوڙ ۽ ڍونگ جو اهو ناٽڪ ختم ڪيو وڃي، جيڪو انهن رٽائرڊ پروفيسرن جي جان آهي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هولي!




    سومر 30 مارچ 2009ع



    · 09–3–10 تي هولي جو ڏينهن هو ۽ مون کي منهنجو ننڍپڻ ياد پيو اچي. جڏهن اسان سائيڪل ۾ هوا ڀرڻ واري پمپ ۾ رنگ ڀري بنگلي جي ڪمپائونڊ ۾ ڌوٻي، مالهي، ٻهاريدار، چوڪيدار ۽ ڪجهه ٻين جي ٻارن سان رنگ هڻڻ واري راند ۾ رات دير تائين جاڳندا هئاسين. مون کي بابو، بنسي، گنگا، پرڀو ۽ راڌا جا نالا ياد آهن، جيڪي ڌوٻيءَ جا ٻار هئا، پر ٻين جا نالا ياد ناهن. اها يادگيري تڏهن جي آهي، جڏهن مان اڃا ستن يا اٺن سالن جو هوس، پاڪستان اڃا ٺهڻ وارو هو. بابا ڪراچي ۾ رنڇوڙ لائينن ۾ انسپيڪٽر هو ۽ اسان کي مليل بنگلي جي پويان ٻن بنگلن ۾ مارٽن ۽ گرانٽ رهندا هئا، جيڪي شايد سارجنٽ هئا ۽ پاسي واري بنگلي ۾ هڪڙو هندو انسپيڪٽر رهندو هو. مارٽن جي پٽ جو نالو چارلس هو، جنهن کي اسان چارلي چوندا هئاسين ۽ گرانٽ جي پٽ کي اسان گرانٽ ئي چوندا هئاسون. سال گذري ويا آهن، پر اهي رنگا رنگي ڏينهن مون کي اڄ به هانٽ ڪندا آهن.

    · اڄ مان پڇان ٿو ته جيڪڏهن پنجاب ۽ ڪوئيٽا ۾ بسنت ملهائي سگهجي ٿو ۽ لغڙ اڏائي سگهجن ٿا، جيتوڻيڪ بسنت جو ڪو به واسطو مذهب يا عقيدي سان ڪونهي ته سنڌ ۾ بلڪل ساڳي آزادي سان هولي ملهائڻ تي ڇو ڪنهن کي اعتراض هجي. هولي به بلڪل ڪلچرل ۽ ثقافتي شيءِ آهي، جيئن بسنت آهي. جن جي مغز ۾ فتور يا نقص هوندو آهي، سي هر هڪ ڳالهه يا تقريب ۾ ڪو سبب ڳولهي يا گهڙي وٺندا آهن، بسنت ملهائڻ لاءِ به هنن وٽ پنج سئو سبب، هيلا ۽ بهانا آهن. هولي ملهائڻ لاءِ به مون وٽ هڪڙو لوهه جهڙو سالڊ سبب آهي ۽ اهو سبب اهو آهي ته هي هندستان جي ثقافت جو حصو آهي.

    · آکاڻيون ٺاهڻ ۽ قصا گهڙڻ ٻاراڻو ڪم آهي، جنهن کي ڪجهه ظاهري معززن ۽ نموني باز بزرگن مذهبن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ضد تي آهن ته اهي قصا ڪهاڻيون مذهبن ۽ عقيدن جو حصو آهن.

    · چوڻ لاءِ چئبو آهي ته هندستان جو ڪو به مذهب ڪونهي، چوڻ لاءِ چئبو آهي ته هندستان سيڪيولر ملڪ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته جنهن کي جيڪو وڻي سو مذهب اختيار ڪري يا نه ڪري ۽ جنهن کي جيڪا وڻي سا سڀيتا/ڪلچر/ثقافت قبول ڪري. بنيادي حقيقت اها آهي ته هندستان قديمي طرح دراوڙ هو ۽ دراوڙن وٽ مذهبي يا عقيدي قسم جي ائبسٽرئڪٽ شين بدران ٺوس ثقافت/سڀيتا/ڪلچر هو، جيڪو هندستان جي سڀني لوڪن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو ۽ جنهن جي مجموعي کي هو ڌرم چوندا هئا ۽ اڄ تائين به ان کي ڌرم ئي چوندا آهن.

    · انساني فطرت جي بناوٽ ڪجهه اهڙي آهي، جو ان ۾ پهرين ڪانڪريٽ (ٺوس) جي پرک ايندي آهي ۽ پوءِ، گهڻو پوءِ، ائبسٽريڪٽ (خيالي) جي پرک ايندي آهي. انسان پهرين ٻه ٻڪريون ۽ چار رڍون ته سمجهي ويو هو پر ٻه ۽ چار ڇا آهن، گهڻو پوءِ سمجهيو هو. دراوڙي هندستان وٽ سڀيتا/ڪلچر/ثقافت واريون ڪانڪريٽ ڳالهيون هيون. ان وقت هنن جي ذهنن ۾ اهڙين ڳالهين جي پيدا ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو، جيڪي هزارين ورهيه پوءِ مذهبن ۽ عقيدن ۾ ائبسٽريڪٽ صورت ۾ پيدا ٿيون. هولي به دراوڙي هندستان جي سڀيتا آهي، جيڪا سڀئي ملهائي سگهن ٿا. لغڙ اڏائڻ سان جي روزو نٿو ٽٽي ته رنگ لڳائڻ سان به نه ٽٽندو. لغڙ اڏائڻ ۽ هڪ ٻئي جا لغڙ ڪاٽا ڪرڻ جيڪڏهن جائز آهي ته رنگ پاڻ کي لڳائڻ ۽ ٻين کي لڳائڻ به جائز آهي. جيڪي ڪجهه هندستان جي ماڻهن وٽ هو ۽ آهي اها آهي ۽ هئي سڀيتا، ثقافت، ڪلچر، جنهن جو پالڻ ڪرڻ کي هو ڌرما چوندا آهن.

    · هندستان جي رهاڪن کي مسلمانن جو مذهب سمجهه ۾ ئي نه آيو هو، اهو ئي سمجهندا رهيا ته اها مسلمانن جي سڀيتا آهي، جنهن کي مسلمان پنهنجو مذهب چوندا آهن. اهو ئي سبب آهي هو جو هندستان جي ماڻهن مسلمانن جي حاڪمن کي ڪيئي صديون سک سان حڪومت ڪرڻ ڏني. جيڪڏهن هندستان جي ماڻهن وٽ به ڪو مذهب هجي ها جيئن عيسائين ۽ يهودين وٽ هو ته هندستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ بلڪل ائين جنگيون ٿين ها، جيئن صليبي جنگيون. هندو مت ڌرم آهي، ريتن رسمن، ثقافتن، طور طريقن ۽ رواجن جو مجموعو آهي، جنهن سان ڪنهن به مذهب يا عقيدي جو ڦڏو يا تڪرار ناهي.

    · اوهان مون سان بحث به نٿا ڪري سگهو ۽ ضد به نٿا ڪري سگهو، ڇو ته مون عمرو به ڪيو آهي. حج به ڪيو آهي، مسلمان به آهيان، مسلمان جو پٽ به آهيان ۽ سڀيئي نه ته ڪجهه نمازون به پڙهيون اٿم ۽ پوءِ مون قرآن پاڪ جو ترجمو به پڙهيو آهي ۽ سمجهي پڙهيو آهي، جنهن لاءِ مان ڄاڻان ٿو ته پنجئي وقت نماز پڙهندڙ ۽ باقائده روزا رکندڙ ماڻهن مان به تمام گهڻن ڄڻن قرآن پاڪ جي معنيٰ هڪ ڀيرو به نه پڙهي آهي. سو مان اوهان کان پڇان ٿو ته اوهان ڇا هروڀرو انهن تمام سهڻن رنگين ڏينهن جي پويان هٿ ڌوئي پئجي ويندا آهيو، جن ڏينهن جو ذڪر اوهان جي خيال موجب اوهان جي مذهب ۾ ڪونهي؟ ڪهڙي مذهب جي ڪهڙي ڪتاب ۾لکيل آهي ته لغڙ اڏائڻ يا رنگن سان راند ڪرڻ سان اوهان جو مذهبي ڍانچو هيٺ مٿي ٿي ويندو ۽ اوهان مسلمان ئي نه رهندا؟

    · هوليءَ جو ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهائجڻ لڳو آهي، يورپ ۽ آمريڪا ۾ باقائدي عاليشان طريقي سان تقريبون ۽ فنڪشن ٿيندا آهن. ڏياري جي تهوار تي ڏيا ڇو نه ٻاريون ۽ ڦٽاڪا ڇو نه هلايون، ٻين صوبن کي ڇڏيو، پر سنڌ ۾ ڇو مسلمانن ۽ هندن کي هڪٻئي کان ڌار ڪري اسان کي اڃايل ڇڏيو ويو؟ اهي هئا ڪير، جن اسان جي ثقافت جي ٻانهه مروڙي ڇڏي؟

    · حلال ۽ حرام اسان جا مذهبي لفظ آهن، پر ڪهڙي ڪتاب ۾ ڪهڙي هنڌ لکيل آهي ته هندو جي هٿ جي پڪل شيءِ نه کائو؟ ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته مان تتل ويٺو آهيان، منهنجي اندر ۾ انهن ۽ اهڙي قسم جي ناانصافين تي باهه آهي. محمود غزنوي جيڪي 17 ڪاهون ڪاٺياواڙ ۾ دوارڪا مندر تي ڪيون هيون، سو فقط بت ڀڃڻ ۽ اسلام پکيڙڻ آيو هو؟ افغانستان کان دوارڪا تائين اچڻ ڪو ماتلي کان بدين پهچڻ نه هو، جو هو صاحب 17 ڀيرا آيو هو، بت شڪن جو خطاب اهڙي شخص کي فقط انهن تواريخ نويسن ڏنا، جن وٽ نه ذهن هو، نه عقل هو، نه سمجهه هئي ۽ نه ڪامن سينس هو. حيدرآباد ۾ جيڪو اولڊ ڪيمپس آهي، سنڌ يونيورسٽي جو اهو سڄو هندن جي ٽرسٽ پراپرٽي هو، جنهن ۾ ڇوڪرين جو اسڪول هو ۽ سڄو ميدان خالي پٽ هو. ڪي استاد ۽ آفيسر آءِ آءِ قاضي وائس چانسلر کي اهڙا لڳا جو اهو سڄو پٽ ڪاٽي ڪوٽي ماسترن ۽ آفيسرن ۾ ورهائي ڇڏيائون. جيڪي انهن جاين ۾ ويٺا آهن، تن وٽ فقط قبضو آهي، مالڪي ناهي. خوشامدي تواريخ نويس لکندا ته آءِ آءِ قاضي ۽ سندس استادن ۽ آفيسرن سنڌ ۾ تعليم جي خدمت ڪئي. سڀيئي ڪوڙ ڳالهائيندا، ڪو هڪڙو به سچ نه ڳالهائيندو. پاڻ کي نه ته پنهنجي اولاد کي هڪڙي ڏينهن سنڌي درسي ڪتابن ۾ اهو پڙهڻو پوندو ته آءِ آءِ قاضي سنڌ صوبي جو محمود غزنوي هو، جنهن هندو ڇوڪرين جي اسڪول جي زمين عظيم ۽ قديم سنڌ جي يونيورسٽي جي ماسترن، ڊاڪٽرن، محققن ۽ آفيسرن ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    فائدو؟




    جمع 3 اپريل 2009ع



    ·اوهان ڪڏهن ڪنهن انگريز جي واتان اهو ٻڌو آهي ته انگريزي جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته صحيح ۽ درست انگريزي ڳالهائجي ۽ لکجي؟ اوهان ڪڏهن ڪنهن اهڙي انگريز جو ڪو اهڙو ليک پڙهيو يا ڏٺو آهي ته صحيح ۽ درست انگريزي ڳالهائڻ سان انگريزي ٻولي ترقي ڪندي؟ نه، هرگز نه. ته پوءِ انگريزي ڇو دنيا ۾ وڌندي پئي وڃي؟ اردو وارن به گهڻي زماني کان اهو چوڻ ڇڏي ڏنو آهي ته صاف ۽ سٺي اردو ڳالهائڻ سان اردو ترقي ڪندي ۽ اوهان ڏسو به پيا ته اردو ڳالهائيندڙ به وڌندا ئي وڃن. اوهان کي ڪڏهن ڪنهن can not کي can’t لکڻ کان يا چوڻ کان منع ڪيو آهي؟ اوهان کي ڪنهن انگريز جهليو آهي ته you کي موبائيل يا انٽرنيٽ تي u نه لکو؟ هيئن ڪرڻ سان ٻولي ترقي ڪندي ۽ هونئن ڪرڻ سان ٻولي گهٽجي ويندي وارو ٺيڪو فقط انهن سنڌين کنيو آهي، جن وٽ يا ته لکڻ لاءِ ڪا ڳالهه ئي ناهي، يا لکڻ لاءِ فقط اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي دنيا ۾ ڪا اهميت ناهي.

    ·اوهان وٽ وٺڻ لاءِ وڏا وڏا نالا آهن، ڊاڪٽر فلاڻو، ڊاڪٽر ٽيرڻو، ڊاڪٽر مٽيرڻو. اوهان وٽ پڏائڻ لاءِ وڏا وڏا ادارا آهن، فلاڻي يونيورسٽي، ٽيرڻي يونيورسٽي، مٽيرڻي يونيورسٽي، فلاڻو بورڊ، ٽيرڻو بورڊ، مٽيرڻو بورڊ، پر هنن کان پڇو ته هنن ڪو اهڙو ڪم به ڪڏهن ڪيو آهي، جنهن دنيا جي ٻين ماڻهن کي سنڌي سکڻ تي مجبور ڪيو هجي؟ اهي ماڻهو ۽ اهي ادارا اوهان کي پنهنجي ڄائي ڄم کان اهي ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا مضمون، ساڳيون ٺمريون، ساڳيا دادرا ۽ ساڳي ڪوت ڏيندا آيا آهن، جيڪي فقط سنڌي پڙهندڙ ئي ڄائي ڄم کان پڙهندا آيا آهن.

    ·مان اوهان کان هڪڙو بلڪل سڌو سوال ٿو پڇان، جنهن جو جواب اوهان ڏيئي ته ڏيکاريو. سوال آهي ته اهي اوهان ۽ مان، جن کي فقط سنڌي ٻولي ئي لکڻ پڙهڻ اچي ٿي، تن کي اچي ڇا ٿو؟ هنن جي ڄاڻ جو دائرو فقط انهن بلڪل اجاين ۽ غلط سلط ڳالهين تائين محدود آهي، جيڪي سندن مٿي ڄاڻايل ڊاڪٽرن ۽ ادارن هنن کي سرڪاري ۽ غير سرڪاري خرچ تي ڇپائي سندن مغز ۾ ڀريا آهن ۽ جن اديبن کي هي پڏائيندا آهن، تن هنن کي ڏنو ڇا آهي، سواءِ عشقيه ڪهاڻين، افسانن ۽ ”سوچيان پيو“ شاعري، ڪجهه خوام خواهه قسم جي ڊگهين آکاڻين جي، جن کي هي فخر سان ”سنڌي ناول چوندا آهن. ترجمن جي نالي ۾ جيترو ڪوڙ اوهان جي انهن ادارن اوهان کي ذهن نشين ڪرايو آهي، تنهنجو ڪاٿو ئي ناهي. سنڌي ادبي بورڊ وارن برٽن جو سنڌ بابت انگريزيءَ ۾ لکيل هڪڙو ڪتاب منهنجي ڀيڻويي محمد حنيف صديقيءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو هو. تمام گهڻن ورهين جي ڳالهه آهي، تنهن ڪري ان ڪتاب جو نالو وغيره مون کي ياد ناهي. حنيف هڪڙي ڏينهن مون کي برٽن جي ان ڪتاب جا ٽي چار صفحا ڏيکاري چيو ته هي پڙهه، انهن صفحن ۾ برٽن لکيو هو ته سنڌي ماڻهو جيڪي ٻيا ڪن تن جو نقل ڪندا آهن، انگريزن کي ڏسي انهن ۾ سرخرو ٿيڻ لاءِ شلوار قميص تي ٽاءِ ٻڌندا آهن. مان حيران ٿي ويس، مون حنيف کان پڇيو ته هو هنن اکرن جو ترجمو ڪيئن ڪندو؟ حنيف چيو ته کيس چيو ويو آهي ته اهي اکر ۽ لفظ کائي وڃ. مون حنيف کي چيو ته هو اهو ڪتاب ترجمو ڪرڻ تان هٿ کڻي وڃ. پر حنيف چيو ته، جيڪڏهن مان انڪار ڪندس ته گهڻا ئي ويٺا آهن اهو ڪم ڪرڻ لاءِ، سو مان ڇو پنج هزار رپيا وڃايان. هنن کي کپي ڪوڙ، سو مان هنن کي ڏيان پيو فقط اهي لفظ غائب ڪري. اها ڳالهه تڏهن جي آهي، جڏهن مون اڃا لکڻ وغيره شروع نه ڪيو هو، نه ته مان ان زماني ۾ ئي بورڊ کي خوار ڪري ڇڏيان ها. مون شايد ڏهن ورهين کانپوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، پر منهنجي توجهه فقط مشڪريون لکڻ ڏانهن هئي. ديڳ مان فقط چار ڇهه چانور چکبا آهن، سو اوهان سمجهي وڃو ته انگريزي ڪتابن جي ترجمن جي نالي ۾ اوهان جي ذهنن ۾ ڪيترو ڪوڙ ۽ ڪيترا گشا ڀريا ويندا آهن. پر هڪڙي ڳالهه تمام سهڻي آهي، اها هيءَ ته جن کي فقط سنڌي لکڻ پڙهڻ ايندي آهي، سي انگريزي ڪتابن جا ترجما به نه پڙهندا آهن.

    ·جن سنڌين جي دنيا فقط سنڌي لکڻ پڙهڻ تائين محدود رهي آهي، سي صبح شام، ڏينهن رات، آڌي مانجهي فقط اهو ئي راڳ ڳائيندا آهن ته سنڌي ٻولي دنيا جي بلڪل آڳاٽي ٻولي آهي، بي انتها شاهوڪار آهي، تمام گهڻي قيمتي آهي، هن عاليشان محقق پيدا ڪيا آهن ۽ هن کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. مان پڇان ٿو ته اردو کي جو قومي درجو ڏنل آهي، تنهن اردو کي ڪهڙو فائدو ڏنو آهي؟ سڄو پاڪستان انگريزيءَ تي پيو هلي ۽ انگريزيءَ ڏانهن پيو گهلجي. جيڪڏهن سنڌي قومي ٻولي ٿي به وئي ته سنڌي پڙهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ فقط اهي ئي هوندا ۽ رهندا، جيڪي اڄ آهن. ڌارين جو مٿو خراب ٿيو آهي ڇا، جو انگريزيءَ جا 26 اکر ڇڏي اردو جا 36 اکر ڇڏي سنڌي جا 56 اکر ياد به ڪن ۽ پوءِ اهي ۽ اهڙا اچار به ڳالهائڻ سکن، جيڪي فقط سنڌي ڳالهائي سگهن ٿا. ساڪريٽس، پلئٽو، ارسٽاٽل پي ايڇ ڊي قسم جا ڊاڪٽر نه هئا، جو هنن وٽ ان زماني ۾ مولانا قاسمي جهڙو رحمدل گائيڊ نه هو، جيڪو ڊاڪٽوريٽ جا ڊپلوما ورهائيندو هلي. اها ڳالهه مان گريس جي پيو ڪريان، پر اڄ گريڪ ٻوليءَ جي اهميت ڇا آهي؟ اهاساڳي جا سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ٻولي جي ٻڌائيندا آهن. عظيم آهي ۽ قديم آهي ۽ اڄوڪي تڪڙي ترقي ڪندڙ دنيا ۾ ڪنهن به ڪم جي ناهي، سواءِ افسانا ۽ ڪهاڻيون لکڻ جي.

    ·۽ اوهان کي ڪهڙي برهمڻ، کتري، يا وئش ٻڌايو آهي ته جنهن ٻوليءَ کي اوهان اڄ سنڌ صوبي ۾ سنڌي ٿا چئو، سا سچ پچ اها ئي ٻولي آهي، جنهن کي ٽي چار هزار ورهيه اڳ ڏاکڻي پنجاب، قلات، سڄي بلوچستان ۾ بلڪل سمنڊ تائين سنڌي چيو ويندو هو؟ جيڪڏهن اڄوڪي سنڌ صوبي ۾ اوهان ڪو هڪڙو به اهڙو ماڻهو ڏيکاريو، جيڪو پاڻ کي سنڌي چوائيندو هجي ۽ قسم کڻي چئي وڃي ته هن جا پر ڏاڏا ۽ تڙ ڏاڏا به اها ئي سنڌي ڳالهائيندا هئا، جنهن کي اڄ اوهان سنڌي ٻولي ۽ اها به قديم سمجهي ويٺا آهيو. تمام گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن جي ذهنيت سائنسي حقيقتون قبول ڪندي آهي. عبدالقادر جوڻيجي منهنجيون ڳالهيون ٻڌي چيو هو ته سندس ڳوٺ ۾ سندس مائٽن ۾ اڃا به ڪي ماڻهو آهن، جيڪي مارواڙي ڳالهائيندا آهن. کوجن، بورين ۽ سيلاٽن جي ٻولي گجراتي آهي، جو هي گجرات، مان ٿيندا آيا هئا. پر جيڪڏهن ڪو کوجو ضد ڪري پنهنجي پيٽ گذران خاطر چئي ته نه فقط هو پاڻ سنڌي آهي، پر سنڌي ٻوليءَ کي ڄڻيو ئي هن پاڻ آهي، ته اهڙي شخص کي پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون.

    ·ڳالهه دراصل مون کي ڪا ٻي لکڻي هئي. مون کي لکڻو هو ته سنڌ صوبي ۾ چئن قسمن جا ماڻهو آهن، برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر پر مان الائجي ڪيڏانهن هليو ويس. ساري، پاڻيهي سڌو ٿي ويندس.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مادري ٻولي




    سومر 6 اپريل 2009ع



    · ڪجهه وقت اڳ مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ۽ پاڻ وٽ ڇا ٿيو؟ مادري ٻولي جي ساراهه ڪئي وئي، ان جي حق جي ڳالهه ڪئي وئي ۽ ٻارن کي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، فقط سنڌي ٻولي جي ڳالهه ڪئي وئي، اهو نه سوچيو ويو ته مادري ٻولي الڳ ڳالهه آهي ۽ صوبائي ٻولي الڳ ڳالهه آهي. انهن ٻارن جا حق درگذر ڪيا ويا جيڪي پنهنجي گهرن ۾ سرائڪي، ڍاٽڪي، بلوچي، براهوي ۽ مارواڙي ٻوليون ڳالهائيندا آهن، ڇو؟ اهي ٻار ناهن ڇا؟ فقط سنڌي کي ئي مادري ٻولي جو مقام ڏنو ويو، ڇو؟ سبب ڄاڻائڻ گهرجي، جيڪو نه ڄاڻايو ويو. عالمي اداري مادري ٻولي جو ڏينهن ملهائڻ جو چيو هو، صوبائي ٻولي ملهائڻ جو نه چيو هو ۽ جي سنڌ صوبي جي نالي چڙهيل محققن ۽ عالمن کي سنڌي بابت ئي ڏينهن ملهائڻو هو ته هنن جو ڪم هو ته هاءِ گهوڙا ۽ واهه واهه تائين محدود رهڻ بدران سنڌي ٻوليءَ جون گهٽتايون ۽ گهرجون به ظاهر ڪن ها.

    · ساڳي ٻولي جڏهن ديوناگري اسڪرپٽ ۾ ٿي لکجي ته ان کي هندي سڏبو آهي ۽ جي ساڳي ٻولي فارسي اسڪرپٽ ۾ ٿي لکجي ته ان کي اڙدو چئبو آهي، تنهن جي معنيٰ ته ان هڪڙي ئي ساڳي ٻولي وٽ لکجڻ جا ٻه طريقا آهن. ڀارت ۾ هندي جي نالي هيٺ اڙدو پئي لکجي ۽ پاڪستان ۾ اڙدو جي نالي هيٺ هندي پئي لکجي، نه هنن کي اعتراض آهن، جيڪي اها ٻولي ديوناگري ۾ پيا لکن ۽ نه وري انهن کي اعتراض آهي، جيڪي فارسي اسڪرپٽ ۾ پيا لکن. اهو ئي سبب آهي جو اها اڙدو/هندي ٻولي ترقي ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت جي سڀني ٻولين کان گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي. اڳتي پڙهڻ کان اڳي مهرباني ڪري اها پئرا ٻيهر پڙهي وڃو.

    · ۽ ان ٻوليءَ وٽ ڪهڙا ۽ ڪيترا اسڪرپٽ آهن، جا اڄ سنڌ ۽ ڀارت ۾ سنڌي جي نالي سان سڏجي ٿي؟ فقط هڪڙو اسڪرپٽ آهي، جيڪو فارسي ۽ عربي اسڪرپٽن جو کار آهي ۽ لکڻ ۾ ايترو تڪليف ده آهي، جو لکندڙ گهٽبا ئي وڃن. ڪنهن زماني ۾ اها ئي ٻولي ديوناگري اسڪرپٽ ۾ لکبي هئي ۽ اها سنڌي ئي سڏبي هئي، ڇو ته اوهان جي ٻولي ۽ ادب جي ماهرن کي اها منهنجي ڳالهه نه وڻندي ۽ ان ڪري هو مرڳو انڪار ڪندا، تنهن ڪري اوهان کي صلاح آهي ته سنڌالاجيءَ ۾ وڃي اها سنڌي ڊڪشنري ڏسو جا انگريزن جي اچڻ تي هڪڙي انگريز آرمي آفيسر ڇپائي هئي. اها ديوناگري اسڪرپٽ ۾ آهي. ان زماني ۾ ڇاپ گهر ممبئي ۾ هئا. 1945ع ۾ انگريزن اهو اسڪرپٽ سنڌي ٻوليءَ کي ڏنو، جيڪو اڄڪلهه استعمال ٿئي پيو ۽ جنهن تي سنڌي ٻوليءَ جي ابن ڏاڏن اهڙي ڳنڍ ٻڌي آهي، جو ڪنهن ٻئي اسڪرپٽ کي ٻيلهه ڪرڻ لاءِ برداشت ئي نٿا ڪن. جيئن اڙدو وٽ ٻه اسڪرپٽ آهن، تيئن جيڪڏهن سنڌي وٽ به ٻه اسڪرپٽ هجن ته سنڌين کي به سندن ٻولي ترقي ڪندي نظر ايندي. سنڌ جي ٻولي جي ابن ڏاڏن تي آخر ڪهڙو وزن ڪري پوندو جي ديوناگري اسڪرپٽ به قبول ڪيو وڃي.

    · اڄ اڙدو سنڌي ٻوليءَ کان هڪ سئو کان به وڌيڪ ورهيه اڳتي آهي، جو ان وٽ ٻه اسڪرپٽ آهن، سڀاڻي اڙدو ٻولي سنڌي ٻوليءَ کان ٽي چار سئو ورهيه اڳتي نڪري ويندي جو ڪافي وقت کان انگريزي، رومن اکر به اڙدو ۾ استعمال ٿيڻ لڳا آهن ۽ سنڌين کي سندن هڪڙو ئي موڀي، پياري اسڪرپٽ اهڙو گهٽيو آهي جو هاڻ سنڌي به انگريزي اکرن ۾ اڙدو لکڻ لڳا آهن. ائين ته سنڌي جي پاڙ ئي پٽجي ويندي. جي سنڌي ٻولي بچائڻي آهي ته ان کي هڪدم نئون ۽ تازو اسڪرپٽ به ٻيلهه ڏيو، پوءِ اهو ديوناگري هجي يا انگريزي اکرن تي ٻڌل اسڪرپٽ هجي.

    · مادري ٻولي جو ڏڻ ملهائڻ وقت اهو به سوچڻ گهرجي ته مادري ٻولي سنڌي کي پوئتي رکڻ لاءِ جوابدار ڪير آهن؟ هي اهي ساڳيا آهن، جيڪي هاڻ چون پيا ته مادري ٻولي سنڌي سان ظلم ڪيو ويو آهي. هي اهي ئي آهن جن سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪنهن نه ڪنهن ويس ۾ ڪو پارٽ ادا ڪيو آهي، ڪاميٽيون ٺاهيون آهن، ڪاميٽين جا ميمبر رهيا آهن، آفيسر رهيا آهن، استاد رهيا آهن، ڪتابن جا ايڊيٽر رهيا آهن، درسي ڪتاب ڇپايا آهن، درسي ڪورس جوڙيا آهن ۽ جن جا نالا ورهين بلڪه صدين کان سنڌي ڪتابن تي ڇپيل نظر ايندا رهيا آهن. هنن سنڌ جي تعليمي نظام جي خرچ تي پنهنجا گهر ڀريا آهن ۽ هاڻ به سنڌي ٻوليءَ جي اسڪرپٽ ۾ ڪو به سڌارو فقط ان ڪري نٿا آڻڻ ڏين جو حال رائج اسڪرپٽ ۾ سندن اهي ڪتاب ڇپيل آهن، جن جي رائلٽي/ڪمائي هي کائي رهيا آهن.

    · جتي ڪو بورڊ هوندو، اتي تباهي هوندي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ختم ڪري ان جي جاءِ تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ اٿارٽي قائم ڪري سڀئي اختيار هڪڙي فرد کي ڏنا وڃن ۽ هن کي ئي جوابداري ڏني وڃي ته پنهنجي لياقت آهر ڪم ڪري ۽ جي هو گند ڪري ته ان کي هڪدم هٽائي ٻئي فرد کي آندو وڃي. بورڊ ته هڪ بهانو آهي، گڏجي کائڻ جو. ساڳئي نموني پرائمري ۽ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن جا بورڊ به ختم ڪري انهن تي به هڪڙو هڪڙو فرد مقرر ڪيو وڃي، جيڪو ان کاتي جي چڱائي لاءِ مڪمل طرح جوابدار هجي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عقلمند





    خميس 16 اپريل 2009ع



    · چريو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڏو عقلمند سمجهندو آهي، مان پنهنجي ڳالهه پيو ڪريان، ٻين چرين جي نه.

    · زيب سنڌيءَ کي ڪنهن موبائيل تي نياپو ڏنو ته سٺو ليکڪ جسماني نقص ۽ چريائپ جي ئي ڪري سٺو لکي سگهندو آهي ۽ جيڪڏهن هن ۾ اهي ٻه نقص نه هجن ته هن جو سٺو ليکڪ ٿيڻ ناممڪن آهي. مون زيب کي جواب موڪليو ته سندس اهو دوست بلڪل صحيح آهي، مون ۾ جسماني نقص به آهن ۽ مان چريوبه آهيان. هن جواب ڏنو ته هو مون کي جينيس ليکڪ سمجهندو رهيو آهي. جواب ڏنومانس ته جينينس هجڻ ممڪن ئي ناهي، جيستائين چريائپ موجود ناهي. مان نٿو ڄاڻان ته زيب جو مون بابت هاڻ خيال ڇا آهي. مون وٽ ثابتي آهي، منهنجي ننڍپڻ کان ئي چريي هجڻ جي. پنهنجن سڀني ٻارن مان منهنجي ماءُ مون کي سڀني ٻارن کان وڌيڪ ڀائيندي هئي، ۽ پاڻ ڄاڻون ٿا ته ماءُ پنهنجن ٻارن مان ان ٻار کي وڌيڪ ڀائيندي آهي، جنهن ۾ ڪو نقص هجي. جن منهنجي ماءُ کي نه ڏٺو، جن جو واسطو منهنجي ماءُ سان نه پيو، يا جن کي منهنجي ماءُ نه وڻندي هئي، سي چوندا رهيا ته حليم کي سندس ماءُ کاريو. امان ڄاڻندي هئي ته حليم چريو آهي ۽ دنيا ۾ نه هلي سگهندو ۽ ضرور گند ڪندو، سو هو ڪري به ڇا ٿي سگهي، سواءِ مون کي پيار ڪرڻ جي!

    · ورهاڱو، پارٽيشن يا اردو/هنديءَ ۾ بٽوارا جو مطلب مان هندستان کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ ئي سمجهندو آهيان. هندستان جو مختلف حصن ۾ ورهائجي وڃڻ ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو سانحو آهي. آخر ڪا ته خاص سهڻائپ، ڪا خاص ڳالهه هندستان ۾ هئي جو احمد شاهه ابدالي، غوري، غزنوي، نادر شاهه، بابر هڙئي هزارين ميل اڪري هندستان ڏانهن ايندا هئا. اڄوڪا مسخرا تواريخدان جي ان زماني ۾ هجن ها ته چون ها ته هنن همراهن کي پنهنجو واپار وڌائڻ لاءِ سمنڊ ڏانهن رستو ٿي کتو يا هنن کي گرم پاڻي وٽ پهچڻ جي ضرورت هئي. جيئن انهن تاريخدانن اهي ئي سبب روس جي خلاف به ڏنا هئا. حقيقت اها آهي ته هندستان شيءِ ئي اهڙي هئي، جنهن ۾ قرب گهڻو هو. هندستان کي لڙاڪا، ويڙهاڪ، جهيڙاڪ ۽ ٺونشي باز ماڻهن ۽ ملڪن جا اڃا هٿ ئي نه لڳا هئا. هندستان ۾ ڪشش هئي، ڇڪ هئي، جا افغانستان ۽ ان جي اوڀر، اتر ۽ اولهه پاسي وارن ملڪن جي جنگجو ۽ ويڙهاڪ ماڻهن کي اگهاڙين پٺين وارن گهوڙن تي چڙهي اوڏانهن اچڻ تي مجبور ڪندي هئي، ۽ هو واٽ تي تباهي مچائيندا. ڦرلٽ ڪندا، قتل غارت ڪندا، هندستان ۾ دهليءَ تي حملو ڪري مڪمل بربادي جي شروعات ڪندا هئا. تڏهن نه عيسائيت هئي ۽ نه اسلام هو. انهن ماڻهن کي سنڌي تاريخدانن (تاريخدان پاندان مان نڪتل آهي) وٽ فقط مدل ۽ منگول نالا هئا، انهن خوفناڪ ماڻهن جون دراصل ٽي قومون هيون، جن مان هڪڙي قوم جو نالو وينڊال هو، جنهن تان انگريزي اکر وينڊلزم (غنڊه گردي) اڄ عام طرح استعمال ڪيو ويندو آهي. باقي ٻه نالا مون کي ياد نه رهيا آهن. انهن ٽنهي قومن مان هڪڙي قوم هندستان ڏانهن رخ رکيو، ٻي قوم پرشيا (ايران) ۾ گهڙي ان سهڻي ملڪ جو خانو خراب ڪيو ۽ ٽئين قوم ايران مٿان ڪئسپين سمنڊ وٽان لنگهي اڄوڪي اٽلي جي گادي واري شهر روم ۾ بادشاهه جي دربار ۾ پنهنجن گهوڙن تي چڙهيل ۽ اگهاڙيون ترارون هٿن ۾ کنيل گهڙي آئي، جتي بادشاهه ۽ درباري يا ته ڀڄي ويا، يا وري مارجي ويا، پر پنهنجو واسطو آهي هندستان سان.

    · ۽ اوهان کي ڄاڻ آهي ته مون جهڙا ليکڪ ڇو اچي پنهنجي ليکڪي/ليکڪ هجڻ مان ڦاٿا آهن؟ جنهن ٻوليءَ ۾ ڪا هڪڙي به سائنسي کوجنا اهڙي نه ٿي هجي، جا دنيا ۾ ڪنهن به شعبي ۾ انفراديت سان ڪم ايندي هجي، جنهن ٻوليءَ کي فقط اهي ئي ڳالهائي سگهندا هجن، جن جي اها پنهنجي ٻولي آهي، جنهن ٻوليءَ جي ڪافي اکرن ۽ تنهن ڪري گهڻن ئي لفظن جا اچار اهڙا آهن، جو ٻين ٻولين جا ماڻهو اهي اکر ۽ لفظ سکڻ کان خودڪشي ڪرڻ بهتر سمجهندا ۽ جنهن ٻولي ۾ ماڻهو فقط ڪچهريون ڪندا هجن، هڪ ساهيءَ ۾ لڳاتار ساڳئي وزن ۽ تور وارو پنجاهه سٽن جو لاڳيتو شعر پڙهندا هجن. جنهن ٻوليءَ ۾ فقط قصا، ڪهاڻيون، گشا پتا، آکاڻيون ۽ افسانه هجن. انهيءَ ٻوليءَ جي ماڻهن وٽ آخر ڪم ڪهڙو هوندو، سواءِ پنهنجن مون جهڙن ليکڪن جي نفسيات بڇڙي نموني چيري ڦاڙي ان تي آڏي ابتي نموني ٽيڪا ٽپڻيون ڪرڻ جي؟ جن فقط سنڌي لکي پڙهي آهي ۽ فقط سنڌي ئي ڳالهائي آهي، تن لاءِ سندن سنڌي ليکڪ ائين آهي، جيئن بائلاجي جي شاگرد لاءِ ميز تي رکيل اهو ڏيڏر جنهن کي وڍي ڪٽي ڏسندا آهن ته ان جا ڦڦڙ ڪٿي آهن، آنڊو ڪٿي آهي ۽ دل ڪٿي آهي؟ انهن ماڻهن ڪڏهن به ڪا ٽڪي آني واري ايجاد به نه ڪئي آهي، پر ڳالهيون ائين ڪندا، جيئن دنيا ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سو سڀ ڪجهه هنن جو ڏنل، گهڙيل ۽ ٺاهيل آهي.

    · ابوالحسن جي سنڌي ڇا هئي؟ ڪنهن سنڌي لکندڙ ۽ پڙهندڙ اهو ڪتاب ڏٺو به آهي؟ عربي اکرن ۾ سنڌي لفظ لکڻ جي ڪوشش هئي، عربي ۾ ته ڏ، ڳ، ٻ، پ، ڃ، ڱ، ڄنڃ، مڱ، جهڙن اکرن ۽ لفظن جا اچار ۽ اکر آهن ئي ڪونه. سو ابوالحسن جي اها ”سنڌي“ ڇا هوندي، سا اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا، ڇو ته عربي ۾ ”گ“ ڪونهي، تنهن ڪري هن صاحب ”گ“ جي اچار لاءِ ”ڪ“ لکيو هو. هي جيڪي اوهان جا دانشور اوهان کي اسٽيج تان ليڪچر ڏيندا آهن ته ”بابا آڳاٽي سنڌي لکو“ سو هنن کان پڇو ته ”ابو الحسن واري سنڌي ته سڀ کان آڳاٽي هئي، سو اها سنڌي ڇو نه لکون؟“ هي منجهي پوندا، ڇو ته هنن ابوالحسن وارو ڪتاب ڏٺو ئي ڪونهي.

    · اوهان سان مشڪل هيءَ آهي ته اوهان مثالن مان به نه سکندا آهيو، اوهان کي ڪو مثال ڏيڻ آهي رڍن اڳيان رباب وڄائڻ. مليشيا جي حڪومت آرڊر ڪڍي انگريزي ٻولي کي سرڪاري ۽ تعليمي ٻولي مقرر ڪيو آهي. هنن مليشيائي ٻوليءَ وارو جهنجهٽ ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي حيثيت هاڻ فقط ڳالهائڻ تائين محدود ڪري ڇڏي آهي. آمريڪا ۾ ماڻهن جو چڱو خاصو حصو اسپئنش ڳالهائيندو آهي، پر اتي جي سرڪاري ۽ تعليمي ٻولي انگريزي آهي. جيتوڻيڪ اتي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي به ڀرمار آهي.

    · ۽ سنڌ ۾ رهندڙ هندن ڇا ڪيو هو؟ 1845ع ۾ جڏهن انگريزن جي جوڙيل ڪاميٽي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اکر ٺاهي ڏنا، تڏهن بامبي سرڪار انهن ماڻهن لاءِ انعام (پئسا) رکيا، جيڪي انهن سنڌي اکرن ۾ ڪتاب لکڻ لڳا. چڱا خاصا هندو ماستر جيڪي اسڪولن ۾ انگريزي پڙهائيندا هئا سي به پئسن جي لالچ ۾ انگريزي تان هٿ کڻي سنڌي ۾ ڪتاب لکي پئسا ڪمائڻ کي لڳي ويا. اوهان کي وهم آهي ته هندستان ۾ سنڌي عروج تي آهي ۽ دنيا ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪروڙين آهن. غور سان چئني پاسي ڏسو، هڪڙو انگريزي پڙهائيندڙ پروفيسر (شايد نالو منگهارام هوس) ورهاڱي تي هندستان وڃي اتي انهيءَ پاڻ واري سنڌي اکرن ۾ سنڌي ادب جي تواريخ لکي. ان کان بهتر سنڌي ادب تي ڪو به ڪتاب لکيل ناهي ۽ ان ۾ تقريبن سڀئي حقيقتون بنا ڪنهن ڦڙٻاٽيءَ ۽ ٽرڙائپ جي لکيل آهن، پر ڪهڙي ٻوليءَ ۾؟ سنڌي ٻولي ۾ ۽ هو انگريزي جو استاد هو! گجرات سرڪار انهن سنڌي ليکڪن جي ڪتابن جو خرچ برداشت ڪندي هئي ۽ اوهان ڄاڻو ٿا ته پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ تائين هندو ڀائي بند/ڀائيبند دڪاندار پنهنجن دڪانن جو حساب ڪتاب گرمکي اسڪرپٽ ۾ به سنڌيءَ ۾ رکندا هئا. ها مون کي ذاتي ڄاڻ آهي، مان ننڍو هوس ۽ بابا پوليس ڪيسن جا فائل گهر کڻي ايندو هو، جيڪي مان ڏسندو هوس ۽ بابا سمجهائيندو هو ته اها سنڌي آهي جا سکن جي گرمکي اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي. بابا اهي اکر ڀائي بندن کان پڙهائيندو هو.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هائي ميرا دل!




    سومر 20 اپريل 2009ع



    · مان پنهنجي دل تي هٿ رکي چوان ٿو ته،

    يه جو ظالم دل دهڙک رها هي يهان

    اس ني اِک دن مجهي ڊبونا تها!

    · هڪڙي اردو/هندي فلم هئي، جنهن جو نالو هو ”هماري ياد آئي گي.“ ڇو ته فرسٽ ڪلاس فلم هئي، تنهن ڪري نالو به نه ڪيائين ۽ مشهور به نه ٿي. الائجي ڪيئن اها فلم مون ٽي وي تي ٽي چار ڀيرا ڏٺي. مٿي ڏنل ٻه سٽون ان فلم جي هڪ گاني جون آهن. اهو گانو ئي مڪمل عشق آهي، ان جون پهريون سٽون آهن.

    سوچتا هون يه کيا کيا مين ني

    کيون يه سر درد لي ليا مين ني!

    · اوهان اعتراض ته ڪندا، پر مان لکڻ بنا رهي نٿو سگهان، دل مان نفرتون ڪڍي هڪ ڀيرو پڙهي ته ڏسو.

    کون هي يه کهان سي آئي هي!

    يه تو اپني نهين پرائي هي!

    کيسي چنچل، شرير اور جهوٽي،

    پهر بهي من کو ميري يه بهائي هي!

    هاتهه مين هاتهه لي ليا مين ني!

    کيون يه سر درد لي ليا مين ني!

    · مٿي ڏنل سڀيئي سٽون فلم ۾ هيرو جون چيل آهن ۽ هيروئن ڇا ٿي چئي؟

    ديکهه کر يون وه مسکرايا کيون!

    مسکرايا تو پاس آيا کيون!

    ناک اتنا اور آپ اتنا سا،

    پهر بهي ميري نظر کو بهايا کيون!

    جس کو ارپن کيا ديا مين ني

    سوچتي هون يه کيا کيا مين ني!

    کيون يه سر درد لي ليا مين ني!

    · هن گاني مان ٻه چار سٽون مان کائي ويو آهيان جو مان ڄاڻان ٿو ته اوهان ۾ مون لاءِ سهپ ناهي. مان اردو لکندس ته اوهان چوندا حليم اردو وارن جو چمچو آهي. انگريزي لکندس ته چوندا ته انگريزن جو ايجنٽ آهي. انگريزي اکرن جي ڳالهه ڪندس ته چوندا ته سنڌي الفابيٽ ٿو کاري ۽ هاڻي اوهان انهن چمچن کي ڏسو، جيڪي ويهه سال اڳ مون کي غلط ۽ پاڻ کي صحيح سمجهندا هئا ۽ هاڻ پاڻ انگريزي اکر ۽ لفظ استعمال ڪن ٿا. خدا جو شڪر آهي جو علي قاضي سنڌ سڌارڻ جي ڪوشش ۾ انگريزي لفظ لکيا آهن، جنهن نادانن کي سڌارڻ شروع ڪيو آهي. جن کي اڄ اردو کان نفرت آهي، تن جو اولاد اوهان ياد رکو هندي لکندو، هندي ڳالهائيندو ۽ انگريزي پڙهندو. اوهان ڏسو نٿا ته اوهان جا سياستدان اوهان کي ڪهڙي دڳ تي وٺي پيا هلن؟ اوهان جي سياستدانن جي اولاد کي سنڌي لکڻ ته ٺهيو ڳالهائڻ به نه ايندي آهي ۽ اوهان انهن جي اردو تقريرن تي تاڙيون وڄائيندا آهيو. مان ته سڀني ٻولين کي پنهنجو سمجهندو آهيان. اوهان وڙهندا هلو مختلف ماڻهن سان، مختلف ٻولين سان، مختلف صوبن سان، مختلف ملڪن سان، مختلف لهجن سان، ڀتين سان، ديوارن سان، ڇو ته اهي ئي ته ڪم آهن، جيڪي اوهان جي اڪثر دانشورن، سياستدانن، ماسترن، پروفيسرن ۽ ليڊرن اوهان کي سونپيا آهن. ڪنهن اوهان کي چيو به آهي ته جيڪڏهن اوهان جا درسي ڪتاب اجايا آهي ته انگريزي، اردو، هندي درسي ڪتاب پڙهو؟ ڪنهن اوهان کي چيو به آهي ته جيڪڏهن اوهان جا تعليمي ادارا اجايا آهن ته گهرن ۾ ويهي پڙهو؟ ”هلو هلو پشاور هلو“، هلو هلو نشتر پارڪ هلو “، ”هلو هلو نوابشاهه هلو“، هيڏاهن هلو، هوڏانهن هلو، اهڙي قسم جا نعريٰ لکرائيندڙ ته پئسا ڏيئي لکرائيندا آهن، پر جيڪي اهي نعرا لکندا آهن، تن کي ڇا ٿي ويو آهي؟

    · منهنجو دماغ خراب ٿئي، تنهن کان اڳ مان هڪ ٻيو اردو شعر لکي وٺان.

    چلو اک فيصلا باهم يه کرلين،

    کي هم مين فاصله کتنا رهي گا!

    (ترجمو: اچو ته پاڻ فيصلو ڪري وٺون ته پاڻ ٻنهي جي وچ ۾ فاصلو ڪيترو رهندو!)

    · ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ“ اهي لفظ ٽي هزار ورهيه اڳ ساڪريٽس چيا هئا، جنهن کي سڄي دنيا (مون سميت) وڏو عقلمند سمجهندي رهي آهي. مون ڪالهه ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڏٺو ته گوئٽي چيو هو ته، ”جيڪڏهن مون پاڻ کي سڃاتو هجي ها ته مان ڀڄي ويو هجان ها.“ مون پاڻ کي سڃاتو آهي ۽ مان پاڻ مان بيزار آهيان، پر جيڪڏهن مان ڀڄي به وڃان ته ڪيڏانهن ڀڄي وڃان؟ جا مون کي سجهي ٿي سا مون کي پنهنجي هنج ۾ لڪائيندي؟

    · ياد رکو ته هي لفظ، منهنجا–حليم بروهي جا–آهن. ”جن وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو آهي، سي شاعري ڪندا آهن ۽ جن کوپڙين ۾ ڪجهه نه هوندو آهي، سي ٻين جي مواد مان سٽون کڻي انهيءَ مواد جو حوالو ڏيندا آهن“ ياد رکو ته هي لفظ منهنجا ناهن.

    · ”منهنجي بنيادي غلطي هيءَ آهي ته مان هتي آهيان ۽ تون ڪنهن ٻئي هنڌ آهين!“ ياد رکو ته هي لفظ منهنجا پنهنجا آهن. ”جا وڻي، سا وڻندڙ آهي.“ ۽ هي به ياد رکو ته هي لفظ منهنجا آهن. ”ڪنهن به اهڙي شخص جا ماتحت نه ٿجو، جنهن جي غربت يا بڇڙي حالت اوهان ننڍپڻ ۾ ڏٺي هئي. ڇو ته هاڻي هو اوهان جو صاحب آهي، تنهن ڪري پنهنجي غربت وارو ماضي اوهان جي ذهن مان ڪڍڻ ۽ ميسارڻ لاءِ اوهان کان اهڙي بڇڙي نموني بدلا وٺندو جو اوهان اهو ئي سمجهندا رهندا ته اوهان جو پراڻو ننڍپڻ جو دوست/واقف آهي. جيڪڏهن اوهان ڪڏهن خوشحال هئا ته انهن کان سدائين ۽ هميشه پري رهو ۽ رهجو جيڪي ان زماني ۾ بدحال هئا.“

    · ”جيڪڏهن اوهان ڪا به هڪڙي ڳالهه تمام چڱي طرح سمجهي ڇڏي آهي ته اوهان سڀ ڪجهه سمجهي ڇڏيو آهي.“ اها سٽ هڪ جپاني جي چيل ۽ لکيل آهي. مون کي فقط ايترو چوڻ آهي ته جيڪا مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي، تنهن کي مان ڪيئن سمجهان! ۽ جيڪاا مون کي نٿي سمجهي تنهن کي مان ڪيئن ۽ ڇا سمجهايان!

    نه هنس دل جلون پر تو باد بهاري،

    اگر آج ميري تو کل تيري باري!

    بدلتا هي رهتا هي اکثر زمانا،

    جلي دل کو اچها نهين هي جلانا!

    ستارو يه پيغام ان کو سنانا،

    يه تنهائي اور فصل گل کا زمانا!

    · هيءَ پئرا آهي، هڪڙي فلمي گاني جي جيڪو نور جهان ڪنهن زماني جي فلم خاندان ۾ ڳايو هو. ”اهو ظاهري رنگ روپ آهي، جنهن تي پاڻ فيصلو ڪندا آهيون ۽ اهو طريقو صحيح آهي، ڪردار ۽ اخلاق کي پاڻ ڇا چٽينداسين؟“ آئڊيا آسڪروائلڊ جو آهي، مون فقط وڌاءُ ڪيوآهي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ايجاد




    سومر 4 مئي 2009ع



    · مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪيترو غلط ماڻهو آهيان، بلڪل ائين جيئن اوهان ڄاڻو ٿا ته اوهان ڪيترا غلط ماڻهو آهيو، پر ڪا هئي جنهن کي وهم ٿي پيو ته مان چڱو ماڻهو آهيان ۽ جي مان چاهيان ته اڃا به وڌيڪ چڱو ماڻهو ٿي سگهان ٿو. سمجهايو به مانس ته مان اڳي ئي ڪافي چڱو آهيان ۽ مون ۾ وڌيڪ چڱائي جي نه گنجائش آهي نه چاهت، پر هوءَ نه مڙي. چيائين ته ”ڳالهه اها ناهي ته تون ڪيترو چڱو آهين، اصل ڳالهه اها آهي ته تون ڪيترو چڱو ٿيڻ ٿو چاهين.“ مان کيس سمجهائي نه سگهيس ته مون ۾ جا ٿوري گهڻي چڱائي اڳي ئي هئي، تنهن مان اڳ ئي مان بيزار هوس. هن کي ڪيئن سمجهايان ها ته هن پاڻ کي منهنجي نظرن سان ڏسڻ بدران شايد آئيني جي نظرن سان ڏٺو هو، اهو ڄاڻن ۽ سمجهڻ بنا ته آئينو ڪوڙ به ڳالهائيندو آهي.

    · هن نه ڪٿيو ته مون ۾ وڏون ڪهڙيون آهن، نقص ڪيترا آهن ۽ ڪيترو وقت جٽاءُ ڪندس. چيائين ته ”سڀيئي شاهوڪار يا اقتدار وارا ماڻهو لياقتن وارا يا پڙهيل يا وڻندڙ يا شڪل صورت جا چڱا نه هوندا آهن. تون جيڪڏهن چاهين ته پاڻ کي لکن ۾ توري سگهين ٿو.“ مون ڏانهنس نهاريو، هن مون کي ڪکن ۾ به نه توريو هو. ”تون چڱو ٿيڻ جي ڪوشش ڪر.“ هن ورجايو.

    · ”شاهوڪاري ۽ اقتدار انهن کي ملندو آهي، جيڪي شاهوڪاري ۽ اقتدار چاهيندا آهن.“ هوءَ نه مڙي، هن شايد مون کي اشارن ۾ پئي سمجهايو ته مان سندس لائق نه آهيان. مون کيس ڪڏهن ڪو اشارو به نه ڏنو هو ته مان به سندس اميدوارن جي قطار ۾ آهيان!

    · ”تو وٽ آهي ڇا سواءِ انهيءَ ٻه فوٽ زمين جي جنهن تي تون بيٺو آهين ۽ انهن خوابن جي ته تون ڪو وڏو ماڻهو ٿيندين!“ اها طنز هئي جيڪا مون کي وڻي ڇو ته هن ڪئي هئي ۽ مون تي ڪئي هئي.

    · ”جيڪڏهن تو وٽ ڪو مقصد ئي ناهي ۽ جيڪڏهن آهي به ته ان لاءِ تو ۾ اتساهه ناهي، ڪو به جذبو ناهي ته جيڪي ڪجهه تون حاصل ڪندين اهو تون ڪهڙي کاتي ۾ وجهندين؟“ مون وٽ جواب هو ته ”تنهنجي کاتي ۾“ پر اهو جواب مون ڏنو ڪو نه. هوءَ منهنجي ايجاد هئي، سائنسدان جي سڄي ڪمائي بک سميت سندس ايجاد ۾ ئي ويندي آهي.

    · ”هيڏانهن هوڏانهن ڏس ته ڪيئن عام، سادا ۽ ڪند ذهن ماڻهو ڪمن ڪارن ۾ رڌل آهن، دنيا کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ تون پاڻ کي ڏس جو عقلمند ۽ اڪابر ٿيڻ جي شونق ۾ اهڙو محو آهين جو نه ڪنهن ڪم جو رهيو آهين نه ڪنهن ڪاج جو! تنهنجي هٿ ۾ قلم هوندو آهي يا ڪتاب. تو ڪنهن وڏي ماڻهوءَ وٽ سندس هٿ ۾ ڪو ڪتاب يا رسالو ڏٺو آهي؟ ڪنهن وڏي آفيسر جي هٿ ۾ تو ڪو قلم يا ڪتاب ڏٺو آهي؟“ هوءَ منهنجي ماءُ نه هئي، ڀيڻ به نه هئي، هوءَ منهنجي ڪجهه نه هوندي به منهنجي سڀ ڪجهه هئي. بس مون کي وڻندي هئي. ”ڪامياب ماڻهو خبر اٿئي ڇا ڪندا آهن؟“ هو چوندي پئي هلي. ”هو پئسا گڏڪندا آهن، بئنڪن ۾ پيل پئسا ڳڻيندا آهن. هنن ۾ جيڪي بيوقوف هوندا آهن، سي ڪنهن هڪڙي بئنڪ ۾ پئسا رکندا آهن ۽ جيڪي عقلمند آهن، سي مختلف بينڪن ۾ پئسا ورهائي رکندا آهن.“ اهو سڀ ڪجهه مان ڄاڻندو هوس، پر مان پنهنجي فطرت کان مجبور هوس.

    · ”تون فطرتن باغي آهين،“ جيئن هو منهنجا خيال پڙهي وئي، ”تنهنجي فطرت ۾ بغاوت آهي، هر ڪنهن ڳالهه کان بغاوت، هر ڪنهن خيال کان بغاوت، هر ڪنهن ماڻهوءَ سان بغاوت، جيڪي آهي، تنهن سان بغاوت، جيڪي اڃا ٿيو ناهي، تنهن سان بغاوت، جيڪو ڪتاب تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن سان بغاوت، قلم جيڪو تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن سان بغاوت، اهڙي بغاوتي فطرت ڪنهن وڏي سوڀ جي ضمانت به ثابت ٿيندي آهي، پر تو هن وقت تائين ڪيو ڇا آهي، جنهن کي تنهنجي مستقبل ۾ ڪنهن سوڀ جي نشاني سمجهجي؟“

    · ”جن به ڪجهه ڪيو، انهن پهرين معاشري ۽ ماحول کان بغاوت ڪئي. هر هڪ نئين خيال ۽ نئين ايجاد جي پيڙهه ۽ بنياد ۾ ڪا بغاوت لڪل هوندي آهي. بغاوت تنهنجي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، تنهنجي اندر ۾ ڪو نئون خيال آهي، جيڪو توکي جيئڻ نٿو ڏئي. تون وڙهيو پئين هر هڪ سان، هر ڪتاب سان، هر خيال سان، هوائن سان به ۽ طوفانن سان به. تون جو مون سان ڪڏهن ٺهين ٿو ته ڪڏهن وڙهين ٿو، اهو ثابت ٿو ڪري ته تنهنجي اندر ۾ ڪو نئون خيال جنم وٺي رهيو آهي، تنهنجي اندر ۾ ڪا نئين ايجاد آهي، جيڪا ظاهري روپ ۾ اچڻ لاءِ توکي آرام سان جيئڻ نٿي ڏئي. سو تون ڇا ايجاد ڪندين؟ مان تون مان بيزار آهيان، پر توکي ڇڏي به نٿي سگهان، سو تون مون کي ٻڌاءِ ته تنهنجي من ۾، ذهن ۾، فطرت ۾ بيچيني ڇاجي آهي؟“ هوءَ پاڻ منهنجو خيال هئي، هو پاڻ ئي ته منهنجي ايجاد هئي، هوءَ پاڻ ئي ته منهنجي فطرت جو وڳوڙ هئي، پر جيڪڏهن هوءَ سمجهي به نٿي، ڄاڻي به نٿي ته مان ڇا ڪريان سواءِ بغاوت ڪرڻ جي!

    · ”نئون خيال، ڪا نئين ڳالهه، يا ڪا نئين ايجاد جي کوجنا ڪندي ناڪام ٿي، برباد ٿي وڃڻ يا مري وڃڻ بهتر ۽ هزار ڀيرا بهتر آهي، ڪنهن ٻئي جي ڪم کي عاليشان ۽ ڪامياب طريقي سان نقل ڪرڻ کان. مان ڄاڻان ٿي ته تو ۾ لياقت آهي، تنهنجي لياقت تنهنجو فقط خيال يا وهم ڪونهي. مان ڏسان ٿي ۽ ڄاڻان ٿي ته توکان گهڻو وڌيڪ سُکيا سهنجا ۽ پڙهيل ماڻهو به اهو ئي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪو ڪم تو ايجاد ڪيو يا جنهن ڪم جو پايو تو رکيو، پر تنهنجي اها لياقت تنهنجي يا منهنجي ڪهڙي ڪم جي جيڪڏهن تو ۾ ان پنهنجي لياقت لاءِ اتساهه ناهي ۽ تون هر هڪ پنهنجو ڪيل ڪم اڌ ۾ اڌورو ڇڏيو ڏين؟“ منهنجي اندر ۾ طوفان هو، جيڪو اڀامي رهيو هو. ڪيئن ٿي سمجهائي سگهيوسانس ته مان ڇا ڄاڻان ته لياقت ڇا ٿيندي آهي ۽ مون ۾ آهي به ته ڇاجي ۽ ڪهڙي آهي؟

    · جا هوشياري ۽ سمجهه هن ليک ۾ ظاهر آهي سا مون يا اوهان جهڙي فرد ۾ ممڪن ڪانهي. مان نقل ڪندو آهيان ته اعلان ڪندو آهيان ته اهو نقل آهي، ترجمي کي مان ترجمو چوندو آهيان. مان سنڌ يونيورسٽيءَ جو استاد نه آهيان، جنهن جو ذهن فقط هيڏانهن هوڏانهن پيو ڀٽڪي ته ٻيا ڪهڙا ڪم پيا ڪن ته جيئن پاڻ به اهو ئي ڪم ڪري. هي ليک هڪڙي عجيب قسم جي ڪتاب جي ڪجهه پئراز تي جوڙيل آهي. سڄو ڪريڊٽ مان نه لهان، نوي سيڪڙو ڪريڊٽ اها مائي به لهي جنهن جو ڪو وجود ئي ڪونهي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    دبئي ۾ سنڌي!




    جمع 8 مئي 2009ع



    · هوٽل فاران جي سامهون آهي برهاني سينٽر، جنهن ۾ ڀاٽيا صاحب رهندو آهي، الائجي ڪهڙي ماڙ تي، جو مان هن وٽ ڪڏهن به ويو نه آهيان. هو رٽائرڊ مڪينيڪل انجنيئر آهي ۽ اسان ڪيئي ڏهاڪن کان پاڻ ۾ واقف آهيون. ڪجهه ڏينهن اڳ هن مون کي فون تي چيو ته ”دبئي ۾ جيڪو سنڌين جو فيسٽيول ٿيو، سو تو انٽرنيٽ تي ڏٺو؟“ مون چيو ته ”نه، مون وٽ ڪمپيوٽر وغيره ناهي.“ هن چيو ته، ”ڏسين ها ته خوش ٿي هان، تمام گهڻا سنڌي هئا، جن سنڌي ۾ تقريرون ڪيون، توکي اهو پروگرام ضرور ڏسڻ گهربو هو.“ مون جواب ڏنو ته ”مان ڄاڻان ٿو ته اتي ڇا هو، ڪو هڪڙو به سنڌي پنجاهه سٺ ورهيه جي عمر کان گهٽ جو نه هوندو.“ چيائين، ”يار تو واهه جي ڳالهه ڪئي، سچ پچ سڀيئي وڏي عمر جا هئا.“ چيو مانس ته ”اهي سنڌين جي آخري نسل جا فرد آهن، جن کي سنڌي ڳالهائڻ ايندي آهي، انهن جو اولاد اردو/هندي ڳالهائيندو آهي ۽ سنڌي جو لفظ به نه ڄاڻن.“ ڀاٽيا صاحب چيو ته ”تو کي پنهنجي گهر وٺي ايندس ۽ پاڻ ڳالهائينداسين.“

    · اڄ کان شايد پنجاهه ورهيه اڳ هڪ سنڌي ليکڪا خير النساءِ جعفري انڊيا وئي هئي جتي ماسٽر چندر ڳائڻي سان ملي هئي ۽ مون کي اچي ٻڌايائين ته ”ماسٽر چندر رُنو پئي جو چيائين پئي ته سندس گهر ۾ فقط هو اڪيلو آهي، جنهن کي سنڌي اچي باقي سندس پٽ، پوٽا ۽ ٻيو سڄو خاندان سنڌيءَ جو هڪڙو اکر ڄاڻڻ بنا هندي ۽ انگريزي ڳالهائيندا آهن.“ اها هئي خير النساءِ جعفري جي ٽيهه يا چاليهه سال اڳ ڪيل ڳالهه. هو فوت ٿي وئي، سو اڄ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي جو ڇا حال هوندو؟ انڌو به سمجهي سگهي ٿو پر هند ۽ سنڌ جا سنڌي نه سمجهندا.

    · ڳالهه ڪريو سڌي ۽کري جن ليکڪن پنهنجا سنڌي ڪتاب (افسانه يا ڪهاڻين جا مجموعا يا شاعري) 2001ع ۾ ڇپايا، سي وڪامجي ويا؟ نه، هنن وٽ اڃا بنڊل پيا آهن، جيڪي مفت ۾ ورهائيندا وتن، جن کي ڪو پڙهي ڪو نه ٿو. جن پنهنجا سنڌي ”شاهڪار“ 2004ع ۾ ڇپايا سي وڪامجي ويا، يا اڃا پيا مفت ۾ ورهائين؟ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌالاجي جي ڇپايل ڪتابن جو ڳاڻاٽو ته ڪرايو، هنن جا ڪتاب نه ته ڪو وٺي، نه ته ڪو پڙهي. ڪا درگاهه آهي، جا پنهنجا ڪتاب سنڌالاجيءَ مان ڇپرائيندي هئي ته جيئن ان تي آفيشل نالو هجي، جا لٽ مار ۽ ڦر مار سنڌين ئي ”سنڌي ٻولي جي خدمت“ جي نالي ۾ سنڌ جي انهن ۽ اهڙن ٻين ادارن جي ڪئي آهي، تنهن تي انهن ”سنڌين“ کي باقائدي ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي. پر ٿيندو ڪجهه نه، سنڌي ختم ٿي رهي آهي ۽ جا ٿورڙي اخبارن ذريعي هلي رهي آهي، سا به آئي رهي.

    · علي قاضي کي جيڪڏهن سنڌ صوبي جي زمين سڌارڻي آهي ته هتي پنج، ست، پندرنهن اسٽار هوٽلون ٺهرائي، دنيا جي سڀني بينڪن کي زمينون ڏيئي عاليشان بئنڪون ٺهرائي، جپان، آمريڪا ۽ فرانس کان وڏن بنگلن جهڙيون موٽرون گهرائي، ايم اين اي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي ملندڙ صوبائي حڪومت طرفان زڪوات وڌائي ٻيڻي ڪري، آفيسرن کي جا هر هڪ گرانٽ تي ڪميشن ملندي آهي، اها ڏهوڻي ڪري ته جيئن اهي ميمبر ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجن چمچن/ورڪرن کي دل کولي پئسا ڏين، مان انڌو نه آهيان، مون سڀ ڪجهه ڏٺو آهي.

    · پر جيڪڏهن علي قاضي کي سنڌ جي زمين بدران سنڌي ماڻهن کي سڌارڻو آهي ته ان 56 ۽ 58 اکري الف بي تي تان سنڌين کي هٽايو. سنڌي ٻاراڻا ڪتاب ختم ڪريو، اسڪولن ۽ يونيورسٽين مان سائنس، مئٿس، سوشالاجي، هسٽري، (عربي ۽ انگريزي ڪتابن جا ترجما نه جو هنن جا سنڌي ترجما غلط آهن.) جيالاجي، لائبريري سائنس، جاگرافي ۽ اهڙي قسم جا سائنس سان لاڳاپيل (فزڪس، ڪيمسٽري، فارماڪالاجي، فارميسي) سبجيڪٽس کانسواءِ ٻيا هڙيئي کاتا بند ڪري ڇڏجن. سڀ ڪجهه انگريزي ۾ هجي. سنڌي ٻولي جا هزارين ماستر پنهنجن گهرن ۾ پنهنجن ٻارن کي انگريزي سمجهائيندا ۽ پڙهائيندا آهن، فقط اهو هڪڙو ئي طريقو آهي، سنڌين کي سڌاري ڪراچي ۽ پنجاب جي برابر ڪرڻ جو. جيڪو سنڌي ٽان ٽان ڪري تنهن کي نوڪريءَ کان ۽ ڪلاس کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ کي تالو هڻي انگلينڊ ۽ آمريڪا جا پرائمري ۽ سيڪنڊري ڪتاب گهرايو، جيڪي آمريڪا ۾ اسپئنش به پڙهن پيا ۽ انگلينڊ ۾ سنڌي، هندي، جپاني، چيني ۽ سوين ٻيا ماڻهو پڙهن پيا. منهنجو مطلب آهي ته اها سنڌي واري مشڪري بند ڪريو ته سنڌين ۾ سڌارو اچي.

    · هي جو يونيورسٽين ۾ ”فلاڻي جي چيئر“ ۽ ”ٽيرڻي جي چيئر“ وارو سلسلو حرام خوريءَ لاءِ ورهين کان هلندو اچي اهو هڪ دم بند ڪيو وڃي، ڇو ته پاڻ سڀيئي چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته سنڌ ڪو هڪڙو به اهڙو ”محقق“ پيدا نه ڪيو آهي، جنهن ڪو وڏو ڦاڙهو ماريو هجي. سنڌ جي سڀني ”محققن“ فقط لفاظي ڪئي آهي ۽ سرڪاري خرچن تي سرڪاري پنا خراب ڪيا آهن. هنن ڪو هڪڙو به اهڙو ”تير ڪمان“ ٺاهيو آهي، جهڙا آفريڪا جا شيدي استعمال ڪندا آهن؟ انهن ”محققن“ جون ڪرسيون بند ڪري استادن کي چئو ته وڃي سائنس پڙهائين ۽ جيڪي رٽائرڊ آهن، انهن کي چئو ته جيڪي پئسا کنيا اٿن، سي ڀري ڏين.

    · ڊڪشنري جوڙڻ ڪلريڪل (ڪلارڪن جو) ڪم آهي، انهن پروفيسرن جا فوٽو ڪڍو، جن انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري ٺاهي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسرن جي لوڌ وٺي هنن کي سينٽرل لائبريري ۾ پيل انگلش ٽو انگلش ۽ سيون لئنگويج ڊڪشنري ڏيکاريو، ”انگلش ٽو سنڌي“ ڊڪشنري وارو مشڪري وارو رواج ختم ڪرايو. اڄ مان ننڍو ماڻهو آهيان، ياد رکجو هڪڙي ڏينهن بلڪل ائين ٿيندو جيئن مون لکيو آهي.

    · پادر ۾ هٿ پوءِ وجهجهو، پهرين منهنجي ڳالهه ٻڌو. جيڪڏهن دعا ۾ اثر هجي ها ته ڪنهن به ماءُ جي جيئري هن جو اولاد نه مري ها، هاڻ بيشڪ پادر ۾ هٿ وجهو.

    · منهنجو ڀاءُ جمون آمريڪا ۾ رهي ٿو. هن فون ڪيو ته” انٽرنيٽ تي ”هولي!“ پڙهي مون هڪدم مائٽن ۽ ڪجهه دوستن کي چيو ته انٽرنيٽ تي ڪاوش ۾ حليم کي پڙهو. مون چيومانس ته فوٽو ڪاپي ڪري دوستن ۽ مائٽن کي ڏي. چيائين ته ”حليم، هتي جيڪي سنڌي آهن سي سنڌي ڳالهائي سگهندا آهن، پر لکڻ ۽ پڙهڻ مان هي نه ڄاڻن. هتي جي سنڌين لاءِ هاڻ سنڌي ٻولي فقط ڪجهه پوڙهن سنڌين جي ٻولي آهي. هن هي به چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾ ڪو به انٽريسٽيڊ ڪونهي ۽ تنهنجا ليک تمام گهٽ ٿا اچن. توکي تنهنجا واقف شونق سان پڙهندا آهن ۽ تنهنجي باري ۾ گهڻو ڳالهائيندا آهن. صاف ظاهر آهي ته مان خوش ٿي ويس.

    · هاڻ مان علي قاضي صاحب جي ٿيوري ۽ آئڊيا سمجهي ويو آهيان. منهنجو خيال آهي ته ايڊورڊ سعيد جو مضمون Waiting for the Barbarians غور سان پڙهڻ گهرجي ۽ انتظار ڪري ڏسجي ته آخر ڇا ٿو ٿئي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مذاڪرات




    سومر 11 مئي 2009ع



    · هڪڙو سٺو ۽ ڪمائتو لفظ آهي ”مذاڪرات.“ جتي ڌاڙيل ڪي ماڻهو اغوا ڪري وڃن، اتي پوليس ۽ ڌاڙيلن جي واسطيدار ماڻهن جي وچ ۾ ”مذاڪرات“ ٿيندا آهن. اهي ”مذاڪرات“ اڳتي هلي پوليس ۽ تڪ جي وڏن ماڻهن جي وچ ۾ به ٿيندا آهن، اڃا به اڳتي هلي اهي ”مذاڪرات“ پوليس جي لاڳاپيل آفيسرن ۽ سندن بالا آفيسرن ۾ به ٿيندا آهن ۽ ائين اهو مذاڪرات جو سلسلو هن خداداد ملڪ جي ٽاپ ماڻهن ۽ ٽاپ ادارن مان لنگهندي آمريڪا جي ايڊ، مدد، امداد وغيره ڪندي يونائيٽيڊ نيشنس جي مختلف شعبن ۽ ان جي ذيلي ادارن کي به پاڻ ڳهيو وڃي. ياد رکو ته جتي پئسن جو معاملو هجي اتي ”مذاڪرات“ ان معاملي جو لازمي حصو آهي ۽ جتي به ”مذاڪرات“ هجن اتي انهن ”مذاڪرات“ جو لازمي حصو پئسا آهن. پئسا ڪڍي ڇڏبا ته ”مذاڪرات“ ڊهي پوندا. پاڻ کي اهي ڳالهيون نه سمجهڻ گهرجن، ڇو ته اهڙين ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهن کي يقين آهي ته اسان عام پبلڪ جا ماڻهو اها سموري ڄاڻ هوندي به پنهنجو پاڻ کي بيوقوف ۽ ڀوڪ سمجهون ۽ انهن خانداني ۽ پيشور پئسن جي ڏيتي ليتي ڪندڙ ماڻهن کي سماج ۽ سوسائٽي جا انتهائي معزز شخص سمجهون. وڏيرا، ڀوتار، آفيسر ”مذاڪرات“ جا اهم جزا آهن.

    · لکڻ لاءِ ته تمام وڏيون ۽ گهڻيون ڳالهيون آهن، پر پهرين ننڍڙيون ڳالهيون. اهو وساري ڇڏيو ته اوهان سنڌي آهيو ۽ هي سنڌ آهي، ياد فقط ايترو رکو ته جنهن جي ڄڀ کي حرام جي پئسي جو ذائقو لڳل آهي سو نه سنڌي آهي، نه پنجابي آهي، نه پٺاڻ آهي نه بروهي آهي، نه مسلمان آهي، نه هندو آهي، نه عيسائي آهي، نه ماڻهو آهي نه فرشتو آهي. مطلب ته هو ڪجهه به ناهي سواءِ پئسن جي حوس جي ۽ پئسن لاءِ هو انهن کي به پنهنجي خيال موجب بيوقوف سمجهندو، جيڪي سڀ ڪجهه ڄاڻندي به هن کي پنهنجو سمجهي هن جو چيو مڃندا ۽ ظاهر نه ڪندا ته اسان توکي سڃاڻون

    · هڪ سئو چوئيتاليهه قلم جي چڪر ۾ ڪي ڏهه ويهه ماڻهو ڪنهن ٿاڻي ۾ ٻڌجي آيا، صوبيدار هر هڪ کان سئو رپيا وٺي ڇڏيندو ويو. هڪڙي جوابدار صوبيدار کي چيو ته ”مان تنهنجو سڳو مامو آهيان، مان به ڇا سئو رپيا ڏيان؟“ صوبيدار چيس ته ”مامو هوندين ٿاڻي کان ٻاهر، هتي سئو رپيا ٽيبل تي رک.“ سو سنڌ صوبي ۾ پاڻ سڀيئي آفيسرن جا ماما آهيون، سندن آفيسن کان ٻاهر. سندن آفيسن ۾ سندن ماتحتن، وڏيرن ۽ ڀوتارن معرفت پئسا سندن ٽيبلن تي پهچائيندا آهيون.

    · مون ڇهه ست ورهيه اخبار نه پڙهي، جو مان هوس ته بيمار، پر وهم ۾ هئس ته مان ڪتاب پيو لکان. مان خوش هئس. ٻن مهينن کان مون اخبار پڙهڻ شروع ڪئي آهي ۽ مان حيران ٿي ويو آهيان، هي ڪهڙا سکيا سهنجا آسوده زميندار، وڏيرا ۽ ٺيڪيدار آهن، جيڪي غريبن جي گهرن جي ڀاتين کي به هارپ يا مزدوري ڪرائڻ لاءِ وٺيو وڃن ۽ پوءِ پاڻ ئي حساب ڪتاب ڪري هنن تي وڏا قرض ڪڍي هنن کي پاڻ وٽ قابو ڪيو ڇڏين!

    · ۽ پوءِ هي به ڪي ماڻهو سڏبا، جيڪي غريب ۽ مسڪين اوڏ، ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ ۽ ٻين اهڙين ذاتين جون نياڻيون کڻي هنن جو مذهب مٽائي پاڻ کي غازي سمجهندا آهن؟ مون انڌي منڊي نموني ۾ ويهه ورهين کان به ڪجهه وڌيڪ وقت وڪالت ڪئي هئي. مان پاڻ کي حياءَ وارو ۽ غريب عورتن کي بي حيا سمجهند هئس. ان زماني ۾ مان ڏسندو هئس ته غريب مزدور عورتن ۾ بي حيائي پکيڙڻ ۾ پوليس جو وڏو هٿ هو. اهو زمانو منهنجي بيوقوفي جو هو. اڄ مان ڄاڻان ٿو ته پوليس بلڪل ائين ڏوهاري آهي، جيئن ٻيا عام ماڻهو ڏوهاري آهن. انسان فطرتن بي حيا آهي ۽ فقط سماج کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ حيا جو لبادو پائيندو آهي. ننڍي ماڻهو جي بي حيائي اوهان کي جلد نظر اچيو وڃي. پر وڏي ماڻهو جي بي حيائي ڏسڻ لاءِ اوهان کي مٿي ڪنهن اوچي بلڊنگ تي چڙهڻو پوندو. هي ليک پڙهي جيڪي مون کي فرشتو سمجهندا، سي غلطي پيا ڪن. مان به ماڻهو ئي آهيان، نفسياتي عملن جي بي حساب وِڏن جو مرڪب! ۽ پوءِ وِڏون وري ڇا جون؟ اهي نفسياتي وڏون ئي ته آهن، جن جو انسان گهڙيل، جڙيل، ٺهيل آهي. دنيا جي عظيم سائڪولوجسٽ سي جي ينگ جي هڪ سٽ آهي ته ”مون کي ڪو به (ذهني طرح) سنئون ماڻهو ڏيکاريو، مان هن کي اوهان لاءِ (ذهني طرح) ٺيڪ ڪري ڏيندس.“ جيڪڏهن انهيءَ سٽ جي معنيٰ اوهان کي سمجهه ۾ اچي ته ٺيڪ، جيڪڏهن نه ته مان اوهان جي ڪا به مدد نٿو ڪري سگهان. جيڪڏهن اوهان يُنگ کي ناهي پڙهيو ته اوهان اڃا مڪمل نه ٿيا آهيو.

    · ڪيئي ورهين کان سنڌ صوبي جي رهاڪن هڪڙو نئون فيشن ايجاد ڪيو آهي. اهو هي ته رستا روڪ ڪري بسن ۽ موٽرن مان هندن کي کنيو وڃن ۽ پوءِ پرچيون يا نياپا موڪليندا آهن ته هيترا يا ايترا پئسا ڏيو. انهن پئسن کي هو ڀنگ چوندا آهن. مسلمانن کي ته هونئن ئي کڻڻدا هئا، جو پاڻ به مسلمان ئي آهن، پر هندن کي کڻڻ جو حق هنن کي ڪنهن ڏنو آهي؟ ۽ هي ڪُهيو به ڇڏين! ۽ اهو به پيسن لاءِ! اسلامي روايت مطابق مسلمان تي مسلمان جو خون حرام آهي، پر ڪٿي ۽ ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته مسلمان تي غير مسلمان جو خون حلال آهي؟ اوهان وٽ چوري چڪاري ۽ قتل غارتگيري جي ڪا حد به آهي يا نه؟ منهنجن دوستن ۾ هندو به آهن، مسلمان به آهن، ڪنهن زماني ۾ هڪڙو جين مذهب/ڌرم جو به هو ۽ ڪي عيسائي به آهن. بلڪل صاف سڌي ڳالهه آهي ته مون کي منهنجا هندو دوست وڌيڪ وڻندا آهن، جو هو منهنجيون غلطيون ۽ خطائون فقط ان لاءِ وڏي خوشي سان معاف ڪري ڇڏيندا آهن جو هو ڏسندا آهن ته مان مسلمان هوندي به ساڻن نفرت نٿو ڪريان ۽ کين ڀايان ٿو. بلڪل سڌي ڳالهه آهي ته مهرباني ڪري ۽ خدا جي واسطي هندو ڌرم/مت جي ماڻهن کي جيئڻ ڏيو ۽ سک جو ساهه کڻڻ ڏيو. ڪهڙو هندو آهي، جنهن اوهان تي هٿيار هلايو آهي، جو اوهان هندو دشمني تي لهي آيا آهيو؟

    · مان 1936ع ۾ ڄائو هئس، جڏهن پاڪستان اڃا وجود ۾ نه آيو هو ۽ اهو سڄو ڏکڻ ايشيا هندستان هو، تنهن ڪري مان هندستاني ڄائو هئس. منهنجو پيءُ 1905ع ۾ ڄائو هو ۽ هندستاني هو، جو پاڪستان موجود ئي نه هو. ائين اوهان به پنهنجن وڏن کان پڇو ته سندن وڏا تڏهن ڇا هئا، جڏهن پاڪستان جو وجود ئي نه هو. هندو اهي هئا، جيڪي هندستان ۾ رهندا هئا، جيئن پاڪستاني اهي آهن جيڪي پاڪستان ۾ رهندا آهن. عيسائين کي ته اسان گڊ مارننگ چوندا آهيون، هندو ته اسان کي اسلام عليڪم به چوندا آهن، پر پاڻ آخر ڇو هنن جي نمستي تي آپي کان ٻاهر نڪري وڃون؟ پنج وقت نماز پڙهڻ ڪافي ڪونهي، قرآن پاڪ جو ترجمو اردو، سنڌي يا انگريزي ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ اوهان کي اوهان جو دين مڪمل سمجهه ۾ نه ايندو.

    · هزارين ورهين کان ڏکڻ ايشيا جو رت هندستاني رت آهي. پير پاڳاري سائين صبغت الله شاهه بابت جيڪي ڪجهه اخبارن ۾ ڇپيو آهي، سو اڌورو نامڪمل آهي. پير سائين پاڳاري جا جيترا مريد راجسٿان ۾ هئا، اوترا سنڌ ۾ نه هئا ۽ سائينءَ جي مريدن جو هڪ وڏو تعداد هندو هو. مان سمجهي نٿو سگهان ته مون کي هندو ڇو وڻندا آهن ۽ اوهان ڇو هنن پويان هٿ ڌوئي پيا آهيو. مان اوهان کي صلاح ٿو ڏيان ته سائين وڏي پير صبغت الله شاهه پاڳاري بابت چڱي طرح ڄاڻ حاصل ڪريو، سڀاش چندر بوس بابت به ڪجهه ڄاڻ وٺو. ان زماني جي تواريخ چڱي طرح پڙهو. مهراڻ اخبار جا جيڪي اسپيشل اشوز سائين وڏي واري تحريڪ بابت ڇپيا هئا، سي به پڙهو ۽ سڄي معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. مهراڻ جي ايڊيٽر سردار علي شاهه جا سڀيئي مضمون انهيءَ تحريڪ بابت اهم آهن.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    گند




    خميس 14 مئي 2009ع



    · جيڪڏهن اوهان ڪو ڪم پيا ڪريو ۽ ان ۾ ڪا گڙٻڙ ٿي وڃي ته ڪڏهن به ڪنهن ٻئي تي تهمت نه هڻو، هڪدم مڃو ته اها گڙٻڙ اوهان کان ٿي آهي، اهو ڪم اوهان پئي ڪيو ۽ جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿي ويو ته ڪنهن ٻئي کي ڏوهاري چوڻ بدران مڃو ته اهو ڏوهه اوهان جو هو. جيڪڏهن اوهان ڪو ڪم کنيو آهي ته ان ڪم جي مڪمل ذميواري/جوابداري اوهان جي آهي. جڏهن اوهان اها جوابداري کڻندا ته ان ڪم ۾ آيل نقص به ٺيڪ ڪري سگهندا.

    · مان پنهنجي هر هڪ ڪم کي ”گند“ چوڻ جو ننڍپڻ کان عادي رهيو آهيان، ڪو پڇندو هو ته فلاڻو غلط ڪم تو ڇو ڪيو، ته مان چوندو هئس ته ”بس، گند ٿي ويو.“ جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته مان پنهنجين لکڻين کي به ”گند“ ئي چوندو هئس. جڏهن مون ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا ته انهن ڪتابن کي به مان ”گند“ ئي چوندو هئس. مون کي چيو به ويندو هو ته ”جيڪڏهن تون پاڻ پنهنجين لکڻين ۽ ڪتابن جي عزت نه ڪندي ته پوءِ ٻيا ماڻهو به تنهنجين لکڻين ۽ ڪتابن کي گند ئي سمجهندا. پر ائين نه ٿيو ”گند“ چوڻ منهنجي عادت هئي ۽ اڃا به آهي. جيڪڏهن منهنجو لکڻ به اهڙو هجي ها جهڙو ٻين سنڌي ليکڪن جو آهي، يا هو ته حرام جو ڪو سنڌي پڙهندڙ منهنجو ڪو ليک پڙهي ها ۽ مان ليکڪ جي حيثيت سان ڪڏهوڪو پنهنجو موت پاڻ مري ويو هجان ها.

    · ٻيو اکر يا لفظ جيڪو مان استعمال ڪندو رهيو آهيان ورهين کان، سو آهي، ”حرامپائي.“ جڏهن مان چوندو يا لکندو آهيان ته ”ڇڏ حرامپائي“ تڏهن منهنجو مطلب هوندو آهي ته ”مشڪري ڇڏ، سڌي ڳالهه ڪر.“ پر پڙهندڙ گلي پئجي ويندا هئا ته ”سنڌيءَ“ ۾ مشڪري لفظ آهي ئي ڪو نه ۽ سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته ڳالهه ۾ چرچو نه وجهه“ يا ”ڳالهه ۾ مشڪري نه وجهه“ پر مان نه سڌريس، هاڻ سنڌيءَ ۾ اهو لفظ مشڪري به عام ٿي ويو آهي.

    · مون ڪنهن کي لکيو ته جيڪڏهن فلاڻي ڳالهه ائين آهي ته گند ٿي پوندو. يا شايد اهو لکيو هوم ته جيڪڏهن فلاڻي ڳالهه ائين هجي ها ته ضرور ڪو گند ٿئي ها. اها ڳالهه مون کي گلي پئجي وئي جو مون کان پڇيو ويو ته لفظ ”گند“ مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ لکڻ منهنجي عادت آهي، ڪن ته ڪم نٿا ڪن، پر جا هڪ اک ڪجهه ڪم ڪري ٿي، سا به جواب ڏيڻ جي ويجهو آهي ۽ تنهن ڪري مان آڏي ابتي نموني ۾ جيڪي ذهن ۾ اچي ٿو، سو لکندو رهندو آهيان. گهڻن ئي پڙهندڙن کي نٿو وڻان. پر ڪمال آهي جو اڃا به ڪاوش ۾ ڇپبو آهيان. مون کان نفرت ڪندڙن جو تعداد گهٽجي ويل ٿو ڏسجي جو شايد هاڻ پڙهندڙ مون کي غلط سمجهڻ لڳا آهن. اهي فقط ٿورڙا رهيا آهن، جيڪي مون کي چڱي طرح سڃاڻي مون کان پري ٿا رهن.

    · پر هن ليک جو نالو آهي ”گند“ ۽ هي ليک آهي به گند. ون وي ٽريفڪ آهي. سڄو گند مون ڪيو آهي ۽ مون کي افسوس به ڪونهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مان عقلمند ۽ سمجهو ماڻهو آهيان. جيڪڏهن مان عقلمند ۽ سمجهو هجان ها ته ليکڪ نه هجان ها ۽ اهو گند هڪ طرفو هجڻ بدران ٻه طرفو هجي ها. انهيءَ هڪ طرفي گند کان دلشڪستو ٿي مان گهر ۾ لڪي ويهي رهيو آهيان. نه ٻاهر نڪرندس نه ٻئي طرف ڏانهن اميد سان نهاريندس. هي ليک لکندي مون کي پاڻ کي مزو نه آيو آهي. سو اوهان کي ڇو وڻندو!

    · ماڻهو ته ماڻهو آهي، پوءِ مزور هجي يا وڏي اداري جو ميمبر، ڪمزوري ۽ بي حيائي هر هڪ ماڻهو ۾ ساڳيءَ مقدار ۾ برابر آهي، باقي رهي مذاح جي حس، اها ڪنهن ۾ گهٽ، ڪنهن ۾ وڌ ٿي سگهي ٿي. مذاح جي حس ۾ ڳالهائڻ جو ڍنگ به اچي ٿو وڃي.

    · هڪڙا چار پنج ڄڻا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هڪڙي معزز ميمبر وٽ ويا ۽ کيس چيائون ته فلاڻو پٽ فلاڻي جو ڪميشن جي لکت وارن پيپرن ۾ پاس ٿي ويو آهي ۽ هاڻي هو انٽرويو/زباني امتحان لاءِ اوهان اڳيان ايندو، تنهن ڪري مهرباني ڪري پاس ڪجوس. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انهيءَ معزز ميمبر جيڪو جواب ڏنو، سو اهڙو ته سهڻو هو جو اهو سنهري اکرن ۾ لکي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هر هڪ ميمبر جي آفيس جي در تي لڳائي ڇڏجي. اهو جواب هو ته ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٻارهن ميمبر آهن، جن مان ٽي آنيسٽ آهن ۽ مان انهن ٽن مان نه آهيان.“

    · ممڪن ته ڪونهي، پر شايد دنيا بدلجي وئي هجي، پوسٽ آفيس آهي، روهل واءِ يا ڏيپلو ۽ ضلعو آهي ٿرپارڪر. اتي هڪڙو ماستر ڪيولرام ڪي گوماڻي رهندو آهي، ذات جو ميگهواڙ آهي. مون ٻڌو آهي ته هن کي ڏيپلي ۾ هرڪو سڃاڻي. هن ٽي دفعا پوليٽيڪل سائنس جو امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان لکت ۾ پاس ڪيو آهي، پر هن ڀيري انٽرويو ۾ ڊهي پيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته انٽرويو ۾ نٿا کڻن. اها سندس سٽ مون کي دل سان لڳي ٿي جو مان به ته آخر ماڻهو ئي آهيان، پرائمري ماستر ڪيولرام گوماڻي ميگهواڙ پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرر ٿيڻ ٿو چاهي، اهو ڪمال ناهي؟

    · مون پنهنجو پاڻ کي به آئيني ۾ ڏٺو آهي، مون ماستر ۽ ماسترياڻيون به ڏٺيون آهن، جو منهنجن ٻارن به ماستري ڪئي آهي. مون يونيورسٽي جا استاد به ڏٺا آهن، مون ڪاليجن جا ليڪچرار به ڏٺا آهن، جو مان ڪاليجن ۾ به پڙهيو آهيان ۽ مون گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي يونيورسٽي جو هڪڙو اهڙو وائيس چانسلر به ڏٺو آهي، جيڪو جڏهن اتي شايد ليڪچرار يا اسسٽنٽ پروفيسر هو، تڏهن راڻي باغ جي ڪنهن پڃري ۾رکڻ گهربو هو، ۽ مان ڄاڻان ٿو ته پرائمري اسڪول ماستر سائين ڪيولرام ميگهواڙ انهن سڀني ۾ لياقت جي لحاظ کان ڪافي مٿي آهي.

    · مان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر نه آهيان، ان ۾ داخل ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهان جو مون وٽ گهربل لياقتون نه آهن، پر مان ڄاڻان ٿو ته ڪير ڪنهن کان بهتر آهي. سائين ڪيولرام ميگهواڙ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سوين ليڪچرارن کان بهتر آهي. هن وٽ لياقت آهي، هن کي سمجهه آهي، هن کي هوش آهي، هن وٽ تجربو آهي، هن وٽ شرافت آهي، پر اهي ڳالهيون ڪنهن کي کپن؟

    · انگريزن ته سنڌ صوبو ٺاهيو هو پنهنجو انتظامي ڍانچو ٺيڪ ڪرڻ لاءِ، پر پاڪستان سنڌ صوبو قائم فقط ان لاءِ رکيو آهي ته لٽ مار ۽ ڦرمار ڪري اتان جي ڏوڪڙن تي پنهنجا ٻار آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ پڙهائي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پاڻ به اوڏانهن ڀڄي وڃجي. مان غلطيءَ ۾ آفريڪا لکي ويو آهيان، منهنجو مطلب هو يورپ لکڻ.

    · سوال آهي ته مون بروهي ماڻهو جو ماستر ڪيولرام سان ڪهڙو واسطو؟ واسطو اوهان جو به آهي، پر اوهان کي ڄاڻ ناهي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ليکڪ



    اڱارو 19 مئي 2009ع



    · جيڪڏهن اوهان وٽ دل آهي ته اوهان ليکڪ آهيو، قلم کڻو ۽ لکڻ شروع ڪريو. هيڏانهن هوڏانهن نه نهاريو ڪنهن ڪهاڻي جي پلاٽ لاءِ. جيڪڏهن اوهان وٽ دل آهي ته ڪهاڻيون ۽ افسانه اوهان جي دل ۾ سٿيل آهن. جيڪڏهن اوهان وٽ دل آهي ته اوهان پروفيشنل ليکڪ نٿا ٿي سگهو. جيڪڏهن اوهان وٽ دل به آهي ۽ اوهان لکو به ٿا ته اوهان بس فقط ليکڪ آهيو، سادا سودا ليکڪ، اهڙا ليکڪ جن کي ليکڪ سمجهڻ ئي غلطي آهي. پروفيشنل ليکڪ اهي آهن، جيڪي ليک لکندا آهن، مضمون لکندا آهن، تجزيا لکندا آهن، بحث مباحثا لکندا آهن، ايڊيٽوريل ۽ ديباچا لکندا آهن، سڀ ڪجهه لکندا آهن، جيڪي مون گهريو سو مون کي لکي ڏيندا آهن، جيڪي اوهان چين سو اوهان کي لکي ڏيندا آهن، جيڪي هنن جي صاحب کي کپي سو به لکي ڏيندا آهن، جيڪي دنيا کي کپي سو به لکي ويندا آهن، مطلب ته هي هو اهو سڀ ڪجهه لکي ويندا آهن، جيڪو تون ۽ مان فقط ان ڪري نٿا لکي سگهون جو مون وٽ به ۽ تو وٽ به دل آهي. ڇو ته پاڻ وٽ دل آهي، تنهن ڪري پاڻ پروفيشنل ليکڪ نٿا ٿي سگهون. ڇو ته پاڻ وٽ دل آهي، تنهن ڪري پاڻ فقط ٿرڊ ڪلاس ليکڪ ٿي سگهون ٿا، پروفيشنلز هرگز نه.

    · پر پاڻ کي ڄاڻ ڪيئن پئي ته پاڻ وٽ دل آهي به يا نه! ڪي آهن، جيڪي پنهنجن آنڊن ۽ گجين کي پنهنجي دل سمجهي تمام گهڻو ڪجهه فقط تڏهن لکي ويندا آهن، جڏهن کين کائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملندو آهي. جن وٽ دل آهي، سي فقط بک تي ئي سٺو لکي سگهندا آهن. دنيا جي عظيم ليکڪن مان هڪ سعادت حسن منٽو به هو، جيڪو بکايل رهندو هو. هن کي شراب جي بک هئي، آسڪر وائلڊ کي جنسياتي بک هئي سو هن جيڪي ڪجهه لکيو، تنهن ۾ غضب جي سهڻائپ هئي. دل وارن ليکڪن جي نالن جي قطار ڊگهي ته آهي پر پروفيشنل ليکڪن جي نالن جي قطار اڳيان تڇ آهي.

    · منهنجو خيال آهي ته مون وٽ دل آهي، يا الائجي مان پنهنجن ڦڦڙن کي دل سمجهي ڪڏهن الف سان ته ڪڏهن ب سان لڳائيندو رهيو آهيان! مون ضرور گند ڪيو هوندو جو گند ڪرڻ منهنجي فطرت جو اٽوٽ انگ آهي. مان جڏهن فرسٽ (مان) ۽ سيڪنڊ (تون) پرسن ۾ لکندو آهيان ته سٺو لکندو آهيان جو منهنجي دل کي مڪمل آزادي مليل هوندي آهي. ٿرڊ پرسن ۾ لکڻ عذاب آهي، ٿرڊ پرسن جو مطلب آهي هو ۽ هوءَ.

    · هڪڙي عجيب ڳالهه آهي جا ڪجهه حيران ڪندڙ آهي. جيڪي به دل وارا ليکڪ آهن، تن بکايل هوندي به پنهنجن عقيدن بابت ڪجهه نه ڪجهه اهڙو ضرور لکيو آهي، جنهن ۾ سهڻائپ جو ڀنڊار موجود آهي. اهو ڪمال آهي ڇو ته دل وارا ته بکايل هوندا آهن ۽ هنن ۾ بک يا شراب جي يا جنسياتي هوندي آهي. پوءِ آسڪر وائيلڊ عيسايت بابت اهڙو سهڻو ڪيئن لکيو، مارڪ ٽئين جي فقط هڪڙي آکاڻي دَ مِسٽِيريَس اسٽرينجر (The Mysterious Stranger) پڙهي ڏسو، جنهن بابت مان نٿو ڄاڻان ته هن کي ڇاجي بک هئي، پر هن کي ضرور ڪا بک هئي نه ته هو اها آکاڻي نه لکي سگهي ها.

    · لڪائي لڪائي به آخر مان اڃا ڪيترو لڪائيندس! باقي منهنجي زندگي جو بچيو ڪيترو حصو آهي جو مان اڃان به پاڻ کي اوهان اڳيان معزز، بزرگ، اشراف، آسمان مان لٿل، فرشتو ثابت ڪندو اچان. پوڙها ماڻهو سچ تمام گهٽ ڳالهائيندا آهن ۽ پاڻ بابت فقط ڪوڙ، دوکي ۽ فريب سان دنيا کي ڀنڀلائيندا آهن. اوهان مون کي غور سان ٻڌي وٺو، مان جي دنيا ڇڏي هليو ويس ته ڪو به ٻيو نه ايندو نه رهندو، جيڪو اوهان کي انساني فطرت چيري ڦاڙي ان جا آنڊا ڪڍي اوهان کي ڏيکاري. سٺ ستر ورهين جي عمر ۾ اوچتو ماڻهو کي احساس ٿيندو آهي ته گهڻو ڪجهه هو هن زندگيءَ ۾ جيڪو هن کان رهجي ويو. مرد کي اهي عورتون ياد اينديون آهن، جن کي هن پنهنجي شرافت سان ”فتح“ ڪري پاڻ کي فرشتو ثابت ڪيو. عورتن کي ساڳي طرح اهي مرد ياد ايندا آهن، جيڪي هنن کان پري رهيا. مرد ۽ عورت جو اهو صاف سٿرو، ماضي ته ويو لڙهي، پر هاڻ ڇا رهيو؟ هاڻ حوس وارو زمانو به نه رهيو جو ڪو گند ڪري، سو هاڻ ڇا؟ هاڻ دل رهي آهي، پوڙهن وٽ جنهن دل کي ڪڏهن ڪا وڻيو وڃي ته ڪڏهن ڪا ٻي وڻيو وڃي. پر ائڪٽنگ ائين ڪندا، جيئن هنن کي احساس ئي ناهي ته ڪا کين وڻي به ٿي!

    · شايد ئي ڪا عورت هجي جا مون کي وڻي هجي ۽ جنهن کي مون اهو نه چيو هجي ته ”تون مون کي وڻين ٿي“ ۽ شايد ئي ڪا عورت هجي جنهن سان مون بدتميزي يا هٿ چراند ڪئي هجي. سبب اهو نه هو ته منهنجو اندر صاف هو، سبب اهو هو جو مان ڊڄڻو هوس، مون کي معاشري ۽ ماحول کان ڊپ لڳندو هو، اوهان منهنجي انهن ڳالهين کي منهنجيون ڳالهيون نه سمجهو. اهي ڳالهيون انهن جون به آهن، جيڪي منهنجي عمر جا يا مون کان ڪجهه ننڍا يا وڏا آهن.

    · جيڪڏهن اوهان وٽ دل آهي ته اوهان اڳيئي ليکڪ آهيو. ذهني تکائي، هوشياري ۽ سمجهه اوهان جي لکڻين ۾ ظاهر هوندي. هڪڙي عورت مون کي چوندي هئي ته ”اوهان هوشيار آهيو. انٽيليجنٽ آهيو، گهڻو پڙهيل آهيو، سمجهو آهيو“ مطلب ته منهنجي تمام گهڻي ساراهه ڪندي هئي ۽ مون کي وڻندي به هئي ۽ مان سندس تمام گهڻي عزت ڪندو هوس. هڪڙي ڏينهن جڏهن هن منهنجي ساراهه پئي ڪئي ته مون کائنس پڇيو ته ”اوهان جو منهنجي ذهن جي ايتري گهڻي ساراهه ڪندا آهيو ته بدلي ۾ مان اوهان لاءِ ۽ اوهان جي ساراهه لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪريان ۽ ڇا چوان ته اوهان ڇا آهيو؟“ اهو مون پاڻ پنهنجن پيرن تي ڪهاڙو هنيو، هو مون کي هاڻ اڳي کان به وڌيڪ وڻي ٿي، پر رستا ڌار ٿي ويا آهن.

    · هر هڪ پوڙهي جي ماضي ۽ حال ۾ اهڙيون سوين آکاڻيون آهن، جيڪي اصل ۾ حقيقتون آهن. پروفيشنل ليکڪ نالا بدلائيندا آهن، سيٽنگ بدلائيندا آهن، شهر ۽ ملڪ ئي بدلائي ڇڏيندا آهن. مان پروفيشنل نه آهيان، ڇو ته مان اکيون به وڃايان پيو ۽ شايد اهو ڪم جلد ٿي وڃي، تنهن ڪري مون وٽ وقت ٿورو آهي. اوهان شايد حيران ٿيو ته هن حالت ۾ منهنجي اندر جي نظر ۾ ڪا آهي، جنهن جي انتظار ۾ شايد ڪجهه وقت وڌيڪ جيان. مان ٻڌايان ته هن وقت مون کي ڇا کپي؟ فقط هڪ ٻه ڍڪ وسڪي جا.

    · پهريون ڀيرو آهي، جو منهنجو واسطو ڪنهن اهڙيءَ سان پيو آهي، جا پاڻ به منجهي پئي آهي ۽ مون کي به منجهائي ڇڏيو اٿس. اڄ خيال آيو آهي ته عمر خيام شاعر وغيره نه هو. هو مڪمل عقيدو هو، مڪمل مت هو. فقط مٽي ئي آهي، جنهن جي روپ ۾ اسان هڪ ٻئي سان ملنداسين، جڏهن اسان ٺهيل ئي مٽيءَ جا آهيون ته اسان هڪ ٻئي کان الڳ/ڌار ڇو رهون؟ جيڪڏهن مان مٽيءَ جو ٺهيل آهيان ته مون کي مٽيءَ سان ئي پيار هجڻ گهرجي، هوءَ به مٽيءَ جي ٺهيل آهي ۽ مان به مٽيءَ جو ٺهيل آهيان ته پوءِ اسان ۾ وٿي ڇو هجي؟

    haleembrohi@hotmail.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پاڻ سڀيئي!




    سومر 25 مئي 2009ع



    · جيئن اوهان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو ٿا، بلڪل تيئن مان به پنهنجو پاڻ کي چڱي طرح سڃاڻان. مان بلڪل چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو ته مون هيءَ دنيا به وڃائي ۽ هوءَ دنيا به وڃائي ڇڏي. منهنجا افعال ئي اهڙا هئا، جهڙا اوهان جا هئا ۽ اڄ به منهنجا افعال اهڙا ئي آهن، جهڙا اوهان جا آهن. مان ۽ اوهان سڀيئي پنهنجيون ٻئي دنيائون وڃايو ويٺا آهيون. مان اها ڳالهه مڃان ٿو، پر اوهان انڪاري آهيو، ڇو ته اوهان پنهنجو پاڻ کي خوامخواهه معتبر ثابت ڪندا آيا آهيو. مان ته ظاهر ظهور، کلم کلا ۽ اعلانن چوان ٿو ۽ مڃان ٿو ته مان باقائدي گدلو ۽ گندو آهيان، جو مان دل ۽ جان سان ”هُن“ سان ڳنڍيل آهيان، جنهن لاءِ مون کي ۽ اوهان کي حڪم مليل آهي ته هن جي ويجهو به نه وڃون. منهنجو وجود هن جي وجود کان الڳ ناهي، هن جو جسم منهنجي جسم جو تت آهي ۽ منهنجو ۽ هن جو روح ساڳيو هڪڙو هو، جنهن کي ڪٿي ٻه اڌ ڪري مون کي چيو ويو ته پنهنجي انهيءَ حقيقي اڌ جي ويجهو نه وڃجيئن! مان ٿو پڇان ته آخر مان ڇو پنهنجي ان پاڻ کان وڌيڪ پياري اڌ ڏانهن نه وڃان!؟ مون کي جواب کپي، سوال نه. سوال مون وٽ اڳيئي گهڻا آهن، رڳو ان وڏي ميلي جو انتظار ڪريو، جنهن جو واعدو ڪيل آهي ته ان ۾ هر هڪ ڳالهه جو فيصلو ٿيندو، ان ميلي ۾ منهنجا سوال ٻڌجو، اوهان کان ٽهڪ نڪري ويندا.

    · اها سوچ ته هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش الڳ ٽي ملڪ آهن، انهن ٽنهي ملڪن جي رهاڪن جي دماغي خرابي جي نشاني آهي. اهي ٽيئي ملڪ دراصل ۽ درحقيقت هڪڙو ئي ملڪ هو، جا ڳالهه انهن ٽنهي ملڪن جي رهاڪن کي سمجهه ۾ نٿي اچي، سا اها سادي ڳالهه آهي ته ملڪيت (ملڪ) الڳ ڳالهه آهي ۽ مذهبي عقيدو الڳ ڳالهه آهي. مان رهان پاڪستان جي حدن ۾ ٿو پر عقيدي طور (مذهبي طرح) مسلمان ٿو سڏجان، اشوڪ ڀاٽيا ملڪي طرح هندستان يا پاڪستان يا بنگلاديش ۾ رهي ٿو پر ڌرمي طرح هو هندو آهي. ساڳي طرح عطاءُ رحمان رهڻ لاءِ ته بنگلاديش ۾ آهي پر عقيدي طور مسلمان آهي. ملڪن جو ڪو به ڌرم يا مذهب يا عقيدو نه هوندو آهي.ڌرتي کي ملڪن ۽ مذهبن ۽ عقيدن ۾ ورهايو ويو آهي. جيڪڏهن هندو پاڪستان جو بارڊر ٽپي پاڪستان ۾ ايندو ته ڇا مسلمان ٿي ويندو؟ جيڪڏهن ڪشور بنگلاديش ويندو ته مسلمان ٿي ويندو؟ ابو الڪلام آزاد نهرو سان گڏ هو ته ڇا هندو مت جو ٿي ويو هو؟ جيڪڏهن پير صبغت الله شاهه ۽ سڀاش چندربوس ساٿي هئا ته ڇا هنن پنهنجا عقيده ۽ متا بدلائي ڇڏيا هئا؟

    · ڇو اچي انهن ڳالهين ۾ ڦاٿا آهيو؟ ڪنهن به زمين جو ڪو به ڌرم يا عقيدو ڪونهي ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ جو ڪو به ملڪ ڪونهي، سڄي دنيا رڳو ڦرمار تي پئي هلي ۽ هر هڪ ماڻهو رواجن، عادتن ۽ پنهنجي فطرت تي پيو هلي، جنهن کي ٿلهي ليکي ڌرم (نڪ، عزت) چئبو آهي. نڪ جي ڳالهه تان مون کي هڪڙو تمام سهڻو نڪ ياد آيو، پر مان پنهنجو پاڻ ۾ ڦاٿل آهيان ۽ هو آهي گورنر جو منهنجي در تي به ٻه ڌڪ هڻي مون کي جاڳائي نٿي ته ”مان آئي آهيان“.

    · ريتون، رواج، رسمون، عادتون، فطرتون ۽ سوچ جن سڀني کي گڏي/ملائي پاڻ هندو مت يا هندو ڌرم چوڻ جا عادي آهيون، اهي سڀيئي گڏجي به هڪ ويساهه آهي، جنهن کي پاڻ عقيده چوڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. آخر ڪو ته وقت ضرور هو (هوندو) جڏهن نه ريتون هيون، نه رواج هئا، نه رسمون هيون، نه عادتون ٺهيون هيون. سوچ ۽ سمجهه جو نالو نشان به نه هو. تڏهن ان وقت ڇا هو؟ واچ، گهڙيال، چنڊ تارا، سج ۽ گرهه به نه هئا، جو وقت جو ڪاٿو ڪجي، جواب ڏيو سڌو، هيرا ڦيري وارو نه. جواب کپي سڌو، ٻن اکين وارو، ڪاڻو نه. ناز نخري ۽ ادائن وارو نه. ان وقت ڪهڙو عقيدو هو، ڪهڙو مذهب هو ۽ ڪهڙو ڌرم ۽ ڪهڙو مت هو؟ صاف ظاهر آهي ته ان وقت ڪجهه نه هو، نه وقت هو، نه خال هو، نه خيال هو.

    · اسان جو ٿيو آهي دماغ خراب. پاڻ سڀيئي هڪ ۽ هڪ جهڙا آهيون، اسان کي مرڻ کانپوءِ اسان جي جسم تي چڙهيل گوشت ۽ چمڙي جو ڇا ٿيندو آهي؟ مٽي ٿي ويندو آهي سڀ ڪجهه ۽ پوءِ اسان جي هڏن جو ڇا ٿيندو آهي؟ اها ئي ساڳي مٽي! اڙي ڀائي، ٿيڻو ڪجهه ناهي، مٽيءَ مان آياسين ۽ مٽي ٿي وينداسين. ورهين کان موت جو انتظار ڪندي هاڻ مان بيزار ٿي پيو آهيان. سڀيئي وڏا ويا هليا، ڪافي ننڍا به هليا ويا پر مان جيئن جو تيئن حاضر آهيان. اها مشڪري ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڪو سسٽم هجي، ڪو طريقو هجي، پر هتي موت واري معاملي ۾ به جهڙي سرڪار پئي هلي! کائڻ پائڻ لاءِ غريبن وٽ ڪجهه ڪونهي ۽ پگهارون وري شاهي آفيسرن جون پيون وڌن. چڱو آهي، سٺو آهي، ائين ئي ته بلوا ايندا آهن، ائين ئي ته وڏن گهرن، محلن، محلاتن کي باهيون لڳنديون آهن، وڏين موٽرن کي باهيون لڳنديون.

    · فرانس ۽ روس کي ياد ڪريو، هڪڙو آفيسر ڪرسيءَ تي نه بچندو. هڪڙو گهر صحيح سلامت نه رهندو.ڪري وٺو من مانيون، اوهان نه ته اوهان جا ٻچا، اوهان جي پڇاڻن جا نه فقط جواب ڏيندا، پر اوهان پاران زبردست مذمت کي منهن ڏيندا. نيڪسٽ آرٽيڪل آهي. ”پادر“.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مفاهمت!




    خميس 28 مئي 2009ع



    · جيڪڏهن اوهان کي خبر هجي ته حليم ڇا چوندو ۽ ڇا بابت ڳالهائيندو ته اوهان وٽ سبب ڪهڙو رهندو حليم کي ٻڌڻ جو؟ جيڪڏهن اوهان کي ڄاڻ هجي ته حليم پنهنجن ليکن ۾ ڇا لکندو يا ڇا لکندو آهي ته اوهان وٽ سبب ڪهڙو هوندو حليم جو ليک يا لکڻيون پڙهڻ جو؟ اهڙي ماڻهوءَ کي ٻڌڻ يا پڙهڻ وقت به ضايع ڪرڻ آهي ۽ پنهنجو دماغ به خراب ڪرڻ آهي، مان فقط ڪاوش اخبار پڙهندو آهيان ۽ ان ۾ به فقط اهو ته ڪير ڪنهن سان ڀڄي وئي، ڪير ڪنهن کي زوري کڻي ويو، ڪٿي ڪير مارجي ويا، ڪٿان ڪير کڄي ويا. ممبئي، هاليوڊ ۽ ڪي ٽي اين جي دنيائن ۾ ڇا پيو ٿئي ۽ پوءِ ٻارن ۽ جوانن لاءِ ڇپيل رنگين صفحا خيال سان پڙهندو آهيان، باقي رهي سياست ته سياسي ليکن بابت مان فقط اهو ڏسندو آهيان ته ليکڪ ڪير آهي ۽ ڪهڙا آهن، ڇو ته انهن جي نالن مان ئي سمجهي ويندو آهيان ته ڪهڙي ليکڪ ڇا لکيو هوندو. ڪڏهن ڪنهن ليکڪ جي ڪنهن سٽ تي نظر پئي ويندي آهي ته کل نڪري ويندي آهي، فقط ڪو بيوقوف هوندو جو هن دور ۽ هن زماني ۾ اها اميد رکي ويٺو هوندو ته سنڌي ليکڪ ڪنهن سنڌي اخبار ۾ پ پ جا نقص ۽ خاميون به ڄاڻائي. مان ۽ مون جهڙا سوين جي سياست تي نٿا لکن ته ان جو سبب فقط اهو آهي ته ماڻهن ۾ سچ ۽ سڌي ڳالهه سهڻ جي عادت بنهه ناهي. اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ جي ايم سيد بابت ڪا حقيقت لکڻ به وڏو ڏوهه هو. ڪنهن صاحب بابت سواءِ ساراهه جي ڪجهه به ٻيو لکڻ چريائپ ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي.

    · ڳالهه اڄ جي ناهي، ڪيئي ڏهاڪن جي آهي، شايد ڪجهه صدين جي آهي. گڏهه به تڏهن سمجهي سگهيو ٿي ته ڪالاباغ ڊيم کي ضرور ٺهڻو آهي، پر سنڌين کي اها معمولي ڳالهه به سمجهه ۾ نه آئي ۽ سدائين احتجاج ڪندا آهن ته اها ڊيم نه کپي ۽ سندن چونڊيل وزير ۽ ميمبر گشا پتا هڻندا آيا آهن ته ڪابالاغ ڊيم نه ٺهندي. جيڪڏهن اهي وزير ۽ ميمبر گشا پتا نه هڻن ته وزير ۽ ميمبر ئي نه رهن. جڏهن اهو ارادو پڪو ٿي ويندو ته هاڻ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي، تڏهن هي ملڪ ڪنهن ٻئي صوبي جي حڪومت هيٺ هوندو ۽ پوءِ اوهان جا سنڌي وزير ۽ ميمبر (اڄوڪا) فخر سان چوندا ته ”ڏٺو، جيسين اسان هواسون تيسين اسان اها ڊيم ٺهڻ نه ڏني!.

    · جيڪي اوهان جا وزير ۽ نمائندا ڦليلي ڪئنال جو زهريلو پاڻي بدين ڏانهن وهڻ کان روڪي نٿا سگهن، تن هاڻ اعلان ڪيو آهي ته پنجاب کان ايندڙ زهريلو پاڻي روڪڻ لاءِ مرڪزي سرڪار سان رابطو ڪيو ويندو! اها مشڪري ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ پڇڙي جو زميندار سدائين عذاب ۾ هوندو آهي ۽ سنڌ ۽ سنڌين کي ڪئين صديون اڳ سمجهي وڃڻ کپندو هو ته پنجاب جي معاملي ۾ سنڌ پڇڙي جو صوبو آهي، پنجابين جي معاملي ۾ سنڌي پڇڙي جا زميندار آهن ۽ تنهن ڪري عذاب هنن جو مقدر آهي. انهيءَ عذاب جو علاج آهي، پر اهو علاج اوهان جي ڪرتائن ڌرتائن ۽ پاڻ اوهان کي به سمجهه ۾ نه ايندو. مون انهن معاملن تي پنهنجن ڪتابن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ هاڻ پنهنجو مٿو وڌيڪ کپائڻ لاءِ تيار نه آهيان.

    · فرنٽيئر واري اسفنديار ولي هڪڙو اهڙو سوال پڇيو آهي، جنهن تي هن کي اميتاڀ بچن وٽان هڪ ڪروڙ رپئي جو انعام ملڻ گهرجي. هن فرنٽيئر ۽ فاٽا وغيره ۾ جنگي حالتون ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو رستو (جنهن کي پاڻ مفاهمت چوڻ به سکي ويا آهيون) اختيار ڪرڻ لاءِ زور ڀريندي پڇيو آهي ته دنيا جي تواريخ ۾ ڪا به اهڙي جنگ ڏيکاريو، جنهن جو فيصلو توبن ۽ بندوقن سان ٿيو هجي؟ وڏي عقل جي ڳالهه ڪئي اٿس، ٻي مهاڀاري لڙائي (هٽلر واري) به انهن ڳالهين جي ڪري ختم ٿي جيڪي هٽلر، چرچل ۽ آمريڪا وارن دبئي، اسلام آباد ۽ مريءَ ۾ ڪيون هيون؟ سڄي يورپ جي تباهي ۽ لکين ماڻهن جو بمن توبن سان مرڻ فقط چرچو هو، جپان ۾ ٻه ائٽم بم ڪيرائڻ به مفاهمت جو هڪڙو نمونو هو، جنهن بابت جپان ۽ آمريڪا وارن ناگاساڪي ۽ هروشيما ۾ ويهي ڳالهين رستي طئي ڪيو هو. پهرين مهاڀاري لڙائي به انگريزن، جرمن ۽ اٽالين ماڻهن آفريڪا جي بيابانن ۾ ٽينڪن ۾ ويهي ڳالهيون ڪري ختم ڪرائي هئي، منگولن جڏهن به هندستان تي قبضا ڪري هندستان جي ماڻهن جو قتل عام ڪيو هو، سو به سدائين باهمي مفاهمت سان ٿيو هو. بابر جو هندستان جو حڪمران ٿيو هو، تنهن به هندستان جي ماڻهن سان ڊگهيون ڳالهيون ڪيون هيون، احمد شاهه ابدالي به مفاهمت سان هندستانين کي راضي ڪري دهلي ۾ اچي ڏهه هزار ماڻهو مارائي هليو ويو. نادر شاهه جي مفاهمت ته دهليءَ کان بنگال تائين هلي وئي، محمود غزنوي افغانستان مان نڪرڻ کان اڳ دوارڪا جي ٻاون کي اتي گهرائي ڪڏهن ظهرانه ڏيندو هو ته ڪڏهن رات جي ماني کارائي هنن کي راضي ڪري پوءِ هندستان ۾ قدم رکندو هو. آمريڪا وار به ريڊ انڊين (اصلوڪا آمريڪي) ماڻهن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري انهن کي قتل ڪندا هليا. سڄي تواريخ ڀري پئي آهي انهن ظلمن سان جيڪي توبن، بندوقن، بمن، تلوارن ۽ خنجرن جون ڪهاڻيون آهن. ڇهن سالن کان آمريڪا وارا عراق ۾ ڇا مفاهمت جون ڳالهوين پيا ڪن؟ هنن جو واسطو ڪهڙو آهي عراق ۾ هجڻ جو؟ ۽ افغانستان ۾ ڇا ٻه لک ماڻهو اچي آمريڪي-افغاني مفاهمت ۾ حصو وٺندا؟ اسفنديار ولي خان غفار خان جهڙي عظيم ماڻهوءَ جو پوٽو آهي، هو ڀل چئي ته ڳالهين ذريعي فيصلو ڪريو، پر اهو ڪوڙ هن کي نه ڳالهائڻ گهرجي ته دنيا ۾ ڪڏهن ڪا گولي نه هلي آهي، ڪا توب نه هلي آهي، ڪو بم نه ڪريو آهي.

    · هن دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ڪوڙ اهو آهي ته فتح سدائين سچ جي ٿيندي آهي. مان ٿو اوهان کي ٻڌايان ته هن دنيا ۾ فتح سدائين پاور جي ٿيندي آهي. جيڪڏهن اوهان جي هٿ ۾ پاور آهي ته اوهان فاتح آهيو، هي دنيا آهي ۽ جنهن جي هٿ ۾ پاور آهي، سو ئي حاڪم آهي پوءِ ڀل حاڪميت هن کي ڌاڙي ۾ ئي ملي هجي. مفاهمت جو مطلب آهي ته ڳالهائيندا هلو ۽ ڪنهن به فيصلي تي نه پهچو ۽ نه ڪنهن ٻئي کي پهچڻ ڏيو.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    تاريخي حقيقتون!




    اڱارو 2 جون 2009ع



    · جيڪڏهن هر هڪ لفظ جي فقط هڪڙي معنيٰ هجي ها ته بحث مباحثو نه هجي ها، جهيڙو جهٽو نه هجي ها ۽ دنگو فساد نه هجي ها. مشڪل اها آهي ته هر هڪ لفظ جون ڪيئي معنيٰ آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ساڳيو لفظ ماڻهو مختلف معنيٰ ۾ استعمال ڪندي بحث مباحثي ۾ پئجيو وڃن ۽ ڳالهه دنگي فساد تائين پهچيو وڃي.

    · هرڪو ليکڪ مون جيان عمر ۾ وڏو ٿيندو ويندو آهي ۽ نئين نسل لاءِ ليکڪ ئي نه رهندو آهي. جيڪڏهن مان اڄ ڪنهن ڳالهه لاءِ چوان ته اها ڳالهه ته مون 1985ع ۾ لکي هئي، جا اخبار ۾ ڇپي به هئي ته جواب ۾ نئون نسل چوندو ته ”اسان نه پڙهي هئي، تنهن ڪري تون ٻيهر لکي ڇپاءِ“ ائين آخر گهڻا ڀيرا مان ساڳي ڳالهه لکندو رهندس ۽ ڇپائيندو هلندس!

    · لطيف يونيورسٽيءَ جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شر جا بيان مون پڙهيا آهن. اهي لاکين جي کوٽائي بابت آهن. جيڪڏهن اوهان جي ٿيوري صحيح آهي ۽ اوهان جي سوچ درست آهي ته حقيقتون جيڪي پوءِ ظاهر ٿينديون سي ضرور ان ٿيوري ۽ سوچ ۾ فٽ ٿي وينديون. مان نٿو ڄاڻان ته ڊاڪٽر نيلوفر شيخ جي ٿيوري ڇا آهي؟ هن وٽ ڪا ٿيوري آهي به يا نه، پر جيڪڏهن هن ميڊم ڌڪو به هنيو آهي ته اهو منهنجي انهيءَ ”ٿيوريءَ“ ۾ فٽ ٿيو وڃي، جيڪا مون 1985ع ۾ پنهنجي ڪتاب سنڌ، سنڌي، سنڌي ٻولي، سنڌي ساهت ۾ ڇپائي هئي. اهو ڪتاب ٻن پارٽس ۾ هو، ۽ پهرئين پارٽ جو ديباچو، بنا پڙهڻ جي، ميڊم راشدي لکيو هو. ٻيو حصو هڪ مهيني ۾ ئي شايع ڪيو هوم. اها سيريز مان جاري رکان ها جيڪڏهن سنڌين جي ذهنن تي سنڌيءَ جي پروفيسرن، استادن، ڊاڪٽرن ۽ نالي چڙهيل دانشورن جو هولڊ نه هجي ها.

    · اوهان چوندا ته حليم هاڻ ٽرڙو ٿي ويو آهي، سندس ذهن ٿڙي ويو آهي ۽ آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي، پر جتي سنڌيءَ جا ماهر پروفيسر پنهنجا چار ڪتاب پڙهي سڄي سنڌ جي سنڌين تي داداگيري ۽ غنڊا گردي هلائي انهن جا ذهن خراب ڪري رهيا آهن، اتي مون جهڙن جاهلن کي به حق آهي ته انهن نام نهاد سنڌي پروفيسرن جا تڏا ويڙهي، انهن تي پيٽرول هاري، انهن کي تيلي ڏيئي باهه جو مچ ٻاري ڇڏين. ٻين جاهلن بابت مان نٿو ڄاڻان، پر مان اهو جاهل آهيان، جنهن بلڪل اهو ڪيو آهي. مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته سنڌيءَ جا اهي جاهل پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر، ليڪچرر، استاد ۽ ٻيا مسخرا جن سنڌين جي ذهنن تي جهالت جو ٺپو هڻي ڇڏيو آهي ۽ اهي پڻ جن ٻين کاتن ۾ هوندي به سنڌيءَ تي ئي پنهنجي داداگيري مسلط ڪري رکي آهي، انهن سڀني کي اوهان تارازيءَ جي هڪڙي پلڙي ۾ رکو ۽ مون اڪيلي کي ٻئي پلڙي ۾ رکو ته به مان اڪيلو انهن سڀني کي بازار ۾ وڪڻي ايندس. ڳالهه اها ناهي ته مان عقلمند آهيان، ڳالهه اها آهي ته ان جون ضرورتون ڇا آهن ۽ ڪيئن لکجي، هنن فقط سنڌيءَ ۾ لکيل چار ڪتاب پڙهيا آهن، پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر نه نڪتا آهن ۽ اهو ڏسڻ بنان ته سنڌيءَ ۾ اڄ تائين ڪو ائٽلس ئي ڪونهي، سنڌ ۽ سنڌين جي تواريخ بابت ڳالهائيندا ۽ لکندا رهيا آهن. هي اهي آهن، جيڪي ڄاڻن ٿا ته جي ساڳي بڪواس پنجاهه ڀيرا ورجائجي ته ان بڪواس کي ضرور سچ جو درجو ملندو. اوهان سنڌين هنن جي لکيل ۽ اچاريل گند کي سچ جو درجو ڏنو آهي، اوهان ئي هنن جو دماغ خراب ڪيو آهي، اوهان ئي هنن کي تخت تي ويهاريو آهي ۽ هاڻ اوهان جو ئي ڪم آهي ته هنن کي انهيءَ ”تخت تان لاهي ان تخت کي باهه ڏيئي ڇڏيو“.

    · لاجڪ، جنهن کي سنڌي ۽ اردو وغيره ۾ منطق چئبو آهي ۽ جيڪو بحث ڪرڻ جي اصولن جو مرڪب آهي، تنهن تي اوهان ڪو سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب ڏٺو آهي؟ بامبي يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ اهو ضرور هو ته يا مئٿس کڻو يا لاجڪ کڻو. اهو زمانو مون کان اڳ جو زمانو هو، پر فلسفو پڙهڻ جي شونق ۾ مان لاجڪ، بحث جا بنيادي اصول به پڙهي ويس، جيڪي منهنجي فطرت ۾ شامل آهن. اهو ئي سبب آهي جو مون کي اوهان جا اهي سنڌي ماهر بلڪل ٻار نظر ايندا آهن ۽ هي مون سان پڄي به نه سگهندا آهن. جا ڳالهه مان ڪرڻ/چوڻ چاهيان ٿو تنهن کان مان پري ٿيندو پيو وڃان، پر ڪي ڳالهيون منهنجي ذهن تي سوار آهن، جيڪي ظاهر ڪرڻ ضروري آهي، انهن ئي سنڌيءَ جي حڪمرانن ۾ ميڊم سحر امداد به هئي، جنهن ۾ گريس ۽ ڊگنٽي هئي. مان سنڌالاجي ۾ هوس، جڏهن مئڊم منهنجين لکڻين تان مون تي چٿرون ڪيون هيون، پر ته به هن ۾ مون لاءِ نفرت يا مون سان حسد نه هو. مون الفابيٽ پئي ڦيرائي ۽ ٻين سنڌي دانن وانگي مئڊم کي به اها ڳالهه مسخري پئي لڳي، پر هن ۾ مون لاءِ نفرت يا حسد نه هو. مون سان نفرت ۽ حسد جو سڄو ٺيڪو جبار جوڻيجي کي مليل هو، جيڪو اها ڳالهه به قبول نه ڪندو ته جوڻيجا، ڌاريجا، ناريجا، ڪوريجا، سميجا، سومرا، سيلاٽا وغيره سڀيئي اصل ۾ راجسٿان کان اڄوڪي سنڌ صوبي واري ايراضي ۾ داخل ٿيا ۽ هنن سڀني جي اصلوڪي ٻولي مارواڙي/گجراتي/ڪڇي/راجسٿاني هئي. اسلام کي هن دنيا ۾ آئي فقط چوڏهن سئو ورهيه ٿيا آهن، تنهن ڪري صاف ظاهر آهي ته هن کان اڳ هندستان (سنڌ ۽ پاڪستان سميت) ۾ رهندڙ سڀيئي ٻين مذهبن جا هئا. مان بروهي آهيان، پر مون کي بروهي ٻولي نٿي اچي تنهن تي مان شرمسار به آهيان، پر اهو مڃڻ ۾ ڪهڙو ڦاهو ٿو اچي جيڪڏهن مان مڃان ته منهنجي ٻولي بروهي آهي؟ جبار ڇو نٿو مڃي ته کيس قانونن مارواڙي ڳالهائڻ گهرجي؟

    · ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، ابڙا ۽ اڳ ڄاڻايل ماڻهو سڀيئي راجسٿان مان ئي اڄوڪي سنڌ صوبي جي ايراضيءَ ۾ داخل ٿيا. اهو سلسلو صدين ۾ طئي ٿيو هو. سو اهي ماڻهو راجسٿان ۾ ڪٿان آيا؟ مارواڙي، گجرات، بيڪانير، ڪاٺيا واڙ، ڪڇ وغيره وارا خالي ميدان انهن ماڻهن والاريا، جيڪي ڏاکڻي هندستان کان آيا. اڳي جڏهن مون اهي حقيقتون لکيون هيون، پنجويهه ٽيهه ورهيه اڳ، تڏهن ان ۾ سسٽم هو، طريقو هو، جيڪڏهن اوهان کي اهو طريقو ڏسڻو هجي ته 1985ع ۾ ڊان اخبار سان گڏ اسٽار اخبار ايندي هئي، اها ڏسو. هن وقت مان اوهان کي ٿلهيون حقيقتون ئي ڏيئي سگهان ٿو. اٽڪل ڏهه هزار ورهيه اڳ ڏکڻ ايشيا ۾ ماڻهو فقط هندستان جي ڏکڻ واري حصي ۾ اتي رهندا هئا، جنهن کي اڄ ڪرناٽڪا رياست چيو ويندو آهي. انهيءَ ڪرناٽڪا رياست ۾ هڪڙو هنڌ هو هالار، (اڄ به سنڌ ۾ هالاري ميمڻ سڃاتا ويندا آهن) جتان ماڻهو اتر ڏانهن وڌڻ لڳا. اهي ماڻهو قبيلن جيان هئا، اهي ئي ماڻهو هئا، جن سمنڊ جي ڪناري تي سورت وٽ لوٿل بيٺڪ ٺاهي جا اڄ به قائم آهي جو هندستان حڪومت پنهنجي ورثي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

    · انهيءَ سمنڊ کان اوهان جيڪي وڻيوَ، سو چئو پر مان انڊين اوشن ئي چوندس. اوهان هن کي عربي سمنڊ به چئي سگهو ٿا. جيڪا ڳالهه مان ڪريان پيو، سا هزارين ورهيه اڳ جي آهي، جڏهن عربن اڃان سمنڊ ۾ ۽ سامونڊي واپار ۾ پير نه پاتو هو، سو سورت جي پاسي ۾ لوٿل واري بيٺڪ کان اهي ماڻهو/قبيلا اتر اولهه پاسي مٿي رڙهندا آيا ۽ هنن ئي آمري ۽ ڪوٽڏيجي واريون بيٺڪون جوڙيون. انهيءَ پاسي ۽ انهيءَ واٽ تي ٻيون به جام بيٺڪون هيون پر انهن جا نالا مون کي ياد نه رهيا آهن. اوهان فقط لوٿل ياد رکو جو انهيءَ بيٺڪ سنڌين کي منجهايو آهي ۽ ”سنڌي محقق“ ان جو نالو به نه ڳنهندا آهن.

    · ڏاکڻي هندستان جي اولهه واري سامونڊي ڪناري تي سورت وٽ لوٿل هڪ عجيب بيٺڪ آهي. اها بيٺڪ ئي ڪنجي/چاٻي آهي، موهن جي دڙي واري بيٺڪ جي، ۽ انهن سڀني بيٺڪن جي، جن ۾ علي پور، هڙپهه، ڪاليبنگن ۽ ٻيون به انيڪ بيٺڪون اچيو وڃن. پر پاڻ کي اتي لوٿل وٽ ترسي پهرين هڪ اهم ڳالهه واضح ڪرڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.

    · ڇو ته آريا به اتر ۽ اتر اولهه کان آيا، ڇو ته عربن ۽ پٺاڻن جا حملا به اتر ۽ اتر اولهه کان ٿيا، تنهن ڪري هندستان جي اولهاڻي حصي ۾ ڪمزور صفتن تي اهو ئي اثر ويهي رهيو ته هندستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، سو انهن ماڻهن جي ڪري ٿيو، جيڪي اتر ۽ اتر اولهه کان هندستان ۾ آيا. ايتري قدر جو اڄوڪي سنڌ صوبي جا ماڻهو ته هروڀرو زوري عربستان سان وابسته ڪندا آهن. هندستان ۾ آريا ته فقط چار هزار کان به گهٽ ورهيه اڳ داخل ٿيا هئا. سو تنهن کان اڳ هندستان ۾ ڇا هو ۽ ڪهڙا ماڻهو رهندا هئا؟

    · ننڍي هوندي کان ٻڌندا آياسين ۽ دنيا جي ڪتابن ۾ پڙهندا آياسين ته هندستان جا اصلوڪا رهاڪو اڻ آريا هئا، جن تي اتر اولهه کان داخلا ٿيندڙ آريا ڇائجي ويا. صاف ظاهر آهي ته هندستان ۾ اوڀر واري پاسي کان به ڪا خلق داخل ٿيندي وئي هوندي، جو هندستان ۾ اوڀرائي حصي جي ماڻهن جا نڪ نقشا جپان ۽ چين واري پاسي جي ماڻهن سان ملن ٿا. پر پنهنجو تعلق آهي اڄوڪي سنڌ صوبي، پنجاب ۽ راجسٿان سان جيڪي اڄ کان ڏهه هزار ورهيه اڳ خالي هئا ۽ جن کي هندستان جي بلڪل ڏاکڻي حصي ۾ وسندڙ دراوڙ ماڻهن هوريان هوريان اتر ڏانهن چڙهندي پهرين ڪرناٽڪا جو هالام وسايو، پوءِ سورت وارو لوٿل وسايو ۽ تنهن کان پوءِ ٻن ڌارائن ۾ ورهائجي هڪڙي ڌارا سڌو مٿي وڃي ڪوٽڏيجي ۽ آمري ۽ ٻيون بيٺڪون جوڙيندي وڃي موهن جو دڙو واري بيٺڪ ٺاهي ۽ ٻي ڌارا سمنڊ جي ڪناري سان لڳ هلندي اڄوڪي سنڌ صوبي ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارن کي آباد ڪرڻ لڳي. دراوڙ ماڻهن جون اهي ٻئي ڌارائون گجرات، ڪاٺياواڙ، مارواڙ مان ئي لنگهندي اڄوڪي راجسٿان ۾ بيڪانير تائين ڇائنجي ويون.

    · ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته اڄوڪي هندستان ۾، ڏاکڻي هندستان سميت ڪرناٽڪا، ممبئي واري رياست، گجرات، ڪاٺياواڙ، اجمير کان وٺي اتر ۾ بيڪانير تائين سڄي راجسٿان ۾ ۽ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ سڀيئي ماڻهو دراوڙ نسل جا آهن ۽ هنن مان ڪجهه قبيلن کي غلط فهمي آهي ته هو آريا يا عرب نسل جا آهن. دراوڙ ته سڄي هندستان ۾ هونئن ئي ڇانيل هئا، پر آريا ته فقط ٽي چار هزار ورهيه اڳ آيا هئا. عربن کي هندستان ۾ آئي فقط هزار ورهيه به نه ٿيا آهن.

    · انساني فطرت تمام ڪمزور آهي، جنهن پاسي قوت ڏسندا تنهن پاسي ٿي ويندا ۽ هنن ۾ ضم ٿيڻ لاءِ پنهنجي اصليت تان ئي هٿ کڻي ويندا. جڏهن آريا ماڻهن اچڻ شروع ڪيو ته هنن جا ڊگهي قد ۽ اڇي رنگ هنن دراوڙن جي ذهنن کي مجبور ڪيو ته پهرين هنن ۾ گهڙن ۽ پوءِ پاڻ کي به آريا سڏائين. نه فقط ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، ڪڇي، گجراتي، ڪاٺياواڙي، مارواڙي دراوڙ آهن. پر سنڌ ۾ آيل بروهي، بلوچ، راجسٿاني ماڻهو جهڙوڪ سومرا، ناريجا، ڌاريجا، ڪوريجا، جوڻيجا ۽ انيڪ ٻيون قومون سڀيئي دراوڙ آهن. ست اٺ سئو ورهيه اڳ جڏهن عربن به اچڻ شروع ڪيو ۽ هنن جي هٿ ۾ ڏنڊو هو ته هتان جي هر هڪ قوم ڪنهن نه ڪنهن نموني يا ڪنهن نه ڪنهن بهاني پاڻ کي عربن سان ڳنڍيندي وئي. بروهي به چوڻ لڳا ته هو عربستان کان آيا آهن ۽ امير حمزي جي نسل مان آهن، حالانڪه بروهي ٻولي جا اکر ڏاکڻي هندستان جي ٻولي تيلگو سان تمام گهڻي مشابهت رکن ٿا. ميمڻ ته سولائيءَ سان مومن سڏائڻ لڳا، جيتوڻيڪ هالاري ميمڻ وڏي انگ ۾ سنڌ ۾ موجود آهن. جوڻيجا، ناريجا وغيره اصليت لڪائڻ لاءِ پاڻ کي هروڀرو ۽ زوريءَ سنڌي سڏائڻ لڳا ۽ ضد ڪرڻ لڳا ته سندن ٻولي هزارين ورهين کان سنڌي آهي، جيتوڻيڪ سنڌيءَ ۾ لفظن جي ڀرمار گجراتي، مارواڙي، بروهي، بلوچي، سرائڪي، ڍاٽڪي ۽ ٻين اهڙين ٻولين جي لفظن جي آهي، جيڪي ڏاکڻي هندستان کان آيون. ٻولين جي تحقيقات ۽ هندستان جي ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ مهرباني ڪري رشيا ۾ ڇپيل اهي ڪتاب پڙهو، جيڪي USSR جي زماني ۾ اتي ڇپيا، يا گهٽ ۾ گهٽ بامبي گورنمينٽ جا اهي ڪتاب پڙهو، جيڪي لوڪن ۽ قبيلن جي اصليت بابت ڇپايل آهن ۽ سنڌالاجي ۾ موجود آهن.

    · ڇو ته ماڻهن جو وهڪرو ڏکڻ هندستان کان اتر ڏانهن هليو، تنهن ڪري اهي بيٺڪون/ماڳ جيڪي ڏکڻ ۾ آهي، سي اتر وارن بيٺڪن ۽ ماڳن کان آڳاٽا آهن. لوٿل واري بيٺڪ موهن جي دڙي واري بيٺڪ کان گهڻو وڌيڪ آڳاٽي آهي، جو اهي لوٿل ٺاهيندڙ ماڻهو ئي هئا، جن اڳتي موهن جو دڙو واري بيٺڪ جوڙي، اهو ئي سبب آهي جو موهن جي دڙي واري بيٺڪ ۽ لوٿل واري بيٺڪ ۾ تمام گهڻي مشابهت آهي ۽ انهيءَ حساب سان لاکين وارو معاملو ته ڪنهن حساب ڪتاب ۾ ئي نٿو اچي.

    · سنڌ صوبي وارن تواريخ کي ابتر ڪري پڙهيو آهي. اتر ۽ اتر اولهه کان ڏکڻ طرف پڙهڻ بجاءِ هندستان جي تواريخ کي ڏکڻ کان اتر ۽ اتر اولهه طرف پڙهڻ گهربو هو. اهو ڪاٺياواڙ هو، جنهن جو ثقافتي ۽ واپاري اثر موهن جي دڙي تي هو. لوٿل پهرين هو، موهن کي لوٿل جنم ڏنو. لاکين واري آکاڻي گهڻو پوءِ جي ڳالهه هوندي.

    · مون انهن ڳالهين بابت انگريزي اخبارن ۽ پنهنجن سنڌي ڪتابن ۾ ايترو ته گهڻو لکيو آهي جو هاڻ منهنجو ارواح انهن ڳالهين تان اٿي ويو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ تمام گهڻن ماڻهن جو دماغ ايترو ته خراب آهي جو اڃا تائين هنن جو پرچار آهي ته هو يا ته عربستان کان آيا يا وري عربن جو اولاد آهن، جيتوڻيڪ عربن کي وساري هنن کي حقيقتون قبول ڪرڻ گهرجن.

    haleembrohi@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو