ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    نئين سنڌ سرڪار، ميرٽ جا متلاشي ماڻهو ۽ گورنر کان واپس ٿيل اختيار!




    ڇنڇر 7 جون 2008ع



    سنڌ ۾ سائين قائم علي شاهه جي سربراهي ۾ قائم ٿيندڙ پ پ سرڪار نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. هن حڪومت نيٺ گورنر هائوس کان سي ايم هائوس ڏانهن هڪڙي اهم اداري جي تشڪيل وارا پاور ٽرانسفر ڪرائڻ ۾ سوڀ ماڻي آهي. سنڌ واسي اهڙي سرهائي فراهم ڪرڻ تي وڏي وزير ۽ سندس ٽيم خاص طور قانون واري منسٽر اياز سومري کي واڌايون ڏيڻ کان رهي نٿا سگهون، جنهن روايتي طور طريقن جي ڀيٽ ۾ ”قانون سازي“ لاءِ جيڪا سريع الحرڪت پيش قدمي ڪئي آهي، اهڙي پيش رفت لاءِ صوبي جا ٻيا وزير به متحرڪ ٿيندي نظر اچڻ گهرجن. خيرن سان اڳ جي ڀيٽ ۾ عشرت العباد به روايتي ليت ۽ لعل کان پرهيز ڪندي نظر اچي ٿو. عباسي صاحب جي چيئرميني ۾ نئين سر جيڪا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙجڪ ٿي آهي، محترم چيئرمين ۽ لائق ميمبرن لاءِ وڏا چئلينج به درپيش آهن ته اداري جو وقار بحال ڪرائڻ تمام ضروري آهي.

    ملڪ ۾ مرڪزي ۽ صوبائي ملازمتن جا اعليٰ سطحي امتحان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۽ صوبائي سروسز ڪميشنون منعقد ته ڪرائن ٿيون پر اهڙا امتحان سياسي مداخلت کان محروم ناهن رهي سگهندا. هلندڙ ڏهاڪي ۾ مرڪزي ۽ صوبائي ڀوتارن جا پريشر جمشيد گلزار ڪياني ۽ پروفيسر محمد حسن ڀٽو جهڙن فيڊرل ۽ پراونشل سروس ڪميشنز جي چيئرمينن ڪهڙي ريت برداشت ڪيا؟ اهي تفصيل ماضي قريب سان تعلق رکن ٿا. قند-مُڪرر طور سندن تذڪرو موقوف ڪجي ٿو. قومي اثاثي کي موجوده سرڪار برداشت ڪرڻ جا اعلان ڪري چڪي آهي، جڏهن ليفٽيننٽ جنرل (ر) جمشيد گلزار ڪياني کي ڪو اعتراض ناهي ته پوءِ صوبائي اثاثي کي معاف ڪرڻ واري ڪنهن امڪاني اعلان تي محمد حسن ڀٽو به ڪهڙي صداءِ احتجاج بلند ڪندو؟ هن وقت سنڌ سرڪار جو قانون وارو کاتو ڪنهن اهڙي آئيني بل جي اڻت ۾ مصروف آهي، جنهن جي آڌار تي 1994ع دوران ڀرتي ڪيل ”ڊائريڪٽ آفيسرن“ کي سندن تقرريءَ واري تاريخ کان ڪنفرم ڪرڻ ۽ کين شروعاتي تاريخ کان ئي سينارٽي عطا فرمائڻ جو اهتمام ڪيو پيو وڃي، تمام سٺي پيش رفت آهي. اهڙي سوچ جي ”حاملين“ لاءِ ماڻهو ڏيڍ سئو اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڊي ايس پيز طور سليڪٽ ٿيندڙن کي ڊي سي او ۽ ڊي پي او ڏسڻ چاهين ٿا، پر هڪڙي به اهڙي مخلوق موجود آهي، جيڪا ڪنهن اهڙي فيصلي کي ”ميرٽ“ جي تارازي ۾ تورڻ لاءِ آماده هجي. خوش ٿيندڙن جو خيال آهي ته اهي مقرريون پ پ سرڪار ڪيون هيون، جنهن کي بعد ۾ گورنر راڄ دوران معين الدين حيدر پارن رد ڪرڻ جا به ارادا ظاهر ڪيا هئا، پر اهي جيالا لاهن چاڙهن جو طويل عرصو طئي ڪري هاڻ پنهنجي هم خيال سرڪار جي دور ۾ پير پائي چڪا آهن. کين هيءَ سرڪار رليف فراهم ڪري نه سگهي ته پوءِ ڪجهه نه ٿيندو. هونئن ته اقليم جي آغاز کان وٺي (1947ع) سروسز جي ميدان ۾ ميرٽ جا جنازا ڌوم ڌام سان نڪرندا رهيا آهن. شروع شروع ۾ اهڙا آئي سي ايس ۽ سيڪريٽريٽ گروپ جا آفيسر سنڌ، بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ اوڀر بنگال تي مڙهڻ شروع ڪيا هئا، جيڪي گهڻي ڀاڱي يو پي سي پي وارن خطن جا رهاڪو هئا. مقامي ۽ خاص طور پنجاب سان تعلق رکندڙ نوڪرشاهي ۽ سينٽرل انڊيا جي نوڪرشاهي جي بالاتري واري ڇڪتاڻ ۾ قائدِ ملت کي لياقت باغ راولپنڊي ۾ 1952ع ڌاري قتل ڪيو ويو. پوءِ ايوب خان ته سموري سول سروسز واري سوسائٽي کي سولجر بازار بڻائي ڇڏيو. سرحدن تي ڪم ڪندڙ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري هجي يا سنڌ-هند سرڪار تي ڊيوٽيون ڏيندڙ سنڌ پوليس رائيفلر (SPR) اهي صوبائي گهرو سيڪريٽرين جي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪندڙ ادارا هئا. 1959ع ۾ رينجرز ايڪٽ عمل ۾ آڻي ايس پي آر سميت ٻين سول ادارن کي پيرا ملٽري فورسز ۾ تبديل ڪيو ويو. ڪيپٽن، ميجر، ڪرنل، برگيڊيئر ۽ ميجر جنرل سطح جا آفيسر آرمي مان موڪل وٺرائي انهن ادارن تي مڙهيا ويا، ۽ اهي ادارا صوبن کان ڦري وفاقي وزارتِ داخلا حوالي ڪيا ويا. ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ڪوسٽ گارڊ جهڙا سامونڊي سرحدن جا محافظ ادارا به سويلين سڃاڻپ کان محروم ڪيا ويا. مرڪزي سول سروسز وارن کاتن ۾ ڏهه سيڪڙو سولجر بازار جا سينائي سورما فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي توسط سان هر سال واري سالياني مقابلي واري امتحان ۾ ڪوٽا طور تشريف فرما ٿيا. مٿي وري ڪانٽريڪٽ تي به رٽائرڊ سولجري مخلوق کي نوازيو ويو.

    تازو سنڌ سرڪار اهڙن جن همراهن کي گهر جا ٽڪيٽ وٺرايا آهن، انهن ۾ به برگيڊيئر (ر) عبدالحق پارا هڪ درجن کن سينائي همراهه شامل آهن، پندرنهن کن ته ٻيهر آني بهاني سان واپس به پهچي ويا آهن. سائين قائم علي شاهه ته پنهنجي دخترِ نيڪ اختر کي به گريڊ مطابق آساميءَ تي مقرر فرمائي گهر کان ميرٽ کي مقبول بنائڻ جا جتن ڪيا آهن، پر سنڌ ۾ هر کاتي اندر اهڙا بيشمار بندا موجود آهن، جيڪي اصل گريڊ کان مٿي واري آسامي تي متمڪن آهن. ممڪن آهي ته پ پ ايم ڪيو ايم جي مخلوق سنڌ حڪومت آهستي آهستي اصولن جي آبياري لاءِ پيش قدميءَ ۾ دلچسپي رکندي هجي. کين هن وقت وڌيڪ موردِ الزام ڪوٺڻ مناسب به نٿو لڳي. جمعو جمعو اٺ ڏينهن واري اها سرڪار ڇهه اٺ مهينا اڳتي هلي ته پوءِ سندس ڪارڪردگي جا مثبت ۽ منفي پهلو عوام آڏو ايندا. ان موقعي تي سندس ڪارناما زيرِ بحث آڻڻ ۾ مزو به ايندو ته اهڙي جائزي کي ڪنهن تنقيد جي دائري ۾ مقيد ڪرڻ ڪنهن لاءِ ممڪن به ڪو نه رهندو. هن وقت جنهن اشو کي ميرٽ جي حوالي سان مشق ستم بڻايو پيو وڃي. اهو آئٽم ڇاڪاڻ ته انتظامي حوالي سان سنڌ لاءِ انتهائي اهم آهي. سيڪريٽري، آر پي اوز، ڊي سي اوز ۽ ڊي پي اوز جيڪڏهن اهي آفيسر ٿي وڃن، جن کي پندرهان سال ٿي ويا آهن، پر اڄ سوڌو نه ته ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪيا آهن، ۽ نه وري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان مقابلي جا امتحان ڏيڻ جا مرحلا پار ڪيا اٿن. ايڊهاڪ تي ڀرتي ڪبي آهي ڇهن مهينن لاءِ پوءِ اصل پوسٽ تي ڪميشن پاس اميدوارن کي ئي مقرريءَ لائق سمجهيو ويندو آهي. سنڌ مان ميرٽ جا جنازا ملازمتن جي ميدان ۾ ڪنهن کان نڪرڻ شروع ٿيا آهن؟ پاڻ مٿي ڪي اشارا ڪري آيا آهيون. شهيد ڀٽي جي دور ۾ (77-1972) هن حوالي سان جيڪا نيڪي ٿي هئي، انهيءَ ڪارِ خير جو طور طريقو ٻيو هو. جيڪي اهل ماڻهو اڳئين گريڊ ۾ آڻڻ ضروري هئا، تن کي بين الاقوامي سطح جي مڃيل ادارن مان ايڊمنسٽريشن جا اسپيشل ڪورس ڪرايا ويا هئا. ظاهر ڳالهه آهي ته انٽرنيشنل سطح جي معيار ادارن ڏانهن ويندا ئي اهي، جن کي اهليت جي هوا لڳل هوندي. آڱوٺي ڇاپ اڪابرن کي ته سنڌ واري ڪميشن جا امتحان به ڏکيا ٿا لڳن. پندرهان سال جيڪي ڪامورا مکيون ماريندا رهيا ۽ گهربل امتحان به پاس نه ڪري سگهيا، اهي سدورا جيڪڏهن سنڌ جي سياهه ۽ سفيد جا مالڪ ٿيندا، تڏهن سندن ڪارگذاريون به ورلڊ گنيز بوڪ ۾ شامل ڪرڻ جهڙيون هونديون.

    1988ع ۾ به ديڳون چڙهيون هيون، پر سائين غوث علي شاهه واري وڏ وزارت کان جيڪا نيڪي شروع ٿي، ارباب صاحب واري تاريخ ساز، وڏ وزارت تائين اهو ڌنڌو چالو رهيو. ايس ڊي ايم ڊائريڪٽ کڻڻ وارو کاتو اڄ تائين متان نه به کليل هجي، پر ارباب غلام رحيم صاحب يارنهن کن اهڙا سدورا ڊي ڊي او روينيو طور سنڌ سرڪار جي مٿي ۾ هنيا آهن، جيڪي گهڻو ڪري ڍڪ منشي ٿيڻ جا به اهل ناهن. ڄام صادق ڪنهن ارڙهين گريڊ جي شيخ صاحب کي ڊائريڪٽ ويهون گريڊ ڏيڻ لاءِ غلام اسحاق خان کي به گهمائي ويو، ۽ ارباب صاحب زرعي بئنڪ جي رڪوري آفيسر کي سنڌ سرڪار جو ويهين گريڊ وارو ڪامرو مقرر ڪري ويو. (ايم اي چوڌري) سنڌ سرڪار ته ڪانٽريڪٽي ڪامورن مان سنڌ جي جند آجي ڪرائڻ واري اڌي گابري سوڀ ته کٽي چڪي آهي، پر پوليس ۾ شولڊر پروموشن هولڊز کي هنڌائتو ڪرڻ لاءِ سندس فيصلا سريع الحرڪت ناهن رهيا. ڪي همراهه ڪورٽن ڏانهن هليا ويا آهن ۽ ڪن وري سرڪار کان مهلت به وٺي ڇڏي آهي. خير جو ٻيو وڏو ڪم ڪيو آهي قائم علي شاهه جي اڳواڻي ۾ قائم سنڌ حڪومت. اٺ هزار کن آءِ بي اي پاس ماسترن کي مهيني اڌ ۾ آفر ليٽر عنايت ڪرڻ وارو...پر سرڪار گهٽ ۾ پنجٽيهه سيڪڙو مارڪون کڻندڙ ناپاس ٿيندڙن لاءِ به ماستري جا در کولي ته اهو تعليم تي سندن احسانِ عظيم ٿيندو. غربت کي ميرٽ قرار ڏيڻ واري سرڪاري موقف تان به عوام جو توجهه هٽندو. هن پائيپ ۾ انهيءَ 278 تپيدارن جو به ڪيس ڦاٿو پيو آهي، جيڪي آءِ بي اي جو امتحان اپريل 2007ع ۾ پاس ڪري چڪا آهن، پر سال کان به مهينو مٿي ٿي ويو آهي، کين ٽريننگ لاءِ تپيداري ڪاليج گهرائڻ ۾ روينيو بورڊ حاتم طائي واري واٽ وٺڻ کان وانجهيل نظر پيو اچي. ڏيڍ سئو ايس ڊي ايم/ڊي ايس پيز کي جيڪڏهن مستقل ريگيولر ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪرايو پيا ته هڪڙو وچون رستو ٽيون به موجود آهي. جهڙي ريت تعليم کاتي ۾ ووڊ انسٽريڪٽر، اوريئنٽل ٽيچر ۽ ڊرائينگ ٽيچر کي ڪا به انتظامي ۽ آفيسراڻي پوسٽ ناهي ڏني ويندي، تيئن سنڌ سرڪار ۾ جيڪي ڪامورا ڪميشن پاس ناهن ۽ ”ڊائريڪٽ حوالدار“ واري ڊرامن ۾ استعمال ٿيندڙ ڊائلاگ جيان براهه راست کنيا ويا آهن، تن کي قانون مطابق ڪميشن جا امتحان ڏيڻ لاءِ پابند بنائڻ ضروري ته آهي، پر سنڌ ۾ رعايتي ڪلچر سان به رهاڻيون رچائڻ جو رواج سڪهءِ رائج الوقت بڻجي چڪو آهي. ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته نئين قانون سازي ۾ هڪڙو نئون ”اوطاقي گروپ“ سيڪريٽريٽ گروپ جيان متعارف ڪرايو وڃي، جنهن گروپ جا جيالا سنڌ ۾ انهن ڊاڪٽرن جيان راءِ عامه جي ذهن سازي ڪن، جيڪي ڊاڪٽر سيون هڻي به ناهن سگهندا، پر حفظانِ صحت جا اصول ٻڌائڻ لاءِ وتندا آهن چوراهن ۽ چئو سولن تي پڙها گهمائيندا. پ پ سرڪار کي ماضيءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ممتاز رهڻو آهي ميرٽ جي ميدان تي. گڊ گورننس کان ويندي صلاحيتن جي حوصلي افزائي لاءِ هاڻ به نه ڏور وياسين ته پوءِ اڳتي ڪجهه به نه ٿي سگهندو.

    سنڌ جو رسول بخش مهر هاريءَ جو پُٽ ڏيات ٻهه مان نڪري چائنا مان تازو ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي آيو آهي. ٻيو ٿريو مينگهواڙ ڌنيش پاڪستان آرمي ۾ ڪميشنڊ آفسر سليڪٽ ٿيو آهي. ٿر ۾ جڏهن اهڙا ذهين نوجوان موجود آهن، جن کي غربت موقعا به گهٽ فراهم ڪيا، پر اهي مايوس ڪو نه ٿيا ۽ هڻي وڃي هنڌ ڪيائون، باقي سنڌ جي اڪناف ۽ اطراف ۾ اهڙا هزارين هيرا ۽ لکين لعل لڀي پوندا، جيڪي سفارش ڪلچر کان نفرت ڪن ٿا ۽ پنهنجي فطري محنت سان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ جوڳو مقام ماڻي رهيا آهن.

    ايڪيهين صدي جي هن ارتقائي وائي منڊل ۾ ميرٽ جو قتل عام ناقابل قبول هئڻ گهرجي. حڪومت ۽ عوام کي هڪ ئي وقت ميرٽ واري اهڙي سوچ کي فروغ ڏيارڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڇا ائين مناسب ناهي ته اهي ڏيڍ سئو سدورا ۽ اڳ پوءِ وارا سفارشي وڃي پنهنجيون ٻنيون ٻارا سنڀالين ۽ ڪميشن خالي جاين لاءِ هنگامي بنيادن تي مقابلي جا امتحان منقعد ڪري ته جيئن نئين ٽئلينٽ مان ڪي لائق نوجوان سول سروسز جي صوبائي کاتن کي پنهنجي اپ ڊيٽ صلاحيتن سان وڌيڪ سنوارين ۽ سينگارين. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته کيس تازا جيڪي پبلڪ سروس ڪميشن جي حوالي سان اختيار مليا آهن، انهن لاءِ نئين قانون سازي ڪري. ڪميشن جي ميمبرن جو تعداد ويهارو کن ڪري سگهجي ٿو، ڪميشن جي مرڪزي (حيدرآباد) ۽ ريجنل آفيسن کي شايان شان هنڌن تي منتقل ڪري سگهجي ٿو. پوليس اڪيڊمي ۽ روينيو اڪيڊمي جوڙي تپيداري ڪاليج کي اڃا به وڌيڪ باوقار بنائي سگهجي ٿو. نيپا جيان سنڌ انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن قائم ڪري سمورن کاتن جي ڪامورن کي بهترين عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ به اشد ضروري آهي. سنڌ سرڪار کي ميرٽ جي پارت هجي، ڍڳو پير پيران وارو انداز عوامي انقلاب وارو رنگ اختيار نٿو ڪري سگهي!

    رميش آديسي کي ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪري وطن واسي غير مسلمن کي سهڻو پيغام فراهم ڪيو ويو آهي، پر ڪميشن ڪنهن ۾ به خاتون ميمبر جو نه هئڻ ”مستورات“ کي ممتاز مقام عنايت ڪندڙ پ پ سرڪار کي سوالن حوالي ڪري سگهي ٿو. اهڙي سهو جو ازالو هيئن به ٿي سگهي ٿو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن لاءِ سيڪريٽري جو عهدو ڪنهن عورت لاءِ مخصوص ڪجي ۽ حڪيم سعيد جي ڌيءَ سعديه راشد کان ويندي انيتا غلام علي، آپا مريم نوحاڻي، بيگم گلزار انڙ ۽ مهتاب اڪبر راشدي پاريون صنفِ نازڪ سان تعلق رکندڙ مانواريون مشورات ميمبرياڻيون مقرر ڪيون وينديون ته ڪميشن کي چار چنڊ لڳي ويندا.

    arbabnek@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    حسين حقاني، بارڪ اوباما ۽ مستقبل ۾ پاڪ- آمريڪي لاڳاپا




    اربع 11 جون 2008ع



    جڏهن صدر بُش کي حسين حقاني اسناد سفارت پيش ڪري رهيو هو، تڏهن سندس اهليه محترمه فرح ناز اصفهاني پڻ تقريب ۾ موجود هئي. شايد اهليانِ وطن کي ”حُسن اتفاق“ نظر اچي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو پهريون هاءِ ڪمشنر براءِ آمريڪا ايم اي ايڇ اصفهاني هو. اصفهان ايران جي خوبصورت شهر جو نالو آهي. پ پ جي چيئرمين بيگم نصرت ڀٽو جو تعلق به اصفهان سان آهي. ايراني سموريءَ دنيا جي حسن جو اڌ اصفهان کي الاٽ ڪندا آهن. ”اصفهان نصف جهان“ واري چوڻي جو به اهو ئي پس منظر آهي. مسٽر اصفهاني ۽ نواب محمد اسماعيل خان اهي قابلِ ذڪر سياستدان آهن، جن کي ٽڪيٽ ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ واري معمولي مسئلي تي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ 1946ع وارين چونڊن دوران مشترڪه اميدوارن واري منصوبي تان دستبردار ٿيون هيون. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۾ انيڪ ٻين سببن هوندي به انهن اميدوارن جي نظر اندازيءَ کي گهٽ اهميت نٿي ڏيئي سگهجي. ميرٺ وارو نواب اسماعيل خان ته تقسيم هند کان پوءِ اباڻي ديس کي ڇڏڻ تي آماده ڪو نه ٿيو هو. کيس بنگال ۽ پنجاب جي گورنري به آڇي هئائون. جڏهن ته مسٽر اصفهاني پاڪستان جو پهريون هاءِ ڪمشنر بڻجي، 18 آڪٽوبر 1947ع تي واشنگٽن پهتو هو. امام الهند و مولانا ابو الڪلام آزاد لکيو آهي ته سردار ولڀ ڀائي پٽيل انهن قابل اڳواڻن جي لاءِ ٽڪيٽن ڏيڻ جي راهه ۾ رڪاوٽون نه وجهي ها ۽ پنڊت جواهر لال بالغ نظريءَ جو ثبوت ڏئي ها ته ننڍي کنڊ کي سن ستيتاليهه واري ستيا ناسي نصيب ڪا نه ٿئي ها.

    مسٽر اصفهاني 8 فيبروري 1952ع تائين سفير رهيو ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپا استوار ڪرڻ ۾ اصفهانيءَ جي ذهانت کي نظر انداز ڪرڻ ائين ناممڪن آهي، جيئن پير علي محمد راشديءَ کي چيئرمين مائوزي تنگ ۽ چين جي پهرئين وزير اعظم مسٽر چو اين لائيءَ کي ماسڪو بدران مغربي ملڪن ڏانهن متوجهه ڪرڻ وارين حرفتن کان آجو قرار ڏيڻ! حسين حقاني ”سنڌي“ آهي ۽ آهي به صحافي. اهي ٻئي خوبيون راشدي مرحوم ۾ به موجود رهيون آهن. فرح ناز اصفهانيءَ جو شوهر نامدار شل پير علي محمد راشديءَ جا نقشِ قدم وڌيڪ نروار ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت آمريڪا جي پاڪستان بابت ”هاءِ گهوڙا“ نقطهءِ عروج تي پهتل آهي. مسٽر حقانيءَ سان ڪي قدر تفصيل سان ڳالهائڻ لاءِ قلب بي قرار آهي، جو: ڪڀي هم اور تم ڀي ٿي آشنا- تمهين خبر هو ڪه نه خبر هو...

    حقاني نواز ليگ کان به اڳ اڇري ۽ منصوري جا مٽ ڀريندو رهيو آهي. ماڊل ٽائون لاهور مان ميان برادران جڏهن جاتي امراءُ فارم رائيونڊ جا رهائشي بڻيا هئا، تڏهن مسٽر حقاني لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئنال مان لطف اندوز پئي ٿيو. کيس پ پ سرڪار اهو ئي کاتو ڏنو هو، جيڪو صديق الفاروق کي نون ليگ عنايت ڪيو هو. حقاني گذريل پنجن سالن کان آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسري ڪري رهيو هو. آمريڪا ۾ پ پ لاءِ لابنگ ڪندڙ فرمن جو به هو مشير هو، ته اين آر او وارا مرحلا به هُن ۽ کانئس اڳ مقرر هاءِ ڪمشنر رهندڙ ميجر جنرل (ر) محمود علي درانيءَ طئي ڪرايا هئا. دراني ته هن وقت يوسف رضا گيلانيءَ جو طارق عزيز بڻيل آهي. حقاني جنهن رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي، تنهن مان شڪ پيدا ٿين ٿا ته ڪنهن مرحلي تي موصوف محمد علي بوگري جيان نئون معين قريشي بنجي نه واپس وري. محمد علي بوگري بنگاليءَ کي 27 فيبروري 1925ع تي سفير بڻجڻ نصيب ٿيو. موصوف 16 اپريل 1953ع تائين هاءِ ڪمشنر رهيو. کيس واشنگٽن مان سڌو ڪراچيءَ آڻي وزير اعظم بڻايو ويو هو. بوگري جو جاءِ نشين بڻيو هو مسٽر سيد امجد علي. هي سيد سڳورو خوش قسمت هاءِ ڪمشنر ليکيو ويندو آهي، جنهن جي ايامڪاريءَ دوران آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي ”دفاعي معاهدو“ ٿيو. سيد امجد علي بهترين سفارتڪار طور شهرت حاصل ڪئي. سياسي معلومات جا متلاشي امجد بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ”آتش فشان“ ڪتابي سلسلي جو ”پاڪستان ايڪ سياسي جوار ڀاٽا“ نالي ڪتاب مطالع ڪن. آغا غلام نبي پٺاڻ ۽ سيد امجد عليءَ جا تاريخي انٽرويو ساڳئي ڪتاب ۾ موجود آهن. امجد علي آمريڪا ۾ 26 سيپٽمبر 1953ع تي دخل ڪار ٿيو ۽ کيس 17 سيپٽمبر 1955ع تي سبڪدوش ڪيو ويو. چوڏهن آگسٽ 1959ع تي مسٽر عزيز احمد کي هاءِ ڪمشنري عنايت ٿي. اوڀر پاڪستان جو تيرهن سال چيف سيڪريٽري رهندڙ هي ڪامورو بنگالين کي ”بني آدم“ ڪو نه سمجهندو هو. اوڀر پاڪستان ۾ نفرت جا ٻج ڇٽيندڙ هن آئي سي ايس کي واشنگٽن روانو ڪرڻ کان پنج مهينا اڳ پاڪستان ۾ پهريون مارشل لا تشريف فرما ٿيو هو. جنهن کي آمريڪا جو پڻ مڪمل آشيرواد حاصل رهيو. عزيز کي ڀٽي صاحب پرڏيهي سيڪريٽري بڻايو هو. ڇاڪاڻ ته پرڏيهي وزير طور هن کي عزيز احمد جهڙن آفيسرن جي ”عالمي ادارن“ تائين پهچ بابت مڪمل آگاهي حاصل هئي. خيرن سان هي پکي جولاءِ 1963ع ڌاري واپس پاڪستان ڏانهن اڏاڻو، پر اڏام کان اڳ پنهنجي ڀاءُ مسٽر جي احمد کي هاءِ ڪمشنر مقرر ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڀاڻس پوليس گروپ جو آفيسر هو، جيڪو واشنگٽن ۾ 19 جولاءِ 1963ع کان 15 سيپٽمبر 1966ع تائين هاءِ ڪمشنر رهندو آيو. فارن سروس جا ٻه ڀاءُ آغا شاهي ۽ آغا هلالي پرڏيهي مامرن بابت ناميارا ماهر ليکبا آهن. آغا شاهي ٺٽي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر رهي به نيڪ نامي ڪمائي ويو. ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ مان کيس فارن سروس ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، جيڪو سيڪريٽري خارجه ۽ پرڏيهي وزير پڻ رهيو. کيس جنرل ضياءُ الحق سان گُڏ ”ڪئمپ ڊيوڊ“ وڃڻو هو، پر هن پاڪستاني پرڏيهي پاليسيءَ ۾ آمريڪي اثرات کي محدود رکڻ جو خيال ظاهر ڪيو ته ٻئي ڏينهن ”ڪئمپ ڊيوڊ“ ڏانهن صاحبزادو يعقوب جنرل ضياءَ سان گڏ پرڏيهي وزير طور روانو ٿيو هو. آغا شاهيءَ کي ائين ڊراپ ڪيائون، جيئن ڪنور نٽور سنگهه کي پنڊت جواهر لال واري اڻ ڌري پرڏيهي پاليسيءَ جي وڪالت ڪرڻ ۽ آمريڪا سان جوهري معاهدي ۾ محتاط رهڻ واري راءِ رکڻ جي ڏوهه ۾ پرڏيهي وزارت تان لاٿو ويو هو.

    واشنگٽن لاءِ فارن سروس جو جيڪو پهريون ڪامورو سفارتي ذميوارين لاءِ منتخب ٿيو، سو هو مسٽر آغا هلالي، جيڪو ساندهه پنج سال سفير رهيو. موصوف 21 آڪٽوبر 1966ع تي سفارت خاني ۾ داخل ٿيو، جتان 20 آڪٽوبر 1971ع تي کيس واپس گهرايو ويو. مسٽر هلالي اهو سفير هيو، جنهن ڳجهه ڳوهه ۾ پاڪستاني سفارتي مشن کي اسرائيل جو دورو ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ته ٻئي پاسي آمريڪا جي نهايت زيرڪ پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر کي چين جو ڳجهو دورو پڻ ڪرايائين. اوڻيهه سئو ستر جي اليڪشن کان پوءِ جنرل يحيٰ خان جيڪي بنگال سان ڪيو آهي، تنهن دردناڪ ڪٿا کي بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي، پر جڏهن ڍاڪا خانه جنگي ۽ هنگامن جي لپيٽ ۾ هو، تڏهن آغا هلالي جهڙي ذهين سفارتڪار کي واشنگٽن مان واپس گهرائڻ وارو فيصلو ئي ٻڌائي پيو ته تڏهوڪا مامرا ”مدهوشيءَ“ دوران ئي طئي ٿيندا هئا. اوڀر پاڪستان جي الميي جي ڏهاڙن ۾ هڪڙو جٽ جرنيل آمريڪا ۾ سفير طور موڪليو ويو. نالو هيس اين اي ايم رضا... 16 ڊسمبر 1971ع تي ڍاڪا ۾ جڏهن ڀارتي فوجون جنرل جگجيت سنگهه اروڙا جي اڳواڻيءَ ۾ داخل ٿي رهيون هيون، آمريڪا لاءِ پاڪستاني سفير جنرل رضا سفارتخاني اندر پنهنجي دختر نيڪ اختر جي سالگره ملهائي رهيو هو.

    رُوم سڙي رهيو هو

    ۽ نيرو بانسري وڄائي رهيو هو!

    22 آڪٽوبر 1971ع تي هن جرنيل هاءِ ڪمشنريءَ جي چارج ورتي هئي. کيس شهيد ڀٽي 22 اپريل 1972ع تي جبري طور لاهي گهر ڀيڙو ڪيو هو. ڀٽي صاحب هڪڙي سينئر بيوروڪريٽ سلطان محمد خان کي هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو. سلطان محمد خان پير علي محمد راشديءَ جيان چو اين لائي جو پياري ۾ پيارو دوست ليکيو ويندو هو. هن 15 مئي 1972ع تي چارج ورتي. کيس 8 ڊسمبر 1973ع ڌاري واپس گهرايو ويو. سلطان محمد خان جنرل ضياءُالحق جي حڪومت ۾ ٻيهر 13 جنوري 1979ع کان 31 ڊسمبر 1980ع تائين واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفير هو. شهيد ڀٽي سترهن ٻوليون سمجهندڙ ليفٽيننٽ جنرل صاحبزادي يعقوب خان کي سلطان محمد خان جو جاءِنشين مقرر ڪيو، جنهن 19 ڊسمبر 1973ع کان 3 جنوري 1979ع (پنج سال کن) تائين هاءِ ڪمشنريءَ جون خدمتون ڪاميابيءَ سان سر انجام ڏنيون. صاحبزادو محترمه بينظير صاحبه جي پهرئين حڪومتي دور ۾ پرڏيهي وزير پڻ رهيو ۽ هن وقت به حڪومت ساڻس مشاورت ۾ رڌل آهي.

    صاحبزادي جو جاءِ نشين به هڪڙو ليفٽيننٽ جنرل هو، نالو هيس اعجاز عظيم. پوٺوهار خطي جو هي جنرل راجا پرويز اشرف جو مائٽ هو. اعجاز 7 جولاءِ 1981ع کان 15 سيپٽمبر 1986ع تائين خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو. محمد خان جوڻيجي واري اباڻي ڳوٺ سنڌڙيءَ لڳ ٽنڊو گوندل موجود آهي. اهي گوندل به اعجاز عظيم جا مائٽ آهن، پر جوڻيجي ترت جرنيلي سفارتڪاريءَ مان ملڪ جي جان ڇڏائي. هن صاحبزادي يعقوب جي جاءِ تي سنڌي زين نورانيءَ کي پرڏيهي وزير (مملڪتي) مقرر ڪيو ۽ اعجاز عظيم جي جاءِ تي سينيئر سفارتڪار جمشيد ڪي اي مارڪر کي آمريڪا لاءِ هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيائين. مارڪر آغا شاهيءَ جيان واشنگٽن جو منظورِ نظر گهٽ ۽ ملڪي مفادن جو نگهبان وڌيڪ هيو. مارڪر 17 سيپٽمبر 1986ع کان 30 جون 1989ع تائين سفير رهيو. پ پ سرڪار مارڪر جي جاءِ تي فضائي فوج جي اڳوڻي سربراهه ايئر مارشل (ر) ذوالفقار علي خان کي مقرر ڪيو، جنهن 12 جولاءِ 1989ع کان 15 سيپٽمبر 1990ع تائين سفارتي فرائض سر انجام ڏنا. حيدرآبادي شيخن مان جنهن نجم الدين اي شيخ جا مضمون ”ڊان“ ۾ ڇپجن ٿا، انهيءَ سنڌي فيمليءَ ۾ ايڊمرل به رهيا آهن. جوڻيجي مرحوم جو ملٽري ايڊوائيزر نجم الدين اي شيخ جو عزيز هو. سيڪريٽري خارجه طور ريٽائر ٿيندڙ اهو شيخ ايئر مارشل جي جاءِ تي آمريڪي سفير بڻيو هو، تاريخ 14 آڪٽوبر 1990 تي. کيس 22 نومبر 1991ع تي فارن سيڪريٽري طور واپس گهرائي ذميواريون ڏنيون ويون. نواز شريف جي وزارت عظميٰ واري اوائلي دور ۾ هن ڪرنل عابد حسين جي دختر نيڪ اختر بيگم عابده فخر امام کي سفير بڻائي آمريڪا موڪليو. پ پ جي هاڻوڪي ”جيالي“ 26 آڪٽوبر 1991ع کان 24 اپريل 1993ع تائين سفير رهي... سندس جاءِ تي مليحه لوڌيءَ جهڙي ليکڪا سفير بڻي. لوڌي سلطان محمد خان جيان ٻه ڀيرا آمريڪا ۾ هاءِ ڪمشنر رهي آهي. شروع ۾ 21 جنوري 1994ع کان 30 جون 1997ع تائين ۽ ٻئي ٽرم ۾ 17 ڊسمبر 1999ع کان 4 آگسٽ 2002ع تائين. ان وچ ۾ رياض کوکر فارن سروس جو ڪامورو 12 مارچ 1997ع کان 7 سيپٽمبر 1999ع تائين سفير رهيو. نامياري مسلم ليگي اڳواڻ قاضي عيسيٰ جو پٽ اشرف جهانگير قاضي 19 آگسٽ 2002کان 6 آگسٽ 2004ع تائين سفير رهيو. کيس عراق لاءِ گڏيل قومن جي مشن جو اڳواڻ ڪري موڪليائون ته گادي سنڀالي جنرل جهانگير ڪرامت، جنهن کي نواز شريف ڪو نه سَٺو ۽ موصوف قبل از وقت ريٽائرمينٽ ورتي هئي. ڪرامت 17 نومبر 2004ع کان 3 جون 2006ع تائين سفير رهيو. حسين حقانيءَ جي پيش رو ميجر جنرل محمود علي دراني سفارت سنڀالي هئي 5 جون 2006ع تي ۽ سندس پيريڊ پورو ٿيو هو 9 مئي 2008 تي. مهيني کن جي وقفي کان پوءِ عالي جناب حسين حقاني 7 جون 2008ع کان هاءِ ڪمشنر لڳو آهي. اڪرم ذڪي ۽ طارق فاطمي کي ته اسناد سفارت پيش ڪرڻ جو به موقعو ملي نه سگهيو هو. جڏهن ته حقاني خيرن سان اهو مرحلو پار ڪري ويو آهي. ذڪي ۽ فاطمي هن وقت نواز شريف جا پرڏيهي ڪل پرزا آهن. آمريڪا ۾ حقاني روايتي فرائض منصبي ته ڀل پورا ڪري، پر ڇاڪاڻ ته سندس تعلق ”قلم قبيلي“ سان آهي ۽ موصوف مبصر ۽ مفڪر به آهي، تنهن ڪري هن جون ذميواريون ٻٽيون آهن. اسلامي دنيا جي حوالي سان مغربي دنيا ۽ خاص طور آمريڪي عوام توڙي سرڪاري ڌرين وٽ جيڪو ”منفي“ رويو پيدا ٿي چڪو آهي، حقانيءَ کي بين المذاهب مذاڪرا منعقد ڪرائي، اهڙي تاثر ۾ تبديليءَ لاءِ جاکوڙڻو پوندو.

    دهشتگرديءَ جي حوالي سان مسلم دنيا کي اوڙاهه ۾ اڇلائيندڙ مغربي دنيا هاڻي ڇالاءِ ميانجي مخلوق کي دشمن نمبر ون شمار ڪري ٿي؟ ممڪن آهي ته ڪن جذباتي گروهن جا ڪي قدم قابل مذمت به هجن، پر جيئن فارسيءَ ۾ چئبو آهي:” اي باد صبا اين همه آوردههءِ تست“( اي صبح جي تڌڙي هير! اسان کي آواره بڻائڻ جا سمورا مال اسباب تو ئي ته فراهم ڪيا آهن.) مغربي دنيا سميت اقوام عالم جي ٻين گروهن ۽ مذهبن وارن ماڻهن کي به جيڪي شڪوڪ ۽ شبهات مسلم دنيا جي محاذ آرائيءَ سان محبت رکندڙ ماڻهن بابت پيدا ٿي چڪا آهن، اهڙن خام خياليءَ وارن خيالن جي ازالي لاءِ وسيع پيماني تي بين المذاهب ڊائيلاگ جي اشد ضرورت آهي. تازو منعقد ٿيندڙ5-6-7 جون تي سعودي بادشاهه شاهه عبدالله جي زير صدارت بين المذاهب مڪالمه ڪانفرنس به ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهي. هندستان جي جڳ مشهور اداري دارالعلوم ديوبند ۾ به انهن ئي تاريخن تي ”دهشتگرديءَ جا الزام، اسباب ۽ حل“ جي موضوع تي ٽن ڏينهن وارو بين الاقوامي مذاڪرو منعقد ٿي چڪو آهي. حسين حقاني به اهڙين سرگرمين جي اهميت کان آگاهه آهي. سندس سفارتڪاريءَ واري سفر جو پهريون ڏينهن (7 جون) به اهڙي مسلم ڪرسچن مشترڪه موومينٽ جي مذاڪري جي صدارت حوالي رهيو. موصوف جي تقرير ڏاڍي وزنائتي پئي لڳي. هن وقت آمريڪا ۾ انتخابي سرگرميون فيصله ڪن مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. هليري ڪلنٽن کي بارڪ اوباما ڪلٽي ڪري، پنهنجي پارٽيءَ جو اڪيلو اميدوار بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. حسين حقانيءَ جي هاءِ ڪمشنريءَ جا ابتدائي مهينا صدر بش ۽ صدر مشرف جي موڪلاڻيءَ وارا ماهه و سال به ثابت ٿي سگهن ٿا. نوانوي سيڪڙو امڪان آهن ته بارڪ اوباما جهڙوڪر صدر چونڊجي ويندو. عراق مان آمريڪي فوجون ”هلڻ هارا سپرين، رئان تان نه رهن“، جيان نڪرڻ شروع ڪنديون. افغانستان مان به نيٽو فوجن کي نئين روپ ۾ ڪي ڪردار ملندا. تازو گلبدين حڪمت يار جي ناٺي ۽ حزب اسلاميءَ جي پرڏيهي ترجمان غيرت بهير کي به گوانٽانامو بي مان آزاد ڪيو اٿن. حامد ڪرزئي جو ڪردار هاڻي گهڻو عرصو ڪمانداري وارو نه رهي. اهي ٻئي قدم پاڪستان تي عالمي پريشر کي گهٽائڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا. بارڪ اوبامو آمريڪا جي صدارتي تاريخ جو سفيد فامن لاءِ سياهه فامي تازيانهءِ عبرت ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ هندستان به ڪنهن ڪولهيءَ لاءِ من موهن سنگهي مسند خالي ڪري سگهي ٿو... ”رنگ بدلتا هي آسمان، ڪيسي ڪيسي“. هليري اوبامي سان گڏ نائب صدارت لاءِ به بيهڻ پسند نٿي ڪري. ايئن ٿيڻ سان سفيدي ۽ سياهيءَ جو حسين امتزاج ٺهي پوي ها، پر وري به اوبامي سان نائب صدر طور جيڪا مضبوط اميدوار سامهون آئي آهي، اها به مستوراتي ڌر منجهان ئي آهي. اها قتل ٿي ويندڙ آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جي ڌيءُ آهي ۽ نالو اٿس ڪيرولائن. ابراهام لنڪن ۽ بارڪ اوبامي جو پرڳڻو ساڳيو آهي. هليري کان هن شينهن مڙس جي گوءِ کڻي وڃڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن، سفيدي پسند سلطنت کي سياهيءَ سان سنمک ٿيڻ جا سياسي سبب ڇا آهن؟ اهي پڻ سوچڻ جا سوال آهن. مزاج ۾ بارڪ اوباما ۽ لالو پرساد يادو ۾ ڪافي يڪسانيت نظر اچي ٿي. آمريڪي عوام کي هن جو گوگائي مرچ ۽ چٽ پٽائي طعام واپرائڻ ايترو پسند ناهي، جيترو نهايت سادگيءَ سان جذبات کي برانگيخته ڪندڙ هن جي گفتگو وارو فن کين وڻي ٿو. شڪاگو يونيورسٽي واري لا ڪاليج ۾ ماستر به رهيو آهي. 1996ع ۾ جڏهن سينيٽر چونڊيو ويو، تڏهن تاريخدانن لکيو ته کانئس اڳ صرف چار سياهه فام آمريڪي سينيٽ جا ميمبر رهيا آهن. هن وقت به هو سينيٽر آهي. ٻئي ڀيري کيس 2004ع ڌاري سينيٽر منتخب ڪيو ويو. آمريڪا-اسرائيل پبلڪ افيئر ڪميٽي کي هن 2008-8-6 تي ڀاشڻ ڏيندي، اسرائيل جي غير متزلزل حمايت، القائده اڳواڻن سان براهه راست مذاڪرات، عراق مان قسطن ۾ فوجون واپس گهرائڻ ۽ ايران تائين جوهري هٿيار ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندڙ مٽيريل نه پهچڻ ڏيڻ وارا اعلان ڪيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته هو وڌيڪ لبرل ثابت ٿئي ۽ اسان جي هاءِ ڪمشنر دوست حسين حقانيءَ جي ايامڪاريءَ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا باهمي لڳ لاڳاپا ڪو نئون رخ اختيار ڪن. باقي باري تعاليٰ اوبامي کي آمريڪا جو گوربا چوف بنائي ته تقدير اڳيان تدبير تتر بتر ٿي سگهي ٿي.

    arbabnek@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    حامد ڪرزئيءَ جي پاڪستان کي ڏنل ڌمڪيءَ جو اصلي پس منظر!




    اربع 18جون 2008ع



    ڪابل جي صدارتي محل واري شيشي جي گهر مان پاڪستان ڏانهن پٿر اڇلائيندڙ حامد ڪرزئي ڏينهن ٻه اڳ ان عالمي ڪانفرنس مان واندو ٿي واپس وريو آهي، جنهن انٽرنيشنل اجتماع جي انعقاد جو هڪ رخي ايجنڊا اها هئي ته افغانستان جي بحاليءَ لاءِ نيٽو ۽ ٻيا آمريڪي اتحادي ملڪ اناف سناف مالي معاونت وارو پيڪيج منظور ڪن. قسطن ۾ اها رقم نوي ارب ڊالرن جي شڪل ۾ ڪابل حوالي ٿيندي. اها رقم انفرا اسٽرڪچر کان ويندي ”طالبان جيلن“ جي قيام تائين مختلف شعبن لاءِ استعمال ڪئي ويندي. مهمند ايجنسي ۾ پاڪستاني فورسز تي ٿيندڙ خطرناڪ حملي ۾ جيڪي هڪڙي ميجر سميت چاليهارو نان سويلين ۽ سويلين باشندا هفتو کن اڳ لقمهءِ اجل بڻيا هئا، اهو موضوع ڪونڊو ليزا رائيس ۽ مخدوم شاهه محمود قريشي جي اعليٰ سطحي ملاقات کان ويندي ليڊي پيٽرسن کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪرڻ تائين اڃان بحث هيٺ ئي هيو ته حامد ڪرزئي جنگي زبان ۾ پاڪستان جي داخلي سلامتيءَ کي چئلينج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.

    ڪي مبصر ان خيال جا آهن ته ان سموري ڪهاڻي پٺيان صدر پرويز مشرف جي بحال رهڻ واري واشنگٽني خواهش ڪارفرما آهي. آمريڪا پنهنجي هڪڙي پسنديده پريزيڊنٽ هٿان ٻئي منظورِ نظر صدر لاءِ حفاظتي ڄار اڻڻ چاهي ٿو. اهي خيالي گهوڙا ڊوڙائيندڙ ماهر ائين به چون ٿا ته اين آر او ۾ تسليم ٿيل حقيقتن کان انحراف جي سزا وارو هي ٽريلر ڪنهن طويل فلمي (جنگي) ڪهاڻي جو آغاز آهي، ارڙهين فيبروري کان پوءِ بائوچر ۽ پونٽي وارو تڪڙو ۽ تشريف فرما ٿيڻ به خطري کان خالي ڪو نه هو. مٿان وري ليڊي پيٽرسن ٽي پارٽي لاءِ اسفند يار ولي کي ايلاز منٿون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي نظر آئي ته مانجهاندو ٿي ڪيائين عزيز آباد ۾. ٻن پهرن جو رائيونڊ جي جاتي امراءَ ۾ ٿي نظر آئي ته ناشتي تي سندس وجود مسعود زرداري هائوس اسلام آباد ۾ براجمان ڏسبو هو، پر ڏهاڪو ڏينهن کان هاءِ ڪمشنرياڻي صاحبه جون سرگرميون محدود يا زير زمين هليون ويون آهن. ساڳين تبصرائي پهلوانن جو خيال آهي ته آمريڪا کي ڪنهن قدر پنهنجو مفاد متاثر ٿيندي محسوس ٿيو آهي. آمريڪا مولوي فضل الله ۽ بيت الله محسود پارن سان (صوفي محمد سميت) معاهدن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ به منٿ ميڙ قافلا پئي موڪليا. سائينءَ جي سنواريلن پاڪستانين تي به ”طالباني“ ٽريڊ مارڪ لاڳو ڪري مغربي دنيا خاص طور آمريڪا کي جهڙوڪر چهنڊڙي پاتي هئي. هوڏانهن ڏينهن ٻه اڳ قنڌار جي قيد خاني تي افغاني طالبان ڪاهي آيا ۽ نيٽو فورسز جي نڪ ۾ دم ڪري جيل ٽوڙي منو سؤ کن مولوي سڳورا مفت ۾ رها ڪرائي ويا.

    قنڌار ملان عمر جو آبائي شهر آهي، جنهن شهر جي سويلين جرنيل نيٽو جا جڻ ٻچا رولي ڇڏيا هجن. ان شهر جو سينٽرل جيل غوث علي شاهه جي دور ۾ ٽٽندڙ سکر جيل جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو ته پوءِ نيٽو جي رٽ رڻ ۾ رولي ڇڏڻ وارو اهو واقعو ڪٿان ٿو هضم ٿئي؟ سو ڪرزئي ”ملان عمر کي به ڳولهي ڳولهي مارينداسين“ جهڙا جملا استعمال ڪري سوگهي ڪرڻ جا ارادا ظاهر ڪيا آهن. محسود بيت الله هجي يا سواتي مولانا فضل الله ملان عمر هجي يا اسامه بن لادن....بش ان مهم تي نڪتل سمورو ڌيان صرف ڪري رهيو آهي. برطانوي سراغ رسان ادارن کي به اسامي جي بازيابي لاءِ ٽارگيٽ حوالي ڪيو اٿس ته ڪرزئي کي به انهيءَ ڪرت سان لڳايو اٿس. آمريڪي چونڊن کان اڳ اهي پکي پڃري ۾ بند ڪرڻ جا خواب شرمندهءِ تعمير ٿين ٿا، يا نه پر همراهه بتاليءَ جي حد تائين رڻ گجيو راڙو ٿيو لاءِ پيش قدمي ڪري سگهي ٿو. مهينو ٻه اڳ سي آءِ اي جي سربراهه مائيڪل هيڊن پاڪ-افغان سرحد لاءِ جنهن خطرناڪيءَ کي متعارف ڪرايو هو، اهڙي المناڪ صورت حال تي ويچار ونڊڻ لاءِ نيٽو جا مالڪ پاڻ ۾ گڏاڻا هئا. انهيءَ اجلاس دوران افغانستان ۾ نيٽو فوجن جي سپاهه سالاريءَ کي نئون روپ ڏنو ويو هو.

    جنرل ڊي ميڪ نائل جي جاءِ تي جيڪو نئون سربراهه مقرر ٿيو آهي، ان جو نالو آهي جنرل ڊيوڊ ميڪ ڪيرمين. نئين جرنيل جي اچڻ سان خاص فرق پيو ته ڪهڙو پوندو، البته سندس پاران 2001ع کان هن وقت تائين افغانستان ۾ موت جو منهن ڏسندڙ صرف آمريڪي فوجين جو جيڪو انگ اکر جاري ڪيو ويو آهي. اهڙا اعداد و شمار پنهنجي سچائيءَ جا پاڻ ذميوار هوندا آهن. ميڪ ڪيرمين انهيءَ جنگ کي پائيدار آزادي وارو نالو ڏي ٿو. سندس چواڻي ته ستن سالن ۾ چار سئو ڇٽيهه سولجرن جا ڊوميسائيل آمريڪي هئا، سي هن سرد جنگ ۾ طالبان طرفان ماريا ويا آهن. هن چاليهارو هزار کن نيٽو سپاهين لاءِ مالي منفعت وارا نوان پيڪيج متعارف ڪرايا آهن. نئون جرنيل اهو پڻ کليل انڪشاف ڪري ٿو ته اسان افغانستان مان جلد موٽڻ وارا ناهيون. غير جانبردار مبصر (ايرڪ مارگولس پارا) ۽ دفاعي ماهر چون ٿا ته نيٽو روسي يلغار کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ ٺهيو هو. اهڙي فوجي اتحاد کي اسلامي دنيا سان ٽڪرائڻ جي ڪري اڪثر ملڪن ۾ عوامي بيزاري وڌندي پئي وڃي. بيزاري وارا چئن ڳالهين تي تحفظات پيش ڪن ٿا. (1) هيءَ هڪ ناڪام ڪو ديتا آهي. (2) تيل ۽ گئس جي حاصلات لاءِ پيا وڙهون، تهذيبي جنگ وارو شور اجايو آهي. (3) آمريڪي خواهشن جي تابع جنگ آهي. (4) اهداف صحيح ناهن.

    سي آءِ اي هن وقت پاڪستان کي پذيرائي بخشڻ لاءِ ڊاڪٽر اي ڪيو خان واري نيٽ ورڪ وارو راڳ نئين سر نروار ڪري رهي آهي. ڪرزئي جي ڌمڪي آميز پريس ڪانفرنس ۽ عالمي اسمگلرن جي مافيائي گروهن هٿان اي ڪيو خان نيٽ ورڪ پاران ڪيل عملن جا تفصيل هٿ اچڻ واريون خبرون هڪ ئي وقت جاري ٿيون آهن. خالد شيخ جي ڀائيٽي عمار بلوچ جي اعتراضي ڪيسٽ به هن وقت عالمي ميڊيا تي اهم جاءِ والاري رهي آهي. عمار بلوچ کي 2003ع ۾ گرفتار ڪري گوانٽاناموبي واري گورستان حوالي ڪيو ويو هو. هن کان چورايو ويو آهي ته نائن اليون لاءِ نوٽ نيرون ڪوٽي نانڪاڻي صاحب واري ديس وارن فراهم ڪيا هئا. هيڏانهن نيٽو جهاز مهمند ايجنسي ۽ ان کان هفتو اڌ اڳ ڊوما ڊولا تي حملن ۾ مصروف هئا ته هوڏانهن وري پهرين جون کان عراق مان آسٽريليا جا پنج سئو فوجي افغانستان مان واپس گهرايا پئي ويا. آمريڪا کي بغداد ۽ ڪابل ۾ نصيب ٿيندڙ ناڪامي کانپوءِ سندس طرفان ايران ۽ پاڪستان تي حملن جو امڪان وڌي ويو آهي. ايران جا ٽي هزار ماڳ مڪان ميزائيلن سان چٿڻ لاءِ راءِ عامه کي هموار ڪيو پيو وڃي. بش سرڪار جي باقي بچيل ملت دوران جنگي جنون کي تقويت فراهم ڪندڙ قدم ڪنهن وڏي طوفاني وار کي آرگنائيز ڪندڙ ايڪسرسائيز پيا لڳن. هن وقت عالمي پريس ۾ اهي ڳالهيون به اهميت اختيار ڪري ويون آهن، جن ڳالهين ۾ چيو پيو وڃي ته پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ نيٽو جون فوجون نازل ٿي سگهن ٿيون. ڪن واشنگٽن ٽائيمز ٽائيپ اخبارن ائين به لکيو آهي ته، صدر پرويز مشرف ٽرائبل ايجنسيز ۾ آمريڪي اتحادين کي اڏا فراهم ڪري چڪو آهي. اخباري افواهن ۾ ائين به چيل آهي ته نوري المالڪي ايران تي حملي لاءِ عراقي سرزمين استعمال ڪرڻ کان کتو جواب ڏيئي چڪو آهي. بش کي اهڙي لاجسٽڪ سپورٽ لاهوري ديس مان ئي ملي سگهي ٿي. نعم البدل طور نقديات سان گڏوگڏ دهلي ڄائي جي اقتدار کي دوام بخشڻ واري نيڪي ڪري سگهجي ٿي.

    پاڪستان جو گشتي سفير مسٽر عباسي هن وقت آمريڪا اسهيل آهي. موصوف امدادي رقم ۾ اضافي ۽ خوراڪ جي قلت دور ڪرڻ لاءِ ميڪسي ڪڻڪ جي وافر مقدار ۾ فراهمي وارو ڪشڪول کڻي ويو آهي. آمريڪا جاري امداد ۽ پڻ مذڪوره بالا مطالبا مڃڻ لاءِ القائده جي مبينه ٺڪائڻ کي نشاني تي رکڻ لاءِ وڌيڪ آمادگي جي اظهار واري فرمائش ڪئي آهي. جنهن اقليم جو دفاعي وزير ارشاد فرمائي ٿو ته، اسان آسمان مان ايندڙ آگ لڳائيندڙ اوزار ٿڌا ڪري نٿا سگهون. سندس اشارو تازو مهمند ايجنسيءَ کي ملياميٽ ڪندڙ جديد باهه اوڳاڇيندڙ ميزائيلن ڏانهن هو. اهڙي اقليم کي آمناصدقنا، جي قبلا، حاضر سائين، چوڻ سواءِ ٻيو ڪرڻو به ڇا آهي؟ ناميارو سفارتڪار طارق فاطمي ارشاد فرمائي رهيو آهي ته اهو مفروضو آهي ته ڪو پهريون پرائيم منسٽر ماسڪو بدران واشنگٽن ڏانهن اچانڪ اسهيو هو ۽ کيس سوويت يونين بدران مغربي ملڪن ۽ آمريڪا ڏانهن ڪرهي ڪاهڻ لاءِ ڪن فري ميسن تحريڪ جي فردن قائل ڪيو هو. فاطمي فرمائي ٿو ته محلِ وقوع جي مامري ۾ موهن جي دڙي ۽ مري وارو ملڪ مغربي دنيا لاءِ وڌيڪ ڪار آمد هو، ان ڪري ننڍو کنڊ تقسيم ڪري بفر زون ٺاهڻ ۾ واشنگٽن ۽ سندس اتحادي اوڻيهه سؤ ستيتاليهه کان اڳ هوم ورڪ مڪمل ڪري چڪا هئا. افغان جنگ به انهيءَ ايجنڊا جو اهم نقطو رهيو آهي، ان ڪري جن ٻار ڄڻيو آهي، اهي ئي دائيون پالڻ ۽ تاتڻ ۾ به مصروف آهن. موجوده سرڪار جي عقيقي واري رسم به ادا ناهي ٿي، رسم بسم الله کان ئي کيس داخلي ۽ خارجي حوالي سان بحرانن ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو اٿن. عالمي استعمار کي انديشو آهي ته متان همراهه ليڪي کي ڪراس ڪري طفيلي رياست بدران خودمختيار اسٽيٽ ڏانهن محوِ پرواز نه ٿي وڃن. ڪرزئي جي ڪارڪردگي دهلي ڄائي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور رهي آهي. ڪي مبصر چون ٿا ته ڪرزئي شهنشاهه ايران جيان سئو فيصد ايجنٽ بڻجڻ بدران ٻارهان آنا غلاميءَ جو قائل هيو. کيس تازو امدادي (بين الاقوامي سطح واري) شو ۾ گهرائي چيو ويو ته يا ته سورهان آنا سرڙيو هاري ٿي ڪم ڪر، نه ته اچي ٿو زلمي خليل زاد! هن قلعه جواد جي مجددي پيرن جي مريد مرشدن واري مڙسي ڏيکارڻ کان نابري واري آهي. سندس مرشد گهراڻو آغا امين جان کانسواءِ سمورو ڌڻي سائين جي نالي تان قربان ٿي ويو پر بديسي آقائن جي لاءِ تيار ڪو نه ٿيو.

    بش کي وڌيڪ بتال آمريڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي ڪيو آهي. هفتو اڳ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته گوانٽاناموبي جا قيدي پنهنجي حبسِ بيجا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهن ٿا. آمريڪي آشيرواد سان هاڻ افغانستان ۾ نئون گوانٽانامو بي ٺاهڻ جو آرڊر پاس ٿيو آهي ته جيئن ڪرزئي جي قيدخاني وارو ڏيک ڏيندڙ ڏيهه عالمي قطار ۾ بيهارڻ جي لائق بڻجي سگهي. بگرام اڏي تي سٺ ملين ڊالرن جي خرچ سان هي جيل خانو جوڙيو پيو وڃي. اهڙي فيصلي مان اوهان اندازو ڪري سگهو ٿا ته آسانيءَ سان ته آمريڪي شتر بي مهار افغاني اقليم کي داغِ مفارقت ڏيڻ لاءِ آماده ناهي. بگرام ترم ۾ آمريڪي عدالتن جي دٻاءَ کان پوءِ تڪڙا قدم کڻندي 630 قيدي آندا ويا آهن. آمريڪي سرڪار جو عراقي ۽ افغاني قيدين جو ڪمانڊر ميجر جنرل ڊگلس ايم اسٽون انهيءَ قيدخاني جو حاڪمِ اعليٰ آهي. ڊگلس ابو غريب جيل ۾ واڙيل عراقين تي ٿيندڙ غير انساني سلوڪ جو به ”سائين“ آهي. ابو غريب اسڪينڊل به صحافين نروار ڪيو هو، جنهن آمريڪي سرڪار کي منجهائي ماريو هو. هاڻ بگرام واري قيد خاني جا اسڪينڊل رحيم الله يوسف زئي پارا ڏسون ته ڪڏهن ٿا اوپن ڪن؟ هن بنديخاني ۾ 1100 قيدي رکڻ جي گنجائش آهي، ڇا سمورو افغانستان قيد خانو ناهي؟

    بگرام جو نئون گوانٽانامو بي به ڪنهن ڏينهن قنڌار قيد خاني جيان ريزهه ريزهه ٿي سگهي ٿو. سي اين اين جي رپورٽ اها آهي ته هڪ هزار کان مٿي مولوي سڳورا شڪارپوري بازار قنڌار جي قرب وجوار ۾ موجود قيد خاني مان طالبان جيل ٽوڙي آزاد ڪرايا آهن. نيٽو فوجن جو ترجمان جنرل ڪارلوس برانڪو ٻڌائي رهيو هو ته، طالبان خودڪش حملو ڪري يارهن سئو قيدي آزاد ڪرائي ويا آهن، اسان ڪئنيڊين فوجين جي ڪورٽ مارشل جي سفارش ڪئي آهي، جيڪي قنڌاري قيد خاني جي حفاظت تي مامور هئا. اکين ڏٺو شاهد حاجي نذير ميڊيا کي ٻڌائي رهيو ته، جيل تي حملي کان اڳ ڪن ڦاڙ ڌماڪو ٻڌم، منهنجا حواس گم ٿي ويا ۽ پو ڏٺم ته آمريڪي ۽ ڪئنيڊين فوجي ”جتي پڄڻ ناهي، اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو“ ٿي ويا. ٽائيمز آن لائين لکي ٿي ته، برطانيا ۾ نيٽو فوجن سان سهڪار کي خوني سرماياڪاره چيو پيووڃي. اخبار ۾ قنڌار جيل جي فاتحانه معرڪي کي طالباڻي اسٽريٽجي ۾ نئون اضافو ليکيو ويو آهي، اخبار سنگين ضلعي جو هڪڙو واقعو لکي اهليان انگلستان کي سمجهايو آهي ته اهڙي اقليم ۾ آخر پنهنجي دال ڳرندي به ڪيئن؟ ناٿن ۽ ڊيوڊ مري کي پشتو ٻولي سيکاري جاسوسي لاءِ سنگين ضلعي ۾ تعينات ڪيو ويو هو. ڪنهن پاڙي ۾ هڪڙي پٺاڻ سان گورن جيئن ئي پنهنجو مقصد بيان ڪيو ته لالي گهران دال روٽي آڻڻ جو چئي موڪل ورتي. دال ماني به آندائين ته گڏوگڏ جسم سان بم به ٻڌي آيو، ناٿن ۽ ڊيوڊ جيئن ئي فارغ ٿيا طعام مان، تيئن بٽڻ دٻائي خودڪش حملو ڪيائين ۽ ڪم تمام ٿي ويو. پٺاڻ نيراني ڪنهن کي مارڻ مباح ناهن سمجهندا.

    نيٽو فوج جو ترجمان قبول ڪري ٿو ته هن وقت پنجويهه هزار کان به وڌيڪ جنگجو اسان جي مقابلي ۾ آهن. پاڪستان مان کين افرادي قوت فراهم ٿي رهي آهي، حامد ڪرزئي جي ڌمڪي ”چئو ڌيءَ کي، سکي ننهن“ جيان بديسي فرمائش آهي. صدر پرويز مشرف خلاف ڊاڪٽر اي ڪيو خان کان ويندي پراڻن سولجرز تائين، سفارتڪارن کان ويندي عالمن سڳورن تائين جيڪا منفي مهم هلي رهي آهي، تازو عالمي دٻاءُ پائي پيسو اهڙي موومينٽ جو ردعمل چئي سگهجي ٿو. بش کي اسامو ۽ ملان عمر ملي ويا ته آمريڪا ديسي بدناميءَ کان بچي ويندو. اوبامي جي جاءِ تي بش جو ساٿي مڪ ڪين صدر چونڊجي ويندو. خدا خير ڪري، جيڪڏهن جنگي جنون ۾ اضافو ٿيو ته ميانوالي ۽ اٽڪ ته ڇا، پر پشين ۽ لورالائي به پٺاڻن ۽ لالن جي دست برد کان بچي نه سهگندا. اسلام آباد ۽ ڪابل ”ناداني“ جا متحمل نٿا ٿي سگهن. ارمانن جو خير گهرجي يا خدا...شاهه محمود قريشي ۽ رحمان ملڪ جا تڪڙا ڪابل ياترا وارا قدم به ٻوٽو ٻاري ناهن سگهيا. اعليٰ سطحي وفد ترت افغانستان موڪلڻ اوس ضروري آهي. آصف، نواز شريف، مولانا فضل الرحمان، اسفند يار ولي ۽ قاضي حسين احمد اهڙي وفد ۾ ضرور هئڻ گهرجن..

    arbabnek@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    لانگ مارچ صدر مشرف کي ”مارچ پاسٽ“ ڪرڻ تي مجبور ڇو نه ڪري سگهيو؟




    جمع 20 جون 2008ع



    ”پُر تاثير“ گورنر هائوس مان صدر پرويز مشرف جي تصوير کي پ پ جي حامي وڪيلن جڏهن لاٿو پئي تڏهن ايم ڊي تاثير جي لخت جگر جا دل گردا متاثر ته ضرور ٿيا هوندا...پُر تاثير پکيئڙو صدر پرويز مشرف لاءِ ائين رطب للسان آهي، جيئن ”جانثار“ ميمڻ دهلي ڄائي جو دُهلاري رهندو پيو اچي. نگران سرڪار وارو سنڌ واسي جيئندو هاليپوٽو به وفاقي نگران سرڪار واري پر تاثير جيان پنهنجي ملاقاتي ڪمري ۾ پرويز مشرف جي تصوير کي سهڻي سٽاءَ سان آويزان رکندو رهيو آهي. آصف صاحب جو ته پ پ جا لاهوري حامي وڪيل احترام ڪري رهيا هئا، پر تاثير لاءِ وٽن پيار گهٽ پئي نظر آيو. ائين ڇو ٿيو؟ پُر تاثير لاهور ۾ ڀاٽي گيٽ کان مينارِ پاڪستان ڏانهن ميان نواز شريف جي خطاب ٻڌڻ لاءِ ويندڙ لانگ مارچ قافلي تي نشانو چٽيندي چيو هو: هي جلسو ناهي، جلسي آهي لانگ مارچ فلاپ ٿي چڪو آهي...سليماني ٽوپي پاتل انهي سياستدان جي تير سان نون ليگ کي وڌيڪ پذيرائي ملي ۽ لانگ مارچ ۾ به ”مير الونگ گواچا“ وارا نعرا وڌيڪ دلچسپي اختيار ڪري ويا. پُر تاثير ”پهتل“ آهي پر پ پ کي به ڪنهن اهڙي راهه جو راهي بڻائڻ جا جتن ڪري رهيو آهي، جنهن شاهراهه تي عوامي خواهشن کي قتل عام جي دائري ۾ داخل ڪيو ويندو آهي. لاهور کان پنڊي ۽ اسلام آباد تائين لانگ مارچ ۾ ڪمين ڪاسبين جي ڪثير تعداد ۾ شرڪت کي سياڻا مبصر پُرتاثيري طنز جو ردِ عمل قرار ڏئي رهيا آهن. هاڻي ته ائين پيو لڳي ڄڻ لاهور کي لاڙڪاڻي ۾ تبديل ڪرڻ وارا سندس نيڪ ارادا به ”انجنيئرڊ“ آهن. ڀلا گورنر هائوس ۾ خالد مقبولي خلق کي خدا حافظ چوڻ کانپوءِ صدر پرويز مشرف جي ”قدِ آدم“ پورٽريٽ جي برقراريءَ جي پٺيان ڪهڙي قرب واري ڪيفيت ڪار فرما آهي؟ پرويز مواخذي واري موضوع تي به ”پُرتاثيري“ موقف ۽ ”جانثاري“ جدوجهد ۾ تر جيترو به فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. عشرت العبادي خيالي ڌارا ۽ پرتاثيري پيشڪش ۾ يڪسانيت اتفاقي آهي، يا انجنيئرڊ؟ اهو سوال هن وقت عوام الناس جي اڪثريتي دماغن کي دما دم مست قلندر واري ڌمال هڻڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي.

    پ پ کي وڪيلن واري ”واچوڙي“ ۾ وچڙڻ گهرجي يا نه، پر جنهن انگ اکر کي رحمان ملڪ ويهن هزارن جي دائري ۾ آڻي رهيو هو، ساڳيا اعداد و شمار ٻڌائڻ لاءِ بين الاقوامي پريس مجبور ڪو نه ٿيو ۽ وسعت بي بي سي تي جيڪي انگ ٻڌايا پئي، اهي ڏهوڻ تي وڌيڪ هئا. جڏهن رحمان ملڪ ڪنٽينر لڳائي رستا روڪ ڪري رهيو هو، تڏهن ڪنهن جيالي چيو پئي ته: ڪاموري کي گهرو زوارت جو گهوٽ نه بڻايو وڃي ها ۽ وزارتِ داخلا ڪنهن برجستي ايم اين اي حوالي هجي ها ته اهڙا مضحڪه خيز مامرا سامهون ڪو نه اچن ها. خدا ڀلو ڪري آصف زرداريءَ جو جنهن ترت ڪنٽينر هٽائڻ جو حڪم ڏنو. هن پاڻيءَ جون سبيلون ۽ مانجهاندا سانجهاندا به ڪرايا ته ڀليڪار به چيائين. ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي جو سربراهه ميزبانيءَ جون مڙيئي رسمون پوريون ڪري ۽ مَلڪ ۽ تِلڪ قسم جا تيس مار خان ”پرويزي زبان“ ۾ گويا ٿين ته پوءِ اهڙي سادگيءَ تي افسوس کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهجي؟ پرتاثيري ۽ مشرف حامي مخلوق به وڪيلن کي لفنگا نه چوي ها ۽ سندن موقف سان وڪيل اختلاف رکندي به کين آڌر ڀائي انداز سان ويلڪم ڪري ها ته مخلوق ۽ سندن همنوائن جون همدرديون نون ليگ وڏي مقدار ۾ سميٽڻ کان محروم رهجي وڃي ها. آصف صحيح ٿو چوي ته صدر پرويز مشرف سان معاهدا ڪرڻ ۾ اسان لاءِ وڌيڪ آسانيون هيون، جڏهن ته اسان ڪنهن ”عظيم تر مقصد“ لاءِ نون ليگ سان معاهدا ڪيا آهن، نه ته ڪنڌ ۽ ڄڀ جا ڦٽ مونکي به ساريا پيا هئا...حمل فقير اهڙن ئي عظيم مقصد وارن لاءِ چئي ويو آهي:

    ڪاڻ ڪنينءَ جي ڪاڻ، آئون ڪاڻون ڪڍان ڪن جون،

    نه ته ڪير ڪاڻ، ڪير اسين، ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ،

    اسين پاڻ اتامرا، ڪڍون نه ڪنهن جي ڪاڻ،

    ”حمل“ سرهي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون!

    تاثير پهتل وري ڪيئن آهي؟ سک ڌرم سان تعلق رکندڙ تولين سنگهه مشهور صحافڻ رهي آهي، جيڪا ڪنهن حوالي سان ايم ڊي تاثير جي ننهن آهي. سندس بطن مان جيڪو هونهار پيدا ٿيو هو، ان جو نالو هو ”آتشِ تاثير.“ آتش وري ابي کان به گوءِ کڻي ويو. سندس مڱڻو ٿيو هو شهزادي ايلا گبريلا سان، اقتداري ڪاريڊور ۾ ديسي ۽ بديسي آقائن جا آشيروادي ئي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. جيڪڏهن ٺلهو نعرا ئي معيار هجن ها ته اڄ امين لاکو ايوان صدر ۾ جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندي حلف يافته پريذيڊنٽ هجي ها...وڪيلن جي تحريڪ جو ڊرامائي اختتام به ٻن ڌار ڌار سوچن کي تقويت فراهم ڪري ويو.

    هڪڙا چون ٿا ته جڏهن جذبات ۾ اچي نواز شريف چئي ڏنو ته: جج بحال نٿا ڪريو ته پوءِ بجيٽ جي بحاليءَ واري راءِ شماري مان اسان هٿ کڻي وينداسين...هوڏانهن ”پرديسي پير“ پ پ لاءِ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته، نواز شريف ملڪ ٽوڙڻ پٺيان آهي. اسان پ پ کي مرڪز ۽ سنڌ ۾ فل سپورٽ فراهم ڪنداسين. سندن حڪومت لاءِ ٿوڻي ٿينداسين...پرديسي پير ته لاڙڪاڻي کي اها به پيشڪش ڪئي ته: جيڪڏهن رئيس جو حڪم ٿيئي ته اسلام آبادي ميلي کان به وڏو جلسو ڪري ڏيکاريون، ٻارهين مئي ۽ 9 اپريل کي نئين سر جيئاري ڏيکاريون....رئيس گهاٽ گهاٽ مان گذريل آهي. چيائين: ڪسي اور موقعي پر آپ سي اس موضوع پر گفتگو ڪرين گي...ساڳين ڏينهن دوران سنڌ سرڪار جون ٻئي اتحادي پارٽيون آصف زرداري جي نگرانيءَ هيٺ پاور شيئرنگ جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ تحفظات تي تبادلهءِ خيال ڪري رهيون هيون. ڪي ساڙ سڙ يا چئي رهيا هئا ته پرڏيهه مان ٽيليفونڪ خطاب ڪندڙ پير صاحب جون همدرديءَ واريون موشگافيون نفع بخش ادارن تي تسلط جي بحاليءَ جي دائري ۾ آڻي سگهجن ٿيون. واٽر بورڊ، ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين آغائي محنتن سان واگذار ڪرايل انسٽيٽيوشنز کي ٻيهر ”اميرِ شهر“ حوالي ڪرائڻ وارا مرحلا به اخباري رپورٽن مطابق حل ٿي چڪا آهن. وڪيلن واري پرائي پٿر تي پير صاحب پنهنجا سور سلي رائج الوقت سياست ۾ ڪيتري قدر سرخرو ٿيو آهي؟ اهڙي ماپ تور لاءِ پاڻ رجوع ٿا ڪريون ڳڙهي ياسيني شينهن مڙس ڏانهن...باقي اها حقيقت آهي ته وسيم اختر، فاروق ستار ۽ عشرت العباد هن هڪڙي ئي هفتي دوران لاڙڪاڻي بدران دهلي ڄائي جا مَٽ اضافي محبت سان ڀري رهيا هئا. يقين نه اچيوَ ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ڪارگذاري ملاحظه فرمايو...رهيو وڪيلن جو ڌرڻو ملتوي ٿيڻ وارو مامرو ته ڪي چون ٿا ته آصف زرداري جي چوڻ تي نواز شريف اعتزاز احسن کي قائل ڪري اهو خير جو ڪم سر انجام ڏنو. آصف ججز بحال ڪرڻ لاءِ سُبڪ رفتاري ترڪ فرمائي تيز ترڪ گامزن منزل تي عمل پيرا ٿيڻ جي پڪ ڏياري آهي. ججز جي پگهارن جي ادائيگيءَ کي پهريون قدم قرار ڏيئي سگهجي ٿو...آصف نواز شريف کي اطمينان ڏيارڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ويو...موصوف ميان صاحب کي ڪنهن خفيه مهم جوئيءَ بابت به آگاهي ڏني، جنهن ۾ چيل هو ته هزار کن ماڻهو مارڻ لاءِ ڪي سياهه بخت آپگهاتي حملو ڪرائي سگهن ٿا، جنهن ۾ ”ابا جي“ جي هونهار جي سسي به شامل سمجهي وڃي...اي پي ڊي ايم جي ڪن جذباتي ليڊرن طرفان ايوان صدر ڏانهن ڪنهن امڪاني ڪاهه ۽ ٽرپل برگيڊ طرفان ريڊ ايريا مان لانگ مارچي راڻن کي لهو لهان ڪرڻ جي ڪنهن انوماني قدم سان ظهير الاسلام عباسيءَ جهڙن ”جونيئرن“ جي ڪوديتا جي خطري کان به نواز ۽ اعتزاز کي آگاهه ڪيو ويو. آگاهيءَ جي فهرست ۾ عالمي دٻاءَ وارو اسم به شامل هو. بديسي آقائن جي آشيرواد سان ڪنهن نئين اسڪندر مرزا جي سامهون اچڻ جا اهڃاڻ موجود هئا. اعتزاز سمورا ڏوهه پنهنجي سر تي کنيا ۽ ڌرڻي کي ملتوي ڪري ڪنهن غير آئيني ٽيڪ اوور جي رستا روڪ ڪئي اٿس. نواز شريف پنهنجي جاءِ تي امراءُ واري محل جي چوڌاري خاردار تارن ۽ سيمينٽ جي ديوارن سان روڊ رستن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو اٿس.

    دنيا کڻي ڇا به چوي، پر هن سخت گرم موسم ۾ ۽ پڻ سال سوا کان هڙتالن ۽ عدالتي بائيڪاٽن کان ويندي پرويز مشرف جي غير آئيني قدمن خلاف وڪيلن جيڪا جدوجهد ڪئي آهي، انهيءَ هلچل جو نڪتهءِ عروج سکر کان اسلام آباد تائين وارو لانگ مارچ هو. سندن لانگ مارچ کي چيئرمين مائوزي تنگ ۽ هندستاني ليڊر چندر شيکر سان کڻي نه به ڀيٽيون پر ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته، ”مقابله تو دلِ ناتوان ني خوب ڪيا.“ آثار اهڙا پيدا ٿي رهيا آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته ”همراهه“ ويو...”دل ڪا جانا ٺهر گيا هي، صبح گيا يا شام گيا...“غير ملڪي ۽ ملڪي ليول تي وڪيلن جي جدوجهد کي اڻ ڳڻين ڪمزورين هوندي به تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي. عدالتي نظام جي استحڪام ۽ غير آئيني صدر جي رخصتيءَ جي حوالي سان ٿيندڙ جدوجهد ۾ ڪارن ڪوٽن کي تمام جلد خوش خبريون ملڻ جي اميد اڳ کان وڌيڪ پر اميدي ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي پئي.

    ن ليگ ۽ پ پ کي وڪيلن جي هلچل جي حوالي سان ڌار ڌار خانن ۾ تقسيم ڪندڙن کي به پنهنجا هٿيار شايد جلد ڇڏڻا پون...پريڊ ايوينيو ۾ گڏ ٿيندڙ عوامي سمنڊ جون ڇوليون توڻي کڻي ايوان صدر واري ساحل سان ٽڪرائجڻ کان ته محروم رهيون، پر پرويز مشرف بالڪونيءَ مان جنهن برهه بازار کي ملاحظه فرمائي رهيو هو. کيس انساني طوفان وارو لانگ مارچي ميلو پڪ سان سراب جهڙو ڪو لق دق صحرا نظر ڪو نه آيو هوندو. موصوف طرفان لانگ مارچي موقعي تي هڪڙي خطرناڪ اسٽريٽجي به متعارف ڪرائي ويئي آهي. اها ڪهاڻي وري ڪجهه هن ريت آهي ته: آمريڪي خفيه ادارن کي پاڪستان مان گرفتار ٿيندڙن وٽان اهڙا نقشا ۽ تفصيل هٿ آيا آهن، جن ۾ آمريڪي پلن، ريلوي سسٽم ۽ دفاعي ادارن جا محلِ وقوع ڏيکاريل آهن. صدر بش جو منظورِ نظر اهي ”افواهون“ به مارڪيٽ ۾ اڇلائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن پروپيگنڊائي پچار ۾ چيل آهي ته آمريڪا ۾ جيڪڏهن ٻيو ڪو نائن اليون جهڙو واقعو وقوع پذير ٿيو ته واشنگٽن ڪابل بدران ”پوٺوهار“ سان اهڙي ڪار ڪندو، جهڙي تورا بورا وارن سان ڪئي هئائين...مهمند ايجنسي ۽ ڊوما ڊولا وارا محاذ جڏهن گرم ٿيندي ڏسون ٿا ته ”مشرفي موشگافي“ جي خطرناڪي وائکي ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. بئرسٽر اعتزاز احسن به بين السطور ۾ اهڙيون باتيون ڪري رهيو آهي. اڻويهه جون واري سندس تازي پريس ڪانفرنس ۾ هن اعتراف ڪيو آهي ته اسان کي خوش فهميءَ واري جهان مان نڪرڻ گهرجي...ڪي سنجيدهه ڪار گذاريون اهڙيون به ٿينديون آهن، جن جو سرِ عام اظهار نٿو ڪري سگهجي. پرويز مشرف واري اها ڌمڪي ته آمريڪا پاڪستان کي ”ٽائيٽ“ ڪري سگهي ٿو...اهڙي ڌمڪي آميز ٿيوريءَ جو ناقداڻو اڀياس ڪنداسين ته ڪافي حد تائين اهڙو ڪو قدم بعيد از قياس لڳي ٿو، تنهن هوندي به زخمي شينهن کان ڪنهن خون خوار حملي جي اميد ڪرڻ عبث ناهي هوندو، تيئن عراق ۽ افغانستان کان ويندي ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح واريون بش بادشاهه جون نوانوي سيڪڙو پاليسيون آزاد دنيا وٽ انتهائي متنازعه بڻجي چڪيون آهن.

    تازه ترين سروي مطابق بش آمريڪي عوام جي ستهتر فيصد آباديءَ وٽ ناقابل اعتبار صدر مشهور ٿي چڪو آهي. اهڙي ماڻهوءَ طرفان پوٺوهار کي تورا بورا ۾ تبديل ڪرڻ واري خواهش ارادن جي دائري ۾ ته اچي سگهي ٿي، البت عملي روپ اختيار ڪرڻ ناممڪن نظر اچي ٿو. بغداد ۽ ڪابل کان پوءِ تهران کي تختهءِ مشق بڻائڻ واري خواهش به ته پايهءِ تڪميل تي پهچي نٿي سگهي ته پوءِ پوٺوهار کي نئون افغانستان بڻائڻ ڪيئن ٿو ممڪن بڻجي سگهي. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته صدر پرويز مشرف کي پاڪستان جو واحد اٿارٽي پاور وارو ادارو باور ڪرائي آمريڪا باريش برگيڊ واري پختون بيلٽ کي هدف هيٺ آڻيندو رهي...تازو آمريڪا (2008-6-8 تي) جو سرڪاري موقف به اهو ئي سامهون آيو آهي ته: آمريڪي معاهدا صدر پرويز مشرف سان ٿيل آهن، جيڪو پاڪستان ۾ اصل اٿارٽي آهي ۽ اڳتي لاءِ اڪارڊ جيڪي ٿيڻا آهن، تن جو به دستخط ڪندڙ اهو ئي هوندو...آمريڪا کي ڪير سمجهائي ته توهان جي بش بهادر واريون پاليسيون پاڪستان ۾ ڪيتريون مقبول آهن. ليڊي پيٽرسن هٿان فهد خرم نالي وارو نوجوان شيلڊ وٺڻ به پسند نٿو ڪري. فهد جي انڪار تي انتهائي امير گهراڻن جي ٻارن تي مشتمل اسيمبليءَ ۾ جيڪي تاڙيون وڳيون، اهڙي خوشنما منظر پيٽرسن صاحبه کي ڀوانٽين حوالي ڪري ڇڏيو...اعتزاز احسن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته کانئن ٽي چار اهم چڪون رهجي ويون...اهڙين غلطين جي نتيجي ۾ لانگ مارچ ۽ ڌرڻي وارا موضوع راءِ عامه کان ويندي ميڊيا جي محاذن تي تنقيدن ۽ تعريفن جي درميان تقسيم ٿي چڪا آهن. پ پ جهڙي پاپولر پارٽي ججز ڪيس کي صدر پرويز مشرف ڏانهن منسوب ڪرڻ تي اڪتفا ڪري ها ۽ پنهنجي طرفان لاتعلقي جو اظهار ڪري ها ته اهڙو فيصلو سندس لاءِ وڌيڪ سوڀون کڻي سامهون اچي ها. ڏينهن ٻه اڳ اعتزازي الائنس ”پارليامينٽ“ کي نمبر ون ملزم باور ڪرائڻ ۾ مصروف هو، پر کين بعد ۾ غلطيءَ جو احساس ٿيو. وڪيلن وارو لانگ مارچ وزير اعظم جي اباڻي شهر ”ملتان شريف“ مان شروع ڪرڻ جي اعلان پٺيان به پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ مقصود هيو. وري ملتان بدران جڏهن سکر مان اهو لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو فيصلو سامهون آيو ته سرائيڪي ۽ سنڌي بيلٽ جو عوام ۽ اڪثر وڪيل اهڙي سرگرمي ۾ جو ق در جو ق شرڪت ڪرڻ کان نابري واري ويهي رهيا. سندن خيال به گهٽ اهم ناهي...پ پ وارو سرڪاري ڪارهنوار ڪيتري قدر بش ۽ صدر پرويز مشرف جي قيد ۾ قابو آهي؟ اعتزاز احسن کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي، جيڪو حقيقتِ حال کان واقف نه هجي. سندس طرفان لانگ مارچ کان ٻه ڏينهن اڳ پارليامنٽ کي ٽارگيٽ بنائڻ واري پاليسيءَ وڌيڪ شڪ شبها پيدا ڪيا. سنڌ ۽ سرائيڪي بيلٽ بشمول سرحد، بلوچستان اهڙي لانگ مارچ کان نوي فيصلا لاتعلق رهيا...علي احمد ڪرد جهڙو منفرد ۽ وکري ٽائيپ وارو ورڪر به ”لاهورين“ جي گيم کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسي ته پوءِ اهو شو ”ملڪ گير“ اهميت کان عاري نه هوندو ته ٻيو ڇا هوندو؟ خدا ڪري ته آصف- نواز اتحاد ججن جي بحالي واري مرحلي مان ترت پار اڪرڻ جهڙو ٿئي ۽ ملڪ کي درپيش ٻين ملڪي ۽ غير ملڪي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿئي.

    arbabnek@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    نواز شريف جي ”نااهلي“ مستقبل جي ڪهڙي منظر جو ڏس پئي ڏئي؟




    اربع 25 جون 2008ع



    نواز شريف کي پنجاب جو شيخ مجيب متعارف ڪرائيندڙ مخلوق جو مطمع نظر ڇا آهي؟ اگرتلا سازش ڪيس نه ٿئي ها ته مجيب بنگالين جو بهادر اڳواڻ نه بڻجي سگهي ها. ڇهه نڪات محمود اي هارون پاران ڌر ڌڻين جي مشيرن طرفان متعارف نه ڪرايا وڃن ها ۽ الطاف گوهر پارن اعليٰ سطحي سول بيوروڪريسيءَ جي بزر جهمرن طرفان خاص مقصدن خاطر بنگالين تي ڇهه نڪاتي بهتان نه مڙهيا وڃن ها ته هوند اوڀر پاڪستان ۾ ايترو جلد حسينه واجد جو والد بزرگوار بهادر اڳواڻ طور پوري صوبي تي حاوي ٿيڻ واري ڪاميابي ماڻي نه سگهي ها. نواز شريف جيڪڏهن نون ليگ جو نالو مٽائي عوامي ليگ رکي ڇڏي ته باقي ٻيون سڀ گهرجون پوريون آهن. مسلم ليگ هونئن ته هن اقليم جي ابو امان آهي پر سندس نراڙ تي جمهوري جهومرن بدران آمريت کي سپورٽ ڪرڻ جا بدنما داغ ججهي مقدار ۾ ملاحظه ڪري سگهجن ٿا. اهڙي نالي ۾ ڪشش جو مقدار منديءَ وارا رجحان متعارف ڪرائي رهيو آهي. تازو جنهن طريقي سان سڀاڻي ٿيندڙ ضمني چونڊن کان ڏينهن ٻه اڳ نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي، اهڙي فيصلي قاضي سڳورن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ متنازعه بڻائي ڇڏيو آهي. فل بينج جو سيد شبر رضا رضوي اهو قاضي آهي، جنهن کي سيد سجاد علي شاهه هاءِ ڪورٽ جو جج سليڪٽ ڪرڻ جو خواهشمند هو پر نواز شريف جي وچ ۾ پوڻ ڪري شبر رضا صاحب جج بڻجڻ کان رهجي ويو هو. ٽي رڪني فل بئنچ ۾ شڪور پراچه ۽ بلال خان به شامل هئا.

    جن اين اي 123 تي نور الاهي جي درخواست تي هي فيصلو ڏنو آهي، هڪ ڏينهن اڳ ساڳيو ڪيس ٻڌندڙ فل بئنچ تڏهن ٽٽي چڪي هئي، جڏهن وڪيلن پنهنجي متي اچي عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته فضل ميران چوهاڻ جا چوڌري برادران سان ويجها لاڳاپا آهن ۽ مسٽر نور الاهي جي اليڪشن جو خرچ هجي يا سندس پاران قاضي سڳورن وٽ نواز شريف جي خلاف دانهڻ وارو ڪارِ خير، انهيءَ سموري اٿل پٿل ۾ گجراتي گاما پهلوان ننهن کان وٺي چوٽي تائين ملوث لڳا پيا آهن. نور الاهي جي وڪالت خالد رانجها حوالي آهي. رانجهي جو قريبي عزيز حسنات احمد خان به قاضي ڪورٽ جو جج آهي. چوهاڻ ۽ رانجهي جا عزيز شرافت جو مظاهرو ڪندي ازخود سماعت کان نابري واري ويهي رهيا. جيڪو فل بئنچ جو ٽيون ميمبر هو، اهو به پي سي او تحت 3 نومبر کان پو ”کنيو ويو هو وڪيلن واري تحريڪ جو روح روان ۽ لاهور بار جو تڏهوڪو صدر احسن ڀون.

    علي احمد ڪرد جيان ڀون جون تقريرون به عوام کي ڀوانٽيون ڏياري سگهڻ جي سگهه رکنديون هيون. افتخار چوڌري جو اسلام آباد کان لاهور وارو شروعاتي سفر ۽ سموري رات اکين تي ڪٽڻ واري لاهوري وڪيلن جي روايت جو رئيس اعظم احسن ڀون هو...اور ڦرچراغون مين روشني نه رهي...لاڙڪاڻي جي سيد سڳوري (موصوف ايم پي اي به رهيو هو) ۽ فيصل آباد جي اعواڻ (ايم اين اي به رهيو هو) پارن کي پ پ سرڪار جهڙي ريت قاضي بڻايو هئو، احسن ڀون به تهڙي ريت وڪيلن جي ٻيڙي کي وچ منجڌار ۾ ڇڏي هليو ويو هو. پرويز ڏانهن خير...اعتراضن جي ڀرمار ۾ اها بئنچ ته ضرور ٽٽي پر لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سيد زاهد حسين جيڪا نئين بئنچ تشڪيل ڏني، تنهن ۾ بهرحال ڀون کي ڊراپ ڪيو ويو، جڏهن ته وڪيلن ڀون تي ڪي به اعتراض ڪو نه واريا هئا.

    نئين فل بئنچ نواز شريف کي نااهل ۽ شهباز شريف کي اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن امڪاني فيصلي تائين وڏ وزارت تي رهڻ ڏيڻ واري رعايت ته ڪئي آهي پر هي فيصلو ملڪ ۾ نئون ڀؤنچال پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيو آهي. شريف برادران لاءِ هي ”عجوبهءِ روزگار“ فيصلو آهي. هڪ پاسي سندن لختِ جگر حمزه شهباز ايم اين اي طور حلف کڻي رهيو هو ۽ ٻئي پاسي نواز- شهباز نااهلي جي دائري ۾ داخل ڪيا پئي ويا. احسن ڀون واري بئنچ ڏينهن ٻه اڳ (پنهنجي تحليل کان) داٻا به دل کولي پئي ڏنا. ”ڊائريڪٽ ايڪشن وٺنداسين“، سندن طرزِ تڪلم چوڌري افتخار وارا سوموٽو پئي ياد ڏياريا. حمزي شهباز سميت ڪافي ايم اين اي ۽ ايم پي اي پنجاب مان انهن ضمني چونڊن ۾ بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. قاضي سڳورن کي عوامي مزاج جو ته احتياط ڪرڻ گهرجي ها. جڏهن توهان تي عدم اعتماد ڪري هڪڙي ڌر پيش ٿيڻ کان به انڪاري آهي ته پوءِ اي وقت جا منصفو ايترو به نٿا سمجهو ته ڪو اوهان جي ”فتويٰ“ ماڻهن ۾ فتور پيدا ڪري سگهي ٿي. ڏينهن ٻن لاءِ توهان نور الاهي جي خودساخته درخواست کي درخور اعتنانه سمجهو ها ته پاڻهي پاپي خلق اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏي ها. ججي ۽ جرنيلي جماعت هونئن به عوام الناس جي ”احترام“ ۾ ڪنهن کان به گهٽ ناهي! تڏهن ته نواز شريف جهڙي نامقبول ليڊر کي نام نهاد فتويٰ وسيلي پارليامينٽ کان ٻاهر رهڻ لاءِ نير ٻڌي ڇڏيا اٿن. ڀٽ جو شاهه نير هٿان نينهن کي اجاري اڇو ڪرڻ وارو فيصلو ٿو ڏي. لطيفي قافلي جو پانڌيئڙو به لانڍي جيل ڏانهن پنڌ پوڻ وارو پڌرنامو ڏينهن ٻه اڳ جاري ڪري چڪو آهي، ٻئي سينه چاڪانِ چمن عندليبن جيان آهه و زاري ڪندي متان لانڍي جيل ۾ لطيفي راڳ اڪٺو ڳائين:

    سکر سيئي ڏينهن جي مون گهاريا بند ۾،

    وسايم وڏ ڦڙا مٿي ماڙين مينهن،

    نير منهنجي نينهن، اجاري اڇو ڪيو.

    نواز شريف جي ڪيس ۾ ملڪ محمد قيوم جو لاهور ۾ متعين ماتحت ڊپٽي اٽارني جنرل پيش ٿيو هو. سرڪارِ ابد پائيدار پاران چئي ڏنائين ته ”ابا جي“ جي موڀي پٽ جي نااهليت جي حوالي سان اسان کي ڪا به دلچسپي ڪا نه آهي. پاڻمرادو پيش ٿيندڙ ٻين وڪيلن به عدالتِ عاليه اڳيان نااهلي واري نور الاهي جي نام نهاد درخواست کي نائون ڪوهه پري اڇلائڻ وارا دليل ڏنا، پر کين داد فرياد کي ڪنائڻ واري دفتر مان دڪو به ڪو نه مليو. ڀائي! اصل ڌر ته اوهان مان نااميديءَ جي ڪري پيش به ناهي ٿي ته توهان اهڙو يڪطرفو فيصلو ڪيئن ٿا ڏيئي سگهو؟ قاضي سڳورن ته ڪنهن پرڳڻي جي جڳ مشهور آءِ جي پوليس کي به ته تازو منفرد انصاف عطا ڪيو آهي. چئي: چوڏهين جون تي رٽائر ٿيندڙ چيف ڪماني کي وڌيڪ ٽي سال ملازمت ڪرڻ جي موڪل عنايت ڪجي ٿي، ان ڪري ته صاحب موصوف ٽي سال معطل رهيو هو. معطلي واري عرصي ۾ جيئن ته همراهه هلا گلا، هنگاما ۽ هلچلون ڪنٽرول ڪرڻ کان محروم رهيو هو، کيس انهيءَ عرصي جيتري مذيد ملازمت ڪرڻ لاءِ عام مکياري ڏجي ٿي. ڀائي! پوءِ پنجويهه سالن تي گهر موڪلڻ واري قانون کي ڪيڏانهن ڪنداسين؟ سٺ سالن تي پهتلن کي هاڻ ڪير چوندو ته توهان وڃي پوٽا ڏوهٽار ماڙيو ۽ اسان ٿا اقليم کي سڌو ڪريون. متان ٽي سال اضافي ملازمت دوران موصوف کي تنخواهه ملتاني پرائم منسٽر جي صوابديدي فنڊ مان ڏني وڃي. مخدوم يوسف رضا گيلاني فرمايو آهي ته اسان اليڪشن ڪميشن کي عرض ڪنداسين ته سپريم ڪورٽ ۾ وفاق طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست بابت حتمي فيصلي تائين نواز شريف واري تڪ جون چونڊون ملتوي ڪيون وڃن.

    هن فيصلي کڻي نون ليگ کي عدالتي محاذ تي ڏکيائي فراهم ڪئي آهي، پر مجموعي طرح سان پ پ ۽ نون ليگ جي پيار کي به ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. پ پ پي سي او تحت حلف کڻندڙن ۽ 3 نومبر کان پوءِ عدالتِ عاليه جي ڪرسين تي براجمان ٿيندڙن جي ”وڪالت“ ڪرڻ ۾ سخا جو مظاهرو ڪندي رهي آهي. جنهن ڪيمپ آفيس ۾ صدر پرويز مشرف پکڙا اڏي ويٺو آهي، فيلڊ مارشل ايوب خان ان ڪيمپ آفيس تي قبضو ڪرڻ وارو ڪارِ خير سرانجام ڏنو هو، پوءِ مذهب جي مقدس نام تي حاصل ڪيل ملڪ ۾ پارسي نسل جي ماڻهن کي مخصوص قسم جي مشروب جو ڪاروبار ڪرڻو هو، سندن دولت خانو وڌيڪ دولت جي حصول لاءِ هٿيار طور ڪتب آندو ويو، اهڙي ڪنهن ايوان مان ڀلائي جي اميد رکڻ عبث ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ نواز شريف به اهڙي ايوان صدر کي پنهنجي نااهلي واري فيصلي جو محرڪ اعليٰ سمجهي ٿو. سلمان تاثير جڏهن پنجاب ۾ ببانگِ دهل ائين چوندي ٻڌون ٿا ته مون گدڙن ۽ شينهن جا ڌڻ چاريا آهن، آئون کين سڃاڻان ٿو پنجاب ۾ ڪنهن جي به ببر شيري هلڻ ڪا نه ڏبي. اهو سلمان تاثير شهباز شريف طرفان مامي يوسف لغاري جو هم منصب مقرر ڪرڻ وارو آئيني اختيار به اورانگهي رهيو آهي. سنڌ جي سلمان تاثير به يوسف لغاري جي ايڊووڪيٽ جنرل بنائڻ واري سمريءَ کي ٽي هفتا دٻائي ڇڏيو هو. حارث ايڊووڪيٽ کي پنجاب جو يوسف لغاري بڻائڻ لاءِ شهباز شريف هفتو ٻه اڳ سمري گورنر هائوس ڏانهن اماڻي هئي. نوٽيفڪيشن جي مرحلي مان اهي ڪاغذ پٽ اڄ سوڌو پار ٿي ناهن سگهيا. ڏسجي ته نواز-شهباز نااهلي تحريڪ ڪٿي وڃي ٿي دنگ ڪري. توهان ٻڌايو راءِ عامه جي انهيءَ خيال ۾ ڪيتري قدر منطق موجود آهي؟ هي سڀ فردِ واحد جي مهرباني آهي، ڪن دليل جي دنيا جي دانشورن جو خيال آهي ته ڪورٽون کڻي ڪهڙيون به ڇو نه هجن پر انهن ڪورٽن جو ڪنهن ڌر طرفان بائيڪاٽ ٿيندو ته اهڙي سرگرميءَ کي توهينِ عدالت جي زمري ۾ اوس اچڻو ئي اچڻو آهي.

    شريف برادران جڏهن فنانس بل منظور ڪن ٿا، سترهان مان اوڻٽيهه ججز جي اضافي وارو بل به منظور ڪن ٿا، صدر پرويز مشرف جي همراهيءَ ۾ مانجهاندا ۽ سانجهاندا به تناول فرمائين ٿا، خالد مقبول هٿان دوست کوسو ۽ تاثير هٿان شهباز شريف حلف به کڻن ٿا، مرڪزي وزير صدر پرويز مشرف هٿان قسم کڻڻ کي به هضم ڪن ٿا، لانگ مارچ ۾ اتحادي جماعت پ پ جي عدم شرڪت تي ارها ناهن ۽ طويل مذاڪراتي سلسلو به منقطع نٿو ڪيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو الهه تلهه تلف ٿي وڃي ٿو ۽ ٻاڙائي ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ٿي ته به لامتناهي سلسلي وارا ڳالهه ٻولهه جا مرحلا جاري رهن ٿا، دوبدو ملاقاتن جي طوالت عوام جي صبر واري پيماني کي لبريز ڪري رهي آهي، پر جولاءِ ۾ ٻيهر آصف صاحب سان نواز شريف جي ملاقات رٿيل آهي. اهو نڪو ٿو ٻج کٽي ۽ نڪو وري سج ٿو غروب ٿيڻ جو اعلان ڪري. جنهن اتحادي سرڪاري انتهائي جانبداراڻي اليڪشن جي جوابدار اليڪشن ڪميشن کي تبديل ڪرڻ واري پيش قدمي ناهي ڪئي، ان سرڪار کان واشنگٽن طرفان عنايت ڪيل ولي عهد کي گهر جو ٽڪيٽ وٺرائڻ وارو معرڪو سرانجام ڏيارڻ ممڪن به آهي ڇا؟ ڇا ڪمال شاهه واعدي معاف گواهيءَ جي لاءِ باقي رکيو ويو آهي، جنهن جي گهرو وزارت ڪلاڪ ٻن ۾ شهيد سنڌ راڻي جو ريٽو رت راولپنڊي جي رستن تان ڌوئي ڇڏيو هو. ساڳيا دانشور ان درخواست جا حاملينِ هاذا بڻيل آهن، جنهن عرضداشت ۾ چيل آهي ته نواز شريف وارو گروهه به حالتن سان صلح ڪري چڪو آهي، ٺلهو سياسي سطح تي زنده رهڻ لاءِ پيو بيان بازيون ڪري. هڪڙي وچولي سوچ اهڙي به مارڪيٽ ۾ موجود آهي، جنهن وري اهڙو جائزو پيش ڪيو آهي ته ڌر ڌڻي (پنجاب) سال ڏيڍ اندر ڪنهن قومي اليڪشن جو فيصلو ڪري چڪا آهن، اهڙي انتخابي عمل ۾ نواز ليگ کي ”ڀاري مئنڊيٽ“ سان کٽرائڻو آهي. عوام ۾ کيس وڌيڪ مقبول بڻائڻ لاءِ عدالتي شڪنجن ۾ کيس قابو ڪيو وڃي يا برننگ اشوز تي بهادريءَ سان گفتگو ڪرڻ واري سندس خوبصورت ادا، اهي سموريون سرگرميون پ پ کان مرڪزي سرڪار ڦرڻ جي دائري ۾ اچن ٿيون. وچين ڌر جا وهمي چون پيا ته قائد ليگ کي به چند مهينن اندر نون ليگ ۾ ضم ڪيو ويندو. بظاهر غير جانبدار ۽ ڪنهن حد تائين حالتن جي نبض کي حڪيماڻي حرفت سان جاچيندڙ جوانن جو خيال آهي ته پ پ ۽ نون ليگ جو رشتو سچي سون واري ڌاڳي جيان پڪو ۽ پختو آهي.

    هن ملڪ ۾ جمهوري طور طريقن کي مضبوط بنياد فراهم ڪرڻ لاءِ آصف صاحب ۽ ميان نواز شريف بنيادي ڪم ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو سنهري لفظن ۾ لکرائڻ گهرن ٿا. اهي سموريون سرگرميون هڪ طئي ٿيل پاليسيءَ جي دائري ۾ داخل سمجهيون وڃن. ٻنهي جو باهمي اعتماد نقطهءِ عروج تي پهتل آهي. ڪنهن به قسم جي مايوسي پکيڙڻ جي ڪا به ضرورت ڪا نه آهي، دنيا جي اهم ملڪن ۽ ادارن جي ۽ پڻ پنڊيءَ واري باوردي مخلوق جي کين مڪمل حمايت حاصل آهي. بش جي صدارتي سفر جي اختتام تائين اسپيڊ بريڪرن جو استعمال ٿيندو رهندو، پر سال اڌ اندر ملڪي مامرا ٽريڪ تي چڙهي ويندا. پرويز مشرف به بيڪ ٽو پويلين ٿي ويندو.

    هاڻي اچون ٿا ته عوامي لڪڙ تار ڏانهن متان نواز-شهباز نااهلي تي پ پ وارن کي خوش ڪري ماضي جا وير پاڙڻ لاءِ صدر پرويز مشرف وڌيڪ ڍر ڏيئي لاڙڪاڻي کي پنهنجو گرويدو بڻائي وڃي. سينس انهيءَ ٿيوريءَ کي قبولڻ لاءِ قطعي طور تيار ناهي، کٽل سيٺ سان سوديبازي ڪير ڪندو؟ هاڻي ته جانثار ميمڻ به کڻي چپ سبي ڇڏيا آهن، پر عالمي سطح تي آمريڪا کان وٺي او آءِ سي تائين بين السطور ۾ نه، پر براهه راست صدر پرويز مشرف جي پاس خاطري ڇا لاءِ پئي ٿئي؟ اها ڳجهارت آهي ته انتهائي خطرناڪ، پر خوش فهميءَ کان به خبردار رهندڙ خابرو چون ٿا ته عالمي طاقتون پنهنجن فرمانبردار اتحادين (نوڪرن چاڪرن) کي باعزت رخصتيءَ جو موقعو فراهم ڪنديون آهن ته جيئن ايندڙ ايجنٽ به فرائضِ منصبي خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏئي سگهن. باقي ڪاڪي دوري جو ليکو پورو ٿي چڪوآهي. پنجاب هن ديس کي پرويز مشرف ايجنڊا هٿان پرزا پرزا ٿيڻ ڪو نه ڏيندو، ڊاڪٽر شاهد مسعود پي ٽي وي جو مهتمم بڻجي وڃي ۽ مرتضيٰ سولنگيءَ کي وائيس آف آمريڪا مان گهرائي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جو مدار المهام بڻايو وڃي ته اهڙا فيصلا پنڊي وارن جي جديد سوچ سان سهمت ٿيڻ کان پوءِ ئي ڪيا ويندا آهن. نواز-شهباز نااهلي ايڪسپريس ڏسجي ته ائين پيو ته ”نان اسٽاپ“ ئي رهندي.

    arbabnek@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    سنڌين جي عالمگير سوچ ۽ وچ اوڀر ”امن فارمولا“




    جمع 27 جون 2008ع



    ”ڊينگاڻ“ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو آبائي ڳوٺ آهي. سنڌ جو هي پهريون بئريسٽر ۽ چاليهارو هزار ايڪڙن جو ”زميندار اعظم“ ڪير هو ۽ هن پنهنجي حياتيءَ کي ڪيئن سجايو بڻايو؟ اهڙا تفصيل يا ته هاشم لغاريءَ جي اڻ ڇپيل انگريزي ڪتاب ۾ درج آهن، يا وري برطانوي ڪتب خانن ۽ انڊيا آفيس لائبريري ٽائيپ ميوزيمز ۾ محفوظ آهن. هفتو ڏيڍ اڳ سندس جنم ڀومي ڏانهن ڪن سرڦرين سفر ڪيو. ”مجنون“ قسم جا اهي مجذوب اتي موشي دايان جي ملڪ جي ڪهاڻي بيان ڪري رهيا هئا. جتي ان رياست جي ڪهاڻي بيان ٿيندي، اتي لامحاله ياسر عرفات واري فلسطين جو ذڪر ِخير اوس ٿيڻو آهي. وچ اوڀر جو امن به ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهي. جتي اهي سمورا ذڪر ٿيا، اتي ”بادشاهه“ به اهڙي ڊسڪس جو اهم موضوع ضرور هو.

    اسرائيل جي سٺهين سالگرهه وارا جشن يهودي دنيا ۾ هن وقت عام جام هلن ٿا پيا. اسان توهان به تل ابيب ۽ بيت المقدس بابت ڪافي قدر ڄاڻ رکون ٿا، پر اي اهليانِ سنڌ! ڇا اوڻيهه سئو سترهن ۾ ڪي اهڙا مها ڏاها مهراڻ ماٿريءَ ۾ موجود هئا، جن کي لينن جي بالشيوڪ انقلاب کان ويندي اعلان بالفور جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ يهودي رياست اسرائيل جي ابتدائي نڪ نقشي بابت نوانوي فيصد ڄاڻ حاصل هئي؟ جواب ”ها“ کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڪو نه! اهڙي عالمگير سوچ واري ”انجمن“ جو اوڻيهه سئو سترهن ۾ جيڪو سنڌي سربراهه هو، ان کي بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي نالي سان دنيا ته سڃاڻي ٿي. غلام محمد ڀرڳڙي اعلان بالفور جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ يهودي رياست کي قبلهءِ اول بيت المقدس سان هٿ چراند قرار ڏنو هو. ”الامين“ جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ اخبار به ڀرڳڙي صاحب جاري ڪئي هئي. اسرائيلي احاطي لاءِ. ايڊيٽر مقرر ڪيو هئائين شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي. هوڏانهن ساڳين ڏينهن ۾ لنڊن شهر اندر انگريزيءَ جي رائيٽرز جي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي هئائين، جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته دنيا ۾ فلسطينين جو وطني ۽ مذهبي مقدمو دليلن سان پيش ڪرڻ لاءِ موثر لٽريچر انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇاپينداسين. خرچ پکو بئريسٽر سنڌي پاڻ تي هموار ڪيو هو. بئريسٽر ڀرڳڙي پارن تڏهوڪن سنڌين، اسلامي ملڪن کي لساني بنيادن تي تقسيم ڪري خلافت عثمانيه جي اڀري سڀري مرڪزيت کي ختم ڪرڻ جون سازشون به تاڙي ورتيون هيون. ”الوحيد“ اخبار جو شروعاتي اجراءُ به انهيءَ جذبي جو مرهون منت هو.

    يهودين جو خيال آهي ته هيڪل سيلماني وارو خطو اسان جي نبين سڳورن جي آمد وارو علائقو آهي. سندن عقيدي مطابق يوم موعود به اتي ئي ٿيندو. پنرملن وارو اهو يهودي عقيدو ڪجهه هن ريت آهي ته، اڳو پوءِ هر يهوديءَ کي اتي موٽي اچڻو آهي، پر علم الانساب جا ماهر لکن ٿا ته، هن وقت جن يهودين جي اسرائيل ۾ پيگهي متل آهي، اهي سدورا اصل ۾ روسي نسل جا ”قوقازي“ (قفقازي پڻ) آهن. اشڪنازي انهيءَ يهودي نسل کي جيتوڻيڪ ”صيهونيت“ جي پڳداري مليل ضرور آهي، پر اهي هيڪل سيليماني واري علائقي ۾ ڪڏهن جنميا ڪو نه هئا، البته جڏهن قوقاز ڏانهن اتر کان يهودين ۽ ڏکڻ کان مسلمانن ڪاهون ڪيون، تڏهن اهي پنهنجو سر بچائڻ لاءِ يهوديت ڏانهن مائل ٿيا. انهن ڏينهن ۾ مسلمانن وٽ يهودين لاءِ سوايو احترام موجود هو. هولوڪاسٽ واري هنگامي ۾ يهودين جيڪو ڇهه لک هم مذهبن جو موت ڏيکاريو آهي، اهڙي انگ کي به آزاد ميڊيا مبالغي جي دائري ۾ داخل ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هٽلر ساڻن جيڪو سلوڪ ڪيو، سو به سربستو ستم هو، البته ڪي سبب اسباب هٽلر جي حق ۾ به هٿ ڪري سگهجن ٿا. يهودي، هٽلري هلاڪت خيزين کي ته وڌائي چڙهائي پيش ڪن ٿا، پر ساڳئي هٽلر، فاشزم جي باني اٽلي واري ميسوليني سان ملي ڪري ”البانيا“ جي مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ڪيو هو، اهڙي انڌير تي يهودي هميشه چپ رهيا آهن. ارض فلسطين سان البته انهن ٻارنهن قبيلن جي يهودي نسل جو تعلق ضرور رهيو آهي، جن کي سن ستر عيسويءَ ڌاري فلسطين مان لوڌي ڪڍيو ويو هو. اهي رولاڪ راجا شمالي آفريڪا جا وڃي رهائشي ٿيا هئا. صيهونيت جا سر ڌڻي اشڪنازي يهودي آهن، وطن مالوف اٿن، قوقازي روس. سندن ڀيٽ ۾ ”سفار ديم“ شناخت وارا شمالي آفريڪا مان ٿيندا اسپين ۾ پکڙا اڏيندڙ يهودي البته فرزند زمين جي استحقاق جا مستحق ضرور آهن، کين سقوط-غرناطه (1492ع) تائين مسلمانن دل جان سان ميزبانيءَ جا موقعا فراهم ڪيا. غرناطو جڏهن غرق ٿيو، تڏهن اهي ”سفار ديمي“ سدورا يورپ ڏانهن نقل مڪاني ڪري ويا. صيهونيت واري تحريڪ جو باني سربراهه ”ٿيوڊر هرنزل“ سفار ديمي هو، کيس اشنڪنازي يهودين ان ڪري اڳواڻ بنايو هو. ڇاڪاڻ ته سفار ديمين لاءِ فرزند زمين واري شناخت تسليم شده حقيقت هئي پر اهو ٺهلو ٽريلر هو، فلم جڏهن ظاهر ٿي، تڏهن صيهونيت جي سربراهي وائيز مين حوالي ٿيل هئي. اهو ئي وائيز مين، جيڪو اسرائيل جو پهريون صدر بڻيو. موصوف روسي نسل وارو اشڪنازي يهودي ۽ پناهه گير پڻ هو، وائيز مين ”دنيا جا يهوديو! اسرائيل هليا اچو“، وارو نعرو ائين پئي هنيو، جيئن هتان جي راڄ راڻن ساڳئي سال (1948ع) هوڪا پئي ڏنا ته، ”هندستاني ميانجيو! سمورا سنڌ ڏانهن ڪاهي اچو.“ ڪامريڊن جا تڏهوڪا نعرا به دلچسپ هئا، ”دنيا جا مزدورئو! هڪ ٿي وڃو.“ مزور ڪيتري مقدار ۾ هڪ ٿيا؟ هندستاني ته البته پنجاهه لک کان به وڌيڪ تعداد ۾ ستيتاليهه واري ورهاڱي دوران ٻن ٽن سالن اندر اچي پڊ عيدن واري پرڳڻي ۾ پڌاريا. کين پنڊ دادن خان واري پرڳڻي ڏانهن پنڌ ڪندي گهٽ ڏٺو ويو،

    يهودين وائيز مين اپيلن جي آبياري ڪئي. هن وقت اسرائيل ۾ پنجهتر سيڪڙو يهودي اشڪنازي آهن، جڏهن ته سفار ديم پندرنهن سيڪڙو آهن. لبنان ۾ قائم فلسطينين جا ٻڍا ۽ ٻار صابره ۽ شتيلا ڪئمپن ۾ ڪٺا ويا، پر شيرون کي مغربي ملڪ دهشتگرد تسليم ڪرڻ لاءِ اڄ تيار ناهي ٿي. ظلم مٿان ظلم وري اهو ته، جنرل شيرون جارج بش جيان وٽن”امن جي پيغامبر“ طور مشهور آهي.

    ”سن آف دي سوائل“ جي حوالي سان فلسطينين جا دليل ڪهڙا آهن؟ فلسطيني چون ٿا ته ساڍا چار هزار سال اڳ عربي ٻيٽن تان لڏي جيڪا ڪنعاني قوم فلسطين ۾ اچي آباد ٿي هئي، اسان انهن ئي ڪنعانين جو تخم آهيون. ڪنعاني ڪڙم قبيلا اڳتي هلي مسلمان ٿيا ۽ عربي ٻولي سندن قومي ٻولي بڻجي وئي. (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو پاڪستان جي قومي ٻولي عربي کي قرار ڏيندو هو.) فلسطين تي يهودين جي عملي قبضي جي آغاز لاءِ انهيءَ اجلاس کي وڏي اهميت حاصل آهي، جيڪو سوئيٽزرلينڊ جي شهر ”باسل“ ۾ ٿيو هو. فلسطين ۾ زمينون خريد ڪرڻ لاءِ خفيه فنڊ قائم ڪيو ويو. صيهوني تحريڪ کي مغربي دنيا جي مفادن سان به منسلڪ ڪيو ويو.

    جڏهن 1901ع ڌاري صيهونيت جي باني ٿيوڊور هرنزل ترڪي جي بادشاهه سلطان عبدالحميد کي آفر ڪئي ته، جيڪڏهن توهان وارو مغربي دنيا جو مسلمان ملڪ ”انقرهه“ مان اعلان ڪري ته فلسطين يهودين جو ملڪ آهي، ان جي بدلي ۾ اسان ترڪيءَ جا سمورا بين الاقوامي قرض ادا ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهنداسين. قراهسو آفندي اهو نياپو آندو هو، ته سلطان کيس سخت سست چئي ورندڙ ٽپال ۾ نياپو ڏنو ته، سون تي سيڻ ناهن مٽائبا. پوءِ خلافت عثمانيه کي ڪيئن ختم ڪرايو ويو، لارنس آف عريبيا جهڙا جاسوس ۽ گهر جا مير جعفر ۽ مير صادق به هٿ ڪيائون. ”الوحيد“ اخبار به ترڪيءَ واري خلافت کي بچائي ڪو نه سگهي.

    1948ع ۾ يهودي اڌ لک کن هئا. اسرائيل جي نالي سان وطن ٺهڻ (14 مئي 1948) سان ڇهه لک کن يهودين جي پهرين کيپ کي شهريت ڏني هئائون. عربن جون زمينون ضبط ڪري کين ڪاروباري راند واري گرائونڊ مان جبري طور بيدخل ڪري ڇڏيائون. هاڪارو اسڪالر آرٿ ڪوسٽلر لکي ٿو ته، اسي سيڪڙو اسرائيلي يهودي نقلي آهن، صيهونيت پنهنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ کين فڪري يهودي ته ضرور بڻائي ويئي آهي، پر شجرن ۽ نسب نامن مان کين ”يهودي النسل“ ثابت نٿو ڪري سگهجي. هارورڊ يونيورسٽي جو ماهر-معاشيات ٿامس ڪرسٽروفر لکي ٿو ته، آمريڪي بجيٽ جو خفيه خانو اسرائيل لاءِ استعمال ٿيندو آهي. آمريڪا اسرائيل جي استحڪام تي ٽي کرب ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي. تازو اسرائيل جي 60 هين سالگرهه ۾ شرڪت لاءِ آمريڪي صدر بش اسرائيلي پارليامينٽ اڳيان خطاب جو ”شرف“ حاصل ڪرڻ لاءِ بذات خود، بنفس نفيس تشريف فرما ٿيو. سالگرهه تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته، ”آئون تصور جي اکين مان ڏسان پيو ته 2068ع تائين آزاد فلسطيني رياست اسرائيل سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي قائم ٿي ويندي....“ لڳي ٿو ته هن کي نجومين کان اها تاريخ ملي آهي. وڌيڪ سٺ سال انتظار ڪن اهليان فلسطين! ”ڪون جيتا هي تيري زلف ڪي سر هوني تڪ”. سپر پاور ملڪ جو صدر اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي واري 29 نومبر 1947ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن کان ڪيتري پنڌ تي بيٺل آهي؟ ان اجلاس ۾ ارض فلسطين کي يهودين ۽ عربن وچ ۾ ورهايو ويو هو. يهودين جي آبادي ٽيٽيهه سيڪڙو هئي، کين چوونجاهه سيڪڙو ڌرتي الاٽ ڪيائون، جڏهن ته ستهٺ فيصد عربن کي پنجيتاليهه سيڪڙو زمين الاٽ ٿي هئي، هڪ فيصد رقبي واري القدس کي اوپن سٽي باور ڪرايو ويو هو. اڃا سلامتي ڪائونسل جي فيصلن جي مس به مس مس سڪي هئي، ته هوڏانهن اسرائيل جي نالي ستن مهينن اندر ڌار يهودي رياست قائم ڪري عربن تي جبري جنگ مسلط ڪيائون. ستهتر سيڪڙو سرزمين يهودي ڦٻائي ويا، پهرين ڌڪ ۾ اٺ لک فلسطيني رفيوجيز بڻجي ويا. اولهه جا علائقا اردن والاريا، غزه جي پٽيءَ وارو پرڳڻو مصر جي سار سنڀال هيٺ هليو ويو. اقوام متحده اسرائيل کي تسليم ڪندي کيس پابند ڪيو هو ته هو فلسطيني جوڳيئڙن کي واپسي ماڳن ڏانهن موٽڻ جي موڪل ڏيندو. سٺ سال ته ٿي ويا آهن اقوام متحده جي فيصلن کي. اڄ به ياسر عرفات ۽ شيخ احمد ياسين ۽ خالد مشعل جي جماعتن وارن پليٽ فارمن تان ديس حاصل ڪرڻ جا جتن ڪري رهيا آهن، گڏيل قومن جو اهو خود مختيار ادارو فلسطيينين کي محرومي ڏئي ويو آهي.

    پي ايل او الفتح ۽ حماس جون ڪوششون پنهنجي جاءِ تي، پر اسرائيل 1967ع واري جنگ ۾ عربن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري آمريڪي ٽيڪر تي رهيل فلسطينين جا پٽ پنهنجي تسلط هيٺ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. نه رڳو ايترو، پر هن شام وارا ”جولاني جابلو“ علائقا ۽ مصر جا صحرا ۽ سينا وارا ريگسان به پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيا. هڪ ڪروڙ کن يهودين تي مشتمل خالص ڌرمي خطو آهي اسرائيل، پر هن خطي کي عربن جي سينن تي مڱ ڏرڻ لاءِ آمريڪا سميت سمورا عرب دشمن ادارا تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن، انور السادات کي آمريڪا ڪيمپ ڊيوڊ ۾ گهرائي مصر کي فلسطيني اڪارڊ کان پاسيرو ڪرائي ورتو. 1980ع کان 1988ع تائين آمريڪا عراق ۽ ايران کي ويڙهايو. خليجي رياستن ۽ عربستان جي ٻين ملڪن جا وسيلا هن رخ ۾ خرچ ٿيڻ لڳا ۽ شيخ المشائخ ٽائيپ خانداني بادشاهت کي نون خطرن کان ڊيڄاري کين پي ايل او واري پاسي کان ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ويو.

    نوي واري ڏهي ۾ سويت يونين به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، جيڪو در پردهه ياسر عرفاتي يونين کي سپورٽ ڪندو هو. اهڙا حالات ڏسي فلسطين ۾ ليليٰ خالد اسٽائيل وارا معرڪا سرد ٿيڻ شروع ٿيا. البته ساڳين ڏينهن ۾ ”انتفاضه“ جي نالي سان حماسي حمايت يافته گروهن ”پلٽ ڪر جهپٽنا اور جهپٽ ڪر پلٽنا“ واريون سرگرميون شروع ڪيون. تاهم اهي گروهه مغربي دنيا طرفان متعارف ڪرايل اصطلاح ”اسلامي انتهاپسندن“ سان تعلق رکندڙ هئا. اهڙن ادارن سان عرب ملڪن به سهڪار گهٽائي ڇڏيو، متان مغربي دنيا جي نظرن ۾ معتوب نه ٿي وڃون. ياسر عرفات به مسلسل محاذ آرائيءَ واري سفر جي ٿڪ لاهڻ لاءِ اوسلو اڪارڊ تي تيار ٿيو. هي معاهدو پي ايل او جي بنيادي منشور کي نئون موڙ ڏيئي ويو. اسرائيل کي هن اڪارڊ ۾ نه صرف تسليم ڪيو ويو پر گڏو گڏ ستهتر فيصد سرزمين تي اسرائيلي اجاري داريءَ تي مهر-تصديق ثبت ڪئي وئي. اوسلو معاهدي کانپوءِ عرب ملڪن مان ڪن رياستن لاءِ اسرائيل سان سفارتي لڳ لاڳاپا قائم ڪرڻ آسان ٿي ويو. حماس جهڙا حريت پسند ئي هاڻ آزاد فلسطين جا آخري اهڃاڻ آهن.

    240 سالن کانپوءِ مائو نواز مڙسن جي محاذ آرائي سان نيپالي بادشاهه شاهي محل خالي ڪري سگهي ٿو، ته پوءِ بش جي وات ۾ گلاب جا گل... ممڪن آهي ته 2068ع تائين آزاد فلسطيني ملڪ دنيا جي نقشي تي نروار ٿئي ۽ اسرائيلين ۽ سندس آقائن جا 120 سالن جا ناز نخرا بيت المقدس کي خير باد چوڻ ۾ ئي پنهنجو خير سمجهن.

    arbabnek@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    قبائلي علائقن ۾ هلندڙ آپريشن اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو حصو آهي؟




    سومر 30 جون 2008ع



    پشاور جا روڊ رستا سيمينٽ جي بلاڪن سان سيل ڪيا ويا آهن. انگريزي پيپر جي انهيءَ خبر اويس غنيءَ جي گورنريءَ ۽ هوتي صاحب جي وزارت اعليٰ کي به سواليا نشان جي دائري ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن خبر ۾ ٻڌايو ويو هو ته، ”طالبان“ ڏهن ڏينهن اندر پشاور تي قابض ٿيڻ واري پلاننگ مڪمل ڪري چڪا آهن.“ هوتي صاحب پنهنجي ماروٽ سنگين ولي جي جنازي ۾شرڪت ڪري ڪو نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته کيس وزير اعظم وٽ منعقد ٿيندڙ انهيءَ اهم اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻو هو، جنهن اجلاس ۾ آرمي چيف پنهنجن ساٿين سان گڏ تشريف فرما ٿي رهيو هو. موضوع بحث اهو مسئلو هو ته پختونستان پرڳڻي جا آزاد قبائل وارا علائقا ته هٿن مان پيا وڃن، پر بندوبستي ضلعا به ”طالبان“ جي زير تحويل اچي رهيا آهن، پنجن ڪلاڪن جي پُرپيج بحث مباحثي کان پوءِ پرائم منسٽر پنهنجا صوابديدي ( مينڊيٽي پڻ) پاور صدر پرويز مشرف ۽ اشفاق پرويز ڪياني حوالي ڪيا. اويس غنيءَ جي جاءِ تي نصير الله بابر کي گورنر بنائڻ جي تجويز آئي، پر بابر نابري واري ڇڏي. رحمان ملڪ جو دوست مسعود شريف اويس غنيءَ جو ولي عهد ٿيندو، يا نوان ڪات ڪهاڙا به بگٽي آپريشن واري تجربي مان ڪاميابيءَ سان پار پوندڙ جنرل وحيد ڪاڪڙ جي سئوٽ جي نگراني هيٺ کنيا ويندا. جهڙوڪر اويسي سلسلي کان اڻ واقف اويس غنيءَ کي آپريشن جو سويلين نگران بڻائي ڇڏيو اٿن. متان مسعود شريف کي گورنر بنائڻ لاءِ صدر پرويز مشرف جي پائينده باد ٿيڻ کانپوءِ غور ڪيو وڃي. پختونستان بابت جيڪا پروپيگنڊا چاليهارو سال اڳ ڪئي پئي وئي، رحمان ملڪ ۽ مسعود شريف سويلين سطح تي اهڙي ڳالهه کي عام ڪرڻ جا نگران اعليٰ رهيا آهن. جن پختونن بابت اها پروپيگنڊا برپا ڪئي هئي، خوش قسمتيءَ سان اهي باچاخان جا معتقد هن وقت سندن اتحادي آهن. پختونخواهه وارو نالو به انهيءَ آئيني پيڪيج ۾ شامل آهي، جنهن آئيني پيڪيج بابت پ پ ۽ نون ليگ جي نورا ڪشتي ڪافي ڏينهن کان جاري آهي. اسفند يار ولي ۽ افراسياب خٽڪ پشاور واري پراونشل سرڪار جا ڌڻي آهن، ايڇ آر سي پي جو عاصمه جهانگير کان پوءِ چيئرمين ٿيندڙ ڪامريڊ افراسياب هن وقت اويس غنيءَ جو قبائلي علائقن لاءِ مشيرِ اعليٰ آهي، ائين جيئن گورنر رحيم الدين جو سنڌ ۾ مشير اعليٰ بڻايو ويو هو مرحوم مير رسول بخش خان ٽالپر کي.

    بيت الله محسود ۽ مولوي فضل الله سواتيءَ سان صوبائي حڪومت پاران جيڪي معاهدا ڪيا ويا هئا، انهن اڪارڊن جو ضامن افراسياب آهي. صوفي محمد جي آزادي به اي اين پي جي آشيرواد سان عمل ۾ آئي آهي. پختونخواهه ۾ ايم ايم اي واري تجربي کان پوءِ خدائي خدمت گارن کي پاور شيئرنگ ۾ جيڪا پارٽنرشپ ڏني اٿن، اهڙي رسڪي ڪم کان اڳ اي اين پيءَ جي اعليٰ قيادت کي برين واشنگ لاءِ واشنگٽن ڏانهن وٺي ويا هئا! مهينو کن باچاخاني باقيات کي آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي مهمانيءَ جو مزو وٺرايو ويو هو. هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سان مشابهت رکندڙ صورتحال پختونخواهه ۾ پيدا ٿي چڪي آهي. چون ٿا ته سنڌ ۾ نوي واري عشري دوران پي ايس ايف ۽ اي پي ايم ايس جا نوجوان ڪراچي ۾ طويل محاذ آرائي تي لٿل هئا. ٻنهي ڌرين پٺاڻن جيان هڪ ٻئي جا ماڻهو اغوا ڪيا، پ پ هن وقت جيان حڪومت ۾ هئي، پر ٻنهي ڌرين وٽان آدمين جي برآمدگي بابت سرڪاري رٽ جڏهن متاثر ٿيڻ لڳي ته سرڪار ڪور ڪمانڊر کي وچ ۾ آندو. آصف نواز جنجوعو پنجين ڪور جو هيڊ هو، هن ڪوشش ڪري پرامن طريقي سان ٻنهي تنظيمن جا نوجوان برآمد ڪرائي ڏنا هئا. هن وقت پشاور جو ڪور ڪمانڊر آصف نواز جنجوعو بڻيل آهي.

    اشفاق پرويز ڪياني پرائيم منسٽر سان پيرائيتيون ميٽنگون ڪري پوءِ وري صدر پرويز مشرف سان تفصيلي صلاحون مڪمل ڪري چڪو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان چيو پيو وڃي ته فوج سول حڪومت جي حڪم جي بجا آوري ڪندي گهرو وزارت چوي پئي ته آرمي چيف آپريشن جي آگي پيڇي جو ذميوار بڻايو ويو آهي ۽ گورنر ڪو آرڊينيٽر هوندو، پر پشاور سرڪار چوي پئي ته آپريشن آخري آپشن هوندو، مذاڪراتي عمل کي ترجيح ڏينداسين. امير حيدر هوتي وارا چون پيا ته ايف سي هٿان امن بحال ڪرائينداسين. مطلب ته جي نان سويلين قيادت، مرڪزي سرڪار ۽ پرڳڻائي حڪومت ڌار ڌار سوچ جا حامل نظر اچي رهيا آهن. صدر پرويز مشرف ۽ آرمي چيف جي ملاقات بابت پريس پڌرايون به ڌار ڌار طور طريقن کي متعارف ڪرائي رهيون آهن. صدارتي ٻوليءَ ۾ شر پسندن کي چٿڻ جا رعبدار لفظ استعمال ٿيل آهن، جڏهن ته آءِ ايس پي آر آرمي چيف جي بيان ۾ موزون زبان استعمال ڪئي آهي. چئي فوج سول سرڪار جي ماتحتي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي. باڙهه ۾ ڪرفيو لڳي چڪو آهي، آپريشن بابت وزير اعظم کي پشاور ۾ اهم بريفنگ دوران تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن.

    پ پ هن وقت پاڪستان جي نمبر ون مقبول جماعت آهي، نون ليگ به لک لهي ٿي، اي اين پي ۽ جي يو آءِ جا پٺاڻ بيلٽ ۾ بنياد ڪافي مضبوط آهن. عمران خان، قاضي حسين احمد ۽ محمود خان اچڪزئي به پٺاڻ آهن ۽ مٿي ذڪر ڪيل مخلوق سرڪار وارين اتحادين جماعتن کان ٻاهر رهندڙ اي پي ڊي ايم جا اهي ٽيئي پيل پاوا عسڪريت پسنديءَ جي نتيجي ۾ قبائلي علائقن ۽ باقي بچيل پختونخواهه اندر برپا ٿيل طوائف الملوڪي ۽ گهرو ويڙهه کان به ڀليءَ ڀت آگاهه آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته گذريل ٽن مهينن کان جيڪا ڀاري مينڊيٽ سان حڪومت قائم ٿي آهي، اها آخر پختونخواهه ۾ امن قائم ڪرائڻ واري ميدان ۾ ڇو ناڪام ٿي آهي؟ آصف ۽ نواز ڪيترو وقت وڃايو آهي، بي مقصد ڳالهين ۾؟ مولانا فضل الرحمان ۽ اسفند يار ولي ڪڏهن قاضي حسين، اچڪزئي ۽ عمران ڏانهن لڙي به ويا آهن انهيءَ عرصي دوران ته اي ڀاڳن ڀريا ڀائرو! اچو ته افغان پرابلم حل ڪريون؟ ملڪي حوالي سان ته ”طالبان“ فيڪٽر سئو فيصد ڌيان طلبي پيو، پر بين الاقوامي سطح تي هن موضوع سان ملڪ جي بقا وابسته آهي. اهڙي اهم اشو کي ٽه ماهي ڪارڪردگي دوران مخلوط سرڪار جي سرد مهري ۽ سرڪار کان ٻاهر موجود سياستدانن جي لاتعلقي عوام لاءِ ڪهڙو پيغام متعارف ڪرائي چڪي آهي؟ راءِ عامه اها راءِ قائم ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي ته اسان جي سياسي اڳواڻن پٺاڻ پرابلم جو پيڙهائتو نه ته اڀياس ڪيو هو ۽ نه وري کين لالن جي لهو لهان ٿيڻ واري موضوع سان ڪا گهري دلچسپي هئي. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ملڪي سطح تي قيادت جي قد آوري به زيرِ بحث اچي چڪي آهي. بالغ نظريءَ سان بنيادي مامرن کي پرکڻ واري ”بينظير“ حيثيت نظر ئي نٿي اچي. هاڻي جيڪڏهن عوام فردِ جرم عائد ڪري ته پوءِ پارليامينٽ جي بالادستيءَ جي دعويدارن وٽ ڪهڙو جواب آهي؟

    امن امان جو ته سموري ملڪ ۾ ستياناس ٿي رهيو آهي. غربت جي ڪري خودڪشيون وڌي رهيون آهن، پر پاڪ-افغان بارڊر وارا مامرا ته ماڳهين ملڪ لاءِ سواليه نشان چٽا ڪري رهيا آهن. اهڙن موت-حيات وارن مامرن بابت جيڪڏهن اها ئي ڪن لاٽاري جاري رهي ته پوءِ خلقِ خدا پنهنجا ناخدا وري به ايوب خاني اڪابرن کي بڻائيندي. جيتوڻيڪ اهڙي سوچ آهي ته انتها درجي جي دردناڪ، پر سياست کي به ته سنئين واٽ تي نٿو هلايو وڃي ته پوءِ مجبوري ڪا نام شڪريه کان سواءِ ٻي ڪا واهه به باقي بچي ٿي ڇا؟

    مڃون ٿا ته اها بين الاقوامي راند آهي، اها ڳالهه به تسليم ڪريون ٿا ته نيٽو جي فوج جيستائين افغانستان ۾ موجود آهي، تيستائين پٺاڻ بيلٽ ۾ امن قائم ڪرائڻ وارا سمورا خواب اڌورا ئي رهندا، اها بات به بنگلي تائين پهتل آهي ته ايران تي اٽيڪ لاءِ اسرائيلي فضائيه جي ريهرسل مڪمل ٿي چڪي آهي، ائين به آهي ته عراق ايران تي حملي لاءِ لاجسٽڪ سپورٽ فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي. البرادي به چوي پيو ته ايراني ائٽمي اشو ڳالهين ٻولهين ذريعي حل نه ڪيو ويو ته پوءِ پنهنجي موڪلاڻي آهي، ٻار ٻچو به سمجهي پيو ته بين الاقوامي شڪاري پاڪستان جي رانديڪي کي هٿ ڪري هن ديس کي ڌار راڄواڙن ۾ تقسيم ڪرائڻ گهري ٿو، تهذيبي جنگ ۽ ڪروسيڊي تحفظات کان به پاڻ سڀ آگاهه آهيون، پر ڇا ڪنهن جهليو آهي قاضي حسين ۽ مولانا فضل الرحمان کي ته توهان لشڪرِ اسلام ۽ انصار الاسلام جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ گراس روٽس ڏانهن هيٺ لهي ڪوششون نه ڪريو؟ مرڪزي سرڪار ڪيترا منٿ ميڙ قافلا موڪليا آهن پير آف مانڪي شريف پارن جي قيادت ۾ جيڪي سيفي سلسلي ۽ مفتي شاڪر وارن کي سمجهائين ته ادا! اوهان جي روش سان اسلام جو بين الاقوامي سطح تي امن وارو تعارف متاثر ٿي رهيو آهي. طالبان جي نالي سان ۽ پڻ بيت الله محسود ۽ مولوي فضل سواتي جي حوالي سان ميڊيا تي بيش قيمت مواد مهيا ٿيندو رهي ٿو، پر لشڪرِ اسلام ۽ انصار الاسلام وارا ڪير آهن؟

    پير سيفي افغانستان مان باڙي ۾ اچي براجمان ٿيو، سندس مريد نان سويلين فورسز ۾ به ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. اڍائي سال اڳ باڙي ۾ مفتي منير شاڪر سيفي سلسلي وارن کي تنقيد جو نشانو بنايو، هڪٻئي جا ٻنهي ڌرين نه مدرسا ڇڏيا ۽ نه وري مسجدون. خيبر ايجنسي پشاور سان ڳنڍيل آهي، باڙو اسلحي جي حوالي سان سنڌ ۾ مشهور رهيو آهي پر هاڻ لشڪرِ اسلام ۽ انصار الاسلام جي حوالي سان مشهورآهي. جهيڙي ۾ جڏهن چاليهارو ماڻهو مري ويا، تڏهن گذريل حڪومت پير سيف الرحمان کي صوبي بدر ڪيو ۽ مفتي شاڪر کي ترم حوالي. ٻنهي ڌرين جا ايف ايم ريڊيو اسٽيشن بند ڪيا ويا. شاڪر جي جيل وڃڻ کان پوءِ حاجي نامدار ۽ منگل خان ۽ سيفي همراهن جو تنازعو هلندو ۽ وڌندو رهيو، تان جو تازو تيراهه وادي ۾ اٺاويهه ماڻهن جا سر قلم ڪري ڇڏيائون. تازو منگل باغ وارن ٽيهارو کن مسيحي پاڪستانين کي پشاور مان اغواڪيو ويو ته سندن ڪردار عالمي ميڊيا ۾ اهم جاءِ والارڻ لڳو. انگريزي اخبارن ڏينهن ٻه اڳ اهي شه سرخيون لڳايون ته لشڪرِ اسلام وارا پشاور کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي سگهڻ جي سگهه حاصل ڪري چڪا آهن. مسيحي مسڪينن کي واگذار ڪرايو ويو آهي، پنج کن اڄ سوڌو يرغمال آهن، باقي ٽن سالن دوران تيرهان سئو کان وڌيڪ پٺاڻ انهيءَ باهمي مسلڪ ممڻ جو ٻارڻ بڻيا، پر سرڪاري سطح تي يا پاڻمرادو راڄوڻي طور طريقي سان جاندار امن ڪوششون ڪرڻ واري روشني ڪٿان به فراهم ڪا نه ٿي. هن وقت انصار الاسلام جي سرپرستي اهي عالم سڳورا ڪري رهيا آهن، جيڪي اليڪشن ۾ ويساهه رکن ٿا. اڪثريت جو تعلق جي يو آءِ سان آهي. ڏسجي ته اڳتي هلي پشاور آپريشن جا ڪهڙا ٿا نتيجا نڪرن، پر اها حقيقت آهي ته اسلحي سان طويل عرصي تائين امن قائم ڪرائي نٿو سگهجي.

    افغانستان ۽ پاڪستاني پختونستان جي مرض جو علاج آمريڪا وٽ آهي. آمريڪا صدر پرويزمشرف مان هٿ ڪڍي ته پوءِ لال مسجد کان ويندي وزيرستان ۽ ٻين قبائلي علائقن ۾ جيڪي ماڻهو ماريا ويا، اهڙي انياءَ کان متاثر ٿيندڙن جي هيانءَ تي ٿڌو ڇنڊو لڳندو. ٻئي نمبر تي افغانستان مان نيٽو فوجن جي واپسيءَ جو اعلان افغان بيلٽ مان موڪلائي ويل امن کي موٽائي سگهي ٿو. ٽيون افغانستان ۾ جڏهن جمهوريت کي تقويت فراهم ڪرڻ جا اهتمام ٿيندا، تڏهن وار لارڊ ازخود ڪمزور ٿي ويندا. چوٿون سفارتي سطح تي مغربي دنيا کي اها ڳالهه باور ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته توهان ۽ اسان جو ڀلو ان ڳالهه ۾ آهي ته تهذيبي جنگ تان توهان هٿ کڻو، اسان به ڊائيلاگ واري ٽريڪ تي انهن مزاحمت ڪارن کي آڻڻ جي ڪامياب ڪوشش به تڏهن ئي ڪري سگهنداسين. هن وقت ست سمنڊ پار وارن همراهن کي ته هندستان سان اسان جو مذاڪراتي عمل به منظور ناهي نه ته ايف سورهان جهازن جي پنجويهن سالن کان پوءِ پنج عدد فراهميءَ وارو اعلان تڏهن ڇا لاءِ ڪيو ويو، جڏهن پاڪستان جو پرڏيهي وزير دهلي ۾ پرناپ مکرجي سان اسلام آباد-دهلي دوررس اڪارڊن بابت اهم ڳالهيون ڪري رهيو هو. پٺاڻ گذريل ٽيهارو سالن کان جنهن جنگ جي حوالي ٿيل آهن، افغاني نسل وارا انهيءَ جنگ جنون جو محرڪِ اول آمريڪا کي سمجهن ٿا، جنهن آمريڪا کين سوويت يونين سان به وڙهايو ۽ پوءِ سموري افغانستان کي وار لارڊن حوالي ڪري خانه جنگي به ڪرائي ويو ۽ اڳتي هلي القاعده ۽ طالبان جي نالي ۾ نائن اليون جو ڏوهه درج ڪرائي ڏونگرن جي هن ڏيهه کي سرمو بنائي ٽيهارو لک کن انسان سوءِ مرقد روانا ڪرائي وڃڻ ۾ سوڀارو ٿيو. اهڙي آمريڪا لاءِ افغاني انسان ڪنهن به صورت ۾ ڪلمهءِ خير چوڻ لاءِ تيار ناهن.

    پاڪستان کي به پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ جو اڻ ڌريو جائزو وٺڻ گهرجي. پشاور وارو آپريشن طوالت اختيار ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته پٺاڻن کي پنهنجو بنائڻ واري راهه ۾ وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿيندا. آمريڪا هن ديس کي بنگلاديش جيان ڪنهن بئنڪار حوالي ڪرڻ گهري ٿو. هتي جون سياسي جماعتون بلوغت جو ثبوت نه ڏينديون ته سندن حشر حسينه واجد ۽ خالده ضياءَ جهڙو ٿيندو. آمريڪي چون پيا ته ارڙهن مهينن اندر ٻيهر پاڪستان ۾ چونڊون ٿينديون. ڇا هي ملڪ ۽ هتان جو عوام اهڙا اليڪشني ناز نخرا برداشت ڪرڻ جو متحمل ٿي سگهي ٿو؟ آمريڪا عوام جو سياست تان ارواهه کڻائڻ چاهي ٿو. پوءِ ”گليان هووڻ سچيان تي وچ مرزا يار ڦري“ وارو ماحول مرتب ڪرائڻ ۾ کيس روڪي به ڪو نه سگهندو.

    پاڪستان نه ته شيعا-سني محاذ آرائي جو متحمل ٿي سگهي ٿو، ۽ نه وري انصار الاسلام ۽ لشڪرِ اسلام جي نالي ۾ ڪنهن مذهبي جنگ جو ڪو فائدو ٿيندو. هن ديس جا نه ته ٻوليءَ جا فساد درد گهٽائي سگهن ٿا، ۽ نه وري بين الصوبائي تڪرارن واري باهه ڪو فائدو ڏئي سگهي ٿي. ”پشاور آپريشن“ خدا ڪري ته ڪنهن وڏي حادثي جو ڪارڻ نه بڻجي، ٻي صورت ۾ صدمه سهڻ جي سڪت هن سر زمين ۾ هاڻ رهي به ڪيتري آهي؟ ڇا اهلِ سياست پنهنجا انائن وارا اٺ ساجن سوائي واري پڙي ۾ فروخت ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟ ٻي صورت ۾ ديس ڪنهن نئين لاقانونيت ڏانهن وڃي سگهي ٿو.

    arbabnek@yahoo.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    اي!رچرڊ بائوچر




    جمع 4 جولاءِ 2008ع



    ”گائوچر“ ٿر لينڊ گرانٽ پاليسيءَ ۾ انهيءَ زمين جي ٽڪري کي چئبو آهي، جيڪا ڌرتي کيڙاپ جي دائري ۾ اچي نٿي سگهي. اهڙي خطهءِ زمين کي گائوچر ۽ چراگاهه طور ڪتب آڻي سگهجي ٿو. عالمي لينڊ گرانٽ پاليسي تحت اسان جي اقليم بائوچر جي گائوچر واري شناخت جي حامل اها چراگاهه آهي، جنهن جا سيمون ۽ سيڙها انهن جانورن لاءِ چارو فراهم ڪرڻ جا پائيبند هوندا آهن، جن چوپاين جي سرپرستي ست سمنڊ پار واري سرزمين کان ٿيندي هجي. عالي مرتبت رچرڊ بائوچر گگدام جي انهيءَ گائوچر جو جائزو وٺڻ لاءِ جڏهن قدم رنجه فرمائي رهيو هو، تڏهن رحيم يار خان جي رهاڪوءَ جو برٽش براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن تان ”بات سي بات“ وارو هفتيوار ڪالم به نشر پئي ٿيو. وسعت الله خان پاڪستان جو موازنو ڪمبوڊيا جهڙي ملڪ سان پئي ڪيو. عراق ۽ افغانستان جيان اوڻيهه سئو ستر واري عشري دوران ويٽنام به واشنگٽن جو مشقِ ستم رهندڙ اهو ملڪ هو، جنهن جون سرحدون ڪمبوڊيا سان ملنديون هيون. ويٽنام ته آمريڪي واچوڙي جي وڪڙ ۾ اچڻ کان پوءِ المناڪين جا ڪهڙا عالمي رڪارڊ حاصل ڪيا؟ اهو موضوع هن وقت داخلِ دفتر ڪجي ٿو پاڻ اچون ٿا جديد ويٽنام ”ڪابل“ ڏانهن جنهن جون بارڊري لڪيرون جديد ڪمبوڊيا سان ملن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته پٺاڻن جو ڊيورينڊ لائين واري لڪير بال به بيڪا ڪري نٿي سگهي.

    ”ربع صدي“ عربيءَ ۾ پنجويهن سالن کي چيو ويندو آهي. افغانستان ۾ پراڪسي وار کي ته اچي چاليهه سال ٿيا آهن، ميجر جنرل نصير الله بابر ۽ قاضي حسين احمد 1973ع ڌاري شهيد ڀٽي جي آشيرواد سان ڪابل يونيورسٽي ڏانهن ڪرها ڪاهي ويا هئا. پروفيسر عبدالرحيم نيازي، پروفيسر برهان الدين رباني، پروفيسر عبدالرب رسول سياف ۽ قاضي امين وقار پارا شروعاتي شڪار کين هٿ آيا هئا. احمد شاهه گيلاني ۽ صبغت الله مجددي جهڙيون پيراڻيون گاديون به هوريان هوريان هلچل جو حصو بڻيون هيون، پر ربع صدي واري رام ڪهاڻي تڏهن کان شروع ٿي، جڏهن کان سويت يونين کي ڪابل سرڪار ست سمنڊ پار واري سرمائيدار بلاڪ کان نجات ڏيارڻ لاءِ دعوت مداخلت ڏني هئي. سوويت يونين جي انهدام تائين ڏهاڪو سالن دوران ڪابل ڪهڙا ڪهڙا ڪوس ڏٺا؟ اهڙا تفصيل بيان ڪبا ته ”فاتح“ جهڙن سورمن جي ”اختر شماري“ زيرِ بحث ايندي. اهڙي ڪنهن به سرگرميءَ ۾ ملوث ٿيڻ سان ليني ڪي ديني پڙ جائين گي، پر اڌ ڪروڙ افغاني جديد ڪمبوڊيا جا مهمان بڻيا هئا ۽ سندن تشريف آوريءَ سان هيروئن، ڪوڪين، ڏوڏي، آفيم، چرس ۽ جديد اسلحي جي جملي حشر سامانين جو ارزان نرخن تي فروختگيءَ وارو ڪارِ خير هن اقليم ۾ ڪسادبازاريءَ جو شڪار ڪو نه ٿيو. دن دوگني ۽ رات چوگني ترقيءَ وارو اهو سفر اڄ به جاري آهي. رچرڊ بائوچر جي راڄڌاني جديد ڪمبوڊيا کي رڻ ۾ رولڻ جو اهتمام ڪيو آهي يا نه؟ اهڙن سماچارن لاءِ پاڻ کي مهر به لب رهڻ جڳائي ٿو، پر پاڻ ڀاڙيون ٿا نيويارڪ ٽائيمز جي ٻاويهين جنوري اوڻيهه سئو اسي واري شماري تي. اخبار لکي ٿي ته گذريل ارڙهن مهينن دوران پاڪستان پنجٽيهه هزار افغان باغين کي تربيت ڏني آهي، جيڪي قنڌار رستي پاڪستان موڪليا ويا هئا. تربيت جو عرصو ٽن کان ڇهن مهينن تي مشتمل هيو. ڀاري هٿيار هلائڻ کان وٺي ٽينڪ شڪن هٿيار استعمال ڪرڻ جي به ٽريننگ فراهم ڪئي وئي. هوڏانهن 21 جنوري 1980ع تي برلن مان افغان سفارتخاني طرفان فراهم ڪيل مواد به ميڊيا جي زينت بڻيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته 1978ع کان وٺي علاقهءِ غير ۾ سي آءِ اي جي ماهرن جي زيرِ نگراني افغان قبيلن جي تربيت هلي پئي. تازو جنهن سردار دائود جو لانگ بوٽ ذريعي جستِ خاڪي اجتماعي قبر مان اٺاويهن سالن کان پوءِ سڃاتو ويو آهي، انهيءَ دائود جو پرڏيهي وزير شاهه محمد دوست 5 جنوري 1980ع تي بيان ٿو ڪري ته افغانستان سان ملحق پاڪستاني ٽرائيبل ايجنسيز ۾ باغين کي تربيت ڏني پئي وڃي. اسان چيني، برطانوي ۽ آمريڪي هٿيار برآمد ڪيا آهن، جن هٿيارن کي پٺاڻن جا سينا پروڻ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. تن ڏينهن جي ميڊيا وڌيڪ لکي ٿي ته پاڪستان جون ست ڊويزنون افغانستان جي بارڊر سان بيهاريون ويون آهن. چين قراقرم شاهراهه تان جديد اسلحو افغان باغين لاءِ عنايت ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي پاڪ-آمريڪي ڳالهين دوران آغا شاهي کي سيڪريٽري آف اسٽيٽ سائرس وينس آٿت ڏني ته پينٽاگان طرفان ابتدائي مرحلي ۾ ملٽري ايئرڪرافٽ ۽ ماهر پائيلٽ ترت اماڻيا ويندا، جيڪي پاڪستاني ايئربيسن تان آپريٽ ڪندا. ٻئي مرحلي ۾ بحري ٻيڙا به پاڪستاني ساحلن تي بيهاريا ويندا، اڳتي هلي ڪري بري فوج جا ماهر پڻ مهيا ڪري ڏبا. آمريڪا جو ملٽري اسٽريٽجڪ پلان ڪجهه هن ريت آهي ته پاڪستان کي اولهه جو اهم اڏو بنايو ويندو. (ايف آر جي جرمن نيوز سروس 21-1-1980).

    جمي ڪارٽر جي صدارتي دور ۾ سرد جنگ جو سُٽ سلجهايو ويو يا الجهايو ويو، البته پارٽنرشپ واري پلاننگ دوران گهر ٻاري ڏياري ڪندڙ گهوڙا ٻاريءَ جي گهوٽن سان تعدي ته تمام خراب قسم جي ٿي آهي. بائوچري سفر سجايا آهن، يا اجايا، پر ڌڪ دشمن جو به وسارڻ نه گهرجي. ٻارهن فيبروي 1980ع ڌاري دهلي ۾ تڏهوڪي سوويت يونيني پرڏيهي وزير آندري گروميڪو دنيا جي مشهور ميڊيائي محاذن تان آمريڪا جي پاڪستاني ڪلهن تي رکيل بندوق بردار پاليسي اوپن ڪندي چيو هو ته، تازي آمريڪي فوجي پلان ۾ ٻين ملڪن ۾ مداخلت لاءِ جوابي فورسز مقامي ماڻهن تي مشتمل جوڙڻ اهميت اختيار ڪري ويو آهي. هندي وڏي سمنڊ ۽ ڊيگو گارسيا ۾ بحري نقل و حرڪت وڌائي ويندي، نوان فوجي اڏا قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي ڪشيدگيءَ واري گرم بازاريءَ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. افغانستان اندر جارحيت کي فروغ ڏيارڻ لاءِ اسلام آباد کي پل طور استعمال ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن پاڪستان پاڙيسرين سان ڦٽائي مسلسل انهيءَ راهه تي هلندو رهيو ته نيٺا نيٺ خساري ۾ ويندو ۽ پڪ سان پنهنجي آزاد اسٽيٽ واري خود مختيار اهميت وڃائي ڇڏيندو. تڏهن صرف غوث بخش بزنجو برملا پيو چوندو هو ته، افغان جنگ وارا هٿياربند جٿا نيٺ اسان جي گلي پوندا. سوويت يونين ته ڪو نه رهيو پر آندري گروميڪو جون ڳالهيون موجود آهن. ڇا پائليٽ کان آجا پرڏيهي جهاز جديد ڪمبوڊيا جو ڪريا ڪرم ناهن ڪري رهيا؟ تازو مهمند ايجنسي ۾ ايف سي اهلڪارن جي هلاڪت ٺلهي معذرت سان لئه مٽي ٿي سگهي ٿي؟

    سوويت يونين يارنهن سالن تائين ڪابل ۾ نيٽو فوجن جيان تشريف فرما رهيو آهي، پر ڪريملن جي ڪُت خلق ڪڏهن به ڊيورينڊ لائين ڊاهڻ جي جسارت نه ڪئي. رت هاڻي اها راند ٽيهارو لک کن پٺاڻ اينڊ سنز پنهنجا ڪري چڪي آهي. اهو خوني راند جو لا متناهي سلسلو ”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ جيان خبر ناهي ته ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟

    رچرڊ بائوچر صاحب! اسان جي رحم واري درخواست تي همدرداڻو غور به ٿيندو يا ”جلا ڪي راک نه ڪر دون تو داغ نام نهين“ جيان اسان جو جڻ ٻچو هڪ به سلامت رهڻ ڪو نه ڏيندئو؟ اي قبلا توهان افغان جنگ وارو ماسڪو-واشنگٽن ملاکڙو مچائڻ لاءِ مصر کان اخوان المسلمون پارا گروهه تشريف فرما ٿي رهيا هئا. عربستان مان عبدالله عزام ۽ اسامه بن لادن پارا هزارن جي تعداد ۾ ڪابل ۽ پاڪستاني ٽرائيبل ايجنسيز ۾گوريلا جنگ جا سپاهه سالار لڳا پيا هئا. اوهان اهي باريش برگيڊ وارا به فراموش ڪري ڇڏيا. ڪن کي سرينگر ڏانهن سورگ باش ٿيڻ لاءِ به اوهان جي آشيرواد سان اماڻيو پئي ويو، پوءِ جڏهن ڀارت مارڪيٽون ڏيڻ ۾ رنڊڪون ختم ڪيون ۽ ائٽمي جوهري معاهدي جو دلاسو ڏنو ته توهان سري نگر سپاهه سالارن مان به هٿ ڪڍيا. اصل ۾ ته سويلين سولجر بازاري سورما به ڏاڍا ڪي سادا هئا، جيڪي اوهان جي مهاراج پائيءَ جو شڪار ٿيا. توهان ”چڙهه جا بيٽا سولي پر رام ڀلي ڪري گا“ واريون پٻيون ڏيئي هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ ۾ سئو سيڪڙو ڪامياب ويا آهيو. اي بائوچر بابو! ڪم نڪرڻ ۽ ڪاغذ ڦاٽڻ واريون سموريون چوڻيون اوهان پوريون ڪيون آهن. افغانستان واري ويٽنام ۾ اسان کي ڪمبوڊيا بنائڻ ۾ به اوهان ماضيءَ جيان پاڻ ملهائي رهيا آهيو. ڪمبوڊيا تي به ساڳيا اسان وارا الزام لاڳو ڪيا تڏهوڪي صدر نڪسن. چئي، ويٽنام ۾ وائيٽ ڪانگ گوريلا ڪمبوڊيا مان ٿا اچن.

    عراق ۾ خطرناڪ هٿيارن جو ناٽڪ رچائي بغداد کي جديد دور جي چنگيز خاني ۽ هلاڪو خاني آگ حوالي ڪيو ويو، تيئن ڪمبوڊيا جو به ڪريا ڪرم ڪيو ويو، پر واٽر گيٽ اسڪينڊل ۾ صدر نڪسن جو اهو الزام سراسر ڪوڙو نڪتو. خدا ڪري ته ڪو واٽر گيٽ اسڪينڊل نڪسن جي جانشين لاءِ به آڌر ڀائي اهتمام ڪري. جنرل ضياءُ الحق ۽ سندس ”باقيات“ به اوهان سان ڪمبوڊيا جي مارشل لون جيان ڀرپور سهڪار ڪيو. پر اوهان جديد ڪمبوڊيا جي وجود لاءِ سواليه نشان اڻندا ٿا وتو. مذاڪراتي عمل وسيلي هٿيار بردار همراهن کي جيڪڏهن 1991ع کان ترت پوءِ ڪا پرامن سرگرمي فراهم ڪرڻ جو اوهان جي سربراهيءَ ۾ اهتمام ٿئي ها ته نائين اليون وارا مرحلا به عمل پذير ٿيڻ کان محروم رهن ها ۽ پاڪ-افغان پرابلم ويهارو سال اڳ جنيوا امن معاهدي واري ٽائيم تي اسلحه ڇوڙ صورت اختيار ڪري وڃي ها. تاريخ ۾ ڪابل تي ڪاهه وارو اوڻيهه سئو اسي واري عشري جو ڏوهه ته جمي ڪارٽر واري جمهوري ڏيهه تي لاڳو ٿي چڪو، توهان نيٽو جهڙي بديسي ”بهادرن“ هٿان افغانستان فتح ڪرڻ نڪتا آهيو، جتان جو عوامي مزاج اوپرن ماڻهن لاءِ اکڙي ڪهاڙي رهندو آيو آهي. ڪير سمجهائي اوهان کي ته هن سموري خطي جو امن داءَ تي لڳائڻ بدران اوهان ڪابل کي ڊيموڪريسيءَ وسيلي نئين دڳ تي آڻيو. نيٽو فوجن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۽ سينٽرل ايشيائي ملڪن، ماسڪو، بيجنگ، دهلي، تهران ۽ اسلام آباد جي گڏيل سهڪار سان افغان پرابلم کي نئون موڙ ڏيو. ٻي صورت ۾ جديد ويٽنام جو ته حشر الائي ڪهڙو ٿيندو. بائوچر صاحب! صدر پرويز مشرف اسان جو پنهنجو آهي، مزا ڪري، موجون ماڻي، تاحيات صدر رهي پر جڏهن اها ڳالهه سائين جن جي زبان مبارڪ مان ادا ٿئي ٿي ته پنهنجيون معنائون وڃايو ٿو ڇڏي. اوهان جا گهرو پرابلم هجن، يا قطرينا طوفان ۾ اوهان جي سول انتظاميا جو ناڪام ٿيڻ اهي ڳالهيون به پيرونمل ۽ پڊعيدن جي پبلڪ سان واسطو نٿيون رکن. يورو ڊالر کي دسي ٿو يا چين جي ڪرنسي ڊالري مارڪيٽ تي ڳجهن وارا لامارا پئي ٿي ڏي، تنهن بابت جهمپير ۽ جنگشاهي جي جوانن کي ڪا به دلچسپي ڪا نه آهي. آمريڪا جو عروج ۽ زوال ”آگي“ حوالي ڪري پاڻ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿا ڪريون اهليانِ آمريڪا کي ته ڀلائي ٿوري سان اسان جي احسانن کي ياد ڪريو، جيڪي اسان ٻه قطبي دنيا کي ڊاهڻ واري ميدان ۾ اوهان سان ٻانهه ٻيلي ٿي بيهڻ دوران ڪيا هئا. ويٽنام ۾ اوهان ڪامياب ٿيا هجو يا ناڪام، پر اوهان ڪمبوڊيا جو ته قيمو ڪري ڇڏيو هو. ناگاساڪي ۽ هيروشيما به اوهان جي نيڪين سان ڀريا پيا آهن. ويٽنام ۾ ته اوهان جا پنجونجاهه هزار فوجي هلاڪ ٿيا، پر اوهان به ويٽنام جي ڌرتيءَ کي اوڀڙ اڀارڻ وارين صلاحيتن کان محروم ڪري ڇڏيو هو. اسان کي خبر ناهي ته اوهان پاڪستان کي پٿر جي دور ۾ داخل ڪري ڇڏڻ وارا ٻول ٻولي هن اقليم کان انسدادِ دهشت گرديءَ جي نالي ۾ ڪي نوان ”بڊبير“ به حاصل ڪيا آهن، يا نه پر نڪسن جهڙي ريت پنهنجي اتحادي ڪمبوڊيا تي 3500 حملا ڪرايا هئا ۽ آمريڪا جي بي 58 جهازن هڪ لک ٽن وزن جيترا بم گولا اڇلايا هئا، اسان اهڙي ڪنهن ڪارِ خير جي خوشبوءِ کان وئون وڃون ٿا. ڪمبوڊيا ۾ اوهان کان ٽاهه کاڌل ۽ موت جي واديءَ ۾ تيراڪيءَ کان باقي بچيل خلق 1975ع ڌاري ڪميونسٽ انقلاب جو سهارو وٺڻ تي مجبور ٿي هئي. مارشل لون گادي واري هنڌ ”نوم پين“ مان فرار ٿي ويو هو ۽ ”کيمير روج“ راج ڪرڻ لڳا هئا، پر اسان ڄام ساقيءَ کي به تبليغي بڻائي چڪاآهيون. توهان کي نيٺ ويهارو سالن واري جنگ کانپوءِ به ويٽنام ۾ ”سياهه سوڀ“ نصيب ٿي هئي، اسان وٽ ته پليجو صاحب به ”سبز سوڀ“ جا خواب ڏسي رهيو آهي. پاڪستان جيان ڪمبوڊيا به ويٽنام جنگ کان اڳ ۾ پُرامن ملڪ هيو. ويندي ڪميونسٽ انقلاب جي نالي ۾ تڏهوڪن منگل خانن جيڪي ”جهنگلستان“ جوڙيا هئا، تن ٻيلن ۾ کيمر روڄ رضاڪارن هٿان ڏهه لک انسان هلاڪ ڪيا ويا، چاليهه لک رفيوجيز بڻجي جهنگلن ۽ ٻيلن ۾ وڃي لڪا. تباهيءَ جو اهو سلسلو اتي تمام ڪو نه ٿيو، 1978ع ڌاري سوويت يونين جون فوجون ڪمبوڊيا تي ڪاهي آيون. چئي توهان چين جا طفيلي بڻجي رهيا آهيو! چين به پنهنجي طفيلي رياست کي بچائي ڪو نه سگهيو. ڪمبوڊيا جون حالتون ڪراچي جهڙي شهر کي ابتدائي دارالحڪومت رکندڙ اقليم سان به لاڳو ٿي سگهن ٿيون.

    آصف زرداري به چوي پيو ته اقليم جو شيرازو منتشر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ٻيون سڀ ڳالهيون وساري ڇڏڻ گهرجن. زرداري ائين به فرمايو آهي ته خدا ناخواسته ڪو حادثو پيش آيو ته اسان کي ڪو به ملڪ ”ميزباني“ فراهم ڪو نه ڪندو، سو اي اسان جا مهربان عاليشان رچرڊ بائوچر صاحب! توهان مهيني ماسي وطن عزيز پاڪستان بابت پريشانيون پري ڪرڻ لاءِ پنڌ پئو ٿا ۽ پنهنجا پير پٿون ٿا ڪريو! اوهان جو هر حڪم اسان اکين تي رکندا آيا آهيون، هڪڙي رحم جي درخواست اسان جي به اوهان جي درٻار ۾ ڌيان لهڻي ٿي. اوهان ملان عمر ۽ اسامه بن لادن جهڙا جواز گهڙي اسان کي وڌيڪ آزمائش ۾ مبتلا ڪندئو ته پوءِ مجبوريءَ ۾ ماڻهو منگل خان جهڙن گڊز ٽرانسپورٽ جي ڪلينرز کي پنهنجو نجات دهندهه سمجهندا ۽ اسان جي اقليم طوائف الملوڪيءَ جي طوفان ۾ گهيرجي ويندي.

    arbabnek@yahoo.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    عوامي راڄ جي خاتمي وارو ڏينهن ڀٽو فيڪٽر ۽ پيپلز پارٽيءَ جو مستقبل!

    ڇنڇر 5 جولاءِ 2008ع

    ايڪٽيهه سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي جنهن پ پ کي اقتدار مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو، ڇا پاور ڪاريڊور مان هن جماعت جي ”جلاوطنيءَ“ لاءِ فقط ديسي الزام ئي درست هئا، يا ڪي انٽرنيشنل اسٽيڪ هولڊرز ڪن بين الاقوامي مقصدن خاطر سر شاهنواز جي بئريسٽر پٽ کي عبرت جو نشان بڻائڻ لاءِ آتا هئا؟ بلوچستان آپريشن جو ”بهتان“ هجي يا اپوزيشن سان ناروا سلوڪ، ڊي پي آر جهڙا جڙتو قانون هجن يا جعلي انتخابات. سعد رفيق جي پيءُ خواجا رفيق جو قتل هجي، يا ڊاڪٽر نذير جهڙي ايم اين اي جو موت، نواب محمد احمد خان جي رحلت هجي يا منير مينگل جي موڪلاڻي... الزامن جي هڪڙي ڊگهي فهرست آهي پ پ جي ستر واري عشري دوران جڙندڙ سرڪار تي فردِ جرم عائد ڪندڙن وٽ ڪي الزام زيبِ داستان کي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا، ته ڪن ڏوهن جو سرڪار سڳوريءَ هٿان سر زرد ٿيڻ حقيقت تي مبني هو. پ پ سرڪار کي پاور مان پرانهون ڌڪڻ لاءِ جيڪي سياسي محاذ تي منصوبا جڙيا پئي اهڙي پلاننگ جو هڪڙو اهم حصو هو پاڪستان نيشنل الائنس جو قيام...9 پارٽيون گڏائي جيڪو محاذ کڙو ڪيو ويو هو، ان ”قومي اتحاد“ ۾ ولي خان، شير باز مزاري، ايئر مارشل اصغر خان، پير سائين پاڳارو، مفتي محمود، مولانا مودودي، خان اشرف خان ۽ مولانا شاهه احمد نوراني جهڙا ناميارا سياستدان شامل هئا...”9 ستارا ڀيڄ پاڳارا“ جو نعرو سنڌ سطح تي ٻڌڻ ۾ ايندو هو. بلوچستان، اين ڊبيلو ايف پي ۽ پنجاب ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پ پ لاءِ نوان نوان نعرا ايجاد ڪيا هئائون. جلسن جي حوالي سان پي اين اي عوامي ليگ جي سن ستر وارن اوڀر پاڪستاني جلسن جون سڪون لاهي رهي هئي...ڪافي ماڻهون جلوسن جي بهاني سان لقمهءِ اجل به بڻيا...هن داستان درد جي رام ڪهاڻيءَ جو تذڪرو ايترو ضروري ته ناهي پر ياد ماضيءَ کي عذاب قرار ڏيندو مرزا غالب....پ پ سرڪار تي اهي به الزام لڳا ته اليڪشن اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي بنياد تي ٿيا هئا، جڏهن اوڀر پاڪستان ”بنگلا ديش“ ۾ تبديل ٿي ويو آهي ته پوءِ باقي بچيل پاڪستان ۾ نئين سر چونڊون ٿيڻ گهرجن ها...اوڻيهه سئو ستر واريون چونڊون ڪنهن حد تائين ”منصفاڻيون“ قرار ڏجن ته انهيءَ ۾ مبالغي جي آميزش گهٽ نظر ايندي. اليڪشن ڪمشنر شايد بنگالي هو، ان ڪري شفافيت وارو مصالحو وڌيڪ پئجي ويو هو. جسٽس عبدالستار جي چيف اليڪشن ڪمشنريءَ واريون اهي چونڊون تڏهوڪي صدر آغا يحيٰ ۽ سندس همنوائن کي هضم ڪو نه ٿيون هيون. همراهن ڇاونجاهه سيڪڙو آبادي وارو پاڪستاني ڀاڱو ته قربان ڪرڻ پسند ڪيو، پر بنگالي ليڊر شيخ مجيب جي جماعت ”عوامي ليگ کي اقتدار جي فراهمي کين گوارا ڪين ٿي...پ پ تي عوامي ليگ بدران پنڊيءَ سان ٻٽ رهڻ واريون تهمتون به لڳيون. حقيقت حال جي خبر خاوند کي، پر جڏهن پ پ سرڪار جو قيام عمل ۾ آيو ته سنڌ ۾ ٻولي وارا فساد شروع ٿي ويا. ٽئليٽيڊ ڪزن کي لاهي جتوئي صاحب کي سنڌ جو ”بادشاهه“ بنايو ويو ته ڪي قدر ٺاپر آئي حالتن ۾... هوڏانهن چند مهينن اندر پ پ سرڪار بلوچستان سرڪار کي ڊسمس ڪري ڇڏيو. عطاءُ الله مينگل جي وڏ وزارت ۽ غوث بخش بزنجو جي گونريءَ کي چلتو ڪرڻ وارو قدم اين ڊبليو ايف پي جي سندن هم منصبن ۽ اتحادين کي ناگوار لڳو ۽ مفتي محمود وڏ وزارت تان ۽ ارباب سڪندر خان خليل گورنريءَ تان احتجاج طور استعيفائون ڏنيون. خير اها ڳالهه نامڪمل ڇڏجي ٿي...تنهن هوندي به پ پ جو عوامي مقبوليت وارو گراف ڪافي حد تائين برقرار هو. ڀٽي صاحب وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪيو ۽ آغاز هن ريت ڪيائيون ته پاڻ ۽ سمورا چيف منسٽر ۽ اڪثر ايم اين اي بلا مقابله کٽرائڻ لاءِ سامهون بيٺل اميدوارن سان جيڪو سهڻو سلوڪ روا رکيو ويو هو، اهڙي رويي تي ”جمهوريت“ به دم بخود بڻجي پنهنجي مٿي ۾ پاڻ ڌوڙ پئي وڌي...اهو اهتمام ڪنهن ڪرايو...شاهه کان وڌيڪ بادشاهه جي ”بيوفا“ بيوروڪريسي. تازو ڪافي تعداد ۾ همراهن کي جنهن جرئت سان بلا مقابله ڪامياب ڪرايو ويو آهي، اها ريهرسل ايندڙ اليڪشن لاءِ آهي ته پوءِ ٻيهر ڪو پي اين اي پڪ سان ٺهي سگهي ٿو.

    اهي ٿيون ظاهري علامتون پر پروفيسر عبدالغفور احمد لکي ٿو ته، سي آءِ اي جي پلاننگ سان شهيد ڀٽي کي عبرت جو نشانو بڻائڻ لاءِ اسان کي استعمال ڪيو ويو...هي گواهي ڪير پيو ڏي...پي اين اي جو تڏهوڪو مرڪزي سيڪريٽري جنرل...مغربي دنيا ۽ واشنگٽن کي افغانستان هٿان ”سوويت يونين“ جو ڪريا ڪرم ڪرائڻو هو. عوامي ليڊر کي من و عن بين الاقوامي فرمائشن جي قبوليت ۾ بيشمار تحفظات هئا...هينري ڪسنجر وارن چيو ته، جالنڌري جوان سندرا ٻڌ...پوءِ اعجاز الحق جي ”ابا جان“ کي ميدان ۾ لاٿو ويو ۽ هن ڇا ڪجهه ڪو نه ڪيو...رچرڊ بائوچر واري راڄ کي هن وقت صدر پرويز مشرف جي ايتري اڻ تڻ ڇا لاءِ آهي؟ ظاهر ڳالهه آهي ته ديس جي دردندن جي دوريءَ لاءِ بظاهر جيڪي ملهه ميدان ۾ لاهبا آهن، پس پرده ته ڪي ٻيون رام ڪهاڻيون هونديون آهن. ”اسٽيڪ هولڊرز“ جي هن فهرست ۾ بديسي آقائن کي صفِ اول ۾ بيهاري اهڙي موضوع تي پوءِ گفتگو ڪجي، نه ته حقيقت حال کان ٿوري گهڻي واقفيت به وساري ويهي رهنداسين...پ پ اڄ به ملڪ ۾ موجود آهي ۽ آهي به پنج جولاءِ اوڻيهه سئو ستهتر جيتري پاپولر...شهيد ڀٽي کي جڏهن تختهءِ دار ڏانهن وٺي پئي ويا، انهن ڏينهن ۾ ڏاڍي خاموشي پئي نظر آئي...1983ع واري ايم آر ڊي تحريڪ ڀٽي صاحب سان محبت جا سڀ قرض لاهي ڇڏيا...اڳواڻي ڪري رهيو هو رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي...ڪير آهي جيڪو جتوئي صاحب جي انهي جرئت تي کيس خراج تحسين پيش ڪري...پنج جولاءِ 1977ع کان پوءِ پ پ ڪارڪننن ۽ ڀٽي خاندان جي خواتين و حضرات کي ڪهڙيون ڪهڙيون مشڪلاتون ڏسڻيون پيون...جس آهي محترمه بينظير کي جنهن 26 سالن جي ڄمار ۾ يتيميءَ جو منهن ڏسڻ باوجود ”بهادريءَ“ سان پنهنجي والد مرحوم جي پوکيل پوک کي سنڀاليو ۽ ٻنهي ڀائرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنجيدگيءَ سان ”ڪامياب سياست“ وارو ڪريڊٽ ماڻيائين...اسٽينلي وولپرٽ لکي ٿو ته، ذوالفقار علي ڀٽي جي ڀيڻ بينظير ننڍپڻ ۾ گذاري ويئي، جنهن سان کيس حد کان وڌيڪ پيار هو. موصوف کي جڏهن دختر عطا ٿي ته مٿس نالو پنهنجي پياري ڀيڻ وارو ”بينظير“ رکيائين. ڀٽي جي تربيت جو نرالو انداز هو. هن کي متحده پاڪستان جو آخري مقدمو وڙهندي جڏهن گڏيل قومن واري سلامتي ڪائونسل ۾ تقرير ڪندي ڏسون ٿا ته پسمنظر ۾ ننڍڙي بينظير به موجود ٿي نظر اچي...تڏهن ”پنڪي“ آڪسفورڊ مان آخري امتحان اعليٰ مارڪن سان پاس ڪيو هو. پوءِ شملي معاهدي ۾ به هو سڪيلڌي ڌيءَ کي ساڻ وٺي ويو هو، پر کيس چيو هئائين ته پاڻ شڪست خورده ملڪ جو مقدمو وڙهڻ وڃون پيا. پنهنجا نوي هزار همراهه ڀارت جي قيد ۾ آهن. توهان کي هن پوري سفر ۾ مرڪڻو ناهي ۽ نه وري مغموم رهڻو آهي. نارمل طريقي سان پيش اچڻو آهي...محترمه جي تربيت جي ڀيٽ ۾ ڪن نو وارد سياستدانن کي ڏسجي ٿو ته ”ڊنٽونڪ پائوڊر“ وارو اشتهار به ڪر کنيو اچيو سامهون بيٺل نظر اچي ٿو...

    هي پنجين جولاءِ محترمه جي ظاهري وجود کان خالي آهي...”اسٽيڪ هولڊرز“ کان ويندي مقامي مافيائن، دوستن ۽ سياسي سفر جي رقيبن ۽ رفيقن سان جنهن موزون طريقي سان مامرا اڪلائڻ گهرجن اهڙي موزونيت جو جائزو وٺڻ لاءِ تن مثالن تي اڪتفا ڪريون ٿا (1) تازو سسئي ڀٽو به تشريف فرما ٿي آهي. ڀٽو خاندان سان محترمه جي شهادت کانپوءِ صلح صفائيءَ لاءِ جديد ليڊر شپ کي ڪهڙا ڪشالا ڪڍڻ گهرجن ها؟ اهي صلاحون سامهون اچي چڪيون هيون پر هن راهه تي مسافرن تمام گهٽ توجهه ڏني آهي. اهو اشو مقامي ۽ بين الاقوامي ”اسٽيڪ هولڊرز“ لاءِ ڪارائتو بڻائڻ بدران پ پ لاءِ فائديمند بڻائڻ جي ضرورت آهي پر چاڙهو ناهي جديد چوڌرين ۾. (2) مخدوم امين فهيم ۽ ٻين سينيئرز جون شڪوا شڪايتون دور ڪرڻ جي راهه ۾ به ڪي روهيڙا پوکڻ واري روش نظر نٿي اچي. اهو موضوع به پ پ لاءِ لاڀائتو ناهي رهيو... (3) ضمني اليڪشن دوران پنجاب ۾ جتي سلمان تاثير ورڪ ڪرڻ ويو هو، اتي پ پ شڪست سان دوچار ٿي آهي. نون ليگ ۽ پ پ اڪثر سيٽن تي گڏيل اميدوار بيهاريا هئا پر ٻن سيٽن تي دوبدو مقابلو ٿيو هو پر ٻئي سيٽون نواز ليگ وارا کٽي ويا. راڻو ثناءُ الله فيصل آباد مان ۽ فدا حسين ڪالو بهاول نگر مان ڏهه ڏهه هزار جي مارجن سان سوڀارا ٿيا...قاسم ضياءَ، خرم وٽو ۽ قيصر محمود سنڌو نواز ليگ جي حمايت سان ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته مظفر ڳڙهه ۾ عبدالقيوم جتوئي جي خالي ڪيل سيٽ تان سندس فرزند طارق جتوئي کي هڪڙي بخاري سيد شڪست ڏني آهي. جتوئين وٽ ضلعي جي ناظمي به آهي ته پ پ جي ٽڪيٽ به کين مليل هئي. هوڏانهن جهانيان منڊيءَ مان مخدوم شاهه محمود قريشي جي خالي ڪيل سيٽ تان سندن ڀاءُ مخدوم مريد حسين قريشي ٻارهان هزار ووٽن تان هارايو آهي. ڪرم داد واهلي کي شاهه محمود صاحب ارڙهين فيبروري تي ساڳئي سيٽ تان ٽن هزارن جي ليڊ سان شڪست ڏني هئي. هن تڪ تي وزير اعظم پاڻ بنفسِ نفيس تشريف فرما ٿيو هو ۽ ترقياتي اسڪيمن جا فراخدلاڻا پئڪيج به فراهم ڪيا هئائين. سنڌ مان ملتاني مرشدن جا مريد به وڏي انگ ۾ جهانيان منڊي واري دنگل لاءِ پهتل هئا، پر پ پ کي اتان عبرت ناڪ هار ملڻ تي دنيا حيران ۽ پريشان آهي.

    مظفر ڳڙهه ۽ بهاولنگر جي تڪن تي گورنر صاحب به حاتم طائيءَ واري سخا سان ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ جا اعلان ڪيا هئا. فدا حسين ڪالو کان ويندي واهلي ۽ بخاري صاحب تائين جن پ پ اميدوارن جي ڀيٽ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، اهي سيٽون سرائيڪي بيلٽ سان تعلق رکن ٿيون. وزير اعظم جو صاحبزادو سيد عبدالقادر شاهه جيلاني فنڪشنل مسلم ليگ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود جي ڇڏيل سيٽ تان ڪامياب ٿيو آهي، سو به پير سائين پاڳاري جي ساهريجن واري جمالدين والي جهڙي علائقي مان.

    پنج جولاءِ پ پ لاءِ خود احتسابيءَ جا اڪيچار موضوع کڻي سامهون آيو آهي. ڇا پ پ پنهنجين صفن جي درستگيءَ لاءِ تيار آهي؟ ڇا پ پ مخدوم امين فهيم کان ويندي اعتزاز احسن تائين کي حقيقي معنيٰ ۾ گڏ کڻڻ لاءِ راضي آهي، يا واقعي به انهن کي ڌڪي ڌار ڪرڻ جو طئي ڪيو ويو آهي؟

    arbabnek@yahoo.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ڊاڪٽر خان جي بيانن کان پوءِ...




    سومر 7 جولاءِ 2008ع



    جاپاني نشرياتي اداري ”ڪيوڊو نيوز“ ۽ آمريڪي نيوز ايجنسي ”اي پي“ کي ٽيليفون ذريعي ڊاڪٽر عبدالقدير خان جيڪي انٽرويوز ڏنا آهن، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي اهڙن انڪشافي چوڪن ۽ ڇڪن جو تذڪرو طمطراق سان جاري آهي. مبصر ڊاڪٽر خان جا تازا انڪشاف انهيءَ محدود آزاديءَ سان منسلڪ ڪري رهيا آهن، جيڪا گذريل مهيني کان کيس حاصل رهي آهي. غير جانبدار تجزئي نگار ائين به لکن پيا ته جيتوڻيڪ ائٽمي سائنسدان جا بيان ملڪ لاءِ نئون ڏچو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا، پر هن پاران هڪ مخصوص اداري کي ٽارگيٽ بڻائڻ وارا بيان محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ان موقف جي آبياري ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ محترمه فرمايو هو ته:” جيڪڏهن مون کي حڪومت ملي ته آئون عالمي ماهرن جي ڊاڪٽر خان تائين پهچ کي يقيني بڻائينديس“. بينظير ڀٽو جي المناڪ شهادت جا پيرا هڪ حوالي سان سندس انهيءَ راءِ جي آزاداڻي اظهار واري جرئت منداڻي قدم ڏانهن به وڃن ٿا... سندس انهيءَ راءِ تي راءِ زني به نهايت وضاحت سان ٿي هئي. سندس سياسي مخالفن جو خيال هو ته محترمه اهڙي پاليسي اپنائي آهي، جنهن جي پايهءِ تڪميل تي پهچڻ سان ”پنڊيءَ“ جو شيرازو ٽڙ پکڙ ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته سندس حامي انهيءَ راءِ جا هئا ته جيئن ته اتر ڪوريا کان ويندي ٻين جن به ملڪن بابت شڪ اٿاريا ويندا رهيا آهن ته انهن کي سينيٽري فيوجز ڏنا ويا هئا، اهڙي مواد کي کڻي وڃڻ ايترو آسان ته ڪو نه هيو... جي واقعي ويا آهن ته پوءِ اهي ثقيل اوزار ڪنهن اُڏند کٽولي تي چاڙهي ئي دور دراز ملڪن تائين رسايا ويا هوندا. اهڙن واپاري ليکن چوکن واريون بنديون به عام خاص هر ”مهاجن“ وٽ ته ڪو نه هونديون.

    ڊاڪٽر خان جي الزامن کي رد ڪندڙ ڌرين ئي ته هاءِ گهوڙا پئي ڪئي ته ڀلائي ٿوري سان محترمه جي موت واري ”سازش“ بابت اقوام متحده کي درخواست نه ڏيو، نه ته ”پينڊورا باڪس“ کلي ويندا، جيڪي اقليم کي منتشر به ڪري سگهن ٿا... اصلي تي وڊي سرڪار جي اهڙي خيال کي مارڪيٽ ۾ مشاهد حسين سيد جهڙا سويلين سولجر اوپن ڪري رهيا هئا. پ پ جي هاڻوڪي سرڪار ٽن مهينن جي طويل انتظار ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي دٻاءَ کي سهندي به نيٺان نيٺ گڏيل قومن اڳيان تفتيش ۽ تحقيق واري ”درخواست“ پيش ڪري ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ سرڪار رفيق الحريريءَ جيان ڪنهن ڪميشن قائم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ناهي ڪئي، جنهن مان ڪن شڪي مزاج مبصرن جو خيال آهي ته هن حڪومت عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اپيل رواني ڪئي آهي. جڏهن ته اپيل جي مسودي کي اهڙو مڪسچر مصالحو بڻايو ويو آهي، جنهن سان جيڪڏهن اقوام متحده جي ڪا ٽيم آئي به سهي ته سندس دائره ڪار حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ جهڙو ئي هوندو. واضح رهي ته بنگالي جج مسٽر جسٽس حمود الرحمان جي سرواڻيءَ ۾ 1973ع ڌاري شهيد ڀٽي هڪڙي ڪميشن قائم ڪئي هئي. ڪميشن کي اوڀر پاڪستان جي علحيدگيءَ جا سبب اسباب ته تلاش ڪرڻا هئا، البت ڏوهارين جي واضح نموني سان چٽائي ڪرڻ کان ڪميشن کي آجو رکيو ويو هو.

    هڪڙن همراهن جو خيال آهي ته اوچتو اي ڪيو خان جيڪو ڏڪائيندڙ بيانن جو سلسلو شروع ڪيو آهي، اهڙي منصوبي پٺيان اهي لابيون آهن، جن چوڌري افتخار کان ويندي ايڪس سروس مين جهڙن جهور پوڙهن کي منظر عام تي آڻي، دهلي ڄائي سان دو بدو ڪيو هو. ڪي سائين جا سنواريا اهڙا به بهتان مڙهي رهيا آهن، ته ڀارت ۽ اسرائيل ئي اهي سازشون ڪري رهيا آهن. اهڙا همراهه دليل طور چون ٿا ته اسيءَ واري عشري دوران انڊيا ٽائيمز جي ايڊيٽر ڪلديپ نيئر کي تڏهوڪي ”دي مسلم“ جي ايڊيٽر مشاهد حسين سيد جي معرفت ڊاڪٽر خان سان ملايو ويو هو. اها ملاقات به دهلي ۽ تل ابيت جي اشارن سان ممڪن بڻي هئي... سادگيءَ کي پَر هجن ته ڪڏهوڪو وڃي دهليءَ جي لال قلعي تي تشريف فرما ٿئي... ڪلديپ نيئر ڪهنه مشق صحافي آهي. هن هتان هتان جون جام خبرون ڪيون، پر اي ڪيو خان اصل موضوع ڏانهن انڪشاف گفتگوءَ کان پرهيز ڪري رهيو هو. نيئر سوال ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب! راجا رامڻ کي سڃاڻو ٿا؟ ”ڇو نه! هو ڪرناٽڪ جو رهاڪو آهي. آئون ڀوپالي آهيان. هن ڪنگز ڪاليج لنڊن مان ائٽمي طبعيات ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. هو ”هو مي ڀاڀا“ سان ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف ريسرچ ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هن کي عراقي سرڪار ائٽم بم ٺاهڻ لاءِ وڏي پئڪيج سان آفر ڪئي هئي، پر هن چيو هو ته منهنجو سڀ ڪجهه مهاڀارت آهي. ڏهه سال هو توهانجي ڀاڀا ائٽمي تحقيقي مرڪز جو سربراهه رهيو آهي. هن ئي 1974ع ۾ ائٽمي ڌماڪي واري هندستاني ڪريڊٽ کي ممڪن بڻايو هو... ڇا ٿو پڇڻ چاهين... منهنجا من!“ ڪلديپ ڏٺو ته هاڻ لوهه تتل آهي... چيائين”ڊاڪٽر صاحب! راجا راوڻ چوي ٿو ته پاڪستان ڪنهن به قيمت تي ايٽم بم ٺاهڻ جي اهل ئي ناهي. کيس ري پروسيسنگ پلانٽ کان ويندي ٻيون گهربل ضرورتون ڪٿان به حاصل ٿي ڪو نه سگهنديون.“ اوچتو اي ڪيو خان ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو. ٻئي ٻانهون پاڻ ۾ ملائي، زور زور سان فاتحاڻي انداز سان چوڻ لڳو ته: ”مسٽر نيئر... چئي ڇڏ پنهنجي راجا راوڻ کي ته هاڻ وڃي آرام سان ننڊون ڪري. پاڪستان ائٽم بم ٺاهي ڇڏيو آهي، ٺاهي ڇڏيو آهي، ٺاهي ڇڏيو آهي...“ ڪلديپ ۽ مشاهد جو کيل مڪمل ٿي چڪو هو. هنن موڪلاڻي ڪئي، پر ٻئي ڏينهن دنيا جي وڏي ۾ وڏي خبر اها هئي ته خيرن سان پاڪستان ائٽمي طاقت ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. چون ٿا ته اهو سمورو اهتمام جنرل ضياءَ پاڻ ڪرايو هو. بظاهر ”دي مسلم“ جي مديريءَ کان مشاهد کي محروم ڪيو ويو، پر پوءِ به مشاهد وڏي سرڪار جو ”مشير خاص“ وارو عهدو ويهن سالن جي طويل عرصي گذري وڃڻ باوجود اڄ تائين ناهي ڇڏي سگهيو... پهتل پرين ڪڏهن ريٽائر به ٿيندا آهن ڇا؟

    سرڪاري سطح تي اڄ به چيو پيو وڃي ته ڊاڪٽر قدير جو باب بند ٿي چڪو آهي. آصف صاحب به فرمائي چڪو آهي ته ڊاڪٽر خان بابت تن کان پڇو، جن کيس سوگهو ڪيو آهي. هوڏانهن ڪي ڌريون موصوف لاءِ ڊاڪٽر عبدالڪلام وانگر پاڪستاني صدارت وارو ڪڻو به ڪڍنديون رهيون آهن. ڪن ايئن به چيو پئي ته کيس ڪنهن به صورت ۾ ”آءِ اي اِي اي“ حوالي ڪو نه ڪنداسين، تفتيش لاءِ... ڪي فرمائين پيا ته کيس آمريڪا حوالي ڪريو، ڇاڪاڻ ته سندس رفيق سلطان بشير الدين محمود به اها سعادت ماڻي چڪو آهي، وغيره وغيره. مارڪ ٽيلي اوڻيهه سئو ستهتر جي جون مهيني جي ستاويهين تاريخ تي شهيد ڀٽي کان پڇي رهيو هو ته ”سائين! لڳي ٿو ته گيم فنش ٿي چڪي!“ شهيد وراڻيو هو:”نو نو گيم ته اسٽارٽ ئي هاڻ ٿيندي.“ مارڪ ٽيلي واري سوال ۾ حڪومت جو اختتام جهلڪي رهيو هو، جيڪو ڏهن ڏينهن کان به اڳ ٿي ويو، پر شهيد ڀٽي جي شهادت سان جيڪا عوامي راند شروع ٿي آهي، اهڙي ”گيم“ جو ته خاتمو ٿيڻو ئي ناهي. تيئن ڊاڪٽر خان جو باب بند ڪرڻ وارو سرڪاري اعلان اکين تي... پر لڳي ٿو ته اهو باب ايترو آسانيءَ سان بند نه ٿيندو. عالمي ميڊيا اهي افواهون پکيڙڻ ۾ مصروف آهي ته اي ڪيو خان جي نيٽ ورڪ مان ”ڊرٽي بم“ ٺاهي، طالبان حوالي ڪرڻ جا ثبوت ملي چڪا آهن... ڊاڪٽر خان وڏي طمطراق سان شهيد ڀٽي جي ساراهه جا ڍڪ ڀري رهيو آهي ۽ پ پ سرڪار اهڙي تعريف کي هاڻوڪين عالمي حالتن جي تناظر ۾ پنهنجي لاءِ مفيد محسوس نٿي ڪري. خان، شهيد راڻيءَ کي ميزائيل ٽيڪنالاجيءَ جي حصول جو ڪريڊٽ عنايت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پ پ سرڪار عالمي ادارن جي نظرن ۾ ”مشڪوڪ“ بڻجڻ لاءِ آماده نظر نٿي اچي.

    بهرحال 28.5.2008 کان جيئن ئي اي ڪيو خان کي ٽيليفون تي ڳالهائڻ جي رعايت ملي آهي، موصوف عمر عزيز جي انهن الوداعي ماهه و سالن جو پورو پورو فائدو وٺي رهيو آهي. موصوف خاص کاتي کي ته ٽارگيٽ بنائي چڪو آهي، پر سندس هدف آهي عاليجناب عزت ماب صدر مملڪت سيد پرويز مشرف صاحب! اها راز واري ڳالهه ته خود پرويز مشرف صاحب پنهنجي ڪتاب ”ان دي لائين آف فائر“ ۾ به لکي چڪو آهي... پرويز مشرف صاحب جا مورڙي جي ماڳ وارا ”وڪيل صفائي“ اهل زبان هوندي به اي ڪيو خان تي تمام گهڻا برهم آهن. تازو مورڙائي محل وقوع ۾ جيڪا محفل متي هئي، ”مهاجنن“ ۽ بزنس ڪميونٽيءَ جي... ان ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو ”سر بهاري“ ڳائيندڙ سريلن راڳين... چئي ڪير ٿيندو آهي قدير خان... هن ته پئسا وٺي جوهري اوزار پکيڙيا آهن... هو ته هائيلينڊ مان ٽيڪنيڪي نقشا چوري ڪري آيو هو، هن جا ته پرڏيهه ۾ پئسن جا انبار لڪايل آهن... قدير خان جي مقابلي لاءِ مورڙائي ميربحرن جيڪي راڳڻيون مرتب ڪيون آهن، تن تي تان سين جي روح به توانائي ضرور حاصل ڪئي هوندي. سر درٻاري به لک لهي ٿو، پر ”سُر بهاريءَ“ کي ته پڄي به نٿو سگهجي... “... اي ڪيو خان جي سگهڙ سياڻي گهر ڌياڻي هينڊرينا خان بئريسٽر جاويد اقبال جعفريءَ جي توسط سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سندس شوهر نامدار جي رهائي ۽ مٿس مورڙي جي ماڳن تان لڳندڙ الزامن جهڙن بهتانن بابت پٽيشن داخل ڪئي آهي. چئن صفحن جو سندس بيان به عدالت عاليه جي ملڪيت بڻجي چڪو آهي. چيف جسٽس، جسٽس سردار محمد اسلم اهڙي پٽيشن کي قابل سماعت قرار ڏيڻ جا احڪامات جاري ڪري چڪو آهي. سامهين فريق جي سڀني سياڻن ڏانهن نوٽيس به روانا ٿي چڪا آهن... بئريسٽر جعفري سندس ڪيس مفت ۾ پيو وڙهي... ٻئي ڪئنسر جا مريض ۽ لنگهوٽيا يار آهن. تازو بئريسٽر جي پنهنجي موَڪل سان ملاقات واري ڪهاڻي تصويرن سان سامهون اچي چڪي آهي. ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي رام ڪهاڻيءَ جون ميڊيائي جهلڪيون ته کڻي حڪومتي بندشن سان بند ٿي وڃن، پر جيڪي فائر ٿي چڪا آهن، تن جو پڙاڏو ڏيهن جا ڏيهه ٻڌي چڪو آهي. اهڙي انڪشافي طوفان کان پوءِ هڪ ته پاڪستان ٻيهر عالمي سطح تي نئين حوالي سان موضوع بحث بڻجندو. جڏهن ته ڪورٽ ۾ خان جي ڪيس واري ڪهاڻي به ميڊيا لاءِ مواد فراهم ڪندي رهندي.

    ڊاڪٽر خان واري تشهيري مهم تڏهن بامِ عروج تي پهتي آهي، جڏهن خود اتر ڪوريا پنهنجي سموري ائٽمي پروگرام کي آگ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. کيس عالمي دنيا منٿ ميڙ لاءِ سالن کان مصروف عمل هئي. ڇهه ملڪي مذاڪرات پنهنجي طوالت جي ڪري ميڊيا لاءِ مٿي جو سور بڻجي رهيا هئا. اتر ڪوريا ٻه سال اڳ تائين اهي ڳالهيون به جاري رکيون ته ائٽمي ڌماڪو به ڪري ڇڏيو. هن ائٽمي ٽيڪنالاجيءَ جي بلندين کي ڇهڻ کان پوءِ عالمي پريشر آڏو نيٺ گوڏا کوڙڻ ۾ پنهنجو ڀلو محسوس ڪيو ۽ 30 جون تي تازو هن پنهنجي ”يونگ بيون نيو ڪليئر ائٽمي ري ايڪٽر“ جو ڪولنگ ٽاور تباهه ڪري ڇڏيو. اهڙي ڪارروائيءَ سان عالمي دنيا کي هن اها ڳالهه قبول ڪرائي ڇڏي ته سندس ڇهه ملڪي مذاڪرات عمل ۾ ويساهه پڪو هو. هن پنهنجو ائٽمي پروگرام بابت سمورو مواد چين حوالي ڪري ڇڏيو هو. آمريڪا جون مٿس لاڳو ٿيل معاشي پابنديون به هاڻ موڪلاڻيءَ وارو مرحلو پار ڪري چڪيون آهن. گڏيل قومن واري ورلڊ فوڊ پروگرام جا ٽين ٽپڙ به اتر ڪوريا ۾ پهچي چڪا آهن. يونگ بيون ائٽمي ري ايڪٽر کي اتر ڪوريا گذريل سال جولاءِ ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. ڪولنگ ٽاور جي برباديءَ تي به بين الاقوامي دنيا مڪمل طور تي مطمئن ناهي ٿي سگهي، پر بيڪ ٽو پويلين لاءِ اتر ڪوريائي قدم کي بهتر روش قرار ڏنو پيو وڃي. ويهه ميٽر بلند اهو ٽاور 2003ع کان استعمال هيٺ رهيو پئي. يونگ بيون خود کي به ڪافي عرصي کان ”ڊي ڪميشن“ ڪري ڇڏيو هئائون. هن ري ايڪٽر جي اهميت ان ڪري به سوائي پئي محسوس ٿي، ڇاڪاڻ ته 2006ع واري ائٽمي ڌماڪي دوران انهيءَ سينٽر ۾ پلوٽونيم جي افزودگي به عمل ۾ آئي هئي، جيڪا ڪنهن وڏي خطري جي گهنڊڙيءَ کان گهٽ ڳالهه ڪا نه هئي. اتر ڪوريا اڄ تائين آمريڪا جي ٽيئررلسٽ ۾ شامل آهي، پر ڪولنگ ٽاور جي تباهيءَ کان پوءِ پلوٽونيم جي افزودگيءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جو عرصو لڳي سگهي ٿو. چين، جاپان، روس ۽ آمريڪا اتر ڪوريا سان مهيني اندر مذاڪراتي مرحلي جو فائنل رائونڊ ڪندا، جنهن ۾ شام جي ائٽمي پروگرام لاءِ مدد فراهم ڪرڻ واري الزام بابت به هڪ هڪاڻي ٿيڻ جو امڪان آهي.

    ڊاڪٽر خان جي بيان کانپوءِ خود پاڪستان ائٽم بم ۽ ڪولنگ ٽاور به هڪ ڀيرو ٻيهر اتر ڪوريا جيان دنيا آڏو نئين سر زير بحث اچي سگهن ٿا. قدير مشرف جهيڙو به سياسي بازار کي گرما گرمي فراهم ڪري سگهي ٿو، پر اها صورتحال هڪ ”ماڊل اسلامي ملڪ“ ۽ ان جي مشهور ڪيل ”اسلامي ائٽم بم“ لاءِ نوان سور کڻي آئي آهي. ڏسجي ته سي ٽي بي ٽي تي صحيح نه ڪندڙ اسان جو ديس انهيءَ مونجهاري مان ڪيئن ٿو پار اڪرڻ جي ڪري. هن وقت حڪومتي ادارن ۽ مخصوص کاتن جو باهمي ربط ۽ تعلق به ڪافي حد تائين پوين پساهن ۾ آهي ته پوءِ اهڙي لوڏي کي غربت جي ماريل غريب عوام جي دل لوڏڻ جهڙي جسارت کان ڪير بچائيندو؟... طاقت جا سمورا مرڪز گڏجي پون ۽ ملڪ جو ڀلو مرڪزي اهميت حاصل ڪري وڃي ته پوءِ چئبو، هي نئون مٿي جو سور به ”اسپرو“ ماڻي ويندو!

    arbabnek@yahoo.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    لال مسجد واري واقعي جي ياد ۽ بم ڌماڪن جي نئين لهر




    خميس10 جولاءِ 2008ع



    ڪن مبصرن جو خيال آهي ته ڪراچيءَ ۾ ته فقط ”ٽريلر“ ظاهر ٿيو آهي، اصل ”فلم“ شايد اڳتي هلي ظاهر ٿيندي. بادشاهه سلامت مورڙي جي ماڳن جو معائنو ڪرڻ لاءِ بنفس نفيس تشريف فرما ٿيل هئا. کين ايترو وافر مقدار ۾ وقت به مليل هو، جو اوچتو وڃي انهيءَ پروگرام ۾ به تشريف فرما ٿيا، جيڪو سانجهاندو قادواڻي صاحب ڊاڪٽر شاهد مسعود جي شان ۾ سنواريو هو. اتي پاڻ ائين به فرمايائون ته ”لال مسجد ۾ ڪي به معصوم نياڻيون يا طالب علم ڪين مئا هئا، پر اتي سڀ دهشتگرد هئا.“ پاڻ ڏينهن ٻه اڳ کاري در ۽ مٺي در واري قديم ماڳ تي اهي ملفوظات به ارشاد فرمايا هئا، ته ”جيڪڏهن لال مسجد واري فڪر تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وياسين ته پوءِ هر شهر ۾ ”لال مسجد“ هوندي ۽ دهشتگرد سموري ملڪ جو ماس ۽ هڏ هرگز سلامت رهڻ ڪين ڏيندا.” تن ڏينهن ۾ پرديسي ڀائي مسلسل ٽن ڏينهن تائين مواصلاتي خطابن ذريعي مورڙي واري ماڳ جي در ۽ ديوار کي ٻڌايو پئي ته ”اقليم جي اصلي دارالحڪومت کي اجهو ڪي اجهو طالبانن جي ڪنٽرول ۾ آندو پيو وڃي.“ پنهنجي هڪ خطاب ۾ پاڻ ائين به چيو هئائون ته ”اسان جي جماعت دهشتگرديءَ جي راهه ۾ سدِ سڪندري بڻيل رهندي“.

    ڪن مبصرن جو خيال آهي ته ”شاهه جي“ کي آخرت تائين سرير آراءِ سلطنت رکڻ لاءِ رچرڊ بائوچر جيڪي گامون سچاري گفتا ارشاد فرمائي ويو آهي، پرديسي ڀائي ۽ شاهه جي انهيءِ ارشاد کي اڳتي وڌائڻ واري فريضي کي سرانجام ڏيئي رهيا آهن. ڪن دل هول دانشورن جي دماغ ۾ وري اها ٿيوري رونق افروز ٿي آهي ته ست سمنڊ پار واري سرڪار جو ست ڏينهن اڳ جيڪو ايلچي پاڪستان آيو هو، موصوف جو اهو نيگرو پونٽي جي همراهيءَ کان خالي دورو آخري انتباهه واري ”خوشخبريءَ“ تي مشتمل هو. هن ٽي ماهي ڪارڪردگيءَ جي تفتيشن ۽ تحقيق کان پوءِ بش سرڪار جي منظورِ نظر کي، ”ڇڪي رک“ جو فائنل اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

    ٻئي پاسي دهلي وري سول جوهري معاهدي جي حوالي سان اجائي ڊيگهه جو شڪار آهي. اهڙي سست روي ست سمنڊ پار واري سرڪار کي سخت ناپسند آهي. دهليءَ کي پهرين جئپور ۾ ۽ هاڻ سري نگر ۽ ڪابل ۾ ڪن کڙڪائيندڙ پيغام پهچايا ويا آهن. مهينو کن ٿيندو اوچتو سيد علي گيلاني ۽ مير واعظ عمر فاروق جون جماعتون اتحاد ڪري، ڪشمير ۾ امر ناٿ شرائن بورڊ کي ٻيلي کاتي جي زمين ڏيڻ واري فيصلي خلاف هل هنگامي تي لهي آيون هيون. انهيءَ مامري سري نگر واري ڄمون ۽ ڪشمير سرڪار کي به لوڏي ويو آهي. وڏو وزير غلام نبي آزاد مستعفي ٿي چڪو آهي. گورنر اين اين وهري صاحب کيس نگران وزير اعليٰ طور ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. 2002ع وارين چونڊن ۾ مخلوط سرڪار جڙي هئي. امر ناٿ شرائن بورڊ واري ڌماچوڪڙيءَ سان سرڪار اچي پٽ تي ڪري آهي. ٽن مهينن کان پوءِ رياستي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيڻيون آهن. آزاد تي نيشنل ڪانفرنس وارن بي اعتماديءَ جي رٿ آندي هئي، ڪانگريس سرڪار لاءِ نون ليگ هئي محبوبه مفتيءَ واري پي ڊي پي، جنهن وٽ سترهن ميمبر هئا. محبوبه مفتي امر ناٿ اشو تي آزاد سرڪار کان عليحدگي اختيار ڪري ڇڏي. عمر عبدالله جي نيشنل ڪانفرنس وٽ چوويهه ميمبر آهن، آزاد وٽ اتحادين سميت چوٽيهه ميمبر هئا، کيس چوئيتاليهه ميمبر کتا ٿي، پر همراهه راءِ شماريءَ کان اڳ استعيفيٰ ڏئي، گورنر راڄ لاءِ راهه هموار ڪري ويو. غلام نبي آزاد واري استعيفيٰ کان اڳ سري نگر واري سلطنت اگر مگر واري صورتحال حوالي ٿي چڪي هئي.واضح رهي ته مير واعظ تازو اسلام آباد مان ٿي ويو آهي.

    هوڏانهن ڪابل ۾ ٻن اقليمن جو اڌ صديءَ کان اسٽريٽيجڪ ۽ سفارتي اثر و رسوخ وڌائڻ وارو مقابلو جاري آهي. ظاهر شاهه سن ستيتاليهه ۾ ڪنهن قريبي سر زمين واري سلطنت کي تسليم ڪرڻ کان به نابري واري ڇڏي هئي. نائن اليون کان پوءِ دهلي آسانيءَ سان ڪابل تي فريق ثانيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اثر و رسوخ حاصل ڪري چڪو آهي. جڏهن ته اوڻيهه سئو اسي کان وٺي 2001ع تائين پوٺوهاري پرين لاءِ ڪابل ون يونٽ دور وارو ڪراچي لڳو پيو هو. سُهائي سومار جي ڀلاري ڏينهن تي ڪابل جي انڊين ايمبيسي ۾ جيڪو ڌماڪو ٿيو آهي، ڪابل ۾ مقيم ”انڊين ٽائيمز“ جو خاطو امر گپتا انهيءَ خيال جو آهي ته اولهه جي ميڊيا ڏهاڪو ڏينهن کان اهڙا انديشا ظاهر ڪري رهي هئي، جن انومانن بابت چيو پئي ويو ته ”طالبانن دهليءَ کي نياپو ڏنو آهي ته اوهان آمريڪي آشيرواد سان ڪابل ۾ پيش قدميءَ کان پرهيز ڪريو.“ افغانستان کي انفراسٽرڪچر فراهم ڪرڻ جي بهاني سان ڀارت جو عمل دخل گهڻو وڌي چڪو آهي. ”طالبان“ 2006 ۾ ڪي سوريا نارائڻ جهڙي انجنيئر جو جُسد خاڪي دهليءَ اماڻي ساڳيو دڙڪو ڏنو هو. دهليءَ جي مشهور اسٽريٽجڪ اخبار ”آئوٽ لڪ“ لکي ٿي ته طالبان حملي ۾ ڊيفينس اتاشي برگيڊيئر ايم ڪي مهتا هلاڪ ٿيو آهي، جيڪو ترقياتي منصوبن کان ويندي سياسي سراغ رسانيءَ جي ميدانن جو به شاهسوار هيو. ايمبيسي جي داخلي دروازي مان مهتا پنهنجي ڊپلوميٽڪ ڪار ۾ داخل ٿي رهيو هو، جڏهن اهو حملو ٿيو. ڪابل ۾ ڀارتي سفير جين پرساد جيڪو ڀارت جي پهرئين صدر راجندر پرساد جو عزيز آهي، چوي پيو ته اهي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، جيڪي پاسپورٽ جمع ڪرائڻ آيا هئا ۽ دهليءَ جي ويزا جا گهورا هئا. هندستان سرڪار 2006ع واري واقعي ۾ ڪي سوريا نرائڻ جي افسوسناڪ قتل کان پوءِ انڊين ٽائٽل وارا سمورا ترقياتي پروگرام افغان بارڊر روڊ آرگنائيزيشن جي مونوگرام هيٺ آڻي ڇڏيا هئا. تاهم پٺاڻن پوءِ به پرٿيپا پاٽيل واري صدارتي ديس کي دکدائڪ ڌماڪي سان پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي ”طالبان“ ترجمان ذبيح مجاهد بيان ڏنو آهي ته اسان جو ڀارت سان ڪو به جهيڙو ڪو نه آهي. نيٽو فورسز جي جي سراغ رسانيءَ هيٺ شمالي اتحاد ۽ سندس همنوائن اها شرارت ڪئي آهي ته جيئن ڀارت کي وڌيڪ پريشرائيز ڪري سگهجي. ڪابل ۾ دهلي پاران شروع ڪرايل ترقياتي ڪم ڌماڪي کان پوءِ بند ٿي ويا آهن، پر ڀارتي سڌ سماءَ جا ذريعا ڪابل ۽ سري نگر ۾ ”سرحد پار“ مداخلت کي وائکو ڪري رهيا آهن. جئپور واري ”جليانوالي باغ“ کان مهينو سوا جي وقفي سان ڪشمير ۽ افغانستان وارا دارالحڪومت به راجستاني راڄڌانيءَ جيان رنج ۽ غم ۾ مبتلا ٿي وڃن ته پوءِ ٻن اقليمن جي وچ ۾ ستن سالن کان جاري مذاڪراتي عمل ۾ به ڪي نوان سوال اڀري سامهون اچي سگهن ٿا. هن وقت سرسري طور سطحي جائزي ۾ ته کڻي واقعن جو ظهور ۽ آڳو پيڇو زير بحث اچي رهيو آهي، پر هي ته سمورو شور سرد جنگ واري ”پراڪسي وار“ سان تعلق رکي ٿو. لال مسجد وارو مولوي عبدالله به حڪيم سعيد سان گڏ ساڳئي ڏينهن تي ماريو ويو، پر مولوي صاحب جو مدرسو سرد جنگ واي دور جو اهم هيڊ ڪوارٽر هو. ”مجاهدن“ جي ٽريننگ جو. ويچارن انهن مزاري مولوين جي ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪريو. اسيءَ واري عرصي ۾ ته سمورو انگلستان ٽريننگستان لڳو پيو هو. ڪير چئي حميد گل کي ته هيءُ سمورو گلستان خزان ۾ تبديل ڪرڻ وارا ناخدا توهان ئي ته آهيو. تازو لال مسجد جي سانحي کي هڪ سال پورو ٿيو. ”ميري مطابق“ وارو صحافي ڀاءُ، جنهن... اهي ڪير هيون ۽ ڪيڏانهن ويون... جهڙا لرزهه خيز ليک لکيا هئا، سو هاڻ ”سرڪار ڪي مطابق“ ٿي ويو آهي. قادواڻي واري آجياڻي ۾ جڏهن اوچتو لال مسجد واقعي جو ”سڀ ڪجهه“ تشريف پئي ٿيو، تڏهن کانئس ڊاڪٽر حميد الله خان جيتري به جرئت ڪانه پڳي. پئرس ۾ پاڪستان مان ويندڙ اهو ڊاڪٽر ننڍي کنڊ جو هاڪارو اسڪالر هو. هندي النسل همراهه کي انٽرنيشنل سطح جي بين المذاهب مباحثي ۾ صدارت لاءِ لنڊن گهرايو ويو. هن منتظمين کي لکي موڪليو ته جيئن ته برطانيا ڀارت تي غاصباڻو قبضو ڪيو هو، تنهنڪري ڪنهن غاصب اقليم جي دارالحڪومت ۾ قدم ڌرڻ کي پنهنجي تذليل سمجهان ٿو.

    لال مسجد جي سانحي کي صحافين سان سلڻ لاءِ وحيد ارشد به ٻن هفتن کان پوءِ جاءِ واردات ڏيکارڻ هليو هو، ٻارهن مهينا ته ڇا، پر ٻارهن سال گذري ويندا، پر لال مسجد جي حقيقي ڪهاڻي ۽ انهيءَ سائيلنس آپريشن ۾ لقمھءِ اجل بڻجندڙ ماڻهن جو حقيقي انگ سامهون ڪونه ايندو. جاويد چوڌريءَ جهڙا جوان لکن پيا ته ملڪ ۾ بي برڪتي ۽ مهانگائيءَ جا ”سونامي“ اڳي سبڪ رفتاريءَ سان قدم رنج فرمائيندا هئا، جڏهن ته هاڻ اها ويڌن سريع الحرڪت رفتار سان ملڪ جي ماروئڙن کي خودڪشين ڏانهن ڌوڪيندي پئي وڃي. قوم جڏهن المناڪين جو من حيث المجموع پيڇو ناهي ڪندي، ته پروردگار جو پيار ڀريو رويو قهاريت جو روپ ڌاري ويندو آهي. ڪي خان، شاهه جا نوازيل لکن ٿا ته هڪڙي وڏي جماعت جي وڏي ۾ وڏي اڳواڻ کي مغربي دنيا جي معلومات تي ڀاڙڻو پيو ۽ محترمه به ”لال مسجد“ جي حوالي سان ”متنازع“ موقف ظاهر ڪيو. ڪن اهي رايا ظاهر ڪيا ته هي ٽوپي ڊرامو هو؛ سادگي مولويون ڪي ديک اور سراغ رسان ادارون ڪي چالاڪي ڀي ديک... اهڙي موقف جو وڏي ۾ وڏو شارح مولانا فضل الرحمان جهڙو جهانديده اڳواڻ آهي. مفتي محمود مرحوم جو پٽ فرمائي ٿو ته ادارن جا باريش بزرگ مولوي عبدالعزيز ۽ غازي عبدالرشيد کي واڌايون ڏئي، مغربي دنيا کي باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا ته جيڪڏهن اسان مان هٿ ڪڍندئو ته ملڪ سمورو ”طالبان“ جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندو. ڏسو! طالبان پاڪستان جي ڪيپيٽل سٽي جي ڪار وهنوار جا اڌو اڌ مالڪ بڻجي چڪا آهن. لال مسجد جي سانحي بابت جامع حفصه جي ملبي مٿان ڏينهن ٻه اڳ جيڪو جلسو ٿيو هو، اهڙي اجتماع کي وڏي دانائيءَ سان منظم ڪيو ويو هو. صدارت لاءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي گهرايو ويو هو، جيڪو قائداعظم محمد علي جناح جي تقسيم هند جي حوالي سان رائيٽ هينڊ رهندڙ شيخ الاسلام مولانا شبير احمد عثمانيءَ جو گادي نشين آهي، نالو اٿس مفتي محمد رفيع عثماني، جنهن کي ممڪن آهي ته سمورو وطن ”مفتيءِ اعظم“ کڻي تسليم نه به ڪري، پر سندس والد مرحوم کي فلسطين جي مفتيءِ اعظم امين الحسينيءَ جيان پاڪستان جو مفتيءِ اعظم سڪه رائج الوقت جيان مڃيو ويندو هو، نالو هيس مفتي محمد شفيع. انهن ٻن عالمن سان گڏ ٽيون جيڪو وڏو عالم مسلم ليگ لاءِ مذهبي حوالي سان عوام کي (1947ع واري زماني ۾) بيدار ڪري رهيو هو، تنهن جو نالو هيو مولانا ظفر احمد عثماني. اهي مولانا اشرف علي ٿانويءَ جي حلقي جا اهم ماڻهو هئا، جيڪي امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا سيد حسين احمد مدنيءَ پاران انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ جمعيت علماءِ هند جي اڳواڻن واري انهيءَ پاليسيءَ جي سخت خلاف هئا، جنهن پاليسيءَ مطابق مٿيان مولوي صاحبان چئي رهيا هئا ته ورهاڱو دراصل ”دور ديس“ واري سامراج جو ڏنل منصوبو آهي ۽ تقسيمِ هند سان ننڍو کنڊ بربادين جي بلي ٿي ويندو...

    لال مسجد جي سانحي بابت ڪانفرنس لاءِ هاڻوڪي حڪومت به هٿ هلڪو رکيو. اهو به ”چهنڊڙي“ پائڻ جو انوکو طريقو آهي، جنهن سان ”بادشاهه سلامت“ کي باور ڪرايو پيو وڃي، ته توهان جي غلطين جو ڪفارو ادا ڪري رهيو آهي، اهو ديس... لال مسجد آپريشن جا لاتعداد پاسا پنهنجيءَ جاءِ تي، پر وحيد ارشد واري ولايت جا هڪ هزار کن ”هانڊيوال“ گذريل هڪ سال اندر هلاڪ ٿي چڪا آهن. مبصر انهيءَ هلاڪت خيزيءَ ۾ سويلين به ٿا شمار ڪن ته انگ وڌيو وڃي. هن حوالي سان معتبر راوي عبدالستار ايڌي آهي. بلقيس ايڌي آپريشن کان چار ڏينهن اڳ اسلام آباد پهتي هئي. ايڌي صاحب کي تن ڏينهن ۾ آمريڪي اميگريشن وارن پريشان ڪيو هو. ريش دراز راڻا به آمريڪي اميگريشن وارن وٽ القاعده جا اڳواڻ هوندا آهن. ٽن ڏينهن کان پوءِ عبدالستار ايڌي به اسلام آباد پهتو هو. زال مڙس چون ٿا ته اسان به غازي برادران سان مذاڪراتي عمل ۾ شريڪ رهيا آهيون، پر اسان کي غلط گائيڊ ڪري رهيا هئا ڌر ڌڻي. جڏهن ته مذاڪراتي عمل شروع ڪرڻ کان اڳ ئي ”آپريشن“ جو فيصلو ٿي چڪو هو.”ايڌيات“ جي راءِ اها آهي ته اسان جي رضاڪارن ستر کان مٿي ميتن لاءِ ڪفن دفن ۽ غسل جو اهتمام ڪيو هو. اسان به ساڳئي عمل ۾ زال مڙس شريڪ رهيا آهيون. اسان کي ڊاڪٽرن ماسڪ ۽ دستانا پائڻ جو مشورو ڏنو هو. ڊاڪٽرن جو خيال هو ته... اڻ ڌريا مبصر انهيءَ رپورٽ جي آڌار تي اها راءِ قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي حق بجانب سمجهن ٿا، جيڪا رپورٽ آمريڪي ايوانِ نمائندگان ۾ انٽرنيشنل ڪرائيسز گروپ آپريشن کان فقط هڪ مهينو اڳ پيش ڪئي هئي. رپورٽ ۾ آمريڪي سرڪار کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ٿيل آهي. صلاح اها ڏني اٿن ته توهان پاڪستان سرڪار تي پريشر وجهو ته جيئن مدرسن خلاف سخت ڪارروائي ڪري. انهيءَ رپورٽ ۾ لال مسجد ۽ جامعه حفصه لاءِ وڌيڪ صفحا مختص ڪيا ويا آهن.

    مدرسا ۽ مسجدون امن جي علامت هئڻ گهرجن. اسلام جو شروعاتي مدرسو ”اصحابِ صفه“ واري درسگاهه جي نالي سان مشهور آهي. جهڙيءَ ريت صدين کان خانقاهن، درگاهن ۽ منبر و محراب تان ”محبت“ جو سبق ڏنو پئي ويو آهي، هن وقت به اڪثر دانش گاهون امن جا قطب مينار آهن. شيعا، سني ، ديوبندي، بريلوي، وهابي گلابي جهڙا جهيڙا به ”امپورٽيڊ“ آهن. جڏهن ته طالب علمن جي هٿن ۾ هٿيارن پهنوارن جو چلن به تڏهن کان عام ٿيو آهي، جڏهن کان سرد جنگ جي خاتمي واري آخري عشري ۾ عالمي قوتن ڪابل، سري نگر، اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ کي پنهنجي مقصدن جي حصول لاءِ استعمال ڪيو. پاپائيت ۽ پادريت کي يهودي ۽ عيسائي دنيا جيئن وڻي تيئن حل ڪري، تنهن ۾ پنهنجو ڇا؟ ساڳيءَ ريت مسجدن، مدرسن، عالمن ۽ طالبن وارن معاملن ۾به اولهه جي ملڪن يا آمريڪا جو ڪجهه نه وڃڻ کپي ۽ نه ئي اهي ان کي حل ڪري ٿا سگهن. دهشتگردي هجي يا خودڪش حملي آوريون، انهن تباهه ڪن سلسلن جا پيرا عالمگيريت جي علمبردارن ڏانهن وڃن ٿا. ٻاهرين مداخلت ختم ٿئي، مافيائون ۽ توسيع پسند اڻا عزائم رکندڙ ملڪ توبهن تائب ٿين ۽ ديس جا درد بديس جي زيرِ اثر نه رهن ته ”لال مسجد“ جي لهو رنگ ڪهاڻيءَ جو ورجاءُ رڪجي سگهي ٿو.

    خون ڪي دهبي دهلين گي، ڪتني برساتون ڪي بعد!

    arbabnek@yahoo.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ”لائن آف ڪامرس“ وارو اڌورو خواب ۽ ننڍي کنڊ جو مستقبل




    خميس 17 جولاءِ 2008ع



    اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ–ڀارت ٽن ڏينهن وارا ڊائيلاگ هندستان پاران هڪ طرفي اعلان ذريعي ملتوي ٿي ويا آهن. ڀارتي وڻج واپاري وزارت جو جوائنٽ سيڪريٽري وفد کان اڳ پاڪستان پهتل هو ۽ ڳالهين جو بنيادي مواد هن ئي تيار ڪيو هو. مذاڪرات دوران ايل او سيءَ کي لائن آف ڪامرس ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ بنيادي خطوط کي واضح ڪرڻ به شامل هو. آمد و رفت ۽ تجارت لاءِ نوان روٽ ۽ راهداريون تلاش ڪرڻ جي به ڪوشش ٿئي ها، پر هندستاني وفد پاڪستاني دارالحڪومت اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هتي اڳ پهتل جوائنٽ سيڪريٽري اي ٽي سيءَ رگهووان کي به قصرِ شاهيءَ مان فرمان جاري ٿيا آهن ته ترت ڪابل ڏانهن ڪرها ڪاهه! موصوف ميزبانن کي ڄاڻ ڏيڻ جو ڪم هاءِ ڪمشنر حوالي ڪري، بنا دير جي وڃي ڪابل نڪتو آهي. گفتگوءَ جو حاليه مرحلو ايڪيهين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ پنجين مرحلي وارن ”ڪمپوزڊ ڊائيلاگ“ لاءِ ابتدائي مال مصالحو مرتب ڪرڻ لاءِ مخصوص هيو. ڏهاڪو ڏينهن کان پوءِ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي مذاڪرات پرڏيهي وزيرن جي سطح جا هئا. ساڳين ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي باهمي ملاقات لاءِ به حتمي تاريخ چٽي ٿئي ها.

    ڪابل ۽ سري نگر ۾ لڳندڙ چهنڊڙين کان پوءِ ڪمپوزڊ ڊائيلاگ وارو انعقاد هاڻ تمام گهڻو پري هليو ويو آهي. پرائيم منسٽرن جي ملاقات ته هونئن به ”مرحومه ۽ مغفوره“ ٿي چڪي. ٻنهي راڄڌانين جي راڻن کي سر جي لڳي آهي. داخلي بحرانن ۾ مبتلا دهلي ۽ اسلام آباد حال گهڙي ته ساهه به اوڌر تي کڻي رهيا آهن. پاڪستان واري مخلوط سرڪار جا ”افعال“ پاڻ کي ساريا پيا آهن. هوڏانهن ڊاڪٽر من موهن سنگهه به مگهن منڱرئي جيان عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ جتن ڪرڻ ۾ پورو آهي. کاٻيءَ ڌر جا 59 ميمبر سندس سرڪار کي خير آباد چئي چڪا آهن. سي پي ايم جا ٽيتاليهه، سي پي آءِ جا ڏهه، ريووليوشنري سوشلسٽ پارٽي ۽ فارورڊ بلاڪ جا ٽي ٽي ميمبر اپوزيشن جي بينچن تي وڃي ويٺا آهن. سونيا گانڌي سماج وادي پارٽي ۽ بي جي پي سان رابطا وڌائي، پنهنجي پرائيم منسٽر کي بچائڻ ۾ پوري آهي. لوڪ سڀا جو ايوان 543 ميمبرن تي مشتمل آهي. عدم اعتماد کان بچڻ لاءِ من موهن سنگهه کي 272 ميمبرن جي تائيد کپي ٿي. ملائم سنگهه ۽ امر سنگهه واري سماج وادي پارٽي وٽ 39 ميمبر آهن. سونيا سان ملاقات ڪندڙن جو انگ 29 هو. ليڊرن يقين ڏياريو آهي ته چاليهه کان هڪ گهٽ وارو انگ اوهان سان ويندو، دلجاءِ ڪريو. سونيا گانڌي سال اڌ وارو باقي بچيل مدو پورو ڪرڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪري رهي آهي. بي جي پي کي واشنگٽن نياپو ڪرايو آهي ته ايندڙ وقت ۾ اوهان جا ڪي ڪم اسان ۾ پئجي سگهن ٿا، مهرباني ڪري ماٺڙي واري راهه وٺجو ۽ سونيا گانڌيءَ کي عظيم تر آمريڪي ۽ انڊين مفاد خاطر ڪي ميمبر (پنج کن) عنايت ڪجو. مبصر چون ٿا ته لال ڪرشن آڏواڻي، امر ناٿ سنگهه ۽ جسونت سنگهه اهڙي بديسي نياپي کان پوءِ پاڻ ۾ مليا آهن ۽ ورندڙ ٽپال ۾ واشنگٽن کي آگاهه ڪيو اٿن ته ”قبول، قبول، قبول...“ بي جي پي ۽ کاٻيءَ ڌر وارا انڊين آمريڪن سول جوهري معاهدي جا مخالف رهيا آهن، پر کاٻن جو ڪرياتو ڪردار پنهنجي دائري ۾ دوسري قسم جا دليل رکي ٿو. جڏهن ته ساڄا ڪانگريس کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ ڪن شقن کي غلط سمجهڻ جي دائري ۾ مخالفت ڪري رهيا هئا. تازو ڏينهن ٻه اڳ صدر بش من موهن سنگهه سان سرگوشيون ڪندي ڏٺو ويو. بش ته ڪرسيءَ تان به اٿي بيٺو هو، هن جي دست بوسيءَ لا... بي جي پي ”هندوتا“ جي رحم ڪرم تي آهي، پر انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪارڪردگي به ڪمهلي موت جيان کيس پاور ڪاريڊور مان ٻاهر ڪڍائي سگهي ٿي . بي جي پي ڪانگريس جو نعم البدل آهي. کيس مغربي دنيا ۽ آمريڪي ايوانن ۾ موچاري ناماچاري مليل آهي. جڏهن ته کاٻيءَ ڌر جون پارٽيون اها راءِ ظاهر ڪري رهيون ته جيئن ته ڀارت آزاد ۽ خودمختيار اسٽيٽ آهي، اهڙو ملڪ ”بيوفا سان پيچ پائي، مون وڏي غلطي ڪئي...“ جهڙا قدم نه کڻي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ بديسي طاقت ۽ حال وقت جي سپر پاور جو پارٽنرشپيءَ وارو تعلق اٺ جهڙي جانور سان ٺهڪي اچي ٿو، جنهن وڻ سان کيس ٻڌبو آهي، ان وڻ کي کائي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. تازو هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ افغان ڌماڪن کان ويندي ڪشمير ۾ ٻاهرين مداخلت، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ دهليءَ جي مداخلت جهڙن الزامن جي ڏي وٺ کان پوءِ برصغير جي کاتي ۾ ڪنهن ٽين مها ڀاري جنگ جي خواري کڻڻ لکيل آهي، ته ڪهڙي ڪَل!

    لنڊن ۾ هفتو ڏيڍ اڳ ٻن ڏينهن وارو مذاڪرو ٿي گذريو، جنهن جو عنوان هيو، ”هندستان ۽ پاڪستان جو مستقبل.“ موضوع جي اهميت ۽ بحث جي سطح کي سامهون رکون ٿا ته اهڙي سمٽ ڪانفرنس کي ”ميڊيا“ ميرٽ تي ڪوريج فراهم ڪرڻ ۾ بخل کان ڪم ورتو آهي. ترون جي تاجپال ايڊيٽر اِن چيف آهي ”تهلڪا فرينڊشپ“ جو . هي ”هندي گدڙ اِن لنڊن“ سڏائيندڙ جوڳي، سدائين جدت ۽ ندرت جو مظاهرو ڪندو ٿو رهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته”تهلڪا سمٽ ڪانفرنس“ جو آغاز ۽ انجام ٻن ناميارن سنڌي ليڊرن هٿان ڪرايو ويو. افتتاح ڪيو هو مسٽر جسونت سنگهه ۽ اختتامي اجلاس جي صدارت ڪرائي ويئي شڪارپوري شينهن مڙس رام ڄيٺملاڻيءَ کان . هڪڙو هندستان جو پرڏيهي وزير رهيو آهي ته ٻيو وزيرِ قانون. پاڪستان مان وڊيو وسيلي نواز شريف مخاطب ٿيو ته آصف زرداري ”اِي ميل“ وسيلي پنهنجا واءُ سواءُ سامعين سان شيئر ڪيا. سرتاج عزيز ۽ مشاهد حسين سيد جنهن ڌيرج ۽ ملهائتي انداز سان موضوع بابت خيال آرائي ڪئي، تنهن کي ڪانفرنس ۾ وڌ کان وڌ ساراهيو ويو. انڊين پارليامينٽ جي نوجوان ميمبر سچن پائليٽ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. پاڪستان وارو امورِ نوجوانان جو صلاحڪار ارشد ڀٽي به سچن سان سنمک رهيو. بي بي سي وارو محمد حنيف ۽ فلمي دنيا جا انڊو پاڪستاني ”هيرا“ ڪامله شمسي، نذير خان، حسن زيدي، ڪرن جوهر ۽ اين پراسون جوشي جهڙا سماج کي ”سياست“ بدران انساني عظمتن جي حوالي سان ڏسندڙ ”ڏاها“ به هن سربراهي ڪانفرنس کي ٻنهي ملڪن جي ”پرڪارن“ بابت مواد فراهم ڪري رهيا هئا. فاروق عبدالله ۽ محبوبه مفتيءَ کي دهليءَ خلاف دانهون ڪندي ٻڌو ويو.

    انهن خيال پئي ظاهر ڪيا ته آگري ۾ جڏهن پاڪستاني صدر کي مذاڪرات لاءِ گهرايو ويو هو، تڏهن بي جي پي سرڪار اجايو انهن ويهن گهربل ماڻهن جي حوالگيءَ وارو راڳ ڳائڻ شروع ڪري ڏنو. چئي؛ پهرين ”ٻانهون“ ڏيو، پوءِ چٽيون ڀوڳينداسين... آگري واري مذاڪراتي عمل لاءِ پيش قدميءَ جا ڪافي موقعا موجود هيا. ڇاڪاڻ ته انهن ڳالهين ٻولهين جي ڪاميابيءَ لاءِ واشنگٽن پنهنجون سموريون صلاحيتون صرف ڪري رهيو هو. جسونت سنگهه ڪشميري قيادت کي جواب ڏيندي چيو ته ڳالهه اوهان به صفا صحيح چئي رهيا آهيو، پر اسان لاءِ اهي رڪاوٽون هيون. پاڪستان جي فوجي حڪومت سان ڳالهيون فائنل ڪريون ها ته خلق جا طعنا سهڻا پون ها. جنرل پرويز مشرف کي ڀارتي عوام جو وڏو انگ ”ڪارگل جنگ جو بانيڪار“ باور ڪري ٿو.

    ساڻس ويهي وڏا فيصلا ڪجن ها ته عوام اسان کي تعذيرن حوالي ڪري ها! ڪشميري قيادت کي انڊين نيشنل ڪانگريس جي ترجمان منيش تيواڙي ۽ انڊين آءِ بي جي اڳوڻي ڊي جي اي ڪي ڏوگل تلخيءَ سان جواب ڏنا. وچٿرا سامعين وچ ۾ پيا ۽ همراهن کي هڪ ٻئي جو موقف ٿڌي دل دماغ سان ٻڌڻ بابت منٿون ڪندا رهيا، پر ٻئي ڌريون آخر تائين ”تلخي“ واري واهه مان تري پار پوڻ لاءِ قائل ٿي ڪونه سگهيون. سامعين ائين پئي محسوس ڪيو، گويا سري نگر ۽ دهلي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هجن ۽ پاڪستان کي ”دائري“ مان به خارج ڪري ڇڏيو هجين. پاڪستان مان هونئن ته اسد دراني به ويو هو، مليٽنسي ۽ ڪشمير جي موضوع تي ڀاشڻ ڏيڻ لاءِ، پر سندس سطحي خطاب ۽ فلمي اداڪاريءَ ۾ فرق ڪرڻ جي ڪا به تڪليف کڻڻ جي سامعين ضرورت نه پئي محسوس ڪئي. رام ڄيٺملاڻي، شمشاد احمد خان ۽ سرتاج عزيز جي گفتگو ۽ ”هونهارن“ جي مجموعي روِشن مان ائين پئي لڳو ڄڻ ننڍي کنڊ جو ڏيڍ ارب انسان ته لڪيرن واري ”فقيريءَ“ کي ترڪ ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر ”مافيائن“ طرفان موڪل نٿي ملي. ملاڻي هڪڙي واقعي مان ”پاڪستانين“ کي عبرت حاصل ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته؛ توهان سٺا مسلمان ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو، انتقام ۽ اسلام جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق... صدين کان لکين مهاڀارتي ماڻهن محبت سان مذهب تبديل پئي ڪيو. ڪڏهن ڪنهن کي ڪو اعتراض ڪندي ڪو نه ڏٺو ويو. اهو صوفي سنتن جي عوامي ڀلائيءَ واري مزاج جو اثر هو. جڏهن ته تازو جيپور ۾ هڪڙي فرد جي نئين روحاني سفر تي هنگاما برپا ٿيا ۽ ڏهاڪو کن ”ميانجي“ موت جي واديءَ ڏانهن موڪليا ويا. سرتاج عزيز ”ڪارگل“ جي ڪهاڻيءَ جا پردا چاڪ ڪندي چيو ته نواز شريف ۽ اٽل بهاري واجپائي”لاهور معاهدي“ دوران گهڻي ڀاڱي ننڍي کنڊ جي دردن جو دارون دوا هٿ ڪري چڪا هئا. ڪشمير بابت به سڀ مرحلا طئي ٿي چڪا هئا، پر دور ديس وارن مقامي مُهرن هٿان ممڻ مچائي ”ڪارگل“ وارو ڪيس ڪرائي ڇڏيو. نتيجي ۾ اعتماد سازيءَ جي فضا کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ ٻئي ملڪ ٻيهر ستيتاليهه واري خونخوار دور ڏانهن واپس ڌڪيا ويا. پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري شمشاد احمد خان جون خوبصورت خيال آرائيون سموري سمٽ جو ماحصل رهيون. هن چيو ته گانڌي ۽ جناح ورهاڱي جي موقعي تي ٿيندڙ انساني تذليل تي تمام گهڻا ڏکارا هئا. گانڌي پاڪستان جي حق ۾ ”مرڻ وِرت“ ذريعي فضا سازگار بڻائڻ ۾ مصروف ڏسجي ٿو، جڏهن ته جناح صاحب جا هٿ اکر موجود آهن، جنهن ۾ هن ارشاد فرمايو آهي ته هندستان ۽ پاڪستان جي فوج ۾ ”ڪنفيڊريشن“ قائم ڪري، ننڍي کنڊ کي عالمي طاقتن جي طبع آزمائي مان نجات ڏياري سگهجي ٿي.

    اڙدوءَ ۾ سنسي خيزيءَ کي ”تهلڪا مچا دينا“ چئبو آهي، پر هي ٻن ڏينهن وارو تهلڪا ميلو سئو سيڪڙو سنجيدگيءَ سان مچايو ويو هو. ملاڻي سرتاج، جسونت ۽ شمشاد پارا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جا انيڪ انقلاب اکين سان نه سهي، ڪتابن ۾ پڙهي چڪا آهن، اهي سدورا ورهاڱي واري واچوڙي جا به چشم ديد ”واهرو“ آهن ته انتهائي اهم عهدن تي رهندي کين ننڍي کنڊ بابت ديسي ۽ بديسي طاقتن پاران مذموم مقصدن جي حصول لاءِ هن سرزمين کي مشقِ ستم بڻائڻ وارين حماقتن جو به ادراڪ حاصل آهي. ان ڪري اهي آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا ته ننڍي کنڊ جي ٻنهي ملڪن جو مستقبل محبت سان سنواري سگهجي ٿو يا نفرت سان.

    جيتوڻيڪ اسلام آباد ۽ دهليءَ جي وچ ۾ ڪميءَ واري رفتار سان مذاڪرات جاري آهن، پر جيستائين ڪشمير وارو ڪنڊو ٻنهي ديسن جي نڙين ۾ اٽڪيل آهي، تيستائين ڪنهن خوشبودار ماحول جي خبر جاري نٿي ٿي سگهي. تازو آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عتيق چيو آهي ته ايل او سيءَ کي ”لائن آف ڪامرس“ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي. ڪنٽرول لائين تان وڻج واپاري سلسلا وڌائڻ لاءِ هن وقت ٻئي ملڪ ٻيهر ڳالهيون شروع ڪري رهيا آهن، پر لڳي ٿو ته دهليءَ جا جن ۽ پنڊيءَ جا ڀوت هن ”ڀونءِ“ کي ڀلپ ڏانهن رختِ سفر ٻڌڻ ڪو نه ڏيندا.

    عباس انصاريءَ واري ”حريت ڪانفرنس“ ۾ لچڪ هئي. تازو سندس جاءِ نشين مير واعظ عمر فاروق ٻيهر وڃي سيد علي گيلانيءَ سان اٺن ڪلاڪن جي طويل مذاڪرات کانپوءِ اتحاد ڪري ورتو آهي. فاروق عبدالله ۽ محبوبا مفتي به ”دهليءَ“ جي دال کائڻ لاءِ تيار ناهن. امر ناٿ مندر ۽ امر ناٿ شرائن بورڊ کي هڪ سئو ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين ليز تي ڏيڻ خلاف سري نگر وارو ڪشمير سراپا احتجاج بڻجي وڃي ٿو. حڪومت فيصلو واپس وٺڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿي. غلام نبي آزاد سرڪار جو جهاٽڪو ٿي وڃي ٿو. ڪشمير جي اترئين ڀر واري ”ڦل گام“ شهر کان امر ناٿ مندر پنجيتاليهه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. ڏونگرن جي مٿانهين حصي ۾ موجود انهيءَ مندر کي سناتن ڌرم جا سامي ان ڪري به مقدس تسليم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته هتي برفباريءَ جي ڏينهن ۾ پاڻهين شوَ جو لنگ ٺهي وڃي ٿو. ياتري سسئيءَ جيان جبل جهاڳي پهچن ٿا. سفر تمام ڏکيو آهي. ياترين لاءِ طبي امداد ۽ خيمن جو بندوبست امر ناٿ شرائن بورڊ ڪندو آهي. رياست جو گورنر انهيءَ بورڊ جو سربراهه هوندو آهي. بورڊ رياستي سرڪار کي پئسن تي سئو ايڪڙ زمين ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي. ٻيلي کاتي جي وزير قاضي افضل اها درخواست اٺاويهه مئي 2008ع واري ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪئي. ڪابينا اتفاق راءِ سان درخواست منظور ڪري ڇڏي. فيصلي اوپن ٿيڻ کان پوءِ جڏهن علي گيلاني ۽ مير واعظ اهڙي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ۽ رياست هل هنگامن حوالي ٿي ته مفتي سعيد جي ڌيءُ محبوبه مفتي ڪابينا اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تي پشيمان ٿي. هن به حريت ڪانفرنس جي ها ۾ ها ملائي، حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. فاروق عبدالله سيڪيولر سڏائيندي به ووٽرن جي موڊ مطابق مخالفت ۾ ڪاهي پيو. غلام نبي آزاد ابوالڪلام آزاد جيان کين سمجهائيندو رهيو ته اورنگزيب عالمگير به ڌرمشالائن ۽ مندرن کي وڏي انگ ۾ زمينون ڏنيون هيون، اوهان جو احتجاج هند ۾ مسلمانن لاءِ وڌيڪ منفي تاثر قائم ڪندو. ڪشميري مجاهدين کيس ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. آزاد شرائن بورڊ جي سيڪريٽري ارون ڪمار کي به هٽايو ويو، پر هلچل وارا هيٺ لهڻ لاءِ آماده ڪو نه ٿيا. نيٺ آزاد استعيفيٰ ڏني. مولانا ابو الڪلام آزاد چوندو هو ته ”ورهاڱي جيڪي رويا متعارف ڪرايا آهن، تن جي نتيجي ۾ لڳي ٿو ته قيامت تائين اهو خطو نفرت جي باهه ۾ سڙندو رهندو...“ !

    arbabnek@yahoo.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    نيپالي عوام لاءِ مائو نواز ڪامريڊ ڪهڙا نهال ڪندڙ فيصلا ڪندا؟




    اربع 23 جولاءِ 2008ع



    پاڙي ناهي پچار ته ڪا رات راحت ڏيئي گذري... سارڪ جو اهم ملڪ ۽ ننڍي کنڊ سان سرحدي سلسلي ۾ ڳنڍيل ديس نيپال تازو وڏي انقلابي تبديليءَ سان لطف اندوز ٿيو آهي. بادشاهه سلامت تازو ديس پنهنجو ڇڏي پرديس روانو ٿي ويو آهي. سينگاپور ۾ مستقل رهائش لاءِ موصوف کي موڪل ملي چڪي آهي. ايڪيهين جولاءِ تي بادشاهي سلسلي جي 240 ساله آپيشاهيءَ کي مائو نواز ڪامريڊن هٿان گهر ڀيڙو ڪرڻ واري واقعي کي اڃا مهينو به مس گذريو هو ته ملڪ ۾ پهريان صدارتي انتخاب ٿي گذريا آهن.

    دنيا جي واحد هندو ڌرمي سلطنت ”نيپال“ پنهنجا ٻه سئو چاليهه ساله ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ملڪ مان بادشاهت جو بسترو گول ٿي ويو آهي ۽ مائو نواز مهمان ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن. سارڪ وارن ملڪن جو هيءُ اهم رڪن اچانڪ جنهن انقلاب جي واچوڙي ۾ وچڙجي چڪو آهي، ڇا ان بعد ساڌ ٻيلي جي ساڌوئن واري سنگت کي ”سلطنت“ جي مامرن مان آجائپ ملڻ کان پوءِ جيڪي نوان ”ڪامريڊ“ سرير آراءِ سلطنت ٿيا آهن، تن جي تشريف آوريءَ بعد ننڍي کنڊ ۾ ڪي نوان کٽراڳ ته شروع نه ٿيندا؟ چين ۽ ڀارت جا پاڻ ۾ لاڳاپا ته متاثر ڪو نه ٿيندا؟ ڀارت تبت مان دل برداشته ٿي دلائي لامي کي داغِ مغارقت ته ڪو نه ڏيندو؟ لداخ ۾ ڀارتي دفاعي مرڪز شاهراهه قراقرم کي ”قيمو“ بڻائي، بيجنگ ۽ مريءَ جي وچ ۾ خليج پيدا ڪرڻ واري خواهش کي ريج ته ڪو نه ٿيندو؟ آمريڪا جو هن خطي ۾ اثر اڏوهيءَ حوالي ته ڪو نه ٿيندو؟ پهرين اچو ته ساڌوئن سان سنمک ٿيون!

    ننگر پارڪر جهڙيءَ ريت ڪارونجهري پهاڙي سلسلي جي هنج ۾ واقع آهي، تهڙيءَ ريت نيپالي ديس به بلند ۽ بالا ڏونگرن جي گود ۾ ڏک سک ڏسندو پيو اچي. هن ديس جو چورس زميني دائرو اسي هزار ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. پرٿوي نارائڻ جي خاندان هن ديس ۾ ڌرمي بادشاهت جو آغاز ڪيو هو. 1718ع ڌاري ڪلهوڙن کان ميرن جيئن سنڌ کسي هئي، تيئن پرٿوي جي راڄ جا ”گولا“ هن ديس تي قابض ٿيا هئا. ان وقت شاهي گهراڻي جو ڪنور صاحب ”شاهه تري“ هو، جيڪو لال بهادر شاستريءَ جي ملڪ ڏانهن فرار ٿي ويو هو. پر ڀارت ئي نيپال کي پاليندو ۽ تاتيندو رهيو. هندستان شاهه تري جي بادشاهت بچائڻ لاءِ مداخلت ڪئي ۽ ”گولا“ گوشه گمناميءَ جي حوالي ٿيا. راڻي ميهندري ۽ مومل جو بيان ته پاڻ پڙهندا رهون ٿا، پر نيپال ۾ جڏهن شاهه تري 1960ع ڌاري سورگ باش ٿيو ته پڳ خيرن سان ميهندري حوالي ٿي. ميهندري پنهنجي ”لڊاڻي“ ۾ سياسي پارٽين تي پابندي لاڳو ڪري، والد جي ڪابينا کي به ترم حوالي ڪري ڇڏيائين. موصوف پاڪستاني حاڪمن جيان ”لوڪل باڊيز سسٽم“ کي متعارف ڪرايو. ميهندري کان پوءِ پڳ 1972ع ڌاري بريندرا حوالي ٿي. بريندرا جي بادشاهيءَ دوران مائو نواز ملهه پهلوانن ۽ سرڪاري سورهيه سپاهين وچ ۾ چپقلش چهار دانگ عالم پنهنجا چمڪاٽي چرچا متعارف ڪرايا. تازو جيڪو شاهه گياندرا سياسي گورستان ڏانهن روانو ٿيو آهي، کيس پهرين جون 2001ع تي ”بادشاهي“ ملي هئي. گياندرا کان اڳ ديپندرا ولي عهد هو. شاهه بريندرا جي ديپندرا دلي خواهشن واري دهليءَ کي دور ڏٺو ته نڪا ڪيائين، هم نڪا تَم پهرين گوليءَ سان پنهنجي والد بزرگوار شاهه بريندرا کي اڏائي ڇڏيائين. آتشِ انتقام انڌي ٿيندي آهي. ٻي گولي امڙ سڳوريءَ جو سينو پروڻ ڪري ويئي. ملڪه ايشوريا راجيه لڪشمي ديويءَ کي مارڻ کان پوءِ ڀيڻ شروتي ديوي، ڀاءُ شهزادو نرنجن داس ۽ چاچو ڌريندرا به ڌوڙ ڪري ڇڏيائين. هڪ درجن کن گهر ڀاتي گوليءَ جي منهن ۾ ڪڍڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ تي فائر ڪري، انت آندائين. گياندرا گهر کان ٻاهر هو، حسينه واجد جيان. گياندري کي تخت تي براجمان ٿيڻ کان پوءِ:

    هر ڪه آمد عمارت نو ساخت

    تي عمل ڪندي ڏٺو ويو. هن وزيراعظم گرجا پرشاد ڪوئرالا کي ڪابينا سميت گهر جي ٽڪيٽ وٺرائي، نئون شوڪت عزيز هٿ ڪيائين، جنهن جو نالو هو شير بهادر ديوٻا... نيپالي جنتا ڪنهن تبديليءَ جي گهوري هئي، پر گياندرا کي ڪنهن نجوميءَ ٻڌايو ته تنهنجو مکيه منتري منحوس آهي. شاهاڻا انگل آرا به عجيب قسم جا ٿيندا آهن. هن نجوميءَ جي ڏس تي وزيراعظم کي گهر جو ڏس ڏيئي، ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. اها نيڪي گياندرا فيبروري 2005ع ڌاري ڪئي. اندرا گانڌيءَ جيان پنهنجن هٿن سان لڳايل ايمرجنسيءَ کي هن ختم ته ڪيو، پر پاور عوام ڏانهن منتقل ڪرڻ بدران پنهنجي شخصي وجود ۾ مقيد ڪري ڇڏيائين. اهو عمل عوام ۾ اضطراب کي مزيد تقويت فراهم ڪرڻ وارو هو. مائو نواز موقعي جي تاڙ ۾ هئا. ڪامريڊن جي پريشر بادشاهه کي پريشان ڪري ڇڏيو. نيٺ همراهه شڪست تسليم ڪئي ۽ 2006ع ڌاري شاهه گياندرا ۽ مائو نوازن جي وچ ۾ معاهدو ٿيو. اڪارڊ ۾ لکيو هئائون ته ترت نئين آئين ساز اسيمبليءَ جون چونڊون ٿينديون ۽ ايندڙ اسيمبلي ئي ملڪي قانون کي مرتب ڪندي. تازيون چونڊون مذڪوره بالا معاهدي جون مرهونِ منت آهن. 601 رڪني نئين پارليامينٽ منتخب ٿيڻ شرط پنهنجي پهرئين اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته نيپال هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ هوندو، جنهن جو ڪاروهنوار سيڪيولر ازم ۽ ڊيموڪريسيءَ جي اصولن هيٺ هلايو ويندو. چونڊن ۾ 335 سيٽن تي جيڪي سدورا سليڪٽ ٿيا آهن، تن لاءِ متناسب نمائندگيءَ وارو اصول رائج ڪيو ويو هو. 240 سيٽن تي براهه راست اليڪشن ڪرائي اٿن. ”ڪيپيٽل بورڊ“ جي ماتحتيءَ ۾ پڻ 26 ميمبر منتخب ڪرايا ويا آهن. چئبو ته اليڪشن جو سه فريقي اهتمام ٿيل هو. مائو نواز 220 سيٽن تي سوڀارا ٿيا آهن. نيپالي ڪانگريس جهڙي اقتدار پرست ڪيو ليگ به 110 سيٽون حاصل ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. مبصر چون پيا ته جيڪڏهن متناسب نمائندگيءَ وارو اصول رائج نه هجي ها ته مائو نواز وڌيڪ سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿين ها. واقعي به متناسب نمائندگيءَ واري انتخابي اهتمام سان نيپالي ڪانگريس کي آڪسيجن فراهم ٿي آهي. مارڪسسٽ ليننسسٽ يونيفائيڊ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي به 103 سيٽون مليون آهن. هن وقت آمريڪا هندستان جي توسط سان نيپالي مريدن کي ”رام“ ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. دهليءَ کي به مائو نواز گروپ مان ماکي مکڻ ملڻ جي اميد گهٽ آهي. نيپال دنيا جو واحد ملڪ هو، جنهن کي سناتن ڌرم وارا سامي پنهنجو ”اسرائيل“ سمجهندا هئا. ڀارت سناتن ڌرمي اڪثريتي آباديءَ جو ملڪ آهي، کيس ڌرمي شناخت جي خاتمي تي تحفظات به آهن. جنتا پارٽي، آر ايس ايس ۽ بجرنگ دل وارا مائو نوازن لاءِ اکڙي ڪهاڙي لڳا پيا آهن. البته انڊيا پنهنجي پرڏيهي وزير پرناپ مکرجيءَ کي نيپال موڪلي مائو نواز اڳواڻ پيراچندا سان خير سگاليءَ وارن نينهن نياپن جو تبادلو ڪرايو آهي. ڀارت کي ڪنهن حد تائين ”هندوتا“ جي هلڻ هاري ٿيڻ ۽ نيپال طرفان چين جي هنج ۾ تشريف فرما ٿيڻ ناپسند ته آهي، پر دهلي ان ڪوشش ۾ آهي ته واشنگٽن سميت سموري مغربي دنيا کي قائل ڪري ته مائو نوازن تي دستِ شفقت دراز ڪري، آفريقن نيشنل ڪانگريس (نيلسن منڊيلا واري) فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن (ياسر عرفات واري) شمالي آئرلينڊ واري ”سن فين“ جماعت کي دامِ فريب ۾ جهڙيءَ ريت قابو ڪيو ويو هو، ساڳي سفارتي هٿ جي صفائي نيپال ۾ ڏيکاري، کيس ”گلوبلائيزيشن“ جي عالمگيريت واري اوڙاهه ۾ اڇلائجي. پراچندا به مائوزي تنگ جو معتقد آهي. لڪير جي فقيري بدران هو به عالمي سامراج جي آهني شڪنجن کان آگاهه ضرور آهي. مٿس تنقيدون به شروع ٿي ويون آهن، پر هو آصف زرداري جيان زميني حقيقتن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلڻ جو ارادو رکي ٿو. اتان جي ق ليگ نيپالي ڪانگريس سان پراچندا ڳالهيون مهاڙيون شروع ڪري چڪو آهي. چوڌري برادران جيان نيپالي ڪيو ليگي اڳواڻ گرجا پرساد ڪوئيرالا به مائو نواز همراهن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي پيشڪش ڪئي آهي. ملي جلي معيشت ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي به اهميت ڏيڻ وارن قدمن تي ”ڪامريڊ“ پراچندا تي ڪاوڙيل آهن. فوجي ڪمانڊرن به مائو نوازن جي آجيان ڪئي آهي. آرمي چيف ۽ پراچندا پاڻ ۾ متفق ٿي چڪا آهن. ان ڳالهه تي ته مائو نواز مسلح گوريلا فوج ۾ شامل ڪبا. معاشي استحڪام لاءِ چاليهه سالن وارو ورڪ پلان مرتب ڪيو اٿن. چين جي اقتصادي ترقيءَ کي ماڊل طور اپنايو ويو آهي. سوشلزم جو نالو استعمال ڪرڻ ۾ به بخل کان ڪم ورتو پيو وڃي. چئي؛ ويهن سالن ۾ معاشي ترقيءَ وسيلي اهڙو سماج اڏي وڃبو، جتي عملي طرح سان سوشلزم جو اطلاق آسانيءَ سان ڪري سگهبو. مائو نوازن جو مدار المهام بابو رام ڀٽاري ته نئين ڳالهه ٿو ڪري... چئي: اسان حڪومتي وسيلن کي پبلڪ پارٽنرشپ سان استعمال ڪري، عوام جو معيار زندگي بهتر ڪنداسين! هن عالمي سرمائيڪارن کي نيپال ڏانهن ڪرها ڪاهڻ جي به صلاح ڏني آهي. سندس اهڙي روش تي ”جيالا“ مٿس جوت اوڳاڇيندڙ جبريون تنقيدون ڪري رهيا آهن. سڪندراعظم سان راجا پورس وڙهندي وڙهندي گرفتار ٿيو ته کيس سڪندر جي حضور ۾ حاضر ڪيو ويو. سڪندر سوال ڪيو ته توهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪجي؟ پورس به پنج درياهي پاڻيءَ واري ڏاهپ جو مجسمو هو. چئي: جيئندا قبلا! اسان سان اهائي روش اپنايو، جيڪا بادشاهه بادشاهن سان اپنائيندا آهن- سو نيپالي بادشاهه گياندرا ۽ ملڪه ڪومل کي مائو نواز قيادت به سڪندر اعظم جيان سلامتيءَ سان ملڪ ۾ موجون ڪرڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي آهي. البته پنڊت جواهر لال نهروءَ جيان رياست جي ”راڻي“ کي الائونسن جي ادائيگي بند ڪري ڇڏي اٿن. جيتوڻيڪ نيپالي نئين سرڪار کي دنيا جي مشهور ملڪن تسليم ته ڪيو آهي، پر آمريڪا هندستان جي اشتراڪ سان ننڍي کنڊ ۾ چيني اثرات لاءِ جيڪي چهبڪ تيار ڪرائڻ ۾ مگن هو، نيپالي تبديليءَ کان پوءِ ڪافي حد تائين واشنگٽن پلان واءُ گولي جيان وکرندي نظر اچي رهيو آهي. دلائي لاما ۽ تبت جي اشوءَ کي به سال ڏيڍ کان سرگرميءَ سان مٿي کنيو پئي ويو. چيني وري ڀارت اندر مائو باغين جي ”مڪر فريب“ تي محظوظ ٿي رهيا هئا. مائو باغي هونئن ته ڳپل وقت کان ڀارت لاءِ ”فتني“ جي ساز سامان واري فراهميءَ ۾ لڳل آهن، پر تازو ڇتيس ڳڙهه مان ٽائيم جي رپورٽر سائمن رابنسن جيڪي تفصيل لکيا آهن(8جون 2008ع واري شماري ۾)، سي سري نگري ڪشمير ۾ ٿيندڙ شورش کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. ٽائيم جو خاطو لکي ٿو: منهنجو فوٽوگرافر ۽ مان مئي مهيني جي آخري راتين دوران هڪ رات ٽڪياسين مائو باغين جي ڪيمپ ۾ ... نڪسل باڙي تحريڪ ۽ مائو نواز باغين بابت اها اسٽوري هن وقت عالمي سطح تي ڀارت بابت اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي حوالي سان خاص اهميت حاصل ڪري چڪي آهي. ”ديوا“ سندن دادا گيرِ اعظم آهي. چوڻ لڳو: مائو نواز لال قلعي تي جهنڊو جهولائڻ ۽ دهليءَ کي دم بخود ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. سائمن رابنسن چئي ٿو ته مون پڇيومانس ته: دهلي اڃا ڪيترو دور آهي؟ ”ديوا“ چوڻ لڳو: اسان پنهنجو وجود انهيءَ نصب العين جي حصول لاءِ ارپيون ٿا، اڳتي جي خبر آگي کي...

    نيپالي انقلاب انڊيا لاءِ ڪيتري قدر اهميت وارو اشو آهي؟ انڊيا وارن لداخ وارو هوائي فوج جو اڏو 43 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو تڙ تڪڙ ۾ڪتب آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ”دولت بيگ اولڊي ايئربيس“ جي نالي سان مشهور اهو اڏو”اڪسائي چن“ جي آمهون سامهون اڏيل آهي، جتي چيني فوج 1959ع کان موجود آهي، (2008–6–11 تي) هن ايئربيس تي ڀارتي جهاز اڌ صديءَ کن جي وقفي کان پوءِ پهريون ڀيرو نازل ٿيو ته چين جا به ڪن کڙا ٿيا. شاهراهه قراقرم به هن ايئربيس جي اکين اڳيان چين کي پاڪستان سان ملائي ٿو. AN:32 ٽرانسپورٽ جهاز ۾ چندي ڳڙهه کان ويسٽرن ايئرڪمانڊ جو چيف ايئرمارشل هاربورا پنهنجي ٽيم سان دولت بيگ ۾ وارد ٿيو هو. هي ايئربيس سامونڊي سطح کان 4.960 ميٽرن جي بلنديءَ تي اڏيل آهي. ”چوشل“ ۽ ”فڪجي“ جهڙا چين جي بارڊر سان ملحق ننڍڙا ايئربيس به استعمال لائق بڻائڻ جا جتن جاري آهن. اهي اڏا 1962ع ڌاري ڀارت–چين تڪرار دوران ٺاهيا ويا هئا. 1966ع ڌاري هن علائقي ۾ زلزلو آيو، جنهن سمورا ايئربيس به لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيا. اڌ صديءَ کان پوءِ ٻيهر ڀارت جو لداخ ۾ لنگر انداز ٿيڻ ڪهڙا رخ ٿو متعين ڪري؟ هوڏانهن ”تبت“ واري موضوع کي به هن وقت عالمگير شهرت مليل آهي. چين ۾منعقد ٿيندڙ اولمپڪ راندين لاءِ دلائي لاما جا ”دودا“ آخري تپ ثابت ٿي رهيا آهن. تازو تبت ۾ سياحن کي سير سفر جي موڪل ملي آهي، نه ته گذريل ڪجهه مهينن کان تبت ۾ ٽوئرسٽ حضرات جي داخلا بند رهي آهي. چين طرفان تبتين جي ڪن مهٽ خلاف ڪافي جاندار مظاهرا به ٿيا هئا. نيپال به هماليه جبلن جي قطارن کي نيڻ نهار ۾ آڻي سگهي ٿو ته تبت ته آهي ئي همالوي ڏونگرن جي هنج ۾... ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ تبت واسي پنهنجي ديس کي دنيا جي سر تي ڇپر ڇانءَ جو لقب ڏين ٿا. هن کي ”برفاني ديس“ به باور ڪرايو ويندو آهي. 1951ع کانپوءِ تبت تي چيني پهريدار طور مقرر ٿيل آهي. دهلي به 1954–04–29 تي هڪڙو معاهدو ڪري تبت کي چين جو حصو تسليم ڪري چڪو آهي، پر پس پرده آزاديءَ جي گهورن کي انڊيا جو آشيرواد حاصل رهيو آهي. 1950ع ڌاري دلائي لاما تبت جي واگذاري لاءِ هلچل شروع ڪئي. موصوف ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن جو مذهبي پيشوا پڻ آهي. سي آءِ اي کيس سپورٽ فراهم ڪئي، پر ”لهاسا“ واري لڙائيءَ ۾ همراهن کي چين چريو ڪري ڇڏيو. دلائي لامي جا ”دودا“ وڃي نيپال ۾ پناهه گذير ٿيا ۽ پاڻ 1959ع کان ڀارت ۾ ترسيل آهي. سرمائيداري بلاڪ ۽ ڀارت جي پٺڀرائي تي کيس ڌرم شالي واري علائقي ۾ جلاوطن سرڪار جوڙائي ڏني هئائون، جتي تبت مان نقل مڪاني ڪري ايندڙن لاءِ رفيوجيز ڪئمپون به ٺهيل آهن. چين ڀارت کي 1962ع واري جنگ ۾ تبت جي محاذ تي لوهي چڻا چٻرايا هئا. دلائي لاما کي 1989ع ڌاري ”نوبل پرائيز“ مليو. ائين همراهه دنيا آڏو اڀري آيو. گذريل ٽن مهينن کان تبت جي خودمختياريءَ جي گهورن دلائي لاما جي ”دودن“ جو مائوزي تنگ جي ملڪ سان جهيڙو جاري آهي. صدر بش خاص اهتمام سان دلائي لامي کي شرف بازيابيءَ بخشي چڪو آهي. آمريڪا کي خطرو آهي ته ايندڙ ڏهي ۾ ايران، افغانستان، پاڪستان ۽ چين گڏجي ڪري، واشنگٽن جي مفادن کي ڌڪ رسائي سگهن ٿا. ترڪمانستان ۽ پڻ ايران کان گئس جون پائيپ لائينون دهلي، بيجنگ، تهران، ڪابل ۽ اسلام آباد کي سلهاڙي رهيون آهن. دهليءَ جا آمريڪا کي به آسرا آهن ته چين کي به فراموش ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سڪم کان انڊيا لاءِ روڊ رستي واپار کي گذريل سال کان ڏهوڻ تي وڌايو ويو آهي. تبت جي تنازعي کي ڀارت ”ڊي فريز“ ڪرڻ لاءِ آماده ته ٿي چڪو آهي، پر آمريڪي چٽيون به کيس ڀوڳڻيون پئجي رهيون آهن. نيپال مان اڍائي سئو ساله بادشاهت جو اختتام لڳي ٿو ته چين ۽ ڀارت کي وڌيڪ ويجهو ڪندو. مائو نواز ۽ نڪسل باڙي ناز نخرا ڀارت مان به لڏ پلاڻ ڪندا. واشنگٽن هن خطي مان بيگانو ٿي سگهي ٿو. پوءِ ته ننڍي کنڊ جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ هونديون. هن ديس جي پريشانين کي پري ڪندڙ ڏينهن طلوع ٿي چڪا آهن. ڏسجي ته نيپالين جيان ننڍو کنڊ ڪڏهن ٿو نهال ٿئي.

    arbabnek@yahoo.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    من موهن سنگهه جو کٽيل اعتماد ۽ اسلام آباد لاءِ امڪاني آزمائش




    ڇنڇر 26 جولاءِ 2008ع



    ڊاڪٽر من موهن سنگهه به سنڌو سڀيتا سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته مقابلي واري ملهه پهلوان لال ڪرشن آڏواڻيءَ کي به سنڌي وڏي سمنڊ جي ساحل تي ٻاروتڻ گذارڻ جو اعزاز حاصل آهي. هندستان ۾ هن وقت اهي ٻئي شخصيتون هڪ ٻئي لاءِ اکڙي ڪهاڙي بڻيل آهن. خوش قسمتيءَ سان ٻنهي کي واشنگٽن طرفان پروانه محبت به عطا ٿيل آهي. جيئن تيئن ڪري ڊاڪٽر من موهن سنگهه واري انڊين نيشنل ڪانگريس ”عدم اعتمادي“ بحران مان ته پار اڪري چڪي آهي. کيس آمريڪي اعتماد وارو آشيرواد به حاصل ٿي ويو آهي. تاهم هندستان ۾ انهيءَ جماعت جي عوامي حمايت بي اعتماديءَ جي بلي ٿيندي پئي وڃي. ارڙهن سئو ڪلوميٽرن کان به سوايو سرحدي دنگ لڳي ٿو پياري پاڪستان سان، هندستاني ملڪ جو. سم ۽ ڪلر ڌرتيءَ سان گڏو گڏ امورِ مملڪت کي به شوريده سريءَ جو پُرشور پيالو پيارڻ جي سگهه رکن ٿا. ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جو اتحاد ٿي سگهي ٿو، پوءِ سماج وادي پارٽيءَ سان جي ڪانگريس جو اشتراڪ عمل ٿئي ٿو ته انهيءَ ۾ اچرج جي تلاش عبث آهي. ڊاڪٽر من موهن سنگهه سرڪار وارو مخلوطي منظر يونائيٽيڊ پروگريسو الائنس جي نالي سان اوپن ٿيو هو. ليفٽسٽ ”پروگريسو“ اکر تي موهجي ويا ۽ هنن سٺ کن ميمبرن جو سهڪار ڪانگريس کي آڇي، سودي ۾ فقط لوڪ سڀا جي اسپيڪري حاصل ڪئي هئي. تازو عدم اعتمادي مرحلي ۾ کاٻيءَ ڌر وارن جي بغاوت ناڪام ٿي ته سومناٿ چٽرجيءَ کي جماعت مان ئي ديس نيڪالو ڏئي ڇڏيو اٿن. سومناٿ چئي ٿو ته ”منهنجي اسپيڪريءَ کي لهر نڪو لو ڏو، ڪامريڊن سدائين خلائي سفر ڪيا آهن. جڏهن چين ۽ روس مائوزي تنگ ۽ ڪارل مارڪس وارين ٿيورين ۾ تبديلون آڻي، سرمائيدار دنيا سان سنگت قائم ڪري چڪا آهن ته پوءِ اسان کي مانگر مڇ سان سدائين لاءِ وير پرائڻ واري پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي.“

    چٽر جيءَ کان پوءِ ٻي جيڪا جماعت عدم اعتماد واري اشوءَ تي ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ٿي آهي، اها سماجوادي پارٽي سڏبي آهي. آسام، هرياڻو، آنڌرا پرديش، تامل ناڊو ۽ اوڀر پنجاب ۾ سماجوادي پارٽيءَ جي سربراهه ملائم سنگهه يادو ”يو اين پي اي“ جي نالي سان بي جي پي ۽ ڪانگريس خلاف متحده محاذ جوڙيو هو. وٽس چاليهارو کن ميمبر موجود هئا، جن مان ”نائون ستارا“ شاهد صديقيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ يادو کي داغ مفارقت ڏئي ڌار ٿي چڪا آهن. جئي پرڪاش ڀدوليا، راج ڪمار راج ببر، بيني پرساد ورما، افضل انصاري، منور حسن ۽ عتيق احمد به شاهد صديقيءَ جي سٿ ۾ شامل آهن، جن لوڪ سڀا ۾ سماجوادي پارٽيءَ جو فارورڊ بلاڪ ٺاهي، من موهن سنگهه تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ملائم سنگهه يادو ۽ امر سنگهه اهي ماڻهو هئا، جيڪي ڪانگريس تي ائين تنقيد ڪندا هئا، جيئن شيخ رشيد نواز شريف واري جماعت تي تنقيد ڪندو آهي. سونيا گانڌيءَ جي ”اطالوي شناخت“ تي به سماجوادي سنگت سرهي ڪانه هئي. شهريت جو سوال به شدمد سان اٿاريو هئائون. ائين پئي لڳو ڄڻ خواري سماجوادي پيا کڻن ۽ ڪانگريس جي ناڪاميءَ جو کٽيو بي جي پي کائيندي، پر گذريل چونڊن ۾ ڪانگريس وڏي اڪثريت سان واجپائيءَ جهڙي اٽل بهاريءَ کي گهر جي ٽڪيٽ وٺرائي هئي. ملائم ۽ امر سنگهه پيروڊي جا به ڏاڍا ڪي ماهر آهن. سونيا جي طرز تڪليم تي به همراهن ڪي چرچا ڳڀا متعارف ڪرايا هئا، جيڪي هندستان ۾ زبان زد عام ٿي ويا. ڪنهن ٿي ڄاتو ته مشرق ۽ مغرب پاڻ ۾ هڪ ٿي ويندا، پر دنيا ڏٺو ته سياست جي سيني ۾ ”صدق دلي“ سدائين سست روي جو شڪار رهندي آئي آهي.

    ڏسجي ته هاڻ ملائم سنگهه پنهنجي تازي ”پانسي پلٽ“ لاءِ ڪهڙا ٿو دليل ٺاهي... بي جي پي جي فرقيواريت جي مقابلي ۾ ڪانگريس جي سيڪيولر پاليسي ڀارت لاءِ وڌيڪ لاڀائتي آهي. لال ڪرشن آڏواڻي وري ملائم سنگهه تي ڪهڙا ٿو ڪک رکي. چئي: همراهه نيب زدهه آهي، کيس خفيه اداري سي بي آئي سامهون ڪيس کي منهن ڏيندي ڏکيائي ٿي رهي آهي. ڪانگريس کيس ڪيسن مان آجو ڪرڻ جو دلاسو ڏنو آهي. سم ۽ ڪلر جا اثرات صرف ۽ برق وارا فرق واضح ڪري رهيا آهن يا نه؟ دهلي ۽ اسلام آباد کي سياست واري اها سياهه ڪاري مبارڪ هجي. ملائم سنگهه واري سماجوادي پارٽيءَ کي اتر پرديش واري ڀئوجن سماج پارٽيءَ کي به منهن ڏيڻو آهي، جيڪا اتان جي وڏي وزيرياڻي محترمه مايا وتي جي اڳواڻيءَ ۾ سندن رستا روڪ ڪندي رهي ٿي. مايا وتي واري موومينٽ به عدم اعتمادي قافلي ۾ شامل هئي. کيس به سي بي آئي ذريعي سوگهو ڪرڻ جا دڙڪا ”عنايت“ ٿيا هئا. معياري ممڪلت ۽ ماڊل ڊيموڪريسي سڏائيندڙ ڀارت ماتا کي مبارڪ هجي، سي بي آئي! ڪانگريس جو ٻيو اهم اتحادي ديو گوڙا به گوڏا کوڙي من موهن سنگهه خلاف ميدان ۾ لٿل هو. مرحوم نوابزادي لياقت علي خان جو ڳوٺائي ڪرنال وارو ايم پي اروند شرما به ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيو هو، پر خيرن سان مدر جماعت کي خير باد چيائين. اهڙن سدورن ۾ امبريش ڪمار ۽ جل اپاڌياءِ به شامل آهن، جيڪي ڪرناٽڪ مان ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيا هئا، پر من موهن سنگهه کان رسي ويا.

    ڪانگريس ويهارو کن ميمبرن جي اڪثريت سان عدم اعتمادي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ته ٿي آهي، پر ملڪ ۾ سال اندر عام انتخابات ٿيڻا آهن. صوبن ۾ ته ٽن مهينن کان پوءِ قسطن ۾ پراونشل اسيمبلين جون چونڊون شروع ٿينديون. ڀارت به پاڪستان جيان مهانگائيءَ واري سونامي ۾ ٻڏل آهي. ڪانگريس کي پنڊت جو اهر لال نهروءَ واري وچ ٿري ۽ خودمختيار خارجه پاليسيءَ کي ترڪ ڪرڻ واري ”ڏوهه“ کي ”سوهه“ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ دليلن جا دڪان کولڻا پئجي ويا آهن. چئي: ”سمنڊ ۾ رهندڙ مخلوق کي مانگر مڇ سان مجبوريءَ ۾ محبت ئي ڪرڻي پوندي، نه ته عالمي بادشاهه ڀرپاسي وارين ”ناڪام رياستن“ هٿان اسان جي نڪ ۾ دم ڪندو رهندو“... انڊين نيشنل ڪانگريس کڻي دليلن جي دنيا جا ڪهڙا به ڦاڙها ماري، پر سندس ڪارڪردگي ۽ عدم اعتمادي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ حصول وصول ڪلچر جي فروغ واري پاليسيءَ کيس اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ متنازعه بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻوڪي وزيراعظم ۽ ايندڙ امڪاني وزيراعظم جا ڊائيلاگ به ٻڌو.

    آڏواڻي: اهڙي سک جي هٿ ۾ هندستان جون واڳون آهن، جنهن جا ”ساڍا ٻارهن“ اسان جي ديس لاءِ دردن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. هو پنهنجو پاڻ کي اقتصادي ماهر ٿو سمجهي، پر ديس جون مارڪيٽون عالمي سوداگرن حوالي ڪري، هن اسان جو الهه تلهه آڏاڻي تي رکي ڇڏيو آهي.

    من موهن سنگهه: آئون حيران آهيان انهن ڪميونسٽ دوستن تي، جيڪي بي جي پي جهڙي بتال جماعت کي ڀارت تي مسلط ڪرڻ لاءِ ڏاڪڻ فراهم ڪري رهيا آهن. آڏواڻي اهو ئي شخص آهي، جنهن رٿ ياترا جي نالي ۾ بابري مسجد وارو بحران پيدا ڪري، ملڪ کي خون خرابي حوالي ڪيو هو. هو گجرات ۾ نريندرا موديءَ جهڙي شخص هٿان سندس ديس جي خوبصورت چهري تي داغ هڻندو رهيو آهي.

    ٻنهي سنڌو تهذيب جي امن پسندن جا فلسفا اوهان پڙهيا، هاڻ اچو ته آئيندي ڏانهن نهاريون. بي جي پي مستقبل جو وزيراعظم ايل ڪي آڏواڻيءَ کي مقرر ڪري چڪي آهي. اها جماعت ڪانگريس کان به گوءِ کڻي ويندي، آمريڪا ۽ اسرائيل جي حمايت واري ميدان ۾... مرلي منوهر جوشي به هٿ کڻي ويو آهي ڪاڪي آڏواڻيءَ جي حق ۾... آڏواڻي سال ٻه اڳ جناح صاحب جي مزار تي ويو هو. سندس اها جسارت ڀارت ۾ ”ٻرنديءَ تي تيل“ وارو ڪم ڪري ويئي، پر واڻيو هوشيار هو. هن ”مائي ڪنٽري مائي لائيف“ جهڙو ضخيم ڪتاب لکي، پنهنجي پوزيشن بحال ڪرائي ڇڏي آهي. هاڻي ته پراوين توڳڙيا جهڙا جذباتي ليڊر به کيس ”هر دلعزيز“ ڪري پيش پيا ڪن. پراوين اهو پرين آهي، جنهن آڏواڻيءَ کي بدنام ڪرڻ لاءِ سموريون حدون اورانگهيون هيون. آر ايس ايس طرفان سندس مک ليڊرن سڌرشن ۽ موهن ڀاڳوت جا تاثرات سموري ملڪ ۾ تقسيم ڪيا پيا وڃن. جن ۾ لکيل آهي ته: آڏواڻي ڊاڪٽر ڪي پي هيڊ گيواڙ جو تسلسل آهي، جنهن 1925ع ۾ آر ايس ايس جو پايو وڌو هو. جن سنگهي ۽ آر ايس ايسي اهڙي ”رضاڪار“ لاءِ چشم براهه ٿي، مهم هلائين ته جيئن کيس ڀارت جو پرائيم منسٽر بنائي سگهجي... راجسٿان ۾ مولوي تاج محمد آريسر ۽ سينٽرل انڊيا ۾ بشير بدر جي سربراهيءَ ۾ مسلمان ليڊرن کي به اڳتي آندو ويو آهي، جيڪي آڏواڻيءَ بابت ”دلي دروازا“ کولڻ لاءِ مسلم ڪميونٽيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن.

    من موهن سنگهه کي سڀ کان اڳ ۾ جنهن شخص ”مبارڪون“ ڏنيون، خبر اٿوَ ته هو ڪير؟ هاءِ ڪمشنر براءِ ڀارت منجانب واشنگٽن! مبصر ان خيال جا آهن ته هن سموري مهي ولوڙ مان جيڪو ”مکڻ“ حاصل ڪيو پيو وڃي، انهيءَ کي ”سول جوهري معاهدي“ جي نالي سان پرکي سگهجي ٿو. واشنگٽن ۽ دهلي هاڻ وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان انهيءَ معاهدي جا رهيل سُٽ سلجهائيندا. دهليءَ جو آمريڪي هنج ۾ دم پٽڻ وارو جديد دور ننڍي کنڊ لاءِ به نيون سوغاتون فراهم ڪري سگهي ٿو. عدم اعتماد کان ڏينهن ٻه اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جا پرڏيهي سيڪريٽري دهليءَ ۾ جامع مذاڪرات لاءِ پيش رفت جا اصول جوڙڻ خاطر جمع ٿيا هئا، پر شو شنڪر مينن چئي ڏنو ته ”ڪابل ۾ هندستاني هاءِ ڪمشنر واري دفتر کي اڏائڻ ۾ اسلام آباد ملوث آهي.“ دهليءَ طرفان داغيل الزام جي ترت تائيد ڪندي، رچرڊ بائوچر به چئي ڏنو ته: ”هندستاني سفارتخاني کي تباهه ڪرڻ وارو الزام سنجيدگيءَ جي تقاضا ڪري ٿو.“ بائوچر ايئن به چيو پئي ته ”پاڪستان کي ڀارتي الزامن جو جوڳو جواب ڏيڻو پوندو.“ ڀارت ۾ جيئن جيئن اليڪشن جي موسم وڌيڪ ويجهي ايندي ويندي، آمريڪا چاهيندو ته اليڪشن ۾ سندس منظورِ نظر ميدان مارين. واشنگٽن لاءِ آڏواڻي ۽ من موهن سنگهه جون ٻئي جماعتون ”چشمِ ما روشن، دلِ ماشاد“ لڳيون ٻيون آهن. اسلام آباد کي وڌيڪ آزمائش ۾ وجهڻ لاءِ واشنگٽن ۽ دهلي ڪو نئون ممڻ به مچائي سگهن ٿا. ڏسجي ته اسلام آباد ڪنهن امڪاني آزمائشن جي ازالي جو اهتمام ڪهڙيءَ ريت ٿو ڪري.

    arbabnek@yahoo.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ڪاوش ۽ پڇاڻو!




    آچر 3 آگسٽ 2008ع



    ”ڪاوش“ ڪنهن اهڙي ڪلچر جو ته نالو ناهي، جنهن جو مقصد ڪارڪنن، پڙهندڙن ۽ ڇاپيندڙن جي وچ ۾ ”قلم قبيلي“ وارا ڪٽنبي ناتا ۽ رشتا وڌيڪ تازا توانا بڻائڻ لاءِ سدائين سرگردان رهجي؟ صحافت جي ميدان ۾ ڪنهن اخباري اداري جو اهڙو عوامي اسٽائيل کيس ”منفرد ڪلچر“ جي شناخت ته عنايت ڪري ٿو پر انهيءَ پُرخار ماٿري ۾ پير به پٿون ڪرائڻا پون ٿا. پڙهندڙن آڏو جوابدهيءَ وارو احساس اخبار کي،

    هي جستجو خوب سي خوب تر هي ڪهان؟

    اب جا ڪي ٺهرتي هي نظر ڪهان؟

    واري خود احتسابيءَ ۾ جڪڙي ”جدوجهد“ واري جنگاڻ حوالي به ڪري ٿو. تازو هفتي ڏيڍ کان راءِ عامه جا ردِ عمل جاچڻ لاءِ ڌار ڌار شهرن ۾ جيڪي مباحثا منعقد ٿيا، اهڙن مذاڪرن جو انعقاد دليل ڏئي ٿو ان ڳالهه جو ته ادارو عقلِ ڪل جو دعويدار ناهي. واکاڻ ۽ واهه واهه کي وڻندڙ وکر ۾ ته شامل ڪري سگهجي ٿو، تاهم وڌيڪ بهتر اها ڳالهه آهي ته ڪمزوريون به واضح ڪجن. هن عاجز کان اڪثر اهو ”پڇاڻو“ پيو ٿيندو آهي ته توهان جي تحريرن ۾ اشارن ڪناين جي بهتات هوندي آهي. ڳالهه کري ۽ چٽيءَ ريت بيان ڪجي...ٻي جنهن ڪمزوريءَ جو اڪثر قارئين احساس ڏياريندا رهندا آهن، سا آهي عربي فارسيءَ جو ڪثرت سان استعمال. ٽئين نمبر تي وڏي شڪايت آهي بيتن جي ڀرمار، اها به گهڻو ڪري ديسي گهٽ ۽ بديسي وڌ!

    هڪڙي همراهه هن حقير پر تقصير کان آڏي پُڇا ڪندي ارشاد فرمايو آهي ته تون ٿوم مان زعفران ڪيئن ٿو بڻائين پنهنجي تحرير کي ۽ ڪڏهن کان پيو لکين...؟ زعفران جي تلاش جاري آهي ۽ عاجز ۾ ته ڪا ٿوم ئي ناهي ته جواب وري ڪهڙو ڏجي. 1975ع ۾ ”مهراڻ“ اخبار کي ڪنهن عربي تحرير جو ترجمو ارسال ڪيو ويو هو، پوءِ هليا وياسين لشڪري زبان ڏانهن جيڪا ناز ۽ نعم ۾ پلجي وڏي ٿي. لاهور مان ”افريشيا“ جي نالي سان عبدالقادر حسن هفتيوار رسالو ڪڍندو هو. مجيب شاميءَ جي ”زندگي“ کان ويندي ”ندا“ نالي واري اقتدار احمد جي ويڪلي جريدن ۾ لکڻ جي وندر جو عرصو ويهارو سالن تي مشتمل آهي ۽ پوءِ ”ڪاوش“ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا سڀ ”رسالا“ وسري ويا. ڇا لاءِ لکجي؟ پنهنجي دل پشوري ڪرڻ لاءِ لکجي، ٻيو وري ڇا لاءِ لکبو؟ سوسائٽيءَ تي تنبيهه ۽ تنقيد جو اثر به ٿيندو آهي ڇا؟ عربيءَ ۾ چئبو آهي...”الانسان حريص في ما منع...“ يعني ماڻهوءَ کي جنهن مامري بابت ”مقيد“ ڪبو، همراهه لامحاله اهڙي ڪوڙڪيءَ مان نڪرڻ جي ڪندو...سنڌي ۽ اردو جا فقط هڪ هڪ پسنديده رائيٽر ٻڌايو؟ مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ مختار مسعود...

    ”پڇاڻو“ پڙهندڙن کان اهو ئي ڪرڻو آهي ته ناهن پڙهندا ۽ اجايو پيا چوندا ته حضرت! توهان ته ادارتي صفحي مان غائب لڳا پيا آهيو...گهڻو تڻو اهي ٻول تڏهن ٻڌبا آهن، جڏهن ٻين ليکڪن (امر سنڌوءَ سميت) جو استحقاق مجروح ڪري هروڀرو ايڊيٽوريل پيج جي تڪڙي تڪڙي حاضري پئي ڀربي آهي...احتساب ادارتي صفحي جو به ٿيڻ گهرجي. هن صفحي بابت ”محتسب“ وٽ مندرجه ذيل شڪايتون آهن. (1) بين الاقوامي ڪرنٽ افيئرس بابت تازه ترين معلومات ترت مهيا ڪري ڏيڻ ۾ بخل کان ڪم ورتو ويندو آهي. (2) صنعتي دنيا جا معاشي ۽ اقتصادي مامرا هجن يا مالڪن ۽ مزورن جا مسئلا، اسٽاڪ ايڪسچينج جو الهه تلهه چٽ ٿيندو هجي يا بئنڪاري دنيا جون برهه بازاريون، اهي موضوع ادارتي صفحي جي زينت بڻجن ته ٿا، پر مقدار جي رفتار سست آهي. (3) اشتهاري مجبورين کي هر ڪو باذوق چڱيءَ ريت سمجهي ٿو. ڪافي موضوع اهڙا هوندا آهن جيڪي خبر ۾ ته چند سٽون ئي حاصل ڪري سگهندا آهن، پر کين تفصيل سان ادارتي صفحي تي ڇاپي سگهجي ٿو، جنهن سان پڙهندڙ جي ”تشنگيءَ“ جو ازالو آسانيءَ سان ٿي ويندو. (4) مرچن ۽ ڦٽين جو چونڊو، ڪمند جي ڪٽائي ۽ ساريال ۽ ڪڻڪن جي لاباري کان ويندي سرڙئي هاري ۽ جوڙي واري هاريءَ لاءِ زميندارن طرفان مهانگائيءَ جي تناسب سان اجوري ۾ اضافي بابت اپ ڊيٽ معلومات جهڙا موضوع به ادارتي صفحي جي سونهن کي دوبالا ڪري سگهن ٿا. (6) سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ ريڪارڊ، لينڊ يوٽيلائيزيشن، فيڊرل ليند ڪميشن، متروڪه وقف املاڪ، ڪسٽوڊين کاتو ۽ سٽي سروي جهڙن کاتن طرفان سنڌ جا پلاٽ، زمينون، پهاڙ ۽ سامونڊي پٽيون الاٽ ڪرڻ واريون پاليسيون ڪافي حد تائين سنڌ واسين لاءِ متنازعه رهيون آهن. اهڙن ادارن طرفان ٿيندڙ ڀينگ کي انگن اکرن سان وائکو ڪرڻ لاءِ رٽائرڊ ۽ ماهر ڪامورن کان معلومات حاصل ڪري ادارتي صفحي تي اوپن ڪري سگهجي ٿي (7) رائيٽرن لاءِ سڪهءِ رائج الوقت ۾ ارڙهن سالن کان جاري جمود ڪڏهن ٽٽندو؟ (موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڇا ڪا خرابي آهي)

    arbabnek@yahoo.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    مواخذي جي تيارين سان پيپلز پارٽيءَ کي مليل پاپولرٽيءَ واري حقيقت!




    اربع 13 آگسٽ 2008ع



    ”جنرل مشرف...“ واري اکر تي گڏيل پڌرنامو پيش ڪندي آصف زرداري جنهن ريت ادائيگي دوران ”جدت“ جو مظاهرو پئي ڪيو، ٻڌندڙن، ڏسندڙن ۽ پڙهندڙن جي ڏيهي ۽ پرڏيهي پيڙهيءَ اڳيان رئيس جا سياست جي ميدان ۾ ڪيل سمورا سهو هُو هوا ٿي ويا...سياست آهي ئي مناسب وقت تي معقول فيصلا ڪرڻ جو نالو...گذريل ٻن ٽن مهينن دوران پيپلز پارٽي ۽ سندس سرواڻ تي جيڪي تنقيدن جا تير وسايا ويا، نٿو لڳي ته ڪنهن ملڪ ۾ ڊيموڪريسيءَ جي مس مس پاڙ هڻندڙ پتڪڙي وڻ کي هن ريت ڪوڏرن سان ٿپڻ ۽ ڪهاڙين سان ڪٽڻ جي ڪا روايت موجود به رهي هوندي. آصف زرداري بمبينو سينيما مان بزنس ايڪسپرٽ بڻجي نه سگهيو ته کيس زراعت جي ميدان ۾ طبع آزمائيءَ لاءِ ڇڏيو ويو. ڍورو ڀائي خان ٽنڊي الهيار ۽ ميرپور خاص ضلعن جي سنگم تي مسڻ وڏي کان سڏ پنڌ تي موجود آهي. آصف ستر واري ڏهاڪي دوران هن تر جو آزاد خيال ڀاڳيو زميندار مشهور هيو. ٿر جو هيبت راهمون سندس عام مختيار هو ته سندس ”تڏهوڪي“ دوست عالم بلوچ جو آصف جي دنگ تي موجود ماڊل فارم هٺيسنگهه ٺڪر سنڀاليندو هو. هيبت آصف لاءِ ”اياز“ هو ته هٺيسنگهه عالم بلوچ لاءِ بيربل...بيربل ۽ اياز جڏهن کان بي اختيار بڻايا ويا، تڏهن کان محمود ۽ اڪبر جا زميندار راڻا ”عروج“ زوال ڏانهن رختِ سفر ٻڌندي نظر آيا. آصف جو فارم کوکرن جي خريداري جو شرف ماڻڻ لڳو ۽ عالم بلوچ جي اقليم به برادري واري چپقلشن سان ڪمال کان زوال ڏانهن منتقل ٿي. انهيءَ دور ۾ ايس ڪي بلوچ (پاڻي منجهه پساهه وارو) جي موڀي پٽ ۽ حاڪم علي زرداري جي سڪيلڌي لختِ جگر جي مثالي ياري باشيءَ کي ڪنهن ٿي چيو ته ڪڏهن اهڙي اڏوهي لڳندي جو وڃي ٿيا ست خير...ائين ڪنهن ٿي ڄاتو ته ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري مشرق ۽ مغرب جهڙي بعيد برادريءَ کي لاهور ۽ نواب شاهه واري قريبي قربت ۾ تبديل ڪري ويندا. تڏهن ته چيو ويندو آهي ”ڪالهوڪا رٺل راڻا سڀاڻوڪا پرچيل پرين“ بڻجي سگهن ٿا.

    ”مواخذو“ عربي اکر آهي. آ خذيواخذ باب واري مواخذي جي معنيٰ آهي ”ڪنهن کي گرفت ۾ وٺڻ يا ڪنهن جي پڪڙ پڇاڙ ڪرڻ“...سو سائينءَ کي چوان جڏهن کان ”مواخذي“ واري ملاکڙي جو اعلان ٿيو آهي تڏهن کان پيپلز پارٽي جو پاءُ يا سير نه پر اعشاري نظام ۾ نه ماپيندڙ ۽ انگن اکرن ۾ نه شمار ٿيندڙ حد تائين رت وڌي ويو آهي...سياسي حوالي سان سليبس ۾ موجود ڊيموڪريسي بابت سرسري ڄاڻ رکندڙ ”سورما“ صاف صاف چئي رهيا آهن ته، جيئي آصف زرداري، جنهن پيپلز پارٽيءَ جي پت کي وائکو ٿيڻ نه ڏنو...اڄ سچ پچ شهيد ڀٽي ۽ شهيد بينظير سميت انهن سمورن امر ڪردارن جا روح وڌيڪ راحت محسوس ڪندا هوندا...ڪامريڊن کان ڪنهن پڇيو ته توهان سي پي ۾ هوندي به شهيد ڀٽي جي پارٽي سان ڪيئن وڃي شامل ٿيا؟ ڪامريدن چيو، اسان جي عمرين ۾ ڏاڍن کي هن ريت للڪارڻ وارو ڪارِ خير ٻئي ڪنهن به ”قائد“ کان ڪو نه پڳو...پوءِ يار جيڪو مستڪبرين سان مهاڏو اٽڪائي تنهن مردِ قلندر سان وڃي سياسي سهڪار ڪيوسين ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي...جنهن تي توهان کي تڪليف پهتي آهي...تازو آصف زرداري جڏهن ”جنرل مشرف“ وارا للڪاري لفظ اُچاري رهيو هو، تڏهن هر دکي دل کي اهڙي ”هڪ لفظي“ چارج شيٽ ۾ پنهنجي قلبي ترجماني ٿيندي نظر آئي هئي...(سواءِ مخدوم صاحبان جي) ٺيڪ آهي رسڻ، پر ڏاڏا سائين! توهان جو ڪيس توهان پاڻ ڪمزور ڪري چڪا آهيو...صدر پرويز مشرف جي مواخذي تي توهان ٻن صوبن جي عليحدگيءَ کان ويندي ملڪي گهوٽالي کي ”موضوعِ بحث“ بڻايو آهي...پر جيئندا قبلا! گستاخي معاف، مير تقي مير جي انهيءَ بيت جي ذرا سمجهاڻي ته عنايت فرمايو:

    مير کيا سادهه هين، بيمار هوئي جس کي سبب،

    اُسي عطار ڪي ”لڙڪي“ سي دوا ليتي هين!

    قسم آهي خدا جو اوهان کي، اي مخدوم نوح سرور جا سُريلا گادي نشين! پاڪستان جا بلوچستان ۽ پختون ڪنهن پريزيڊنٽ جي پيادهه دماغيءَ جي ڪري هن سطح تائين پهتا آهن. ٻيو ته ٺهيو پر هفتو اڳ همراهه ڪوئيٽا ۾ هو ۽ هن ٻروچن جي ڦٽن تي ٻيهر جنهن نموني لوڻ پئي ٻرڪيو، خود گورنر مگسيءَ جو به منهن لٿل هو...ايڪهٽ سالن کان هوت بلوچ هن اقليم ۾ زيرِ عتاب رهيا آهن، هن سدوري ته اڳيون پويون ڪسرون به ڪڍي ڇڏيون...”بگٽي کيا سمجهتا هي، بلوچون کو وارننگ ديتا هون، سڌر جائو...گولي ايسي جڳه سي آئيگي که تم ڪو پتا ڀي نهين چلي گا...“ ٺيڪ آهي ”سيٽلرس“ به سوءِ مرقه روانا ڪرڻ سٺو ڪم ناهي، پر اهڙي خانه جنگي ۽ طوائف الملوڪيءَ جو ٻج ڪنهن ڇٽيو؟ ڏاڏا سائين!

    ضياءُ الحق جو زمانو هو، رحيم بخش سومري کي جنرل ضياءَ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڏانهن موڪليو ته اسان کين پنجاب جو گورنر ٿا بنايون رضامندي حاصل ڪري اچو...مخدوم صاحب سومري مرحوم کي ڇا چيو؟ ادا! وچينءَ تي روزو ڪو نه ٽوڙبو ياري لاوڻ توڙ نڀاوڻ...واري فريدڻ يار جي پر پارڻ ڏيو...ڏاڏا سائين! هن ديس ۾ ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪورٽ اڳيان موجوده سرڪار جا ڏوهه ”اپيل“ جي صورت ۾ پيش ڪيا وڃن ۽ فرد جرم لاڳو ڪندي ٻئي ”پيرزادا“ قانوني جادوگري وارا جوهر ڏيکاريندي آرگيو...ڪن ته (1) صدر پرويز مشرف کي ”غير آئيني“ صدر چوندڙ سمورا ميمبران گرامي نااهل قرار ڏيو، ڇاڪاڻ ته جنهن صدر جي موجودگيءَ ۾ چونڊون ٿيون هيون، جيڪڏهن هو نااهل آهي ته پوءِ سمورو اليڪشن شيڊيول به غلط هيو. (2) پيپلز پارٽي پارليامينٽ جو صدر مخدوم امين فهيم آهي...موصوف جي آشيرواد کانسواءِ جيڪي حڪومتون معرضِ وجود ۾ آيون آهن، سي سموريون جوڙون ۽ جڪون جبري قانون تحت جڙيون آهن. چيف قاضي کين ”نا اهل“ قرار ڏي...سهڻي منڊي کي به ڇا چئجي، جنهن اهڙي پيرزادي جي نقش قدم تي هلڻ شروع ڪيو آهي جنهن شريف زادي کي مقصدِ حيات ۾ ممتاز مقام مليل آهي انهيءَ موضوع جي ڪري ته: ”اسان کي هر آمر لاءِ قانوني جادوگريءَ سان ”صفائي“ پيش ڪرڻي آهي.“

    ميار ته شهيد الهه بخش سومري جي لختِ جگر لاءِ به تاريخ ۾ محفوظ ٿي چڪي، جنهن هڪڙي آمر جو پيغام آندو هو پ پ جي سينيئر وائيس چيئرمين لاءِ! اهو ئي الهه بخش، جنهن پنهنجي سنڌ حڪومت ته وڃائي پر امامِ انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي جو سنڌي وڏي سمنڊ جي ساحل تي وڃي استقبال ڪيو هو...اخبارن ۾ آصف علي زرداريءَ جي ”للڪار“ تي انهيءَ سنڌي سياستدان جي پوٽي پاران تنقيد ڪئي وئي، جنهن جي ڏاڏي سن ستيتاليهه ۾ انهي پاپولر سياستدان سان مهاڏو اٽڪايو هو، جنهن سان ٽڪر کائڻ کانپوءِ سنڌ جو اهو ”سائين“ سدائين ڪاٺ ۾ رهيو...ڏاڏا سائين ڪجهه ڏينهن صبر ڪن ها ۽ جميل سائينءَ کي به...”ديکو اور انتظار ڪرو...“ جهڙي نصيحت فرمائين ها ته شايد ”تنهائيءَ“ جي طوالت هالن ڏانهن ترت ڪرها ڪاهڻ کان پالهي رهي ها...مخدوم سائينءَ جو اهو فرمائڻ ته، ”جو تم کروگي، سو هم کرين گي، هم ڀي هين انسان تمهاري جيسي...“ اها ٻولي ته ”آگري اسٽيٽ“ وارا ٻوليندا رهيا آهن، ۽ هن وقت آگ ۽ پاڻي پاڻ ۾ ”مواخذي“ واري موضوع تي اظهارِ يڪجهتي به فرمائي رهيا آهن...آصف زرداري ۽ سندس ”ڪچن ڪابينا“ کي به سندن ڪچائيون قبول ڪرڻ گهرجن. خورشيد شاهه جو نوَ لکي گودڙيءَ جي مرشد ڏانهن ”معاونت“ لاءِ تشريف فرما ٿيڻ وارو سفر ٻه مهينا اڳ شروع ٿئي ها ۽ خود زرداري صاحب ”هالا“ هلي وڃي ها ته اهو موضوع ”اختلافي اشوءَ“ جي حوالي نه ٿئي ها...صدر پرويز مشرف پنهنجي ليکي دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها ته سندس لاءِ ۽ ملڪ لاءِ اها هٿ کڻ پيش رفت سودمند ثابت ٿئي ها. پر آمريت جي علمبردارن وٽ اهڙيون حسين روايتون رهيون ناهن. سندس پيشرو جنرل يحيٰ خان گورنر هائوس (لاهور) ۾ لٿل هجي، اوڀر پاڪستان ۾ آرمي ايڪشن شروع ٿي چڪو هو...لاهوري دير سان بيدار ٿيا هئا. جنرل عتيق گورنر هو. سلمان تاثير جي هاڻوڪي راڄڌاني اڳيان ”مظاهرين“ اچي مٿو پئي کاڌو...”قاتل قاتل يحيٰ قاتل...“ نعرن جا پڙاڏا گورنر هائوس جي ايوانن کي لوڏي رهيا هئا. مدهوش مارشل لا ايڊمنسٽريٽر عتيق الرحمان کان احوال ورتو...”يه کيا هو رها هي؟“ عتيق تاريخ جو طالب علم ۽ ذهين جرنيل هو. (صاحبزادي يعقوب جيان) جواب ڏنائين...”سر! يه آپکا سر چاهتي هين...“ قز لباش ماهه جبين جو مائٽ ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر نڪري ويو...گهٽ وڌ به چئي ويو ۽ فوري طور تي گورنر هائوس مان ”واڪ آئوٽ“ ڪرڻ لڳو...عتيق ڪار ۾ صاحبِ موصوف کي مسند تي تشريف فرما ڪرائڻ لاءِ گڏوگڏ هلندو رهيو...نيٺ چئي ڏنائين ته: جيئندا قبلا! آئون جونيئر ۽ توهان سينيئر آهيو پر جڏهن ملڪ جو ٺانٺو ڦٽڻ تي هجي ۽ قوم تباهيءَ جي ڪناري تي اچي رسي ته پوءِ ماٺ به مشرڪاڻو عمل ليکبو...مون تاريخ پڙهي آهي، آئون آمرن جي ”انائن“ کان ڪنهن قدر واقف آهيان، اهي آمريت جا رکوالا ڏيهه کي برباد ڪري سگهن ٿا، قوم کي ڪهي ۽ ڪهائي سگهن ٿا، پر بدقسمتيءَ سان پنهنجين انائن کي قربان ڪرڻ هو سکيا ئي ناهن...آغا صاحب! آئون ڏسان پيو اوڀر پاڪستان هٿان پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ لکين ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃڻ وارا آهن...عتيق جي پوءِ به ڪا نه مڃي، نيٺ جنرل گل حسن وارا بيڊ روم ۾ پهتا ۽ اسلحي جي زور تي جنرل آغا کان زبردستي استعيفيٰ لکرائڻ ۾ سرها ٿيا...

    ”مواخذو“ پيپلز پارٽيءَ کي ٻيهر پاپولر بڻائي ويو آهي. هاڻ ته اهي به اسٽوريون پيون ڇپجن ته مهانگائيءَ وارو راڪاس همراهه هٿرادو طريقي سان روڪي رکيو هو ته جيئن ايندڙ سيٽ اپ ۾ منهنجي ڇهه آني نه ڀرڻ جي صورت ۾ اهو هٿيار استعمال ڪري سگهان...ڳالهيون اهي به اوپن ٿي چڪيون آهن ته صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪارن کي هٿ وٺي سرمايو ٻاهر منتقل ڪرايو ويو آهي...پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امير حيدر هوتي ۽ رئيساڻي صاحب جي نگراني ۾ مرڪزي حڪومت مصالحاتي ڳالهين وسيلي ”امن“ قائم ڪرائڻ لاءِ جيڪا ترڪيب استعمال پئي ڪئي صاحب موصوف پنهنجي ”همنوائن“ جي سهڪار سان سول سرڪار جي اها سريع الحرڪت امن پسندي به اسپيڊ بريڪرن حوالي ڪري ڇڏي آهي...آصف صاحب صحيح ٿو چوي ته صاحب موصوف جو مائينڊ سيٽ اهو ئي آهي جيڪو اڳ ۾ هيو...هاڻي ڇا ٿيندو؟ غالب گمان اهو آهي ته ”اسٽيڪ هولڊرز“ هٿان همراهه کي اقتدار کان الڳ ڪرايو ويندو ۽ ”مواخذي“ وارو مرحلو ايندو ئي ڪو نه...پر ڪا به ڳالهه ناممڪنات ۾ شامل ناهي هوندي...ڪنهن مرحلي تي راند کي هٿن مان نڪرندو ڏسي وزير اعظم اسيمبليون ٽوڙڻ جي راءِ صدر ڏانهن اماڻي سگهي ٿو. اهو آخري آپشن آهي...هن وچ ۾ غربت جي گهاڻي ۾ غرق خلقِ خدا کي هلچل لاءِ اسٽريٽ پاور طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو...تحريڪن لاءِ کڻي عوام تيار نه به هجي پر جمهوري روايتن جي پاسداريءَ لاءِ اڄ به عوام ۾ دم خم موجود آهي...آمريتي ايوانن کي هڪ ڌڪو اور ڏيڻ واري امڪاني واچوڙي کان پهرين ڪي ”وچ وارا“ وچ ۾ پئي جنرل گل حسن وارو ڪردار به ادا ڪري سگهن ٿا. تاهم ”آگرا اسٽيٽ“ کي ڪنهن ٻارهين مئي کان بچائڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. آصف زرداري ڌنيواد جو مستحق آهي، جنهن جمهوري روايتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ للڪار ڪئي آهي.

    دل چاهي ٿي ته جيڪو آصف زرداري شهيد سنڌوءَ راڻي جي پُرملال انتقال کانپوءِ خارجي ۽ داخلي دٻاءُ برداشت ڪندي به ”جمهوري روايتن“ جي آبياريءَ کان باز ناهي آيو، تنهن باوفا بلوچ بابت وڌيڪ معلومات شيئر ڪريون. اهو ئي آصف، جنهن کي جڏهن ”مواخذي“ وارو پڌرنامو پيش ڪندي صحافين آڏيءَ پڇا هيٺ آندو ته هن واشنگٽن ۽ پاڪستان اسٽيبلشمينٽ بابت نهايت دليريءَ سان چئي ڏنو ته ”جمهوريت پڇندي ناهي، پنهنجا فيصلا پاڻ ٻڌائيندي آهي...سندس اندازِ بيان سچ پڇو ته صدين جا ٿڪ لاهي ڇڏيا. هاڻ پاور گيم مان ڪير ٿو سوڀارو ٿئي ۽ ڪنهن کي ٿي شڪست ملي؟ اهي ڳالهيون تڏهن ته صفا تر جيتري به قدر قيمت نٿيون لهن، جڏهن آصف چيو پئي ته؛ جن ڌرين محترمه کي شهيد ڪيو، اهي ئي مافيائون مون کي مارڻ پويان آهن....چئن پنجن مهينن دوران آصف اسٽيبلشمينٽ کي ارڙهين فيبروريءَ واري عوامي سيلاب ذريعي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ٻيهر ڪر کڻڻ ته ڪو نه ڏنو، پر نهايت منصوبه بندي ۽ مهارت سليم معين، نسيم اشرف ۽ عبدالله يوسف پارن کي به ڪنڊائتو ڪيائين. پوءِ عالمي ۽ مقامي ”اسٽيڪ هولڊرز“ کي مطمئن ڪرڻ وارا مرحلا پار ڪرڻ جون جاکوڙون جاري رکيائين.

    مخدوم صاحب ۽ اعتزاز احسن جون به ناز برداريون سٺائين ۽ چون چون واري مربي جهڙي معجون، مرڪب قسم واري اتحادي لڏي کي به گڏ کڻي هلڻ وارا ڏکيا سکيا مرحلا به پار ڪري ويو آهي.

    بالوءَ جا قبا وارو بلاول زرداري ”مجذوب“ قسم جو ماڻهو هو، بلاول ڀٽو تي انهيءَ ابدال جو نالو رکيو اٿن. حاجي حسين جو پٽ حاڪم علي زرداري زيڊ اي بخاريءَ جو ناٺي آهي، جيڪو ميڊيا جي دنيا جو جڳ مشهور ۽ هر دلعزيز ڪردار رهيو آهي، پر آصف جا ناناڻا ”آفندي“ آهن. آصف ”پيٽاريين“ آهي، تازو 26 جولاءِ آصف جي پنجونجهاهين سالگرهه واري تاريخ لنگهي آهي. محترمه کائنس هڪ مهينو پنج ڏينهن وڏي هئي...محترمه جي نڪاح مهل جنهن هونهار کي هنج ۾ ويهاريو ويو هو، اهو هو مير سروي علي خان ٽالپر، جيڪو فريال ۽ مير منور جو لختِ جگر هيو....زندگيءَ جي بي ثباتي ڏسو...آصف جي سالگرهه ۽ مير سرور جي ورسيءَ جي ساڳئي هڪ ئي تاريخ آهي...ٻارهان جنوري 1996ع تي ”ڊان“ ۾ انجم نياز جو ورتل آصف زرداري جو انٽرويو ڇپيو هو. گفتگوءَ جو اختتام انهن لفظن تي ٿئي ٿو....”زندگي خود هڪ وڏو چئلينج آهي، اهي ئي زنده رهن ٿا، جيڪي اهڙو چئلينج قبول ڪن ٿا“.....”مواخذي“ وارو چئلينج به گهٽ ناهي پر....موت ڪي منه مين بيڻهه کر خوشيان مناني والي.....جهڙي ڀٽي خاندان سان سلهاڙجڻ خود عظيم ترين چئلينج ئي ته آهي....”مواخذي“ جا حتمي نتيجا پنهنجي جاءِ تي پر ”عوامي ريفرنڊم“ ٻڌائي ڇڏيو آهي.

    arbabnek@yahoo.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    قائداعظم جي ”قديم تعارف“ سان پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي قيادت ڪري سگهي ٿو؟




    خميس 14 آگسٽ 2008ع



    سٺ ايڪهٺ سال واري سربستي سٽ کي سلجهائن لاءِ اڄوڪو ڏينهن اهم آهي. ” قائداعظم جي واضح”فرامين“ کي پٺ ڏيڻ سان ئي هن ڏيهه جو ڏيوالو نڪتو آهي، وس پڄيم ته ايم اي زبيريءَ وارا بانيءَ پاڪستان بابت لکيل وچور انهيءَ چارج شيٽ جو حصو بنائجي، جيڪا فردِ جرم جنرل پرويز مشرف تي لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومتي اتحاد تيار ڪري رهيو آهي. جناح صاحب جي نالي سان قائم ”قائد ليگ“ ئي ٻڌائي ته هو قائداعظم جي نقش قدم کان ڪيترو پنڌ پر ڀري بيٺل آهي؟ مشاهد حسين سيد به چوي پيو ته: هم خم ٺونڪ ڪر جنرل صاحب ڪا ساٿ دين گي...... ڪيڏانهن منهن مريم جو ۽ ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار...... جناح صاحب جيئرو هجي ها ته آمرن سان اهو حشر ڪري ها جيڪو برطانوي عوام ”ڪروموويل“ سان ڪيو هو. جنهن سترهين صدي عيسويءَ ۾ برطانيا کي ”مارشل لا“ جي منهن گهوڙي حوالي ڪيو ويو...... ڪروموويل ٿيل ”ويل“ اهو عمل آهي، جنهن لنڊن اندر ڊيموڪريسيءَ کي استحڪام پئي بخشيو آهي، واضح رهي ته چيف مارشل لا ايڊمنسٽٽريٽر کي عبرت جو نشانو بنائڻ لاءِ برطانيا ۾ کيس ڦاهي تي چاڙهيو ويو هو...... جهڙيءَ ريت سنڌين پنهنجي چندي سان جوڙيل ”بسلي ولسن مسلم هاسٽل“ کي جناح صاحب ڏانهن منسوب ڪيو هو، سندس جمهوري ڪردار کان متاثر ٿيڻ کانپوءِ تهڙي ئي ريت ممبئي ۾ پڻ هڪڙو اهڙو ”جناح هال“ اڄ به موجود آهي، جيڪو قائداعظم جي ”برطانوي سامراج“ کي چئلينج ڪرڻ جي ياد ۾ جوڙايو ويو هو. ننڍي کنڊ ۽ ڏکڻ ايشيا جي عوام تي جناح صاحب جو روح ضرور رنجيدو ٿيندو هوندو، ڇاڪاڻ ته جناح ڪورٽ بلڊنگ واري ڪراچيءَ ۾ موجود هاسٽل پاڪستان رينجرز جي ڊي جي جو هيڊ ڪوارٽر بڻيل آهي، جڏهن ته ممبئي واري ”جناح هال“ جو به ڪو حال ناهي رهيو. پوئيواري ته ان”جناح هائوس“ جي به گهٽ ٿي آهي، جيڪو مالابارهل جي مقام تي ممبئيءَ جي حسن کي دوبالا ڪري رهيو آهي، تازو لڪڙ تار مان ڄاڻ ملي آهي ته ”جناح هائوس“کي ڏکڻ ايشيا جي تهذيبي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. عوام به گهٽ ڏوهي ناهي پر بدقسمتيءَ سان جن کي وڌيڪ ذميوارري هئي، اهي پاڪستان جا حڪمران قائداعظم جي عالمي ۽ ڏکڻ ايشيائي مامرن واري بين الاقوامي سوچ ۽ ائپروچ کي عام ڪرڻ ۾ تمام گهڻا بخيل ثابت ٿيا آهن... حڪمرانن جا عجيب حال آهن، پاڪستان جو هي ايڪهٺون جنم ڏينهن تڏهن آيو آهي، جڏهن ملڪ ۾ سويلين سرڪار آمريت واري تلواري جهاٽڪي جي منهن ۾ آهي، پر اي پي ڊي ايم سميت ملڪ جون جملي قابل ذڪر سياسي پارٽيون هن ”مخلوط سرڪار“ مان چڱائي جي اميد رکن ٿيون، عالمگيريت واري هن دور ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ لاءِ هلندڙ صديءَ ۾ باچا خان، مفتي محمود، شهيد ڀٽو ۽ ميان افتخار الدين ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پاڻ پتوڙيو سو ضرور آهي. اسفند يار، مولانا فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف مٿي ذڪر ڪيل چئن ئي مشهور ڪردارن جا جهڙوڪر خلف الرشيد ۽ وارث آهن.

    صحيح معنيٰ ۾ ته ڏکڻ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي تناظر ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي ڪردار بابت به عوام کي ”قديم معلومات“ فراهم ڪرڻ اوس ضروري آهي... سارڪ ملڪن واري چند هفتا اڳ منعقد ٿيندڙ ميلي ۾ سائين شاهه محمود قريشي ٻيهر اها ڳالهه ورجائي آهي، جنهن بات جو سرڪاري ايوانن مان اظهار ڪجهه وقت اڳ تائين ناممڪن هيو...سائين ڇا چيو؟ جيڪڏهن برلن جي ڀت ڊهي سگهي ٿي ته پوءِ اسان جون هٿرادو سرحدون به نرم ٿي سگهن ٿيون...قريشي اهو به چيو ته ٻڌمت، جين ڌرم، سناتن ڌرم ۽ مذهب جي حوالي سان انسان ذات کي ”ٽارگيٽ“ بنائڻ واري سوچ هن ڏيهه کي ڏک ئي ڏک ”ڏن“ طور فراهم ڪندي رهندي. مذهبي رواداري ۽ معاشي مفادات جي تابع پاليسيءَ سان ڏکڻ ايشيا نئين بلاڪ طور اڀري سگهي ٿو. پرڏيهي وزير جو پرسنل سيڪريٽري نور محمد ڪنڀر آهي، جيڪو پروفيشنل ايمبيسيڊر آهي، پرڏيهي وزارت ۾... سندس توسط سان شاهه محمود قريشيءَ جي تقرير ملاحظه ڪئي سين ته، ائين لڳو ڄڻ موصوف جناح صاحب جي قديم خيالن جي عڪاسي ڪري رهيو هجي. تازو قريشي صاحب جي اڳوڻي هندستاني هم منصب شري جسونت سنگهه جو ڪتاب ”مسٽر جناح هندو مسلم اتحاد جي سفير کان قائداعظم تائين“ جي عنوان سان منظر عام تي آيو آهي. پرڏيهي وزارت کي گهرجي ته هو جناح صاحب بابت هندستان ۾ ٿيندڙ انهيءَ مناسب بحث کي پاڪستان ۾ به زير بحث آڻي... جسونت سنگهه سميت ڪافي انڊين دانشور ان راءِ جا آهن ته هڪجهڙائيون تلاش ڪري ”هيروز“ جي حوالي سان منفي پروپيگنڊا کي ٻنجو ڏجي ۽ مستقبل لاءِ موچاريون راهون تلاش ڪجن. قائداعظم بابت اچو ته اڄوڪي ڏينهن ڪي قديم تعارف متعارف ڪرائجن.

    جڏهن سروجني نائيڊو جناح صاحب جي عظيم تر قومي ڪردار تي کيس ”هندو مسلم اتحاد“ جو سفير وارو لقب ڏنو ته، ڪنهن به غير مسلم اعتراض ڪو نه ڪيو.

    اوڻيهه سئو سترهان ۽ارڙهان وارن ڏينهن ۾ هندسان پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جا زخم چٽي رهيو هو، ترڪيءَ جي طرفان جنگ ۾ ڪاهي پوڻ سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ اضطراب پيدا ٿيو، هند سرڪار کان ”اصلاحات“ گهرندڙن جو خيال هو ته اسان به جنگ ۾ حصيدار بڻجون... ان وچ ۾ مسز ايني بيسنت (بيسنت هال حيدرآباد سندس ياد طور ٺاهيو ويو) جي هوم رول ليگ پنهنجو رول پلي ڪيو. جڏهن مدراس سرڪار 16 جون 1917ع تي کيس گرفتار ڪيو ته هندستان ۾ آزادي جا متوالا وڌيڪ متحرڪ ٿيا، نيٺ برطانوي حاڪمن وزير_ هند مسٽر مانٽيگو کي دهلي اماڻيو، جنهن هندستانين جي بي چينيءَ جي حل لاءِ ”اصلاحات–جديده“ جي نالي سان رپورٽ مرتب ڪئي، جنهن جي آڌار تي ”رائوليٽ ڪاميٽي“ مقرر ٿي، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ ڪي سخت پاليسيون اختيار ڪرڻ جو خيال ظاهر ڪيو. انڊين ليڊر شپ جي اڪثريت جذباتي ردعمل ظاهر ڪيو انهن ٻنهي جائزن تي پر جناح صاحب ڌار راءِ ظاهر ڪئي. موصوف برطانوي سرڪار کي چيو ته ”مقامين“ جي راءِ ته وٺو... نيٺ سرڪار راضي ٿي، جناح صاحب چيو ته: باغي ۽ انقلابي هر ملڪ ۾ موجود رهيا آهن، پر انهن کي چيڀاٽڻ مسئلي جو حل ناهي، پهرين اهي عوامل هٿ ڪريو، جن کين توائي بڻايو آهي، بيماريءَ جي پاڙ تائين پهچڻ پهريون مرحلو آهي، اڳتي اچي ٿو علاج...سو جيڪڏهن سرت سان اهي ٻئي ڪم ٿي وڃن ته معاملا درست شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا.جناح صاحب تي ڏمريا ته جام لوڪل ليڊر پر جڏهن ٻڌائون ته آخري وارننگ هن اها ڏني آهي،” تاج -برطانيا“ کي ته، توهان تڏهن کان ناڪام آهيو، جڏهن کان مقامي ماڻهن تان اوهان جو ويساهه کڄي ويو آهي، اوهان بديسي آقا کڻي هجو به سهي پرديسي رعايا کي رعايتون نه ڏيندا ۽ کين امور–مملڪت ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ڪندا، تيستائين شورش زدگيءَ سان شرابور اسان جو ”شملو“ پرامن ديس بڻجي ڪو نه سگهندو.جنهن وقت جناح صاحب هي صلاحون پئي ڏنيون، ان وقت برٽش ايمپائر جو سج نصف النهار تي هو...ڳالهين لاءِ جناح صاحب جي تجويزن سان راهه تي هموار ٿي پر لنڊن ۾ ويٺل بد دماغ بيورو ڪريسيءَ کان ايني بيسنت جي نظربنديءَ کانپوءِ ٻي غلطي اها ٿي جو جيڪو وفد هوم رول ليگ طرفان مسٽر بي جي تلڪ جي سربراهيءَ ۾برطانيا موڪليو پئي ويو، انهن لاءِ هند سرڪار ته سفري دستاويز جاري ڪيا، پر برطانوي سرڪار اهي پاسپورٽ منسوخ ڪري ڇڏيا. ٻيهر هندستان ۾ اشتعال پيدا ٿيو، جناح صاحب ان وقت هوم رول ليگ جي ممبئي چيپٽر جو چيئرمين هو، هن برطانيا جي تنگ نظري ۽ ڪوتاهه انديشيءَ خلاف سخت صداءِ احتجاج بلند ڪيو. اپريل 1918ع ۾ مسٽر تلڪ، ايني بيسنت ۽ مسٽر جناح جي نالي سان ”اعلان–عام“ جاري ٿيو...اسان کي آزاديءَ جي جهنڊي هيٺ وڙهڻ ڏيو، ڇاڪاڻ ته عالمي جنگ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي، اسان يا ته سوڀارا ٿينداسين، ٻي صورت ۾ هن راهه جو موت نهايت ذوق ۽ شوق سان قبول ڪريون ٿا... ممبئي ۾ لارڊو لنگٽن”آزاديءَ“ جي متوالن لاءِ جنرل ڊائر بڻيل هو،مسلم ليگ جو اٺون ساليانو اجلاس ميرين لائينز ممبئي ۾ ڪانپور جي بئريسٽر مظهرالحق جي صدارت ۾ رٿيل هو. جناح صاحب نياپو ڪرايو ته مهرباني ڪري آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو مشترڪه اجلاس ڪوٺايو ۽ هوم رول ليگ کي مبصر طور گهرايو ته، جيئن برٽش سرڪار تي ”بروقت“ پريشر وجهي سگهون... خير مسلم ليگ جي ڪانفرنس کي ڪمشنر ايس ايم ايڊورڊ ڪرائي تي وڳوڙي هٿ ڪري ڦٽائي ڇڏيو...... غنڊن جو تڏهن گاما پهلوان هو، قاسم مٺا... سڀ نه ته به اڪثر ممبئي جا موالي هن جا ”ٻانها“ بڻيل هئا، جلسو مولانا حسرت موهانيءَ جي هلندڙ تقرير دوران درهم برهم ڪيو ويو. بئريسٽر مظهر الحق، مسٽر جناح، ايني بيسنت ۽ ٻيا اڳواڻ وڳوڙين جي شور شرابي کان متاثر ڪو نه ٿيا ۽ نهايت دليريءَ سان اسٽيج تان گورنر، ڪمشنر ۽ قاسم مٺا جي ڪارندن واري شرارت جي نندا ڪندا رهيا، جناح چٽو چئي ڏنو ته: برٽش سرڪار هندو–مسلم هم آهنگيءَ کي هٿ سان ڦٽائي رهي آهي...تڏهوڪا برطانوي ايمپائر جا تيس مار خان هاڻوڪي انسداد–دهشتگرديءَ واري دهمان جيان مسئلن کي مقامي روايتن مطابق حل ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن لارڊ ولنگٽن معززين ۽ عمائدين کي ايڊريس ڪندي مقامي ماڻهن ۽ هوم رول ليگ وارن تي ڏمريو، چيائين اسان سان بيهو يا ڳالهه پڌري سڻايو، اسان چڪني چپڙي ٻول چال برداشت ڪو نه ڪنداسين، صميم–قلب سان اسان جا ٿيو، ڀڳل دل سان جيڪڏهن سهڪار ڪندئو ۽ تقريرن/تحريرن ذريعي جنگ جي مخالفت ڪندئو ته اسان جي جنگ متاثر ٿي سگهي ٿي، ٻه چاپڙائي اسان کي قبول ناهي...متن ڏسي ڊڪ چيني ياد اچي ٿو... قائدليگ جو سرپرست اعليٰ ته هڪڙي فون تي ڍير ٿي ويو، پر جناح صاحب تڏهوڪي ڊڪ چينيءَ کي ڇا چيو؟ جناح صاحب ڀرئي ترئي اجلاس ۾ موجود هو... اٿيو ۽ لارڊ ولنگٽن کي مخاطب ٿيندي چيائين: اسانکي به توهان جون چڪنيون چپڙيون چه ميگوئيون متاثر ڪري ڪو نه سگهنديون، هندستان جي آزاديءَ بابت وڌيڪ التوائي پيشسيون اسان کي به پسند ناهن، محض ڳالهين تي اسان کي ڌتاري نٿا سگهو... پيش رفت ڪرڻي پوندي اوهان کي..مسٽر لارڊ! اوهان جيڪا هندستانين ۽ خاص طور تي هوم رول ليگ وارن لاءِ جيڪا گٿي زبان استعمال ڪئي آهي، اها زبان درازي برداشت کان ٻاهر آهي...

    جناح صاحب کي جس ڏيڻ لاءِ ٿوري وقت کانپوءِ ”شانتارام“ هال ۾ مسٽر موهن داس ڪرمچند گانڌيءَ جي صدارت هيٺ عاليشان ڪانفرنس منعقد ٿي...اتي به جهرڪن ڄائي جهونجهار جرئت جو مظاهرو ڪندي هيءُ ٺهراءُ پيش ڪيو: برٽش ايمپائر جي منظور نظر هند سرڪار اڃا تائين هندستانين کي شڪ شبهي جي نظر سان ڏسي ٿي، حڪومت جا سمورا فيصلا بي اعتماديءَ واري بدبوءِ سان ڀريا پيا آهن، هندستاني فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪري نٿا سگهن، لوڪل لوڪن کي اسلحي رکڻ جو به اهل نٿو سمجهيو وڃي، امپيريل ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل ٿي رهيوآهي ۽ هندستاني نوجوان فوجي ڪاليجن ۾ داخلا وٺڻ جا به اهل ناهن سمجهيا ويا. هن موقعي تي هن ٻيهر لارڊ ولنگٽن کي سڱن تي کنيو ۽ چيائين ته، جيستائين هو هندستانين خلاف ڳالهايل لفظ واپس نٿو وٺي ۽ معافي نٿو گهري تيستائين مون سميت ڪو به غيرت مند هندستاني سندس طرفان گهرايل گڏجاڻين ۾ شريڪ ڪو نه ٿيندو...لارڊ ولنگٽن جو مدو اختتام پذيري ڏانهن مائل هيو، هن ”ٽائيمز آف انڊيا“ جي ايڊيٽر سر اسٽينلي ايڊ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪي خطاب يافته گلم جا توپچي هٿ ڪري پنهنجي شان ۾ ”الوداعي اختتاميه“ جو اهتمام ڪرايو... تقريب ۾ سندس يادگار طور ممبئي ۾ ڪو چبوترو جوڙڻ جي قرارداد آڻڻ جو پروگرام هو... جناح صاحب هن موقعي کي غنيمت ڄاتو ۽ لڳي ويو آئيني طريقي سان لارڊ جا لاهه ڪڍڻ پويان. هن اڻٽيهه اڪابرين جي صحيحن سان ٽائيمز آف انڊيا جي ايڊيٽر کي خط لکيو، جنهن ۾ گهر ڪيائين ته اسان به تقريب ۾ شريڪ ٿينداسين ”ممبئي ڪرانيڪل“ نالي واري اخبار حريت پسندن لاءِ هٿيار بڻيل هئي، هن مسٽر ايم اي جناح جي ڪوششن سان 1918ع ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا مشترڪه ڪنوينشن ڪوٺائڻ وارا ڪارنامه شه سرخين سان اوپن ڪيا ۽ لارڊ ولنگٽن جي سياهه ڪارين جا پردا چاڪ ڪيا... نيٺ اهو 16 ڊسمبر به اچي پهتو، جڏهن خود ساخته الوداعي پارٽيءَ جو اهتمام ٿيڻو هو، لارڊ ولنگٽن لاءِ......مسٽر جناح فيل مست انگريز جي سامهون پرامن احتجاجي مظاهرو منظم ڪيو، مظاهرين ٽائون هال ممبئيءَ اڳيان صبح ساڻ ئي رستن تي قابض ٿي بيٺا،بالڪونين، ڇتن ۽ جاين جڳهين تي به اهي بيهاريا ويا هئا، پوليس راتو رات پڙها گهمائي ڇڏيا هئا ته ڪو به ماڻهو گيٽ کلڻ کان اڳ ٽائون هال ۾ داخل ٿي نٿو سگهي، صبح جو ڏهين وڳي جڏهن مرڪزي گيٽ کوليا ويا، تڏهن عوام جو هجوم مسٽر جناح، مسٽر سيد حسين جمناداس، دوارڪا داس، پي جي بي هارنمين،عمر ثوباڻي ايل آر ٽيرسي، پي ڪي تلنگ ۽ مسٽر پوٿن جوزف جهڙن جي اڳواڻي ۾ هال اندر داخل ٿيو، تاڙين جي گونج ۾ مسٽر جناح چاڙهين تي اچي بيٺو ۽ آخر تائين اتان ئي هن والنٽيئرس جي رهنمائي ڪئي.. ڪمشنر قاسم مٺاجي سرڪودگيءَ ۾ جيڪي وڳوڙي آندا هئا، اهي اڳين ڪرسين تي براجمان ٿيڻ لاءِ داداگيري ڪندا رهيا، پر جناح صاحب جي حڪمت عملي سان اهي جايون سندس همنوا اڳ ۾ والاري چڪا هئا، اسٽيج تي ”وفادار“ اچي تشريف فرما ٿيڻ لڳا، ڪي اينگلو انڊين ته، ڪي پارسي ڪي يورپين ته، ڪي مسلمان...... سليمان قاسم مٺا وارن تاڙين سان استقبال ڪيو، جڏهن جناح صاحب جي ”جانبازن“ شيم شيم جا نعريٰ بلندا ڪيا...سڄو ممبئي جهڙوڪر لڏي اچي ميونسپل هال وٽ پهتوهو.... فلورا فائونٽين کان وٺي جلسي گاهه تائين پيهو پيهه لڳي پئي هئي، ٺيڪ ساڍي پنجين وڳي تقريب شروع ٿي، ميزبان دستوري طور انهيءَ نوٽيس کي دهرايو، جنهن ۾ گورنر صاحب بهادر لاءِ اهڙي اهتمام جا سبب ڄاڻايل هئا. هوڏانهن جناح صاحب جو ساٿي هارنمين اٿي کڙو ٿيو، چئي هي عوام جو مطالبو ناهي پر ڪي ڪرائي تي آندل آهن، جيڪي ظالم گورنر کي خوش ڪرڻ لاءِ راءِ عامه جو نالو استعمال ڪري رهيا آهن، هل هنگامي ۾ سر فرنشا واچا اعلان ڪيو ته، تقريب جي صدارت لاءِ اچي ٿو،سر جمشيد جيجي ڀائي...فاضل ڀائي ڪريم ڀائي تائيد ۾ اٿي بيٺو......هارنمين چيو ته، صدارت مسٽر تيلنگ ڪندو، ائين جلسو افراتفريءَ ۾ تبديل ٿي ويو، گورنر لاءِ يادگار تعمير ڪرائڻ وارو ٺهراءُ ڪنهن به ڪو نه ٻڌو... پوليس پنڊال ۾ اچي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو... جناح صاحب قيادت ڪندي ٻاهر نڪتو ته حامين ڪلهن تي کنيو......جلوس اپالو اسٽريٽ کان ٿيندو هڪڙو بيمله واري ڪمپنيءَ واري صدر دفتر جي وڏي ٿلهي تي پهتو، مسٽر جناح تقرير ڪندي عوامي لهر کي انگريزن خلاف اڪسائڻ ۾ ڪامياب ويو، چيائين اڄ عوام جي سوڀ ٿي آهي، اڄ جمهوريت ڪاميابي ماڻي آهي، وڃو ۽ وڃي فتح ۽ ڪامرانيءَ جا گهنڊ وڄايو... شام جو شانتارام هال ۾ عوامي جلسي دوران گورنر کي ٻيهر فرفت ۾ آندو ويو....هن سوڀ سان ممبئي جا روڊ رستا چوڪ چوراها ”جيئي جناح“ جي نعرن سان گونجڻ لڳا، بئريسٽر جي بهادريءَ تي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ مشهور پارسي اٽارني مسٽر بي ڊي لام”ممبئي ڪرانيڪل“ ۾ هڪ اپيل ڇپرائي، اهليان ممبئي کي گذارش ڪيائين ته، گورنر لاءِ ميموريل هال واري سازش ناڪام ڪندڙ ايم اي جناح ان ڳالهه جو حقدار آهي ته سندس نالي سان ”ميموريل هال“ انهيءَ ٽائون هال جي احاطي ۾ قائم ڪيو وڃي. مسٽر جناح دادا ڀائي نوروز جي ۽ گوپال ڪرشن گوڪلي جا روح تازا ڪيا آهن... هفتي ڏيڍ ۾ ايترا پئسا گڏ ڪري ورتائون، جنهن سان ليمنگٽن روڊ واري ”ڪانگريس هائوس“ جي احاطي ۾ ”جناح پيپلز ميموريل هال“ قائم ڪري انگريز گورنر جي سيني تي مڱ ڏرڻ ۾ ديسي حضرات ڪامياب ٿيا. هي هال اڄ سوڌو خسته حالت ۾ موجود آهي، هڪ منزله عمارت واري انهيءَ هال تي انگريزيءَ ۾ لکيل جناح پيپلز ميموريل هال وارا اکر به سلامت آهن.ممبئي مان انگريز گورنر حسرتون کڻي روانو ٿيو ۽ پونجا جو پوٽو فتحياب ٿيو، هال ۾ هڪ ئي وقت پنج هزار ماڻهن لاءِ ويهڻ جي گنجائش موجود آهي. اڄ جڏهن ”يوم پاڪستان“ ملهائي رهيا آهيون، تڏهن حڪومت پاڪستان کان اهو به مطالبو ڪرڻ ۾ حق بجانت ٿا سمجهون، اسان سنڌ واسي پنهنجو پاڻ کي ته جنهن ممبئي جو ”جناح هائوس“ ڏکڻ ايشيا لاءِ امن جي علامت طور ميوزم ۾ تبديل ٿي ويو آهي، انهيءَ مممبئي جي مذڪوره بالا هال کي پاڪ انڊيا پيس هائوس ۾ تبديل ڪرائي سگهو ته، توهان جي اها ڪاوش ڏکڻ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي ”وحدت“ لاءِ شروعاتي وک ثابت ٿي سگهي ٿي.

    آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ اچ وڃ لاءِ ڪي به رڪاوٽون ناهن، ديوار–برلن جا در و ديوار ڪاٻاڙ خاني حوالي ٿي ويا، ڇا ڏکڻ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جا نواب زادا پنهنجي مائينڊ سيٽيءَ ۾ ايڪهٺ سالن کانپوءِ ايتري تبديلي لاءِ به تيار ٿين ته، انسانيت واري اشرف المخلوقاتيءَ کي اوس آرام ۽ سڪون محسوس ٿيندو...هندن سان ظلم، مسلمانن سان ظلم، سکن سان ظلم ۽ ڪرستانن سان ظلم واري بولتي بند ڪن ۽ ائين چون ته، سن ستيتاليهه وارن ستمن سڀن جا جسم ستم زدگيءَ حوالي ڪيا هئا.پاڪستان اڄوڪي ڏينهن تي قائداعظم جي قديم تعارف وسيلي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي علمبرداريءَ وارو ڪريڊٽ ڪهڙي ريت حاصل ڪري سگهي ٿو؟ توهان به پنهنجي پاڪيزه خيالن جو اظهار ڪري سگهوٿا.

    arbabnek@yahoo.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    اٺين ترميم واري ”ارڙ بلا“ هٿ ۾ هجڻ باوجود صدر مشرف بيوس ڇو بڻيل آهي؟




    ڇنڇر 16 آگسٽ 2008ع



    صدر پرويز مشرف جو اٺونجهاهه ٽو (بي) استعمال ڪرڻ جي حوالي سان پنڌ سجايو ٿي ناهي سگهيو، البته اها ”ارڙ بلا“ هن کان اڳ چار حڪومتون ڳڙڪائي چڪي آهي. ٽيهتر واري آئين ۾ اها شق شامل ڪندڙ هو ميان محمود علي قصوري، ۽ آخري نوڪ پلڪ درست ڪيا هئا ”سهڻي منڊي“ جيڪو هاڻ عمرِ طبعي ۽ شريف الدين پيرزادي جي پوئلڳي سان ظاهري ۽ باطني حسن برباد ڪري چڪو آهي. قصوري مرحوم حريت ۽ آزادي جي علمبردارن جو وڪيل فيون وٺڻ کانسواءِ ٿيندو هو....جڏهن ته سندس پٽ خورشيد قصوري آئين شڪنيءَ جي علمبردار آمرن جو پڳ مٽ يار بڻيو بيٺو آهي. قصوري، پيرزادي ۽ سندس ٽيم جيڪو آئين شهيد بئريسٽر زيڊ اي ڀٽو جي زير–نگرني مرتب ڪيو هو، ان آئين ۾ شق نمبر اٺونجهاهه وزير اعظم کي اسيمبليون برخاست ڪرڻ جو پاور ڏي ٿي...قبل از وقت قومي اسيمبلي برخاست ڪرڻ لاءِ ”اصلي“ دستور ۾ ائين لکيل آهي ته، جيڪڏهن پرائيم منسٽر اسيمبلي تحليل ڪرڻ جو مشورو ايوانِ صدر ڏانهن موڪليو ۽ صدر اسيمبليون برخاست نه به ڪيون ته به اٺيتاليهه ڪلاڪن جي اندر اندر قانون موجب قومي اسيمبلي گهرن ڀيڙي ازخود ٿي ويندي. جيڪڏهن صورتحال اهڙي آهي، جنهن مطابق پرائيم منسٽر خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ٿي چڪي آهي ته پوءِ اهڙي مرحلي تي وزير اعظم کي قانون اسيمبلي تحليل ڪرڻ واري ايڊوائيس موڪلڻ کان جهلي ٿو.

    خير هونئن ته ٽيهتر جي دستور جا منهن مهانڊا ئي تبديل ٿي چڪا آهن، پر اڄوڪي رهاڻ ۾ پاڻ محدود رهنداسين اٺونجهاهين شق تائين. 1985ع تائين جنرل ضياءَ انهيءَ جمهوري مزاج واري شق کي هٿ ڪو نه لاٿو، پر موصوف جي صبر جو آمرانه پيمانو لبريز ٿي ويو ۽ هن ”جوڻيجا جمهورريت“ واري جيڪا کچڙي پچائڻ جا پهه پئي ڪيا، تڏهن کيس شريف الدين پيرزادي قائل ڪيو ته ٺلهي اٺونجهاهه ڇو؟ اڻونجهاهه اي جو اضافو ڪرڻ گهرجي ۽ قومي اسيمبلي صدر هٿان گهر رسيد ٿئي...نتيجي ۾ مارچ 1985ع ڌاري Provisional Order نمبر 14 تحت ”اي“ شق وارو اضافو ڪيو ويو...اڳتي هلي ڪري قانون ۾ اٺين ترميم وارو ايڪٽ نازل ٿيو ۽ اٺونجهاهه (ٽو) بي جي ولادت باسعادت عمل ۾ آئي....(1) قومي اسيمبلي عدم اعتماد وسيلي وزير اعظم کي لاهي ٿي ته صدر پرائم منسٽر کي گهر موڪلڻ جي مرحلي تي پهچائڻ جي سعادت حاصل ڪندو. (2) حالتون جيڪڏهن صدر صاحب جي ”نيڪ نظرن“ ۾ اهڙيون نظر اچن، جن مطابق فيڊريشن آئين مطابق ڪم اڪلائڻ لاءِ نااهل ٿي وڃي ۽ ٻيهر عوام الناس کان راءِ وٺڻ پريزيڊنٽ ضروري سمجهي ته پوءِ غلام اسحاق خاني ڪرٽ وهائڻ ۾ تڪڙا قدم کڻي. پويون اعزاز 9.11.1985 تي ڪانسٽيٽيوشن اٺين امينڊمنٽ تحت حاصل ڪيو ويو...چار ڀيرا اهو هٿيار ته استعمال ٿيو، پر جڏهن 1997ع ۾ نواز شريف ٻيهر ”بادشاهه“ بڻيو ته هن اٺونجهاهه (ٽو) بي جو جهاٽڪو تيرهين آئيني ترميم وسيلي ڪيو. قرار ڏنو ويو ته صدر کي اسيمبلي برخاست ڪرڻ کان آجو قرارڏجي ٿو ۽ اٺونجهاهه (ٽو) بي کي ختم ڪجي ٿو...فاروق لغاري اهڙي قدم خلاف اکڙي ڪهاڙي بڻجي سامهون آيو، اتان اهو چوٽي زيرين وارو اڳوڻو جيالو ماڊل ٽائون وارن جي نظرن مان به ڪري چڪو...جنهن پنهنجن سان بيوفائي ڪئي، انهيءَ جو عبرتناڪ احتساب وري ”اباجي“ وارن ورتو...نشهءِ خدمتِ سرڪار وارو نوابي ۽ اميري پيشهءِ آباءِ اتي به هٿوراڙيون هڻڻ لڳو پر....”بڙي بي آبرو هو کر کوچهءِ صدارت سي سائين نڪلي“......فاروق لغاري، مدد لاءِ سنڌي سيد سڳوري کي وينتي ڪئي...بئريسٽر ضمير گهمري جو هاڻوڪو باس عمرو اڌ ۾ ڇڏي اچي قاضي القضات واري مسند تي ويٺو ۽ هن هٿرادو بينچ جوڙي نواز شريف طرفان اٺونجهاهه (ٽو) بي جي خاتمي واري فيصلي خلاف حڪم امتناعي جاري ڪري صدر جا پاور (اسيمبلي جي برخاستگي وارا) بحال ڪري ڇڏيائين...هوڏانهن جاتي امراءُ جي جٽ به سر تي کاٽ رکي مقابلي جو اعلان ڪيو...جهيڙو انتهائن تائين وڃي پهتو ۽ فاروق لغاري دامت برڪاتهم العاليه قومي اسيمبليءَ کي برخاست ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو...رئيس جي تقرير به تيار هئي ۽ نوٽيفڪيشن جا نوڪ پلڪ به درس ٿي چڪا هئا، پر جهانگير ڪرامت ٽياڪڙيءَ تي لٿو ۽ هن ايوانِ صدر وڃي مسٽر لغاريءَ کي تڪڙا قدم روڪڻ جي فرمائش ڪئي...نواز شريف اسٽريٽ پاور کي به متحرڪ ڪري چڪو هو ۽ هن اهو به اعلان ڪري ڇڏيو هو ته لغاري صاحب جو ”مواخذو“ ڪبو...مواخذي جي خوف رئيس کي استعيفيٰ ڏياري ۽ همراهه وڃي ڪوههِ سليمان جي ڪوهستاني دوستن وٽ پهتو...

    نواز شريف جو ”محسن“ 1998ع ۾ نيوي وار ڪاليج ڪراچيءَ جي تقريب ۾ ”نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل“ جي ٿيوري پيش ڪري ماڊل ٽائون وارن وٽ مان ۽ شان وڃائي ويٺو. کيس 1999ع ۾ رٽائر ٿيڻو هو، پر هن نواز شريف ۽ پنجاب جو موڊ ڏسي هڪ سال اڳ هلڻ واري ڪئي...ڊفيننس سيڪريٽري ۽ چوڌري نثار علي (ٻئي ڀاءُ) نواز شريف کي پرويز مشرف جي چيف آف آرمي اسٽاف بنائڻ جي صلاح ڏني. منگلا جو ڪور ڪمانڊر جناب جنرل فرخ ۽ جنرل علي قلي خان تي سپرسيڊ ڪرائي جهانگير ڪرامت جو جاءِ نشين بنايو ويو، جنهن هڪ سال کان به اڳ نواز شريف سرڪار جو فضائي ۽ خلائي ماڳن تان احڪام جاري ڪري تختو اونڌو ڪيو...پشاور واري ظفر علي شاهه (نون ليگ جو حال حيات اڳواڻ) پرويزي ”ڪوديتا“ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. ڪورٽ سڳوري قرار ڏنو ته ”پرويز ڪوديتا“ قانوني آهي، پر کيس ٽن سالن اندر اليڪشن ڪرائڻ گهرجن...2002ع ۾ احتشام ضمير جي بقول ”ضمير فروشي واريون چونڊون“ ڪرايون ويون. 10.10.2002 تي چونڊون ته ٿيون پر ”ايل ايف او“ واري تلوار به پاڻ سان گڏ کڻي آيون...ايل ايف او کي آئين جو حصو بڻائڻ لاءِ دليل اهو گهڙيو ويو ته، (1) جيئن ته ظفر علي شاهه واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ صدر جنرل مشرف کي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آهي، ان ڪري ايل ايف او ۽ اٺونجهاهه (ٽو) بي آئين جو حصو آهن. سدوري ايم ايم اي صاحبه به انهيءَ ”حلالي“ ۾ صدر پرويز مشرف جي حال ڀائي هئي. پر هنن ايترو سو ضرور سترهين آئيني ترميم ۾ اضافو ڪرايو ته جيڪڏهن صدر اسيمبلي برخاست ڪري ٿو ته کيس پندرنهن ڏينهن اندر اسيمبلي ٽوڙڻ جا سبب هڪ ريفرنس جي صورت ۾ ”سپريم ڪورٽ“ ڏانهن اماڻڻا پوندا ۽ سپريم ڪورٽ 30 ڏينهن اندر انهن سببن جو جائزو وٺي اقدام کي قانوني يا غير قانوني قرار ڏيڻ لاءِ ٻڌل رهندي...پر هاڻ لڳي ٿو ته اها ”ارڙ بلا“ ڪنهن جوڳي هٿان پنهنجا ڏند ڀڃائي چڪي آهي ۽ هاڻ اٺونجهاهه (ٽو) بي جو خاتمو باالخير ٿيڻ وارو آهي...رهي نام رب ڪا.

    arbabnek@yahoo.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ڊاڪٽر عافيه صديقيءَ جو قصو!




    سومر 18 آگسٽ 2008ع



    ”ڪچرو سنڌي“ اهڙو حقيقي ڪردار آهي، جهڙي ڊاڪٽر عافيه صديقيءَ واري ڪهاڻي...ڪچرو سنڌي ”نم لوءِ“ جو رهاڪو هو. کيس ٽي سال اڳ اغوا ڪيو ويو، مٿس تڏهن مقدمو درج ٿيو، جڏهن وارث افتخار چوڌريءَ ڏانهن دانهون کڻي پهتا...کيس کنڀيو عيسي وارن هو ته وري ڪيس موسي وارن پئي داخل ڪيو....اهو به ”اُچڪ ليني“ کان ٻه سال پوءِ....ڊاڪٽر عافيه سنڌ واسڻ آهي...اها حوازادي آمريڪا ۾ پي ايڇ ڊي ڪري واپس موٽي هئي، نفسياتي علوم جي ميدان ۾ سندس ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين واري دلچسپي ۽ انهيءَ موضوع ۾ مهارت کي ڏسي سندس ساٿي مٿس رشڪ ڪندا هئا. ڊاڪٽر عافيه صديقي ڏوهارڻ آهي، يا سوهارڻ...پر عفت مآب! انهيءَ حوازاديءَ کي بگرام ايئرپورٽ واري جديد گوانٽاناموبي ۾ پنج سال حبسِ بي جا ۾ رکي مٿس شرمناڪ تشدد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ غزنيءَ جي گورنر هائوس ٻاهران شڪي حالت ۾ گهمڻ دوران سندس گرفتاري ڏيکاري وئي آهي....ڊاڪٽر صديقي صاحبه جي وڪيلڻ ايلن وائيٽ فيلڊ شارپ چوي ٿي...”عافيه بابت ميڊيا تي معلومات نشر ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي مجبور ٿي پيا ۽ هنن کيس هٿرادو ڪيس ۾ ملوث ڏيکاريو آهي، جڏهن ته هوءَ سندن تحويل ۾ ئي پنج سال قيدڻ رهي آهي...“ آمريڪي ڪورٽ ۾ ڪٽهڙي اندر بيهڻ کان لاچار هن پاڪستاني ڊاڪٽرياڻي جي اها تصوير به ڏسو، جنهن ۾ موصوفه ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ مهل ”تاج“ پايو شادان ۽ فرحان نظر اچي رهي آهي، ۽ هاڻوڪو فوٽو به ملاحظه ڪريو، جنهن ۾ سندس مقدس چهري تي تشدد جا نشان صاف صاف نظر اچي رهيا آهن.

    31 مارچ 2003ع تي هوءَ گلستانِ جوهر کان نڪري جڏهن سفاري پارڪ (ڪراچي) تائين ٽيڪسيءَ ۾ پهتي ئي مس ته کيس کنڀيو ويو ۽ 31 جولاءِ 2008ع تي مٿس مقدمو درج ٿيو...آمريڪا ۾ ڊاڪٽريٽ تائين تعليم حاصل ڪندڙ هن هڏائين پڃري مان جيڪڏهن واشنگٽن کي ڪو خطرو هو ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو سو انصاف ”حقوقِ نسوان“ جو عالمگير سطح تائين علمبردار روا رکي ها ته مٿس فردِ جرم فوري طور تي لاڳو ڪري ها. افتخار چوڌري گم ٿيل ”پاڪستانين“ بابت ڳجهين مافيائين کي به مجبور ڪيو هو ۽ 150 کن گم شده بي گناهه آزاد به ٿيا هئا...ڊاڪٽر صاحبه جو ڪيس شايد ايترو خطرناڪ هو....پهرين نومبر 2007ع تي ڊاڪٽر عافيه صديقيءَ جي حوالي سان ابتدائي سماعت دوران سنڌ بلوچستان جي هن نمڪ حلال پٽ سخت لفظ استعمال ڪيا هئا، انهن ”مقدس وجودن “ لاءِ جيڪي قانون کي سدائين پيرن ۾ لتاڙيندا رهيا آهن پوءِ دنيا ڏٺو ته ٻن ڏينهن کانپوءِ چوڌري افتخار بمع احباب عدالت مان آئوٽ ڪيو ويو...اهو سڀ ڪجهه ڪيو هو ان سپوت جنهن پنهنجي نادر الوجود ڪتاب ۾ پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته، اسان کي هيترن ماڻهن جي بدلي ۾ هيترا ڪي ڊالر آمريڪا طرفان ”عنايت“ ڪيا ويا...ڪتاب جو سنڌي ايڊيشن به سي ايم هائوس سنڌ طرفان ڇپائيءَ جا مرحلا مڪمل ڪري ها ۽ ڪو ”سنڌي“ انهيءَ ”مدد“ طفيل وڌيڪ پنج سال سنڌي ادبي بورڊ جو مدار المهام رهي ها، پر پوءِ عوامي سيلاب اڪثر خواهشون ٻوڙي ڇڏيون، تاهم خواهشن جا باغ باغيچا وري به گل گلزاريون فراهم ڪري سگهن ٿا....”پيسن عيوض پسر پدر کي ۽ بچا لوگ مادر کي به فروخت ڪري سگهن ٿا.“ اهي الزام نه، پر ڪنهن سپر پاور جي سينيٽر جا خيال آهن ڪجهه جي ”سپوتن“ بابت.

    ڊاڪٽر عافيه صديقي لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ مسٽر جسٽس سعيد الزمان صديقيءَ جي سربراهيءَ ۾ رهائي ايڪشن ڪميٽي جڙي پئي...پهرين مرحلي ۾ ڪريڊٽ ٿو وڃي عمران خان کي، جنهن طالبان جي تحويل ۾ رهندڙ برطانوي صحافڻ ”ريان ريڊلي“ لاءِ پريس ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو. انهيءَ مائي همت ڏيکاريندي انڪشاف ڪيو ته بگرام ايئربيس تي قيدي نمبر 650 اها ڊاڪٽرياڻي آهي، جيڪا پنهنجن ٽن پٽن سميت پنج سال اڳ کنڀي کنئي وئي هئي. تڏهوڪي گهرو مامرن واري وزير ۽ شاهه جيوڻا جي سجاده نشين سائين فيصل صالح حيات فرمايو هو ته، ”ماٺ ڪريو، جو چپ چُريا ناهن، لاش مليو ناهي. آئون ڪيئن به ڪري ڊاڪٽر عافيه صديقيءَ کي بازياب ڪرائيندس....شاهه جيوڻا جي سائينءَ کي سندن ڪپتان شوڪت عزيز به ساڻ وٺي ڪو نه ويو...خوش قسمتيءَ سان اسان جو ”صحافي ڀاءُ“ حسين حقاني به واشنگٽن واسي ۽ هتان جي شهريت رکندڙ آهي، حامل هاذا کي ”سفارتي رسائيءَ“ واري رعايت ملي چڪي آهي...اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارت خاني جي ترجمان ميفلڊ فرمايو آهي ته، نيو يارڪ جي سول ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عافيه جو ڪيس هلندو ۽ پاڪستاني سفارت خاني جو عملو ساڻس رابطي ۾ رهي سگهي ٿو...ڊاڪٽرياڻي کي علاج جون سهولتون به فراهم ڪيون وينديون...استغاثي ۾ ايف بي آءِ جي نيويارڪ اسٽيشن جي ڊائريڪٽر ريمنڊ ڪيلي فرمايو آهي ته، افغان سرڪار جي عملدارن غزني واري گورنر هائوس جي ”احاطي“ مان کيس گرفتار ڪيو هو هڪ مهينو اڳ...جڏهن ايف بي آءِ وارا تفتيش لاءِ وٽس پهتا ته ڊاڪٽرياڻي هڪڙي سولجر کان بندوق کسي سڌا فائر ڪيا (۽ ڪو عملدار رهڙاڻو به ڪو نه) پوءِ اها ڪشمڪش وڌڻ لڳي ۽ ڊاڪٽرياڻي مقابلي ۾ زخمي پڻ ٿي...ڊاڪٽرياڻي وٽان (گورنر هائوس جي احاطي ۾) اهڙا ٿانءَ ۽ شيشي جون بوتلون مليون آهن، جن ۾ بم ٺاهڻ جو فارمولو به ”پيوست“ ٿيل آهي. 36 سالن جي ڊاڪٽرياڻي مهينو اڳ برآمد ٿي آهي ته پوءِ 2004ع ۾ تڏهوڪي آمريڪي اٽارني جنرل ايشڪرافٽ ۽ تڏهوڪي ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر رابرٽ مولر کيس ”القائده“ جي اهم رڪن طور ڇا لاءِ متعارف ڪرايو هو؟

    مائيڪل گاريشيا هن وقت آمريڪا جو اٽارني جنرل آهي. واشنگٽن وارو ملڪ قيوم(ملڪ الموت سان معذرت) فرمائي پيو ته اقدامِ قتل وارو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن الزام ثابت ڪرڻ ۾ استغاثو ڪامياب ويو ته هن ڏوهه جي سزا ويهه سال قيد بامشقت آهي....مدعي آهي مهتاب سيد، جيڪو ايف بي آءِ جو اسپيشل ايجنٽ آهي...نيويارڪ جي سدرن ڊسٽرڪٽ ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقيءَ ”بنام آمريڪا“ مقدمي ۾ چالان ڪيو ويو آهي. الزام نمبر هڪ...هوءَ الله اڪبر جا نعريٰ فلڪ شگاف شور سان هڻي رهي هئي...الزام نمبر ٻه....هن چيو ته آئون آمريڪين کي ڳولهي ڳولهي مارينديس...الزام نمبر ٽي....هوءَ ڊيوٽي اٽڪاءَ جي مرتڪب ٿي آهي...الزام نمبر چار...هن آمريڪين کي مغلظات سان سرفراز ڪيو آهي...مهتاب سيد جو بيان ڪجهه هن ريت آهي...اها سترهين جولاءِ 2008ع جي شام هئي، يا لڳ ڀڳ اهو ئي ٽائيم هو....غزني پرڳڻي جي افغان نيشنل رائيفلز کي هڪڙي مشڪوڪ عورت پري کان نظر آئي...پوليس انسپيڪٽر هڪل ڪئي...متان چُري آهين...ٻه سپاهي اڳتي وڌيا، هنن مائيءَ کي گرفتار ڪري ورتو...ابتدائي تفتيش مان خبر پئي ته هي انتهائي گهربل عافيه صديقي آهي. هڪڙو ننڍڙو ٻار به هن سان گڏ هو، جيڪو ڪجهه نه پيو ٻڌائي...بيگ جي تلاشي ورتي سين ته ڌماڪي خيز مواد، ڪيميڪل هٿيار، بايولوجيڪل مٽيريل، ريڊيولوجيڪل ايونٽس تي مشتمل اسلحي سازيءَ جا طور طريقا لکيل لٽريچر به برآمد ٿيو. هن وٽان نيو يارڪ جا نقشا به هٿ آيا. ذاتي شين ۾ آمريڪي آرميءَ جا ڊاڪيومينٽس ”انارڪسٽ آرمنل“ جا اقتباسات ۽ ڊجيٽل ميڊيا اسٽوريج ڊيوائيسز به هٿ آيا آهن....استغاثو ڏسي چمبڙ جي ”وڏي“ ۽ نيويارڪ جي اسپيشل ايجنٽ ۾ يڪسانيت پري کان پڌري پئي ڏسجي...باحيا حوازادي سندس همشيره فوزيه صديقي ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان واري سيد اقبال حيدر جي مشترڪه پريس ڪانفرنس جهڙو ڪر مهتاب سيد جي منهن تي چماٽ هجي.

    دهشتگرديءَ خلاف جنگ پنهنجي آهي يا پرائي؟ القاعده ۽ طالبان، ”ڪراچي“ فتح ڪن ٿا يا پشاور؟ ٻيو ڪو نائين اليون رستي ۾ پنڌ پيو تشريف کڻي اچي يا دهليءَ ۽ ڪابل واشنگٽن جي ”ونگار“ وهندا...هڪڙي علم جي ڊاڪٽر نياڻيءَ کي”عقوبت خانن“ ۾ عذاب ڏيئي البته اهليانِ آمريڪا نه سهي پر ”اتحادي فوجن“ عذابِ الاهيءَ کي پڪ سان دعوت ڏيئي ڇڏي آهي. اي عقوبت زده ادي عافيه! تنهنجي عصمت ۽ عفت سان هٿ چراند ڪندڙ ”چچڙ“ تاريخ جي چيچڙي ۾ چڪنا چور ٿي چڪا...انساني حقن ۽ سڌريل دنيا جا هٿ ٺوڪيا ”دعويدار“ پنهنجو ”دار“ نرڳ ۾ جوڙي چڪا...تنهنجي ست ۽ سيل جا ست ئي آسمان ساکي رهندا...۽ ”ڪچرو سنڌي“ به ڪاٺ ۾ وطن لاءِ واجهائيندي پئي جهونگاري رهيو هوندو ته؛ پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.

    arbabnek@yahoo.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ارباب نيڪ محمد جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    مشرف سان مڪالمو!




    اربع 20 آگسٽ 2008ع



    بلاول ڀٽو جي ڏيهه پهچڻ تي کيس پهريون تحفو پرويز مشرف جي ”بيڪ ٽو پويلين“ وارو مليو آهي. سندس معصوماڻي چهري تي جيڪا فڪر انگيز مرڪ هئي...ڇا اها ئي مرڪ سموري آکاڻيءَ کي خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ناهي ويئي؟ پيپلز پارٽي جي چيئرمين پنهنجي امڙ ۽ پنهنجي ناني جي پياري پنڪي جي المناڪ حادثي تي ڇا چيو هو؟ ”اسان شهيد بينظير جو غم جمهوريت جي مڪمل بحالي ۽ پارليامنٽ جي بالادستي جي صورت ۾ وٺنداسين...“ چيئرمين جي معصوم چپن جيڪا ڀڻ ڀڻ ڪئي هئي ڇا قادر سي خوبصورت خواهشون پوريون ناهن ڪيون؟ جا مرڪ مون کان وئين کسي، تنهن مرڪ جو آهي قسم...پلئه ڪندس پلئه ڪندس...

    آمريڪا مان ڇپجندڙ نالي واري صحافي ”رون سسڪنڊ“ جي ڪتاب ۾ شهيد سنڌو راڻي ائين به فرمايو هو ته: جمهوريت منهنجي لاءِ آئيڊيل سسٽم آهي پر آمريڪي چون ٿا ته توهان ”آمريت“ سان ٺاهه ڪريو...مصنف لکي ٿو ته شهيد بينظير ڀٽو سان سندس حياتيءَ جي آخري ڇهن مهينن دوران منهنجو تمام گهڻو ملڻ ٿيندو هو...توهان لاءِ سيڪيورٽيءَ جا بندوبست تعلق رکن ٿا اسان کي مراعاتون مهيا ڪري ڏيڻ تي...شهيد انهي گفتگو کي ”مافيائن“ جي ڌمڪي سان تشبيهه ڏني هئي...صحافي محترمه جي فيصلا ڪن گفتگو نقل ڪندي چوي ٿو ته: جڏهن آمريڪا غير آئيني صدر جي ڀيٽ ۾ مون کي ترجيح نٿو ڏي ته پوءِ هاڻ آئون به ان نتيجي تي پهتي آهيان ته جيت منهنجي آهي ۽ هار مشرف جي...آمريڪي حڪومت کي ترت احساس ٿيندو ته بينظير ڪهڙي ريت ٿي پرويز مشرف جي سموري ٽڪساٽ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري...آئون عوامي قوت کي اڀرندي ۽ آمريت کي غروب ٿيندي اکين سان ڏسي رهي آهيان...آمريڪا تي البته اها ميار ضرور رهندي ته هن منهنجي سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان ڊڪ چيني هٿان پرويز مشرف کي ”پارت“ ڪرڻ وارو واعدو ڪو نه پاڙيو...واعدي ۾ اها ڳالهه شامل هئي ته پرويز سرڪار انتخابي عمل دوران فل پروف سيڪيورٽي فراهم ڪندي. جيڪڏهن بينظير کي ڪجهه ٿيو ته جوابدار پرويز مشرف هوندو...پر فون ئي ڪو نه ڪيائون...اڄ جڏهن ”آخري مُڪو“ پنهنجي انجام تي پهتو آهي ته سچ پڇو ته انهي سموري اٿل پٿل جو سمورو ڪريڊٽ محترمه کي ئي سونهين ٿو. جيتوڻيڪ ”آمريت“ جي نعم البدل طور عوام کان پاڪستان کان ۽ دنيا کان شهيد سنڌوءَ راڻي جهڙي عظيم المرتبت اڳواڻ کي ته کسي ورتو ۽ بيشمار خواب ته چڪنا چور ٿيا، پر هيڪر ته سوڀ ملي چڪي آهي...اڳتي جي خبر آ گي کي...اهو پرويز مشرف جنهن کي ڪنهن به ريت باوقار حڪمران تسليم نٿو ڪري سگهجي...تسليم ڪيون به ڇو؟ هو ته سدائين ”باڪسنگ رنگ“...۾ رهيو. ملڪ سان اهو ئي سلوڪ روا رکيائين جيڪو سلوڪ محمد علي ڪلي جهڙا باڪسر ”پنچنگ بيگ“ سان ڪندا آهن...ڪيڏانهن ويو ”آخري مُڪو“ ۽ ڪيڏانهن ويا سندس اڌورا خواب...وڻجارو سامان سڙو سٿي ڪرها نامعلوم مقام ڏانهن ڪاهي ويو آهي ۽ سمورو ٺاٺ ۽ ٺينگر پٽ پئجي ويو آهي...ڪريدٽ انهي آصف علي زرداري کي به ملڻ گهرجي انهي فائنل رائونڊ جو، جنهن آصف علي زرداري نه رڳو شهيد سنڌو راڻي جي اذيت ناڪ وڇوڙي واري غم کي جمهوريت واري چراغ کي روش ڪرڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، بلڪه انهيءَ منزل جي حصول لاءِ ديس ۽ بديس ۾ نهايت دانشمندي سان مهم به هلائي...مولانا عبيدالله سنڌي ٽيويهن سالن جي جلاوطني کانپوءِ واپس سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن چيو هئائين: مون برٽش ايمپائر جا کنڀ ۽ کنڀڙاٽيون دنيا جي اڪناف ۽ اطراف ۾ گهمي ڦري پٽي ڇڏيون آهن...هاڻ برطانيا هند ۽ سنڌ کي ترت خالي ڪندو...اوڻيهه سئو چوئيتاليهه ۾ امامِ انقلاب جي لقب سان ملقب انهي مولوي سڳوري وڌيڪ چيو هو ته، جيڪڏهن ٽن سالن اندر بديسي ديس ڇڏي نه وڃن ته توهان منهنجي تربت تي اچي مون کان منهنجي پيشين گوئي جي رزلٽ وٺي سگهو ٿا...حاڪم علي زرداري جو ننڍپڻ مولانا سنڌي ۽ مولانا حسرت موهاني جي پوئلڳي ۾ گذريو آهي...آصف سندس والد ۽ ڀٽي خاندان جي ”سامراج دشمني“ بابت ڪي قدر آگاهه به آهي...نوابشاهه جا مولوي محمد معاذ ۽ قاضي فيض محمد پارا حسرت موهاني ۽ مولانا سنڌي جا ميزبان هوندا هئا...حاڪم علي زرداري ننڍي ڄمار ۾ ريلوي پليٽ فارم تي اهڙن سامراج دشمنن جي آڌر ڀاءُ لاءِ حاضريون ڀريندو رهيو آهي...تڏهن ته آصف چئي پيو: اسان کي آفرون مليون هيون ته توهان ”صاحب لوڪن“ جي ڇهه آني ڀريو ۽ اسانجي چئي ۾ رهو ته مرڪز سان گڏوگڏ چئن ئي صوبن جون سرڪارون بحق پ پ کي ٺاهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر اسان ”آمريت“ جي نشانين اڳيان سربسجود ٿيڻ پسند ڪو نه ڪيو...اسان ترجيح ڏني سياسي دوستن سان سنگت رکڻ کي. بهرحال صبر جنينءَ جو سير هيو، تن جو تير ڪو نه گٿو ۽ هاٿيءَ کي هيڪر ته هنڌائتو ڪيو اٿن، باقي ڏسون ته هندستان ڪڏهن ٿو ڏيکارجي انهي فيل مست کي...لطيف کوسي ايم ڪي نارائڻ جي بيان تي ردِعمل ظاهر ڪندي تازو چيو هو ته: جيڪڏهن توهان کي ايترو ئي پيارو آهي ته پوءِ همراهه کي با امانت واپس وٺي وڃو... اسان کي ڪو به اعتراض ڪو نه هوندو...

    پرويز مشرف ويندي ويندي جيڪو خطاب ارشاد فرمايو آهي...سينٽرل انڊيا جي اشرافيه واري خوبو انهيءَ تقرير ۾ بدرجهءِ اتم موجود رهي آهي...”مين نه مانون...“ سياڻا چئي ويا آهن ته، پنهنجي منهن ميان مٺو بڻجڻ وارا ماڻهو ”نفسياتي ڪيس“ ليکيا ويندا آهن. همراهه نڪ جي پڪائي سان چيو پئي ته، آئون صحيح آهيان، مون کان ڪو ڏوهه سرزد ناهي ٿيو...واهه ڙي راڻا واهه...ڪارگل به ڪارِ خير هيو، ته ٻارهين مئي به نيڪيءَ جو عظيم الشان مظاهرو. اڪبر بگٽي جي شهادت کان ويندي مضبوط مرڪز وارن ماڳن تان مزاري مولوين جي موڪلاڻي وارا سمورا خوني مظاهرا عين ثواب هئا توهان وٽ اي جيئندا قبلا! قاف ليگي نيب زدگان کي اوهان سرڪاري نوابزادا بنائڻ دوران ڪنهن به قسم جي خطا ڪا نه ڪئي ۽ نه وري اوهان آئيني شق نمبر ڇهه جي خلاف ورزي ڪندي ڪا اربعا خطا ڪئي هئي...توهان جي ”رخصتي“ خوش قسمتيءَ سان ساڳين ڏينهن ۾ ٿي آهي، جن ايامن دوران مالي مرتبت جنرل ضياءُ الحق چاليهن جي قافلي سان بستي لال ڪمال ۾ لڙهيو هيو...انهيءَ چناب نديءَ ۾ اڄ ڪلهه طغياني به اونچي درجي جي آهي پر اوهان خيرن سان ڪمانڊو آهيو ۽ تري پار پوڻ ۾ ڪامياب ويا آهيو...پر قبلا سائين! ڪالهه تائين ته ترديد قريشيءَ جي ڌم لڳي پي هئي ته ”ڪمانڊو“ ايڪشن ڏسڻ وٽان هوندو ۽ همراهه ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ ڪو نه ڏيندو...ڇا اوهان سان به ايوب خان ۽ يحيٰ خان واري ڪار ٿي آهي؟ ڪراچيءَ ۾ هفتا ٻه اڳ توهان واپارين سان مخاطب ٿيا هئا...”مين ڊرني والا نهين هون...مين جاني ولا نهين هون...توهان ته ”طالبان“ واري ڌماچوڪڙي سان مورڙي جي ماڳن کي ٻارهين مئي ۽ نائين اپريل حوالي ڪرڻ جا به سانباها ڪري چڪا هئا...پوءِ اوچتو ڇا ٿيو اي مشرف صاحب!

    ايوب خان وٽ جيڪو هانڊيوال ”خدا حافظي“ وارو خطبو ٻڌائڻ ويو هو، ايم بي خالد لکي ٿو ته هن ٻه پيگ پي پوءِ گوهر ايوب جي والد گراميءَ سان فائنل گفتگو ڪئي هئي ۽ جبري طور تي پاور قزلباش جنرل آغا محمد يحيٰ خان لاءِ ٽرانسفر ڪرايا هئا...اوڀر پاڪستان کي المناڪ حادثي جو شڪار ڪرائي جڏهن مدهوش جنرل واندو ٿيو ته هن شهيد ڀٽي سميت تڏهوڪن (1971ع) سياستدانن کي نياپو ڪرايو هو ته جيڪڏهن مون کي پنجن سالن لاءِ قبول ڪريو ته آئون توهان سان پاور شيئرنگ لاءِ فائنل گفتگو ڪري سگهان ٿو...پوءِ شهيد ڀٽي اندران ٻاهران پريشر ڊيولپ ڪيا ۽ جنرل گل حسن پنهنجي پيشرو جي ڪنن تي پستول تاڻي کانئس سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ پاور ٽرانسفر ڪرايا هئا...ضياءَ جو طيارو فضائن ۾ نه ڦاٽي ها ته ڪي ايم عارف ۽ اسلم بيگ ته کيس تاحيات قبول ڪري چڪا هئا...توهان جي اسلم بيگن بابت ايتري ساڄاڻ اسان کي به آهي ته موصوف ”بزنس ريڪارڊ“ جي باني ايڊيٽر ايم اي زبيريءَ کان ڏاڍا ڪي متاثر آهن...زبيري لکي ٿو ته مسلم آرمڊ سروسز جي حلقي جناح صاحب جي دعوت جهلي...پارٽيشن جو مرحلو اکين اڳيان هيو، هڪڙو برگيڊيئر اٿيو ۽ سڌو وڃي قائد اعظم جي حضور ۾ حاضر ٿيو...چيائين، سائين اسان برٽش انڊين آرمي جا ٽرينڊ آفيسر اوهان لاءِ بهتر ثابت ٿينداسين...پاڪستان ٺهي ته پوءِ اسان کي مهرباني ٿوري سان سياهه ۽ سفيد جا مالڪ بنائجو ۽ پوءِ ويٺا نتيجا ڏسجو...لاغر ۽ نحيف اڳواڻ اٿيو...انهيءَ برگيڊيئر جو گريبان جهلي، کيس جنجهوڙيندي چيائين، خبردار! توهان جنهن سوچ کي هتي بيان ڪيو آهي، اهڙي سوچ وارا آفيسر ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان لاءِ نه گهرجن، ڇا ڪاڻ ته آرميءَ جو اسان جي نوازائيده ملڪ ۾ امورِ مملڪت سان تر جيترو به واسطو ڪو نه هوندو. آرمي پاڪستان ۾ سئو سيڪڙو سويلين اٿارٽيءَ جي ماتحت هوندي...ڇاڪاڻ ته اسان کي جمهوريت کپي ٿي ۽ جنهن سوچ جي تون عڪاسي ڪري رهيو آهين، اها سوچ آمريت جي بدبوءِ کي واضح ڪري رهي آهي...اي قائد ليگ جا خالق! ڇا جناح صاحب جي سوچ جو توهان ۽ توهان جي همنوائن واري سوچ سان تر جيترو به تعلق نظر اچي ٿو...؟ توهان جي طبع مبارڪ تي خبر ناهي ته ڪهڙي قسم جا ڪيڙا ماڪوڙا ڊوڙندا هوندا، جڏهن اوهان جي انجام تي قوم ”يومِ نجات“ ملهائي رهي آهي!

    پرويز مشرف جي پنهنجي ذهن ۾ هن حڪومت سان گڏ پنج سال ڪڍي وڃڻ وارو فارمولو موجود هيو...موصوف يارنهن سالن جي جنرل ضياءَ واري ريڪارڊ کي ٽوڙڻ جو به پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو...پر چوندا آهن ته...هڪڙي بندي جي من ۾، ۽ ٻي جا ڪري رب ستار...پرويز مشرف جو مستقبل نه ته شاهه ايران جهڙو ٿيندي ڏسڻ ۾ ٿو اچي ۽ نڪو وري کيس آئين جي شق نمبر ڇهه واري ضابطي هيٺ آندو ويندو...ڇاڪاڻ ته هن اقليم ۾ پاڪستان جو باني کٽارا ايمبولينس ۾ آڪسيجن لاءِ تڙپندو ڏسون ٿا...مڪا لهرائيندڙ قائد ملت نوابزادي لياقت علي خان کي پنڊيءَ ۾ اتي شهيد ڪيو وڃي ٿو، جتي شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو...پهريون بنگالي وزير اعظم خواجه ناظم الدين کي گورنر جنرل غلام محمد جي هٿان ڊسمس ڪيو ويو ته ٻيو بنگالي وزير اعظم حسين شهيد سهروردي ايبڊو ۽ پرائوڊا جو شڪار ٿيو. باقي ڪهاڻيءَ جا اوهان پاڻ چشم ديد گواهه آهيو، پر سمورن آمرن کي تاحيات بٽ مين به مهيا ٿيندا رهيا ۽ انتقال تي به پُرملالي غم زدگيءَ کي قائم ۽ دائم رکندي کين ايڪيهن توپن جي سلامي به ڏجي ٿي...صهبا جي شوهر نامدار سان به اها ئي هلت روا رکي ويندي.

    خيرن سان قوم هڪڙي آمر جي عبرت ناڪ انجام تي سرهي ته ٿي آهي پر ملڪ کي درپيش اڪيچار چئلنجن ۽ بيشمار مسئلن جي حل لاءِ مخلوط سرڪار کي مڙسي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو...في الوقت فوج ۽ سندس عالمي شهرت يافته ايجنسين کي پنهنجي آئيني دائري ۾ آڻڻ لاءِ جنرل اشفاق ڪياني جي آبرو منداڻي سوچ کي پايهءِ تڪميل تائين پهچائڻ جي اشد ضرورت آهي. صدارت لاءِ دهلي ۽ ڪابل ۾ مقبول اسفنديار بابت به غور ڪري سگهجي ٿو...صوبن کي ڪنڪرنٽ لسٽ جي خاتمي کان به اڳتي وڌي صوبائي خودمختياري ڏيڻي پوندي. لوڪل باڊيز جو نظام ختم ڪري پراڻو ڊي سي ايس پي وارو نظام بحال ڪري ڇهن مهينن اندر لوڪل باڊيز جون نيون چونڊيون ڪرائي سگهجن ٿيون...مهانگائي ۽ بدامنيءَ کي جنگي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ تيز رفتار حڪمتِ عملي جوڙڻي پوندي...حڪومت کي وڏو مرحلو طي ڪرڻو آهي پرڏيهي پاليسيءَ بابت...جارجيا ۾ روس آمريڪي حڪمت عملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، تيئن ”دهشتگردي“ واري جنگ جي جديد ايڊيشن ۾ چين ۽ روس کي شامل ڪري واشنگٽن جي ”ڪروسيڊي“ يڪطرفه سوچ مان دانائيءَ سان ٻاهر نڪرڻ بابت قدم کڻڻا پوندا...تهران کي شيعه-سنيءَ جي حوالي سان جيڪا ڪاوڙ آهي، اها دور ڪرڻي پوندي. ڪابل کي طفيلي رياست طور هلائڻ لاءِ گذريل ٽيهارو سالن کان اسان جيڪا غلط حڪمت عملي ٻاهرين چرچ تي مرتب ڪئي هئي، اهڙي سي آءِ اي واري ڏنل پاليسي جي ڪري پختون بيلٽ اسلام آباد لاءِ اکڙي ڪهاڙيءَ جو ڏيک پيو ڏي...ڪابل کي رام ڪرڻ ۽ کيس پنهنجو بڻائڻ لاءِ وڏا ڏونگر ڏورڻا پوندا، پر پوءِ به پختونن کي پنهنجو بنائڻ انتهائي ضروري آهي. دهليءَ لاءِ روايتي محاذ آرائي ترڪ ڪرڻ لاءِ به جاندار جدوجهد جي ضرورت آهي. آصف زرداري، نواز شريف، مولانا فضل الرحمان، اسفند يار ولي، قاضي حسين احمد، محمود اچڪزئي ۽ الطاف حسين سميت ملڪي سياست جي مڙني موچارن مهانڊن لاءِ ملڪ جي بقا اهم سوال آهي. موسم مهربان آهي ۽ موزون سياست ڪري سگهجي ٿي.

    arbabnek@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو