محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    پيپلز پارٽيءَ جي ”ڊيل“ اقتدار خاطر هوندي يا عوام لاءِ؟





    11 آڪٽوبر 2006ع

    جڏهن صدر پرويز مشرف، وزير اعظم يا حڪمران ڌر جا ٻيا اڳواڻ مٿين سال 2007ع ۾ عام چوندون ٿيڻ جو اعلان ڪن ٿا ته، هو اهو باور ڪرائڻ چاهيندا اهن ته هاڻوڪي اسيمبلي پنهنجو مدو مڪمل ڪندي، پر ٽيڪنيڪي حساب سان اسيمبليون پنهنجو مدو 16 نومبر 2007ع تي مڪمل ڪنديون ۽ آئيني اعتبار کان اسيمبليون جيڪڏهن پنهنجو 5 سالن جو مدو مڪمل ڪن ته پوءِ 90 ڏينهن ۾ نه، پر 60 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻيون هونديون آهن. يعني پوءِ عام چونڊون 2007ع ۾ نه، پر 15 يا 16 جنوري 2008ع تي ٿينديون.

    خير مون کي ته ان ڳالهه تي به ڪا خاص حيرانگي نه ٿيندي جيڪڏهن چونڊون ايندڙ چئن يا ڇهن مهينن يعني فيبروري يا مارچ 2007ع ۾ ٿيڻ جو اعلان ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ توڙي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۾ حڪومتي اتحادين توڙي اپوزيشن سان جيئن معاملات هلي رهيا آهن، ايئن ايندڙ 14 مهينا Edge (تيز ڌار) تي Operate (هلائڻ) سولو ناهي. ساڳئي ريت ٻيو سبب صدر مشرف جو بنيادي طرح ڪمانڊو هجڻ آهي، ۽ پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته ڪمانڊو Surprise Element (حيران ڪندڙ عنصر) ۾ يقين رکندا آهن، ۽ هينئر جڏهن ووٽ پاور رکندڙ مخالف ڌر جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جو چونڊن جي حوالي سان ڪو به هوم ورڪ يا تيار ڪيل ناهي. جيڪڏهن اوچتو انهن جي مٿي ۾ چونڊون لڳيون ته هي حڪومتي اميدوارن لاءِ شايد ڪو خاص چيلينج نه پيدا ڪري سگهن. وقت کان اڳ چونڊن جو هڪ ڪارڻ حڪومت ۽ پي پي وچ ۾ مبينا ڊيل به ٿي سگهي ٿو. معنيٰ جيڪڏهن ٻنهي ڌرين ۾ ڪا ڊيل ورڪ آئوٽ ٿي ته پيپلز پارٽي يقينن اهو چاهيندي ته جلدي چونڊون ٿين ته جيئن طئي ٿيل فارمولي تي عملدرآمد شروع ٿي سگهي. پر جيڪڏهن حڪومتي ٽيم سياسي اڪيلائپ واري حالت ۾ ئي رهي ٿي ته به صدر مشرف کي اهو Suit ڪندو ته Snap Elections (تڪڙيون چوندون) ٿين ته جيئن صدارتي عهدي جو مدو (آڪٽوبر 2007ع) ختم ٿيڻ کان ڪجهه مهينا اڳ چونڊون ٿين ته جيئن اسيمبلي ۾ سندس حامين جي اڪثريت آڻي سگهجي، يا جيڪڏهن نمبر گيم ۾ ڪجهه لوٽن جي ضرورت هجي ته ڪنهن ”معزز ميمبر” کي ”لوٽو“ بنائڻ لاءِ جيڪو ٽائيم گهربو آهي، اهو سرڪاري مشينريءَ وٽ Available هجي ته جيئن صدر صاحب ايندڙ 5 سالن لاءِ مملڪت خداداد پاڪستان جا ٻيهر صدر ٿي سگهن.

    پرڏيهي قوتن جي دٻاءَ سبب اقتداري حلقن ۾ اهو پڙاڏو عام آهي ته ايندڙ عام چونڊون ڪنهن حد تائين شفاف هونديون ۽ انهيءَ لاءِ ”پنهنجن“ کي اها صلاح ڏني پئي وڃي ته جيڪا ڌانڌلي ڪرڻي آهي، اها نگران حڪومت جڙڻ کان اڳ ڪري وٺو ته جيئن نگران سيٽ اپ دوران ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هڪ غير جانبدار حڪومت جو تاثر جڙي ۽ گوگڏ اليڪشن واري ڏينهن ڌانڌلي ٿيڻ جو ڪو منظر نه جڙي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هينئر کان ئي ضلعي سطح تي حڪومتي ميمبرن جون ”بااختيار“ ۽ ”باڪمال“ صاحبان وٽ گڏجاڻيون شروع ڪيون ويون آهن ته جيئن Snap Elections (تڪڙين چونڊن) جي صورت ۾ حڪومتي Ranks (صفن) ۾ ڪو ڏڦيڙ نه پيدا ٿئي ۽ سڄو هوم ورڪ ٿيل هجي، ۽ منجهن هم آهنگي هجي. سو جيڪڏهن پاڻ Assume (فرض) ڪريون ٿا ته چونڊن واري ڏينهن تي ”جهرلو“ نه ڦرندو ته پوءِ اليڪشن جي نتيجن جو گهڻو دارومدار ووٽن جي ٽرن آئوٽ تي هوندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٽرن آئوٽ گهٽ ٿيو ته اِهو سرڪاري اميدوارن لاءِ ڪاميابيءَ جو رستو کوليندو، پر جيڪڏهن ٽرن آئوٽ وڌيڪ ٿيو ته پوءِ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي ان جو فائدو پوندو، ڇاڪاڻ ته عام طرح جيڪو ووٽر ڪنهن وڏيري يا چوڌريءَ جي اثر کان ٻاهر هجي ٿو، اهو يا ته ووٽ ڏيڻ ئي نٿو اچي، يا پوءِ گهڻي ڀاڱي اپوزيشن ڏي لاڙو ڪري ٿو. ان آزاد ووٽر جي اڪثريت ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو چئن صورتن ۾ ڪري ٿي. هڪ اهو ته کيس اندازو هجي ٿو ته سندس پسند جي پارٽيءَ کي کٽڻ نه ڏنو ويندو، تنهن ڪري ووٽ وجهڻ لاءِ وڃڻ مڙئي وقت جو زيان آهي. ٻيو سبب هو پنهنجي پسند جي پارٽيءَ جي ڪارڪردگي کان مايوس / ناراض هجي ٿو، تنهن ڪري هو پنهنجو ووت احتجاج طور ڪاسٽ نٿو ڪري، ۽ ٽيون ڪارڻ ان آزاد ووٽر وٽ آپشن نه هجڻ هجي ٿو. يعني سندس نظر ۾ ڪو به اميدوار ان قابل نٿو هجي، جنهن کي هو پنهنجي ووت جو حقدار سمجهي ۽ آخري اهم سبب اليڪشن جي اعلانيل تاريخ تي ٿيڻ بابت غير يقيني جي ڪري Election Fever يا ٽيمپو نه جڙڻ به هجي ٿو.

    سنڌ جي ووٽر وٽ اليڪشن پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺهڻ ۽ پي پي جي حڪومت نه ٺهڻ کانسواءِ شايد ڪا ٻي معنيٰ نٿي رکي. اهو ان ڪري نه جو سنڌ واسين کي پي پي حڪومت جڙڻ سان هاڻي کي گهڻيون اميدون باقي رهيون آهن، بلڪه ان جو سبب سنڌ ۾ ڪا ٻي پاپولر متبادل اليڪشن سياست ڪندڙ قوت جو نه هجڻ آهي. مثال طور جيئن پنجاب ۾ پي پي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي جو متبادل آهن، سرحد صوبي ۾ عوامي نيشنل پارٽي، پي پي ۽ نواز ليگ ووٽرن لاءِ آپشن آهن، پر سنڌ ۾ صوبائي سطح تي اهڙي ڪا پارٽي نٿي نظر اچي. شايد ”اصلي واڳ ڌڻين“ کي به ايئن ئي Suit ڪري ٿو. پي پي لاءِ ضلعي سطح تي مخالف گروپ وجود رکن ٿا. مثال طور ٺٽي جا شيرازي، نوشهروفيروز ۾ جتوئي گروپ، گهوٽڪي ۾ مهر گروپ، شڪارپور ۾ جتوئي، مهر، شيخ گروپ، ٿر ۾ ارباب گروپ وغيره. پر انهن گروپس جي ماضيءَ ۾ صورتحال اها رهي آهي ته جيڪڏهن اليڪشني موسم ۾ هلندڙ هوا جو رخ پي پي ڏانهن هجي ٿو، يعني اشارا ملڻ شروع ٿي وڃن ٿا ته پي پي اقتدار ۾ اچڻ واري آهي ته پوءِ اهي گروپ يا ته پي پي ۾ شامل ٿيو وڃن، يا وري اهي پي پي سامهون ڪو گهڻو چيلينج ناهن بڻجي سگهندا. سو پاڻ ڳالهه پئي ڪئي ته سنڌ جي ووٽر جو الميو اهو آهي ته وٽس ٻه آپشن آهن. يا ته هو پي پي پاران نامزد اميدوار کي ووت ڏي، يا وري علائقي جي ڀوتار کي ووٽ ڏي. پر ٻنهي صورتن ۾ نه ئي سندس ذاتي زندگي ۽ نه وري سنڌ جي مجموعي صحت تي ڪو فرق پوي ٿو. پر بهرحال ڀٽو Phenomenon (لقاءَ) جو پنهنجو هڪ سحر اڃا ڪجهه نه ڪجهه باقي آهي. تنهن ڪري آزاد ووٽرز کي پاڻ پارٽي ووٽ تصور ڪندي. انهن جو وزن پي پي جي کاتي ۾ وجهون ٿا. شايد صورتحال بابت مٿي ورتل جائزي سان پي پي قيادت به سئو سيڪٽرو متفق آهي، ۽ کيس به ڄاڻ آهي ته سنڌ واسين وٽ ڪا متبادل اليڪشني سياست ڪندڙ پارٽي ناهي. ۽ جيڪڏهن سرڪاري هوا جو رخ انهن (پ پ پ) طرف ٿي وڃي ته سندن فتح يقيني ٿي سگهي ٿي. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي ته محترمه بينظير ڀٽو Politics is Art of Possibilities (سياست ممڪنات جو فن آهي) وارو فلسفو بيان ڪري پنهنجي هر فيصلي ۽ هر عمل کي Justify (جائز) ڪري ٿي وٺي.

    1999ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ جنهن صدر کي ”گو بابا گو“ جا نعرا هڻي پير ۾ خراب ڪيو. انهيءَ صدر اسحاق خان سان ٻيهر کير کنڊ ٿيڻ ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي ٽي سال به نه لڳا. ساڳي ريت صدر مشرف کي سڄي دنيا ۾ پنهنجن ليڪچرز ۽ انٽرويوز ۾ آمر، ڊڪٽيٽر ڪوٺيندڙ هان جيڪڏهن ساڳئي جنرل مشرف کي صدر قبول ڪري ٿي وٺي ته ان ”تاريخي فيصلي“ ۽ 5 سال اڳ پي پي ڇڏي ويندڙ رائو سڪندر، فيصل صالح حيات ۽ ٻين صدر مشرف جو ساٿ ڏيڻ جي فيصلي ۾ ڪهڙو فرق هوندو؟ جيڪڏهن رائو سڪندر ۽ فيصل صاله وغيره جنرل مشرف کي صدر قبول ڪن ته اهي لوٽا ٿيا. جمهوريت جا دشمن ٿيا، پر جيڪڏهن پي پي جي قيادت ساڳيو ڪم ڪري ته اهو ڪم جمهوريت جي عظيم مفاد ۾ ليکبو!!؟

    جو تم پيئو تو حلال هي

    جو هم پيئين تو حرام هي

    هتي آئون ان دليل کي نه پيو وساريان ته رائو سڪندر ٽائيپ ماڻهن کي پارٽي پاليسيءَ جي خلاف فيصلو ڪرڻو هيو ته جمهوري ۽ پارلياماني سياست جي روح موجب انهن کي پنهنجن سيٽن تان استعيفا ڏيڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته هو اليڪشن ۾ پي پي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿي آيا هيا. سو جيڪڏهن هو صدر مشرف جي Vision (فهم) کان ايترو متاثر ٿي ويا هئا ته کين پارٽي ڇڏي ٻيهر چونڊ وڙهي پنهنجن ووٽرن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها. ڇاڪاڻ ته انهن ايئن نه ڪيو. تنهن ڪري پي پي وارن لفظ ”لوٽي“ جو استعمال ڀرپور انداز ۾ ڪيو، پر جيڪڏهن ساڳيو فلسفو پاڻ پي پي ۽ صدر مشرف وچ ۾ ٿيندڙ ڪنهن Clandestine (مخفي) انداز جي ڊيل جي معاملي تي Apply (لاڳو) ڪريون ته پي پي قيادت کان ساڳيو مطابلو ورجائي سگهجي ٿو. يعني جيڪڏهن پي پي قيادت ڪا ڊيل ڪئي آهي. يا ڪرڻ وڃي پئي، يا جڏهن به ڪندي ته ان ڊيل جي مڪمل تفصيلن بابت ڄاڻ رکڻ جو حق صرف اي آر ڊي جي اتحادي ميمبرن يا ميثاق جمهوريت جي ڊاڪيومينٽ تي صحيحيون ڪندڙن کي ناهي، بلڪه عوام ۽ پي پي ووٽرن کي به اهو ڄاڻڻ جو مڪمل حق آهي ته ڊيل ڇا ٿي آهي، ان جا تفصيل ڇا آهن، ۽ عوام کي اهي تفصيل اليڪشن کان اڳ ملڻ کپن، نه ڪي اليڪشن ۾ ووت وٺڻ بعد ووٽرن مٿان اهو انڪشاف ڪيو وڃي ته پي پي ۽ صدر مشرف هڪ ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته جمهوريت جي روح موجب ووٽرن جو اهو بنيادي استحقاق آهي ته کين خبر هجي ته جنهن اميدوار يا پارٽيءَ کي هو ووت ڏين پيا، ان پارٽي يا اميدوار جي مختلف اهم اشوز تي پاليسي ڇا آهي؟ ووٽر به سندس پاليسي کي ئي نظر ۾ رکي کين محدود مينڊيٽ ڏئي ٿو، نه ڪي غير مشروط ۽ لامحدود مينڊيٽ. بلڪل ايئن ئي جيئن فيصل صالح حيات اليڪشن مهم دوران چئي ها ته هو چونڊجي اچڻ کانپوءِ ڪالا باغ ڊيم جا حامي ٿي بيهي رهن، ۽ دليل اهو ڏين ته هو عوام جا چونڊيل عيوضي آهن، تنهن ڪري کين اهو حق آهي ته ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ڪري سگهن ٿا ته هو سراسر غلط هوندا، ڇاڪاڻ ته ووٽ وٺڻ مهل جيڪڏهن انهن ووٽرن کي اهو نه ڄاڻايو هو ته هو کٽڻ کانپوءِ ڊيم جا حامي ٿيندا ته پوءِ هو ڪنهن پارٽي نه، پر عام جا ”لوٽا“ هوندا، ڇاڪاڻ ته ووٽر ڪنهن کي به لامحدود مينڊيٽ ناهي ڏيندو. ساڳيو دليل ڦري پي پي ۽ حڪومتي ڊيل تي به لاڳو ٿئي ٿو ته جيڪڏهن پي پي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ صدر مشرف کي ايندڙ 5 سالن لاءِ ٻيهر بارودي صدر چونڊرائڻ لاءِ ۽ ٻين اشوز تي ڪا ڊيل، ڪو معاهدو يا Understanding ڪري پئي، يا عوام جا ”لوٽا“ هوندا، ڇاڪاڻ ته ووٽر ڪنهن کي به لا محدود مينڊيٽ ناهي ڏيندو، ساڳيو دليل ڦري پي پي ۽ حڪومتي ڊيل تي به لاڳو ٿئي ٿو ته جيڪڏهن پي پي ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ صدر مشرف کي ايندڙ 5 سالن لاءِ ٻيهر باوردي صدر چونڊرائڻ لاءِ ۽ ٻين اشوز تي ڪا ڊيل، ڪو معاهدو يا Understanding ڪري پئي، يا جيڪڏهن Understanding ڪندي ته مٿس اهو اخلاقي فرض بڻجي ٿو ته هو اليڪشن کان اڳ ووٽرن کي ٻڌائي، عوام کان اهڙي ڊيل ڪرڻ لاءِ مينڊيٽ وٺي. جيڪڏهن ماضيءَ جيان عوام جي مينڊيٽ کي غير مشروط ۽ لا محدود تصور ڪندي اقتداري ايوانن ۾ وڃي ڪا ڊيل ڪري ان کي ”نظريهءِ ضرورت“ يا ”سياست ممڪنات جو فن آهي“ ٽائيٽ دليل ڏنا ويا ته پي پي جي اڪابرين کي اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته هي 1990ع وارو ڏهاڪو نه آهي.

    جيتوڻيڪ اسان جي ”دانشورن“ جي اڪثريت ان خيال جي مخالف رهي آهي ته ڪو ووٽ سوسائٽي ۾ ڪنهن اهميت جوڳي تبديليءَ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، پر آئون اڄ به ان ڳالهه ۾ پختو يقين رکان ٿو ته ووٽ معاشري ۾ ڪارائتي تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ موثر Tool (ذريعو) بڻجي سگهي ٿو، پر شرط آهي ته ان جي استعمال کي Organise (منظم) ڪري سڌي / مثبت رخ ڏانهن جيڪر آڻي سگهجي. گذريل عام چونڊن کان ڳ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جي عنوان هيٺ لکيل منهنجن ڪيترن ئي مضمونن ۾ ڏنل ان راءِ ته، ”سنڌ جي ستر سيڪڙو مسئلي جو حل هڪ باصلاحيت ۽ باهمت وڏو وزير ٿي سگهي ٿو، ۽ اهڙو چيف منسٽر سنڌ ۾ ووٽ ذريعي اچي سگهي ٿو“ کي اسان جي ”دانشورن“ هڪ پوٽوپيائي خيال قرار ڏنو هيو، ۽ اڄ به شايد سندن سوچ تبديل نه ٿي هوندي، پر 5 يا 6 سال پهرين انهن ”صاحب دانش حضرات“ وت نه ڪو متبادل آپشن يا راءِ هئي، ۽ نه ئي اڄ آهي، ۽ جيئن ئي مون ان موضوع تي لکڻ ڇڏيو ته هي سڀ صاحب به واپس ”آسا ۽ نراشا، جهڙي لفاظيءَ سان ڀريل مبهم، غير واضح ۽ گهڻي حد تائين فضول قصن ۾ پئجي ويا. ڄڻ سندن مقصد مڙئي Result Oriented (نتيجا خيز) بحث کي بند ڪرائڻو هيو. پر اڄ جڏهن پاڻ سڀ سنڌ کي اڳ کان به پوئتي ويندي ڏسون پيا ته اهو بحث اڄ به اڳ کان وڌيڪ Relevant (لاڳاپيل) آهي ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“

    گذريل عام چونڊن کانپوءِ جڏهن سنڌ جي وڏ وزارت جو عهدو علي محمد مهر صاحب کي ڏنو ويو ته هڪ صهافي دوست ٽوڪ هڻڻ واري انداز ۾ مونکي چيو ته ”لڳي ٿو اسلام آباد وارن توهان جي تجويز ورتي آهي“ ساڳئي دوست کلندي چيو ته، ”ادا، توهان چيو پئي نه ته هڪ نوجوان، باصلاحيت ۽ ڪميٽيڊ چيف منسٽر سنڌ جي مسئلن جو حل آهي ته واڳ ڌڻين توهان جي خواهش پوري ڪري ڇڏي آهي. مهر صاحب يقين نوجوان آهي، باقي رهجي ويو سوال باصلاحيت ۽ ڪميٽيڊ ٿيڻ جو ته ان جو پيمانو هر ڪنهن وٽ الڳ هجي ٿو.“ ان دوست جي طنز کي سمجهندي کيس موٽ ۾ چيو هئم ته، ”ڀائو باصلاحيت اهو، جنهن کي سنڌ جو عوام باصلاحيت سمجهي، نه ڪي اسلام آباد ۾ ويٺل. ساڳئي طرح سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان ڪميٽيڊ وڏو وزير، نه ڪي اسلام آباد جي سگهارين قوتن سان غير مشروط ڪميٽمينٽ رکندڙ ڪو چيف منسٽر.“

    آئون اڄ به ان راءِ جو آهيان ته سنڌ اسيمبليءَ جي 168 سيٽن مان اهي ئي سمورا تڪ، جتي ووٽرن جي اڪثريت ڪنهن وڏيري، ڀوتار يا ڏاڍي مڙس کان آزاد آهن. جن تڪن جي پولنگ اسٽيشنز جي اڪثريت شهري علائقن ۾ آهن، انهن تڪن جا جيڪر 600 ماڻهو پاڻ ۾ ٻڌي ڪري هڪ اميدوار بيهارين، ۽ 600 مان هر ماڻهو پنهنجي ذمي 50 ووٽر اليڪشن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشن تي آڻي ووٽ وجهرائي وڃي ته هڪ مڊل ڪلاس جو پڙهيل ڳڙهيل ڪميٽيڊ ماڻهو ايم پي اي ٿي سگهي ٿو. ان فارمولا تي جيڪڏهن ڪو صاحب اهو چئي ٿو ته اهو فارمولو ممڪن ڪونهي ته مهرباني ڪري دليل ڏي ته اهو ڇو ممڪن ڪونهي؟ پر جيڪر ڪو اهو سوال اڀاري ٿو ته 600 ماڻهو ڪيئن گڏ ٿيندا، ۽ اهو سڄو عمل، عمل جوڳو ڪير بڻائيندو ته ان سوال جي جواب تي بحث ڪري سگهجي ٿو.

    kawish12@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اليڪشن ذريعي معياري تبديليءَ جو نئون فارمولا!





    19 آڪٽوبر 2006ع



    صدر پرويز مشرف جي ڪنهن تقريب ۾ وڃڻ بعد توهان کي ان مهل تائين سُڪ ٿي ويهڻو پوي ٿو، جيستائين تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهچي وڃي ۽ صدر صاحب تشريف وٺي وڃي. يعني جيستائين صدر صاحب پنهنجي ڳالهه پوري ڪري روانو نه ٿي وڃي، تيستائين توهان کي به اتان چرڻ جي اجازت ناهي ملندي، ان جو ڪارڻ صدر صاحب جي سيڪيورٽي ٻڌائي ٿي وڃي. تازو اسلام آباد ۾ ٿيل افطار پارٽيءَ جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ مان سڏايل صحافي به ساڍا چار ڪلاڪ صدر صاحب سان ”بلجبر“ يا ”بلرضا، گڏ هئا. صدر صاحب جي آمريڪا جي دوري کانپوءِ اها ميڊيا سان سندس پهرين تفصيلي ملاقات هئي، جنهن جا تفصيل هاڻ اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ اچي ڇڪا آهن ۽ ماضي جيان صدر مشرف تمام ”ڪهلي ڊلي“ انداز ۾ گفتگو ڪئي ۽ هو حڪمران جيان ميڊيا کي به کوڙ ساريون نصيحتون ڪيون، جنهن مان هڪ اها به هئي ته جڏهن پاڪ فوج تي ڪو تنقيد ڪري ٿو ته کيس ان سان تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي ۽ اها برداشت نه ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته فوج اسان جي ملڪ جي دفاع ۽ يڪجهتيءَ جو علامت آهي. سندس چوڻ هيو ته اها فوج ئي آهي، جنهن ڪارڻ سکر بئراج ٽٽڻ کان بچيو، جنهن ايل بي او ڊي رٿا کي ٺيڪ ڪيو، لاهور ۾ پارڪ ٺهيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو رات دير تائين گهمن ٿا. مختلف يادگارون ٺاهيون وغيره.

    صدر صاحب پاران مجموعي طرح فوج جي اداري مٿان تنقيد نه ڪرڻ جا ڪيترائي حلقا حامي آهن، ان ڪري نه جو فوج ڪو ترقياتي رٿائن ۾ بهرو ورتو، يا پارڪ ٺهرايا، بلڪه هو ان اداري مان اها اميد ٿا رکن ته ڪنهن ڏکئي وقت ۾ هو ملڪ جو دفاع ڪندا، پر ڇا ڪجي جو ملڪي تاريخ جو اڌ کان وڌيڪ عرصو فوجي قيادت جي ملڪي وهنوار ۾ سڌي مداخلت ۽ باقي عرصو اڻسڌي مداخلت ماڻهن جو اهڙيون وايو بتال ڪيون آهن جو هو جنرلن جي حڪومت ۾ اچڻ ۽ مجموعي طور فوج جي اداري جي حڪمت ۾ اچڻ ۾ فرق ئي نٿا ڪري سگهن. بهرحال صدر صاحب اڪثر چوندو رهيو آهي ته هاڻ جمهوريت جون پاڙون مضبوط ٿي چڪيون آهن ۽ سسٽم کي هو ايترو مضبوط ڪندو جو آئنده فوجي مداخلت جي گنجائش نه رهندي، پر جڏهن ساڳئي افطار پارٽي ۾ سينيئر صحافي ظفر عباس، صدر مشرف کان اهو پڇيو ته، ”صدر صاحب توهان ڪيستائين حڪمراني جاري رکڻ جو ارادو رکو ٿا؟“ ته هن مرڪندي موٽ ۾ چيو ته ”اهو آئون نٿو ٻڌائي سگهان،“ ان جواب جو سولو مطلب اهو ئي آهي ته في لحال صدر صاحب جي وڃڻ جو ڪو به مود يا ارادو ناهي. اتي وري سوال اهو ٿو اڀري ته صدر مشرف جيڪي پاڻ آرمي چيف به آهن، جيڪڏهن دگهي مدي تائين اقتدار ۾ اچڻ لا3 ڇا هاڻوڪو ”مضبوط جمهوري سستم“ روڪي سگهندو، جيڪو ”مضبوط سسٽم“ اڄ صدر مشرف کي وردي لاهڻ لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهي!؟

    صدر صاحب جي گفتگو جو هڪ وڏو حصو بلوچستان بابت هيو ۽ ٻين ڳالهين سان گڏ هو ورجائي اهو چئي رهيو هو ته ڪنهن کي به حڪومتي رٽ کي چيلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏبي ۽ جيڪو به ايئن ڪندو، کيس چٿي ڇڏيو. حڪومتي رٽ چيلينج ڪندڙن جي هڪڙي تشريح هن هٿيار هٿ ۾ کڻي حڪومتي فيصلن کي چيلينج ڪندڙن طور ڪئي. جڏهن صدر صاهب اهو چيو پئي ته مون ڀر ۾ ويٺل هڪ صحافي کي سرگوشي واري انداز ۾ چيو ته ”ان جي معنيٰ اها ٿي ته 1992ع ۾ جنرل آصف نواز مرحوم ۽ بعد ۾ نصير الله بابر جيڪو ڪراچي آپريشن ڪيو هو، اهو درست هيو، ڇاڪاڻ ته ان مهل ايم ڪيو ايم مٿان به هٿيار کڻي حڪومتي رٽ کي چيلينج ڪرڻ جو الزام هيو؟ ڇا اڄ صدر صاحب يا ٻيا حڪومتي ذميوار 1992ع جي ڪراچي آپريشن کي جائز قرار ڏئي سگهندا؟“ ان صحافي وراڻيو ته ”منهنجو خيال آهي ته اهو ممڪن ناهي ۽ توهان کي اهڙا ٻاراڻا سوال سوچڻ به نه گهرجن!!“

    متحده قومي موومينٽ ۽ گجرات جي چوڌرين ۾ لڳي ٿو ته ظاهري طرح وزيراعظم ۽ پس پرده صدر صاحب جي ٽيم ٻيهر ڪو ٺاهه ڪرائي ڇڏيو آهي، پر بيگم عابده حسين ڪي ٽي اين تي جيڪا ڳالهه سڌي ريت چئي، اها ڳالهه آف دي ريڪارڊ سرڪاري توڙي غير سرڪاري پنجاب جا سمورا Traditional (روايتي) سياستدان، ڪامورا ۽ دانشور چوندي ٻڌا وڃن ٿا ته هو ڪنهن ريت متحده کي پنجاب ۾ ياسي گرائونڊ نه ٺاهڻ ڏيندا. جڏهن ته ٻئي پاسي ”اسلام آباد“ جي اها خواهش هاڻ ڪو راز نه رهي آهي ته هو متحدڳ کي ملڪي سطح جي پارٽي ڏسڻ چاهي ٿو ۽ واڳ ڌڻين جي اها خواهش آهي ته متحدڳ، سنڌ جي ڪجهه ٻهراڙي توڙي پنجاب مان هڪ يا ٻه ئي سهي، پر سيٽون حاصل ڪري. پر صرف خواهشن سان ته سڀ ڪجهه نٿو ٿئي. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته خواهش ته پنهنجي به ورهين کان رهي آهي ته سنڌ ۾ ڪا Qualitative Change (معياري تبديلي) اچي ۽ ان ڏس ۾ منهنجي خواهش رهي آهي ته سنڌ واسي مجموعي طرح ۽ اسان جا سجاڳ ماڻهو خاص طرح چونڊن جي عمل کي معياري تبديلي لاءِ ڪتب آڻين، پر چوڻي آهي ته If wishes were horses, then beggers would ride

    چونڊن وسيلي حقيقي تبديلي واري خواهش ڇا واصعي به ايتري ايتري غير عقلي ۽ غير عملي آهي، جو ان جي تڪميل بابت سوچڻ هڪ خواب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي؟ هلو، مڃي ٿا وٺون ته اليڪشن پراسس ذريعي پنهنجي سوسائٽي ۾ ڪا Qualitative (معياري) تبديلي آڻڻ ڪا عملي سوچ ناهي ته پوءِ اچو ته پنهنجي پاڻ کان پاڻ سوال ۽ پاڻ ئي جواب ڏئي اهو صحيح، عملي ۽ عقلي فارمولو ڳولهيون، جيڪو اسان وت ڪا معياري تبديلي آڻي سگهي.

    سوال: تبديلي ڪيئن ايندي؟

    جواب: عوامي سجاڳي ذريعي.

    سوال: اها ڪيئن ايندي؟

    جواب: معياري تعليم عام ڪرڻ ذريعي.

    سوال: پر اهو ڪم ته سرڪاري کي ڪرڻو آهي، ۽ سرڪاري ڪم ڪار ڪيئن هلندو آهي، اهو پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته پوءِ سجڳي ڪيئن ايندي؟

    جواب: معاشي خوشحاليءَ سان.

    سوال: هلو فرض ڪريو ته ميڊيا جي ڪري سجاڳي اچي به وئي ته ان سجاڳيءَ کي گرائونڊ تي عملي تبديليءَ جو روپ ڪير ڏيندو؟

    جواب: بس پوءِ پاڻهي تبديلي اچي ويندي.

    سوال: پنهنجو پاڻ تبديلي ڪيئن اچي ويندي؟ ان ۾ ته ڪو منطق ناهي؟

    جواب: اڇا پوءِ، ايئن ڪجي جو انقلاب آڻي وٺجي.

    سوال: انقلاب!! اهو وري ڪيئن ايندو؟

    جواب: ڇو جيڪڏهن سوويت يونين، فرانس ۽ ٻين هنڌن تي انقلاب اچي سگهن ٿا ته اسان وٽ ڇو نه.

    سوال: ان ڪري جو انهن ملڪن جا حالات مختلف هئا. مزاج مختلف هئا ۽ هو دور ٻيا هئا.

    جواب: نه جيڪڏهن اسين به ڊگهي، مسلسل، اڻ کٽ جدوجهد ڪريون ته ضرور هڪ ڏينهن انقلاب اچي ويندو.

    سوال: اڻ کٽ جدوجهد مان ڇا مراد آهي، ڀلي سئو، ٻه سئو سال لڳي وڃن؟

    جواب: ڀلي لڳي وڃن، قومن جي تقدير ۾ تبديلي لاءِ هڪ ٻه صديون ڪهڙي معنيٰ رکن ٿيون.

    سوال: انقلاب لاءِ هڪ عدد نظري جي ضرورت هجي ٿي، اسان وٽ ڪهڙي نظريي هيٺ انقلاب ايندو؟

    جواب: جدوجهد شروع ڪريو، نظريو بعد ۾ سوچي وٺبو.

    سوال: ڀلا تيستائين اليڪشن ذريعي ڪا تبديلي جي ڪوشش ٿيڻ کپي؟

    جواب: نه،

    سوال: ڇو نه؟

    جواب: بس نه، اهو ممڪن ۽ عمل جوڳو رستو ڪونهي.

    سوال: سئو، ٻه سئو سالن ۾ انقلاب آڻڻ عمل جوڳو ۽ ممڪن حل آهي باقي چونڊن ذريعي تبديلي ناممڪن آهي؟

    جواب: ها.

    سوال: ڀلا، ان ڏس ۾ ڪوشش به نه وٺجي؟

    جواب: نه.

    سوال: پوءِ ڇا ڪجي؟

    جواب: ڪجهه به نه.

    مٿي پنهنجي پاڻ سان ڪيل فرضي گفتگو ايتري فرضي نه ناهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ اُها گفتگو آهي، جيڪا آئون ورهين کان پنهنجي چئوطرف ”صاحب دانش“ حضرات جي ڪچهريون ۾ ٻڌندو آيو آهيان، جنهن جي ”پرمغز“ گڏجاڻين / ڪچهرين ۾ يا ته آخر ۾ اهو نتيجو ڪڍيو ويندو ته ”ڪجهه به نه ڪجي“ يا وري اهڙو حل يا فارمولو ڳولهي ڪڍيو ويندو آهي، جنهن مان پڻ نتيجو اهو ئي وڃي نڪرندو آهي ته، ”ڪجهه نه ڪجي.“ اسان وٽ ”ڪجهه نه ڪجي“ واري ذهني ڪيفيت جي شڪار ماڻهن جا ٽي قسم آهن (1) جيڪي ڪجهه ڪرڻ جي سگهه ۽ شعور هجڻ باوجود نيت جي خرابي، سستي يا ٻين مفادن جي تحفظ خاطر ڪجهه نٿا ڪن. (2) ٻيا اهي ماڻهو، جيڪي ڪجهه بلڪه گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا، پر کين ڪو گس يا واٽ نظر نٿي اچي، تنهن ڪري هو هٿ تي هٿ رکيو ويٺا آهن. (3) ٽئين قسم جي اها مخلوق آهي، جيڪا پنهنجي پر ۾ گهڻو ڪجهه ڪري پئي، پر دراصل هي هڪڙي Circle (دائري) ۾ ڦرن پيا ۽ سندن پاران ”گهڻو ڪجهه“ ڪرڻ جو آخر ۾ نتيجو ٻڙي نڪري ٿو. ايئن In actual (هقيقت ۾) هي به ڪجهه نه ڪري رهيا هوندا آهن. انهن ٽنهي قسم جي ماڻهن مان پهرين قسم يعني نيتن ڪجهه نه ڪرڻ واري ٽائيپ جي ماڻهن جو وري ٻيو عذاب سوسائٽيءَ مٿان اهو هجي ٿو. جو سندن مشن ”نه ڪجهه ڪبو ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي کي ڪجهه ڪرڻ ڏبو“ هجي ٿو، ان ڪري اهڙن ماڻهن مان نه ئي ڪا اميد رکي سگهجي ٿي، ۽ نه ئي مٿن ڪا ميار هجي ٿي.

    عام طرح ڪنهن سوسائٽي ۾ تبديليءَ جو اهڃاڻ مڊل ڪلاس کي تصور ڪيو وڃي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان اسان وت اهو ڪلاس نه هجڻ جي برابر آهي ۽ جيڪو آهي به ته ان جا 40 سيڪڙو ماڻهو ڪرپشن يا ”کانچن“ وسيلي مڊل ڪلاس ۾ آيا آهن. سو اسان وٽ تبديليءَ جو Sole (واحد) ڪارڻ مڊل ڪلاس بڻجڻ جا امڪان گهٽ آهن، پر اسان وٽ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ هڪ ٻئي ڪلاس جنم ورتو آهي. جنهن جي معاشي اعتبار کان صف بندي ممڪن ناهي. ان ڪلاس جي ماڻهن ۾ شعور، تعليم يا ٻي ڪا به هڪجهڙائي ناهي. اهو ڪلاس انهن ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪي ڳالهائڻ کان، گوڙ ڪرڻ کان، احتجاج ڪرڻ کان نٿا مڙن. جيڪڏهن پاڻ انهن کي سنڌ Vocal Class (اظهاريندڙ / متحرڪ طبقي) جو نالو ڏيون ته غلط نه ٿيندو. توهان جيڪڏهن پنهنجي چئوگرد نظر ڦيرائيندئو ته ڪنهن آبادگار جي صورت ۾، ڪنهن وڪيل، ڪنهن سياسي ورڪر، ڪنهن دڪاندار، ڪنهن صحافي، ڪنهن شاگرد، ڪنهن پورهيت، ڪنهن گهريلو خ ا تون جي صورت ۾ توهان کي هاڻي اهڙا کوڙ ماڻهو نظر ايندا، جيڪي ماڻهو پنهنجي چئوطرف 20 يا 25 سال پهرين اڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا هئا. اهي ماڻهو پاڻ کي ڪڏهن پريس ڪلبن، ڪڏهن اسيمبلين آڏو، ڪڏهن روڊن رستن تي احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا ته وري ڪڏهن ڪنهن ڇانهه جي هوٽل، ڪنهن اوطاق يا گهر جي اڱڻ ۾ زوردار نموني غلط کي غلط چوندي ۽ جذباتي انداز ۾ پنهنجي مزئلن بابت بحث ڪندي نظر ايندا آهن. سنڌ ۾ ڪنهن معياري تبديلي لاءِ ان ”ووڪل ڪلاس“ جو ڪردار انتهائي ڪارائتو هوندو، پر جيڪر ڪو فرد يا ڪا ڪا ڌر ان ڪلاس جي اندر موجود ڪاوڙ ۽ منجهن تبديليءَ جي خواهش کي سهيڙي مثبت ۽ Result Oriented (نتيجا خيز) ٽارگيٽ ڏانهن رخ ڪرائي سگهي.

    هڪ اڳوڻي ڪامريڊ کان پڇيم ته توهان هڪ انتهائي منظم ۽ ڪميٽيڊ ورڪر ڪيڊر واري پارٽي هلائيندا هئا، پر جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي 1988ع ۾ ٿر مان چونڊن ۾ بيٺو ته توهان ووٽرز کي ڇو نه ملبلائيز ڪري ڄام ساقي کي ووٽ ڏياري سگهيا؟ سندس چوڻ هيو ته ”ڪميونسٽ پارٽي جيتوڻيڪ روايتن کي ٽوڙي انقلاب آڻڻ لاءِ جاکوڙيندڙ پارٽي هئي، پر ڄام واري اليڪشن اسان به روايتي انداز ۾ وڙهي. يعني جلسا ڪرڻ، ريليون ڪڍڻ ۽ در در وڃي ووٽ گهرڻ واري حڪمت عملي استعمال ڪئي وئي.“ ان ڪامريڊ جي ڳالهه ۾ وزن آهي، ڇاڪاڻ ته روايتي اليڪشني اميدوارن کان ساڳي روايتي اليڪشن واري حڪمت عملي استعمال ڪري کٽڻ ڪنهن نئين ماڻهو لاءِ ذري گهٽ ناممڪن آهي. ۽ جيڪڏهن ڪامريڊ ڄام پنهنجي چونڊ تڪ ۾ پنهنجي ٻين ڪامريڊن جي مدد سان تڪ اندر اليڪشن کان اڳ ٻن يا ٽن سئو ماڻهن جي MINI (ننڍڙي) ڪميونسٽ پارٽي ٺاهڻ جو سوچي ها ته شايد چونڊ نتيجا مختلف به ٿي پئي سگهيا. ساڳي ريت اڄ به جيڪڏهن اسان جي مختلف تڪن ۾ موجود ووڪل ڪلاس جا ٻه يا ٽي سئو ماڻهو، جيڪي معياري تبديلي ڇاهين ٿا، سي هن هڪ نقطي تي گڏجي پون ته انهن جي پنهنجي تڪ، شهر ۽ صوبي ۾ چونڊ نتيجا حيرت ۾ وجهندڙ اچي سگهن ٿا.

    اسان وٽ ايم پي اي جي سيٽ تي عام طرح 15 کان 25 هزار ووٽ وٺندڙ ڪاميان ٿين ٿا. مثال طور گذريل چونڊن ۾ شهدادڪوٽ واري سيٽ تي سلطان کهاوڙ 16409 ووٽ کڻي ڪاميان ٿيو. لاڙڪاڻي سٽي ۾ 21500 ووٽ کڻي نثار ڪهڙو ڪامياب ٿيو ته وري قمبر واري تڪ تان 14000 ووٽ کڻي غلام محمد اسراڻ ڪامياب ٿيو. هڪ يا ٻه تڪن کان سواءِ گهڻي ڀاڱي اهڙي ئي صورتحال سنڌ جي ٻين صوبائي اسيمبليءَ جي تڪن جي هئي. سو سراسري طرح جيڪڏهن هڪ اميدوار کي 17 يا 18 هزار ووٽ ملي وڃن ته ان جي ڪاميابيءَ جا امڪان چٽا ٿيو پون، ۽ جيڪڏهن 300 ماڻهو گڏجي پون ۽ هر ماڻهو 60 ووت پولنگ اسٽيشن تي آڻڻ پنهنجي ذمي کڻي وٺي ته ووڪل ڪلاس جو نمائيندو اسيمبلي ۾ پهچي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ خيرپور مان هڪ نوجوان پاران ٻه اهم سوال اٿاريا ويا. هڪ اهو ته جيڪڏهن 300 ماڻهو گڏجي به پون ته به اهو فيصلو ڪير ڪندو ته انهن مان ايم پي اي ڪير ٿيڻ کپي؟ ان جا ٻه حل ٿي پيا سگهن، هڪ اهو ته انهن ٽي سئو ماڻهن جنهن کي پاڻ لوڪل اسيمبلي به چئي پيا سگهون، منجهائن 5 ماڻهن جي ووٽنگ ذريعي چونڊ ڪئي وڃي، پر ان ڪور ڪميٽيءَ ۾ ڪو اهڙو ماڻهو چونڊجڻ جو اهل نه هجي، جيڪو پاڻ يا جنهن جو ڪو مائٽ ايم پي اي ٿيڻ لاءِ اميدوار بڻجڻ چاهيندو هجي. اها 5 ميمبرن واري ڪور ڪميٽي ايم پي اي جي اميدوارن جي نالن تي غور ڪري. معنيٰ سندن قابليت، ڪردار ۽ ذهانت کي جاچڻ کان پوءِ ۽ انهن اميدوارن مان ڪنهن هڪ جي ووٽ ذريعي پاڻ چونڊ ڪري وٺن، يا پوءِ ڇنڊڇاڻ کان پو3 انهن اهل اقرار ڏنل اميدوارن کي واپس 300 ماڻهن واري اسيمبلي ۾ آندو وڃي، جتي ڳجهي ووٽنگ ذريعي هڪ اميدوار جي چونڊ ڪئي وڃي. ان معاملي جو ٻيو حل اهو به ٿي سگهي ٿو ته لوڪل اسيمبلي ۾ 5 ماڻهن جي ڪور ڪميٽيءَ ۾ 300 ماڻهو ڪنهن به اهڙي ماڻهو کي پنهنجو نمائيندو نامزد ڪن، جيڪو سندن تڪ ۽ صوبي جو حقيقي نمائيندو ٿيڻ جو اهل هجي.

    خيرپور جي ان نوجوان جو ٻيو سوال اهو هو ته جيڪڏهن فرض ڪجي ته اهڙي ريت ڪڳ اميدوار ڪامياب نه ٿي وڃي، پر جيڪڏهن سڀاڻي هو کٽڻ کان پوءِ ڦري وڃي ته پوءِ؟ ان اميدوار لاءِ ايئن ڪرڻ جو امڪان ان ڪري گهٽ هوندو، جو کيس خبر هوندي ته سندس پنهنجا صرف 60 يا 80 ووٽ آهن. باقي سڀ ووت کيس لوڪل اسيمبليءَ جي ماڻهن وٺرائي ڏنا آهن ۽ ٻيو ته هو ڪو ڀوتار نه هوندو، جو عوام جو لوٽ بڻجڻ کانپوءِ پنهنجن هٿياربند گارڊن سان پنهنجي حويلي ۾ ويهي رهندو، بلڪه کيس ايم پي اي بڻجڻ کان پوءِ به انهن ئي گهٽين مان لنگهڻو پوندو. ۽ ساڳئي پاڙي ۾ رهڻو پوندو. سو لوٽو ٿيڻ کان اڳ هو سئو دفعا سوچيندو، پر تنهن هوندي به کيس لوٽو بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ ڪو قانوني ۽ اخلاقي مڪينزم جوڙي سگهجي ٿو. مثال طور ان کان لوڪل اسيمبلي اندر لکت ۾ قسم نامو لکرائي سگهجي ٿو ته جڏهن به لوڪل اسيمبليءَ جا ٻه ڀاڱي ٽي ميمبر کانئس استعيفا گهرندا ته هو استعيفا ڏيڻ لاءِ پابند هوندو وغيره.

    اقتداري حلقن ۾ اهو چوٻول عام آهي ته عام چونڊن کان پوءِ سنڌ جو ايندڙ وڏو وزير اهو ئي بڻجندو، جيڪو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ اسلام آباد کي راضپو ڪندو. ان چوٻول کي جيڪڏهن پاڻ صدر پريز مشرف جي انهن بيانن جي روشنيءَ ۾ ڏسون ته به ڳالهه چٽي ٿي ويندي. جنهن بيانن ۾ صدر صاحب چوندو رهيو ته عوام انهن اميدوارن کي ووت ڏي. جيڪي سندس (صدر صاحب) جي Vision (فهم) جا حامي هجن. ۽ پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته صدر صاحب جو Vision (فهم) اهو چئي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي.



    Feedback_kawish@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    چونڊن جي موسم ۽ ”ڪجهه نه ڪجي ڪلب“ جون سرگرميون!







    31 آڪثوبر 2006ع



    محترمه بينظير ۽ ميان نواز شريف جي ميڊيا آڏو خير سان ٻي ملاقات ٿي گذري، جڏهن ته ميڊيا کان بغير انهن جون ٻيون ملاقاتون به خوشگوار موڊ ۽ ماحول ۾ ٿي چڪيون آهن. ميثاق جمهوريت جي بحاليءَ ۾ ڪو اهم سبب بڻجي سگهن يا نه، پر انهن ون ٽو ون ملاقاتن کانپوءِ اها اميد ضرور پيدا ٿي آهي ته سڀاڻي جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ اقتدار ۽ ٻيو اختلاف يعني اپوزيشن ۾ هوندو، تڏهن شايد ماضي جيان هڪ ٻئي سان ذاتي دشمنن جهڙو ورتاءُ نه ڪندا ۽ هڪ ٻئي جي مخالفت کي ڪنهن تهذيب جي دائري ۾ رکندا. مون کي ذاتي طرح انهن ٻنهي جي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ تي نه ڪا حيرت ٿي آهي ۽ نه ئي سڀاڻي انهن ٻنهي جي وري هڪ ٻئي کان پري ٿي وڃڻ تي ڪا حيرانگي ٿيندي، پر جنهن ڳالهه تي حيرت ٿي اها هيءَ ته انهن ٻنهي ملاقاتن ۾ محترمه بينظير جو ور آصف زرداري نظر نه آيو!

    آصف انهن ملاقاتن ۾ ڇو نه هيو؟ اهڙو سوال هڪ پي پي اڳواڻ دوست کان ڪيم ته، هن موصوف چيو ”آصف صاحب آمريڪا ۾ آهي.“ کلندي چيو مانس، ”بي بي آمريڪا مان پهرين ملاقات لاءِ آئي هئي ۽ هونءَ به آمريڪا مان لنڊن 8 ڪلاڪن جي فلائيٽ آهي، ٽڪيٽ جا پيسا پيا بچايو ڇا؟“ چوڻ لڳو ”ٻن پارٽين جي ليڊرن جي ملاقات هئي، ان ۾ آصف ڇا ڪري ها؟“ چيومانس ”يار، ٻار نه سمجهه، ماضيءَ ۾ سموري سياسي ڊيلز ۾ آصف کي محترمه يا اڳتي ڪندي هئي، يا گهٽ ۾ گهٽ گڏ رکندي هئي هاڻ ڇا ٿيو آهي؟“ موت ۾ چيائين ”ماضي، ماضي هيو، هاڻ حال آهي.“ پڇيومانس ”ڇا مطلب؟“ ته ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ پوءِ ڪجهه دير Pause (وقفو ) ڏئي چيائين ته ”خبر سڀ اٿو پوءِ به مونکان ٿا پڇو“ چيومانس ”مون کي خبر ناهي توهان ٻڌايو“ چوڻ لڳو ”ته پوءِ پارٽي پاليسي موجب جواب اهو آهي ته آصف ذرداري جي طبيعت ٺيڪ ناهي، تنهن ڪري هو نواز شريف سان ملاقاتن ۾ محترمه سان گڏ نه هيو.“

    پي پي ۽ نواز ليگ جا سنجيده حلقا محترمه ۽ ميان صاحب جي ملاقات کانپوءِ دٻيل لفظن ۾ اهڙي خواهش جو اظهار ڪندي ٻڌا وڃن ٿا ته ملڪ جو جمهوري نظام ڪيڏو نه مضبوط ٿي وڃي جيڪر ميان نواز شريف ملڪ جو صدر ۽ بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي وڃي ۽ ٻئي گڏجي ملڪي ڪاروهنوار هلائين. انهن حلقن ۾ موجود ان معصوماڻي قسم جي خواهش جي حوالي سان ٻه اهم سوال اڀري اڇن ٿا. هڪ اهو ته جيڪڏهن نواز شريف صدر ٿيو ته ڇا هو اٺين ترميم (پارليمينٽ ٽوڙڻ وارن اختيارن) سوڌو صدر هوندو، يا بي اختيار صدر؟ ۽ ٻيو سوال اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اقتدار جون دعويدار صرف سولين قوتون نٿيون هجن، ۽ پي پي توڙي نواز ليگ ٻئي سولين پاسي جي نمائندگي ڪن ٿيون، پر نان سولين قوتون ڪيئن ان پاور شيئرنگ فارمولا ۾ Accommodate ڪيون وينديون؟ هڪ نواز ليگ اڳواڻ کي ڀوڳ واري انداز ۾ چيم ته بهتر ٿيندو ته صدر نواز شريف، وزير اعظم بينظير ٿئي ۽ چيئرمين جو سينيٽ ڪنهن وردي واري کي ٺاهي وٺي!! بهرحال اهو ته مذاق هيو، پر سنجيده ڳالهه اها آهي ته في الحال ته وردي وارو ملڪ جو صدر آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته في الحال نه رڳو سندس وڃڻ جو ڪو ارادو آهي، بلڪه هو بينظير يا نواز شريف کي واپس اچڻ به نه ڏيندو. آئين ۾ ترميم ٿيل آهي ته ٻه دفعا وزيراعظم ٿيندڙ ٽيون ڀيرو وزيراعظم نٿو ٿي سگهي. سو صدر مشرف کي بار بار ان جي وضاحت ڪرڻ جي ضرورت ڇو ٿي پئي ته ”ٻنهي کي واپس اچڻ نه ڏبو.“ شايد صدر مشرف اهو باور ڪرائڻ ٿو چاهي ته ٻنهي کي ملڪ ۾ ئي اچڻ نه ڏبو، پر اها ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته هو نواز شريف کي ته ڪيل ڊيل جي آڌار تي ملڪ ۾ اچڻ کان روڪڻ جي صحيح يا غلط Justification ڏئي سگهي ٿو، پر بينظير کي هو ڪهڙي اخلاقي يا قانوني جواز آڌار ملڪ ۾ اچڻ کان روڪي سگهي ٿو؟ بينظير ڀٽو جيڪڏهن پنهنجي پاڻمرادو جلاوطني ختم ڪري ڏيهه ورندي ته حڪومت کيس مختلف ڪيسن ۾ گهربل هجڻ سبب گرفتار ڪري سگهي ٿي. پر حڪومت کيس جهاز مان ئي حراست ۾ وٺي (شهباز شريف جيان) ٻئي جهاز ۾ ملڪ بدر ڪهڙي جواز آڌار ڪندي؟ ساڳي ريت آئين ۾ ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ تي پابندي آهي. پر ٻيهر يا ٽيهر چونڊن ۾ بيهڻ تي پابندي ناهي. سو ظاهري طرح اهو نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن محترمه پوئين چونڊن ۾ به اچڻ چاهي ها ته اچي پئي سگهي ۽ هن ڀيري به ڏيهه موٽڻ چاهيندي ته حڪومت کيس ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪندي.

    غيرجانبدار سياسي حلقا توڙي خود پي پي جا سمجهو ماڻهو ان نقطي تي متفق نظر اچن ٿا ته جيڪڏهن هن ڀيري به محترمه بينظير چونڊن کان اڳ ڏيهه نه موٽي ته پارٽيءَ جو اڳوڻو سوجهرو به چٽ ٿي ويندو. ان ڳالهه ۾ وزن نظر اچي ٿو ۽ اها اڳڪٿي آرام سان ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ هوندي پوءِ ڀلي ڪنهن جيل ۾ يا بلاول هائوس ۾ نظر بند ئي ڇو نه هجي، پر پارٽي پرفارمنس ۾ ٻه سئو سيڪڙو بهتري اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته بدقسمتيءَ سان اسان جي پارٽين ۾ عهديدارن جي اڪثريت ليڊر کي ڏيکارڻ لاءِ ڪم ڪندي آهي (ايئن ڇو آهي، ان بابت ڪنهن ٻئي ڀيري بحث ڪبو) ساڳئي ريت بينظير ڀٽو جي ڏيهه ۾ هجڻ ڪري ووٽن جو ٽرن آئوت به وڌيڪ ٿيندو ۽ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندر اميدوارن جي لوٽي ٿيڻ جو امڪان به 80 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته ڪامياب ٿيندڙ همراهه اهو سمجهندا ته بينظير ملڪ ۾ اچي وئي آهي، تنهن ڪري ٿورو صبر ڪجي ۽ پارٽي ڇڏڻ جي تڪڙ نه ڪرڻ کپي، سو چوڻ وارا چون ٿا ته محترمه به في الحال انهيءَ خيال جي آهي ته هو چوندن کان اڳ ڏيهه موٽندي، پر جيڪڏهن کيس ڪا اهڙي ڊيل آفر ڪئي وئي، جنهن ۾ کيس خاطري هجي ته چونڊن ۾ سندس پارٽي پنهنجي منزل ماڻيندي ۽ کين اقتدار ڏيڻ ۾ ڪا رنڊڪ نه وڌي ويندي. تنهن ڪري شايد محترمه ان Understanding جي صورت ۾ چونڊن کانپو3 ڏيهه اچي. بهرحال جيڪڏهن پاڻ Assume (فرض) ڪريون ته بينظير چونڊن کان اڳ ڏيهه موٽندي ته 7 سال اڳ اقتدار ۾ آيل صدر مشرف لاءِ اهو پهريون ڀيرو هوندو، جو بينظير ڀٽو به پاڪستان ۾ هوندي ۽ پرويز مشرف، صدر پاڪستان هوندو ۽ صدر صاحب کي ساڳئي وڪيٽ تي بينظير ڀٽو سان کيڏڻ جو ماضيءَ ۾ ڪو تجربو ناهي رهيو. اها ڳالهه محٽرمه جا مخالف به مڃن ٿا ته کيس اقتداري سياست جو وسيع تجربو آهي، سو جيڪڏهن سڀاڻي محترمه ۽ صدر مشرف ٺهي هلن ٿا ته به ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ ڪات ڪهاڙا کٽن ٿا تڏهن به دلچسپ پر گرما گرم سياسي موسم جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. ان ڏس ۾ اهو به ياد ڏياريندو هلان ته 2007ع ۾ پاڪستان ۽ 2008ع ۾ آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون آهن ۽ آمريڪا ۾ سال جي ضروعات ۾ کان ئي چونڊن جو ماحول گرم ٿيڻ شروع ٿيو وڃي، ۽ چوڻ وارا چون ٿا ته ”بش راڄ“ جي خاتمي سان ” مُش راڄ“ تي به ان جا اگرا اثر پوندا.

    اسان وٽ ٻه چونڊن جي حوالي سان ڪا گهڻي سرگرمي نه به ته ڊرائنگ روم ڪچهرين ۾ ايندڙ چونڊن وارو موضوع هاڻ گرمي وٺندو پيو وڃي. چانهه يا ڪافي جي گرم گرم ڪوپن يا برف جهڙن ٿڌن گلاسن تي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ ”مونکي ٽڪيٽ ملندي، فلاڻي کي ٽڪٽ ملندي، سرڪار ۾ هوندي آئون نه هاريندس، سگهارن ادارن وارن جي آسيرواد ملي وئي هاڻ نه ڪو لهر نه لوڏو، وغيرا وغيرا ”جهڙي گفتگو زور وٺي وئي آهي. جيڪا گفتگو هي اليڪشني سياستدان سالن کان وٺي چونڊن کان اڳ ڪندا آيا آهن. وري ڪجهه حلقن ۾ رازداري سان اهو چيو ۽ ٻڌو پيو وڃي ته ايندڙ نگران وڏو وزير ڪير هوندو؟ ٻن ٽن مهينن لا: نگران وڏو وزير بڻجڻ، ۽ ان نگران ڪابينا ۾ وزيرن جي نالن تي به ڳالهيون هلندڙ آهن، پر اهڙي ورايتي نوعيت جون ڪچهريون انهن ئي چار، پنج سئو يا کڻي هزار ماڻهن وچ ۾ هلندڙ آهن، جيڪي چونڊ وڙهڻ کي پنهنجي مورثي ذميواري تصور ڪن ٿا. پر ٻئي طرف چونڊن جي Process ۾ غير روايتي انداز ۾ داخل ٿي Vocal class جي نمائندن کي کٽرائڻ واري فارمولي تي به بحث هلي رهيو آهي.

    مون کي پنهنجن گذريل ٻن مضمونن جون جيڪي اي ميلز، فون يا روبرو فيڊبيڪ مليو، ان مان اهو محسوس ٿيو ته ماڻهو ان Concept يا فارمولا ۾ دلچسپي وٺن پيا. جيتوڻيڪ ڪجهه اهل دانش حضرات کي اڄ به هي هڪ يوٽوپيائي خيال لڳي ٿو، پر ٻئي گهڻي اڪثريت اها آهي، جيڪا ڄاڻڻ چاهي ٿي ته هي فارمولو ڪيترو عمل جوڳو آهي ۽ ان جا ٻيا تفصيل ڇا آهن؟ پاڻ ان فارمولي کي سمجهڻ لاءِ پهرين اهو جائزو ٿا وٺون ته هڪ عام ڀوتار يا اليڪشني سياستدان ڪهڙي حڪمت عملي هيٺ چونڊ وڙهي ٿو؟ انهن ڀوتارن مان 95 سيڪڙو اميدوار پنهنجي تڪ جي اهڙن ننڍن ننڍن چڱن مڙسن، ننڍن ننڍن وڏيرن کي هٿ ڪن ٿا، جن چڱن مڙسن وٽ پنهنجي راڄ ڀاڳ واري علائقن جون چار، پنج پولنگ اسٽيشنون هجن ٿيون. هي ڀوتار اهڙن 50، 100 يا 150 ننڍن ننڍن چڱن مڙسن کي مختلف آسرا، لالچون يا واسطا يا واسطا ڏئي پاڻ سان گڏ ڪن ٿا. پوءِ اهو انهن سئو يا ڏيڍ سئو ننڍن ڍڱن مڙسن تي بار هجي ٿو ته هو پنهنجين، پنهنجين اثر وارين پولنگ اسٽيشنز تي ڀوتار کي وڌ ۾ وڌ ووٽ وجهرائي ڏين. ساڳي ئي ريت جڏهن پاڻ ووڪل ڪلاس جي 250 يا 300 ماڻهن جي گڏجي في ماڻهو 60 يا 80 ووٽ وجهرائڻ واري ڳالهه ڪريون ٿا ته اها به اوتري ئي عملي ۽ ٿيڻ جوڳي ڳالهه هجي ٿي، جيئن ڪنهن ڀوتار پاران 50 يا 100 ننڍا چڱا مڙس گڏ ڪرڻ هجي ٿو. فرق صرف اهو آهي ته ووڪل ڪلاس جا ماڻهو سوسائٽيءَ ۾ معياري تبديلي آڻڻ واري لالچ هيٺ پاڻ ۾ گڏ ٿيندا، نه ڪي ڪنهن ٻئي ڪنهن لالچ جي.

    هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاتون جيڪا هائوس وائف (گهريلو خاتون) آهي، کان پڇيم ته، ڇا هوءَ 50 يا 60 ووت ڪنهن اميدوار کي ڏياري سگهي ٿي؟ ته سندس تڪڙو جواب هو ”نه، آئون ڪيئن ڪنهن کي 50 ووت ڏياري سگهنديس“ کيس چيم ته ”توهان پنهنجي چوگرد ڏسو، توهان جو مڙس آهي، ڀائر آهن، والده آهي، ڀيڻ، ڀيڻ جو مڙس، ڀاڄايون، سئوٽ، ماسات، ساهيڙيون، گهر ۾ ڪم ڪندڙ ماسي وغيره. ڇا پوءِ به 50 يا 60 ووٽ توهان جي اثر هيٺ نه هوند؟“ تنهن تي ان خاتون چيو ته، ”ها ايئن ته ممڪن آهي.“ بس، اها ئي ڳالهه آهي ته اسان اهو سمجهي سگهون ته هي فارمولو عمل جوڳو ۽ ممڪن آهي. مون ڪڏهن به اهو ناهي چيو ته اهو آسان آهي، پر صرف چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ناممڪن ۽ مشڪل ۾ فرق هجي ٿو، تنهن ڪري ڏڪئي ڪم کي ڏکيو ئي چوڻ کپي، نه ڪي ناممڪن، اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ”دانش جي اڪثر ورن“ جو ٻين مسئلن سان گڏ هي به پرابلم آهي ته هو مسئلي جي لاءِ حل بدران حل لاءِ ڪو نه ڪو مسئلو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

    ميرپورخاص مان چونڊيل ايم پي اي سيد عرفان علي شاهه رضوي منهنجن ڇپيل مضمونن جي حوالي سان موڪليل اي ميل ۾ اهو سوال اٿاريو آهي ته ”ڇا آئون اهو چاهيان ٿو ته سياسي پارٽيون ختم ٿي وڃن ۽ 300 ماڻهن وارين لوڪل اسمبلين مان مختلف تڪن تان آزاد اميدوار ڪامياب ٿي اچن؟“ شاهه صاحب جنهن جو تعلق پي پي سان آهي، تنهن اهو سوال به اٿاريو آهي ته جيڪڏهن 168 Individual (آزاد) اميدوار پنهنجا پنهنجا منشور کڻي صوبائي اسيمبليءَ ۾ پهتا ته اتي ڪنهن جي منشور تي عمل ٿيندو ۽ ڪنهن جي ته نه؟ سياسي پارٽين جي خاتمي جي خواهش ڪنهن ڊڪٽيٽر کي ٿي پئي سگهي، يا ڪنهن بنهه جاهل ماڻهو کي، ڇاڪاڻ ته اهي سياسي پارٽيون ئي هجن ٿيون، جيڪي سول سوسائٽي کي Organise (منظم) ڪري. عوام جي خواهشن پٽاندڙ تبديليءَ لاءِ عوام وسيلي، عوام جي نمائندگي ڪن ٿيون. اهي سياسي پارٽيون ئي هجن ٿيون، جيڪي عوام جي حقيقي جذبن جي عڪاسي ڪن ٿيون، اهي پارٽيون ئي هجن ٿيون، جيڪي عوام جي سهاري، عوام جي ووٽ ذريعي اقتدار ۾ اچي سوسائٽيءَ جي مجموعي حالتن ۾ معياري تبديلي آڻڻ جون ذميوار هجن ٿيون، سو منهنجي نظر ۾ سياسي پارٽين جي خاتمي جو خيال به آڻڻ هڪ انتهائي غير عقلي ڳالهه هوندي، پر سياست ۾ عقيده پرستيءَ جو به آئون حامي ناهيان، هڪ ووٽر، هڪ سياسي ڪارڪن، يا هڪ سياسي اڳواڻ کي پنهنجي پارٽي اندر اختلاف ڪرڻ يا اصولي ڳالهه تي پارٽي تبديل ڪرڻ يا پنهنجي پارٽي ٺاهڻ کي حرام ۽ گناهه سمجهڻ به ڪا دانشمندي ناهي، عرفان شاهه هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو آهي ۽ شايد هو ان نقطي سان متفق ٿئي ته جيڪر اسان جي هاڻوڪي سياسي پارٽين اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سوسائٽيءَ ۾ ڪا معياري تبديلي آندي هجي ها ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري بحث تي سوسائٽي ۾ ايترو خفو ڇو ٿي رهيو هجي ها؟ ٻي ڳالهه اها ته سياسي پارٽيون خاص طرح سنڌ ۾ پي پي جيڪڏهن چاهي ته 300 ماڻهن واري فارمولا کي پنهنجي استعمال ۾ به آڻي سگهي ٿي، جيئن ان کي Winning Candidates وارو ٺپو مٿي ته هڻي گهمندڙن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جي لاچاري نه رهي، پر جيڪڏهن پي پي يا ٻيون سياسي پارٽيون پنهنجي اڳوڻي سياسي روش تبديل نٿيون ڪن ته پوءِ ڇا ووت پرفارمنس بدران عقيدي تي ڏيڻ وارو سلسلو جاري رهڻ گهرجي؟ شاهه صاحب پنهنجي اي ميل ۾ تجويز ڏيندي لکي ٿو ”منهنجي صلاح اها آهي ته اهي 300 ماڻهو گڏجي پنهنجن علاقئن ۾ سياسي پارٽين مٿان زور وجهن ته اهي پارٽيون انهن 300 ماڻهن پاران مڊل ڪلاس جي نامزد ڪيل اميدوار کي تڪٽ ڏين.“ عرفان شاهه جي صلاح ۾ وزن آهي، پر ان لاءِ به ضروري آهي ته 250 يا 300 ماڻهن تي مشتمل لوڪل اسمبليون وجود ۾ اچن.

    آمريڪا مان ڪاوش پڙهندر امتياز سولنگي نالي دوست اي ميل ۾ ٻه سوال اٿاريا آهن، (i) جيڪڏهن اسان ووٽ ڪريون ۽ ڪامياب به ٿي وڃون، پوءِ حڪومت وري به مخالف اميدوار کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏي ته پوءِ؟ (ii) جيڪڏهن اسين ڪامياب قرار به ڏنا وڃون ۽ حڪومت اسيمبلي جو اجلاس نه ڪري ته پوءِ؟ پهرين سوال جي جواب ۾ اهو ٻڌائيندو هلان ته هي 1980ع يا 1990ع وارو ڏهاڪو ناهي، جو پولنگ اسٽيشن ته هڪڙو نتيجو اچي ۽ سرڪاري ٽي وي ان جي ابتڙ نتيجي جو اعلان ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته هاڻ چونڊ نتيجا نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تمام تڪڙا اچيو وڃن. ٻي ڳالهه تي ان اميدوار کي 300 ووڪل ڪلاس جي ماڻهن جي حمايت هوندي، جيڪي ان اميدوار جا پولنگ ايجنٽ به هوندا. سو انهن پولنگ ايجنٽن جي موجودگيءَ ۾، شهري علائقن ۾ ڪنهن ڀوتار يا سرڪار لاءِ ڌانڌلي ڪرائڻ سولو ڪم نه هوندو. ان حوالي سان اڃان تفصيل ڪنهن ٻئي مضمون ۾ ڪنداسين، في الحال ٻئي سوال يعني جيڪڏهن سرڪار اسيمبليءَ جو اجلاس ئي نٿي گهرائي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان سوال جي پويان شايد سولنگي صاحب جو خيال اهو هجي ته 168 تڪن مان اڪثريت Vocal Class جي ماڻهن جي اچڻ جي صورت ۾ مٿان سرڪار ڊڄي ڪري اجلاس ئي نه سڏائي. ان ڏس ۾ پوءِ سوال ٿو اڀري تي ڇا سرڪار سنڌ مٿان گورنر راڄ لڳائي ڇڏيندي؟ آئون نٿو سمجهان ته اهڙو ڪو منظر جڙندو ۽ هي ڪجهه اهڙو ئي سوال آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ يا ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ اميدوار جيڪڏهن روڊ ايڪسيڊينٽ يا بيماري ۾ گذاري ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ سوا اهڙن سوالن تي اڄ پريشان ٿيڻ سان ڪجهه خاص نه ورندو.

    ضروري اعلان: ”ڪجهه نه ڪجي“ ڪلب جا ميمبر حضرات ٻيهر تمام گهڻا سرگرم ٿي چڪا آهن. انهن جي اثر کان بچاءَ لاءِ Ignore ڪرڻ وارا ٽڪا لڳرائڻ گهرجن. يعني کين نظر انداز ڪري ڇڏيو. ان ڪلب جي معزز ميمبرن جي اوهان صحيح سڃاڻپ ايئن ڪري سگهو ٿا جو هي معزز صاحبان ڳالهائڻ ۽ لکڻ مهل مون پاران ڏنل فارمولا يا تجويزن تي گهٽ، پر منهنجي ذات تي ڳالهائيندي ۽ لکندي وڌيڪ نظر ايندا.

    Feedback_kawish@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ خواب ۽ تعبير جي اميد







    22 نومبر 2006ع



    ”سنڌ ۾ معياري تبديلي اليڪشنز ذريعي ممڪن آهي“ واري بحث تي ڪالمن ۾ آيل راين توڙي اي ميل يا روبرو مليل فيڊ بيڪ ۾ هڪ نقطو ساڳئو سامنهون آيو آهي، اهو هي ته اگر ڪجهه تڪن تان ووڪل ڪلاس جا ماڻهو چونڊجي ايم پي ايز ٿي به پيا ته ان سان سنڌ ۾ معياري تبديلي ڪيئن اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته بنا ڪنهن گڏيل ايجنڊا جي، انفرادي طرح چونڊجي آيل ميمبر ايوان ۾ ڪيئن ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهندا؟ ڪجهه دوستن اهو اعتراض به اٿاريو آهي ته 200 يا 300 ماڻهن واري لوڪل اسيمبليءَ واري فارمولي هيٺ مختلف تڪن تان انفرادي طرح جيڪڏهن مختلف ماڻهو چونڊجي به آيا، ته ان سان سياسي پارٽين کي ڏک رسندو.

    پنهنجي گذريل مضمون ۾ تفصيل سان اهو عرض ڪيو هئم ته بنهه گهٽ عقل رکندڙ ڪو ماڻهو يا ڊڪٽيٽر ئي اهو چاهيندو ته ڪنهن سوسائٽي مان سياسي پارٽي / پارٽيون ختم ٿي وڃن ۽ سندن جڳهه تي ڪجهه Individuals اچي وڃن، پر اتي سوال اهو ٿو اڀري ته جيڪڏهن ڪنهن سوسائٽي ۾ ڪم ڪندڙ سياسي پارٽي / پارٽيون بهتريءَ واري تبديلي نه آڻي سگهن، ته ڇا ان جو متبادل نه ڳولهڻ گهرجي؟ ڇا اگر هڪ سياسي فلسفو يا Concept (تصور) مسلسل آزمائڻ باوجود سوسائٽي ۾ ڪا بهتري نه آڻي ته ان جو alternate (متبادل) نه سوچڻ گهرجي؟ جيڪڏهن هڪ سياسي پارٽي عوام کي Deliver نه ڪري سگهي ته عوام پاران ان پارٽيءَ بدران ٻي پارٽيءَ جي حمايت ڪرڻ کي گناهه تصور ڪرڻ گهرجي؟ اسانجي سوسائٽي ۾ به جيڪر هر پاسي ترقي، خوشحالي، شانتي ۽ مسلسل، متواتر بهتريءَ لاءِ تبديليءَ جو سلسلو جاري هجي ها ته پوءِ هرڀرو ماڻهن جو مٿو ته نه ڦريو آهي، جو اهي ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جهڙن بحثن ۾ پون ها! شاديءَ جي محفل هجي يا ڪنهن جي تڏي تي ويٺل ماڻهن جون ڳالهيون هجن، ڪا اوطاق هجي يا هوٽل تي هلندڙ ڪچهري، ڪا سياسي گڏجاڻي هجي يا سماجي ميڙاڪو، هر هنڌ ماڻهن کي پاڻ چوندي، ٻڌندا آهيون ته سنڌ جون حالتون ڇا آهن، ڪٿي تعليم جي ٻيڙي ٻڏڻ تي ماڻهو منهن مٿو پٽي رهيا هجن ٿا، ته ڪٿي امن و امان جي تباهيءَ تي آهه و زاري ٿي رهي هوندي آهي. ڪٿي رياستي ادارن جي ڏاڍاين آڏو ماڻهو پنهنجي بيوسيءَ جا قصا ٻڌائي رهيا هجن ٿا، ته وري ڪٿي ڪرپشن سبب انصاف نه ملڻ تي ڳوڙها ڳاڙيندا رهن ٿا. سو اگر پنهنجي چوطرف کان خلق خدا جي راءِ مان اهو پيغام نه ملي رهيو هجي ها ته عوام بهتريءَ ۽ معياري تبديليءَ لاءِ وجهائي رهيو آهي، ته ڪير هروڀرو واندو ته ناهي جو اهڙن خفن واري بحثن ۾ پوي ها!! منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق راءِ آهي ته، “Sindh Dserves Better” (سنڌ بهتريءَ جي حقدار آهي). ائين ته هر ڪو فرد ۽ سوسائٽي وڌيڪ بهتر ۽ وڌيڪ ترقي ڪرڻ جي خواهشمند هوندي آهي پر سنڌ سان مسئلو ”اڃان به“ يا ”وڌيڪ بهتر / اڳتي“ ٿيڻ وارو ناهي، بلڪ سنڌ جو مسئلو ”اڃان به پوئتي“ ٿيڻ وارو آهي. سنڌ جي ووڪل ڪلاس جي ماڻهن ۾ ته اهڙيون ڊپ واريون اڳڪٿيون عام ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته، ”اسان جيڪي ڪالهه هئاسين. اڄ نه آهيون ۽ جيڪو اڄ آهيون، ٿي سگهي ته سڀاڻي ان کان به پئتي نه هليا وڃون“.

    سوسائٽي جي مختلف ٽرينڊز ۽ معاشرتي اٿل ڦٿل تي نظر رکندر هڪ فرد طور اهو هر ڪنهن کي نظر اچي ٿو ته سنڌ ۾ اهو بحث بلڪل ناهي ته اتي ڪا معياري تبديلي اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو هاڻ صرف هڪ بحث نه پر اها بنيادي ضرورت بڻجي وئي آهي. ان ڏس ۾ چار مختلف School of thoughts (مڪتبهءِ فڪر) وارا ماڻهو نظر اچن ٿا. انهن مان پهرين اهي ماڻهو، جيڪي ان اسٽيٽڪو واري صورتحال جا سڌا Beneficiaries (مستفيض ٿيل) آهن، تنهن ڪري اهي ڪنهن به بهتريءَ لاءِ تبديليءَ جي حق ۾ ناهن. ٻئي قسم جا اهي ماڻهو آهن، جيڪي تبديليءَ جي حق ۾ ته آهن پر هو شديد Pessimism (نراسائي/قنوطيت) جو شڪار آهن ۽ سندن خيال ۾ ڪجهه به ڪري وًجي پر ڪجهه به نه ٿيندو. ٽئين قسم جي ماڻهن وٽ وري Initiative (ڪوشش) جي کوت هجي ٿي. هي هر وقت اهو سوچين ٿا ته Some one else should bell the cat (ٻليءَ کي گهنٽي ٻيو ڪو ٻڌي) انهن وٽ پاڻمرادو اڳتي وڌڻ وارو حوصلو گهٽ هجي ٿو. چوٿين قسم ۾ اهي اٻوجهه ماڻهو اچي ٿا وڃن. جيڪي پنهنجي حالت زار کي قسمت جو لکيو سمجهي هر ظلم ۽ زيادتيءَ کي برداشت ڪندا رهن ٿا. پهرئين نمبر واري ڪيٽيگري تي ڳالهائڻ يا انهن کان ڪا اميد في الحال ان ڪري به فضول آهي، جو تبديلي نه اچڻ ۾ ئي انهن جا Vested Interest (لاڳاپيل مفاد) آهي. ساڳي ريت ڀوتارن جي داٻن ۾ پيڙهين کان زندگي گهاريندڙ ماڻهو به معياري تبديلي آڻڻ جي پهرئين مرحلي ۾ ڪو گهڻو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا پر جيڪر ووڪل ڪلاس جا اهي ماڻهو جيڪي تبديليءَ جي حوالي سان نا اميد ٿي چڪا آهن. ٻيو ڪجهه نه پر چوڻ جي حد تائين ئي سهي، اهو مڃين ته، سوسائٽي ۾ اليڪشن ذريعي معياري تبديلي ممڪن آهي. ته منهنجي خيال ۾ سندن پراميد ٿيڻ خود هڪ مثبت تبديلي ڳڻبي، ڇاڪاڻ ته هي ووڪل ڪلاس معاشري ۾ راءِ عاما ٺاهڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن اهي مايوسيءَ جي ور چڙهيل هوندا ته Over all (مجموعي طرح) معاشري ۾ به چوطرف مايوسي ۽ نااميدي ئي نظر ايندي. آئون سمجهان ٿو ته اگر ووڪل ڪلاس جا ماڻهو روز ڏينهن ۾ ٻه، چار دفعا هڪ ٻئي سان حال احوال دوران، ڪنهن ڪچهريءَ دوران اهو جملو ورجائين ته، ”ها، معياري تبديلي ممڪن آهي“ ته اها ذهني Exercise (مشق) معاشري کي Pessimsim (نراسائي) ۽ ڊپريشن واري ڪيفيت مان ٻاهر ڪڍي پئي سگهي. سو اچو ته هاڻ ان سوچ سان مضمون کي اڳتي وڌايون ته، ”اليڪشن ذريعي معياري تبديلي ممڪن آهي“.

    صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ تي 200 يا 300 ماڻهن جي لوڪل اسيمبلي ڍاهي اميدوار ڪامياب ڪرائڻ واري فارمولي پويان انگن اکرن سان دليل ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته، جيڪي ”دانش زده“ حضرات ورهين کان اهو چوندا رهيا آهن ته اليڪشن ۾ صرف ڀوتار يا ڪروڙ پتي ماڻهو يا ابن ڏاڏن کان وراثت ۾ مليل سيٽ رکندڙ ”خانداني“ صاحبان ئي صرف چونڊ کٽي سگهن ٿا ته اها هڪ غلط Perception (سوچ/تصور) آهي ۽ شهري تڪن تان اگر ووڪل ڪلاس جا ماڻهو آزاد ووٽرن کي گڏ ڪري مڙسي ڪن ته روايتي اميدوار کي ڪو غير روايتي اميدوار هارائي سگهي ٿو. سو اگر هاڻ پاڻ ان بحث کان مٿي چڙهي آيا آهيون ۽ سمجهون ٿا ته چونڊن ۾ ووڪل ڪلاس جي اميدوار پاران ڪنهن ڀوتار کي هارائڻ ناممڪن ناهي، ته به آيا ته اهي ڪيئن سنڌ جي اشوز تي گڏيل راءِ جوڙي سگهندا؟ ان ڏس ۾ ٻه ڳالهيون ذن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. هڪ اها ته اگر مثال طور، گهوٽڪي يا اپر سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهري تڪ تان 200 يا 300 ماڻهو گڏجي هڪ اميدوار سامهون آڻيندا ته ظاهر آهي ته ان اميدوار کان سنڌ جي اهم اشوز، جهڙوڪر پاڻي، ناڻو، گڊ گورنس وغيره تي ئي لوڪل اسيمبليءَ ۾ حلف کڻايو ويندو پر ڇا بدين، ٺٽو يا لار جي ڪا لوڪل اسيمبلي پنهنجي اميدوار کان سنڌ جي انهن اهم اشوز تي حلف نه کڻائيندي؟ ظاهر آهي ته، ضرور حلف کڻائيندي ۽ سمجهڻ اهو گهرجي ته سنڌ جي ڪنهن به ڪند مان اميدوار بيهندو پر سنڌ جا بنيادي اشوز تي هڪ ٻئي کان مختلف راءِ ڪيئن رکي سگهندا؟ باقي لوڪل اشوز هر علائقي جا پنهنجا هجن ٿا، مثال طور: جيڪب آباد جا پنهنجا لوڪل مسئلا آهن، ته دادوءَ جا وري پنهنجا آهن، ان ريت اگر سڄي سنڌ مان جيترا به اميدوار بيهندا، اهي سنڌ جي اهم اشوز جي حوالي سان هڪ ئي ايجنڊا تي نه صرف ووٽ کڻي پر چونڊجڻ کان اڳ حلف کڻي ايوان ۾ پهچندا ۽ ڀلي انهن جو ڪو هڪ چونڊ نشان نه به هجي پر انهن سڀني جي ايجنڊا هڪڙي هوندي.

    پاڻ ان کان به ڳالهه اڳتي وڌايون ٿا، ڀلي ڪو چوي ته علي قاضي خاوب پيو ڏسي پر سٺو سوچڻ ۽ ڀلي خواب ڏسڻ تي پابندي ته ناهي. فرض ڪريو ته مختلف تڪن تي لوڪل اسيمبليون جڙن ٿيون، ته سواءِ لوڪل اشوز جي، باقي سڄي ايجنڊا ته انهن جي هڪڙي ئي هوندي. سو اهي سڀ لوڪل اسيمبليون چونڊن کان اڳ يا چونڊن کانپوءِ پاڻ ۾ الحاق ڇو نٿيون ڪري سگهن؟ جڏهن ايجنڊا هڪڙي، مقصد هڪڙو، Orientation ساڳي، ته پوءِ انهن تڪن جا اميدوار ايوان ۾ سنڌ جي اشوز تي گڏيل گروپ ٺاهي پيا سگهن. ان ريت ووڪل ڪلاس جا نمائندا ايوان ۾ پهچڻ کانپوءِ ڪنهن هڪ سياسي پارٽيءَ وارو ئي ڪردار ادا ڪندا، نه ڪي انفرادي رول، ساڳي ريت ووڪل ڪلاس جا نمائيندا سڀاڻي ايتري اڪثريت ۾ اچي وڃن (خواب ڏسڻ تي ٽيڪس ناهي لڳندو) جو هو حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هجڻ تي سنڌ جي سمورين لوڪل اسيمبلين مان ٻن، ٻن نمائندن کي گڏ ڪري هڪ سنڌ سطح جي ڪميٽي ٺاهين، ان مان اڪثريت جي بنياد تي ايوان ۾ پنهنجو هڪ اڳواڻ چونڊجي، يعني جنهن فارمولي هيٺ تڪ جي سطح تي لوڪل اسيمبلي پنهنجو ايم پي اي جو اميدوار چونڊيو. ساڳئي فارمولي هيٺ سنڌ سطح تي به سڀئي لوڪل اسيمبليون گڏجي هڪ پارليماني گروپ جو اڳواڻ چونڊين. سو اگر اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃي ٿو ته ظاهر آهي هي هڪ سياسي پارٽي ئي ٺهي ويندي. جنهن وٽ هڪ مضبوط ايجنڊا به هوندي ۽ وٽس گراس روٽ سطح تي ووٽرن سان هڪ مضبوط ايجنڊا به هوندي ۽ وٽس گراس روٽ سطح تي ووٽرن سان هڪ مضبوط ڪمٽمينٽ به هوندي.

    آمريڪا جي جڳ مشهور سول رائيٽس اڳوان مارٽن لوٿر ڪنگ پنهنجي مشهور تقرير ۾ چيو هو ته،

    I have a dream that my little four children will one day live in a nation where they will not be judged by the colour of their skin but by their character. I have a dream today.

    )منهنجو هڪ خواب آهي ته، هڪ اهڙو ڏينهن ايندو، جڏهن منهنجا چار ننڊڙا ٻارڙا اهڙي قوم ۾ جيئندا، جتي انهن جي سڃاڻپ چمڙيءَ جي رنگ بدران ڪردار جي بنياد تي ڪئي ويندي. اهو منهنجو اڄوڪو خواب آهي.“)

    مارٽن لوٿرڪنگ جو خواب مڪمل طور ساڀيان نه به ٿي سگهيو هجي پر ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته اڄ آمريڪا ۾ افريڪن امريڪنز (ڪاري رنگت رکندڙ آمريڪي) جي حالت سئو سيڪڙو ضرور بهتر ٿي آهي، اڄ چمڙي يا رنگ جي بنياد تي آمريڪا ۾ تعصب وڏو قانوني جرم تصور ڪيو وڃي ٿو.

    Like Martin Luther king. I have a dream too. I have a dream to see a changed Sindh, a better sindh.

    )مارٽن لوٿر ڪنگ وانگر منهنجو پڻ هڪ خواب آهي، هڪ تبديل ٿيل ۽ بهتر سنڌ جو خواب.)

    منهنجو خواب آهي ته آئون ۽ مون کان پوءِ منهنجا ٻار هڪ اهڙي سنڌ ۾ رهن، جتي تعليم جي شرح نوي سيڪڙو پلس هجي، جتي ڪرائيم ريٽ زيرو هجي، جتي ڪرپشن جو ڪو تصور نه هجي، جتي حڪومتي ادارا صرف حڪم هلائڻ لاءِ نه پر سروس ڏيندڙ ادارن واري ذهنيت سان ڪم ڪن، جتي انسان حقن جي لتاڙ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هجي، جتي حڪومت هلائندڙ ٽيم ايتر باصلاحيت ۽ ڪميٽيڊ هجي، جو اسلام آباد مان به پنهنجو حصو وٺڻ ڄاڻي پر ساڳئي وقت پنهنجن وسيلن جي سٺي مينيجمينٽ به ڪرڻ ڄاڻي ............. منهنجو خواب آهي ته سنڌ جي ڌرتي سُڪ، خوشهالي ۽ ترقيءَ جو هڪ اهڙو مثال بڻجي وڃي. جو ايندڙ ٻن ٽن ڏهاڪن کانپوءِ جڏهن ٻارن کي اسڪول ۾ سنڌ جي تاريخ بابت پڙهايو وڃي. ته هاڻوڪي دور کي سنڌ جو انتهائي پوئتي پيل دور قرار ڏين ۽ ٻارن کي يقين نه اچي ته جنهن ترقي يافته سنڌ ۾ هو رهن ٿا، اها سنڌ ڪجهه ڏهاڪا اڳ ايتري پوئتي پيل هئي، ۽ پوءِ ڪو شاگرد اسڪول کان گهر پهچي ڪنهن بزرگ کان پڇي ته، ”ٽيچر جيڪو اسڪول ۾ ٻڌائي پيو، اِها ڪا ڏند ڪٿا آهي يا واقعي سنڌ اڳين وقتن ۾ ايتري پوئتي پيل هئي؟!!“

    Feedback_kawish@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اعتماد جي بحاليءَ مان گذرندڙ بلاول هائوس ۽ صدارتي ڪيمپ!







    جمع پهرين ڊسمبر 6 0 0 2 ع



    تازو پ پ جي هڪ خاتون اڳواڻ (ايم اين اي) کي چيم ته، ”توهان سڀ صدر مشرف سان ڪا ڊيل يا انڊراسٽيڊنگ ٿيڻ جي پير ٻڌي، وڏي واڪ ترديدون ڪرڻ کان ٿورو پاسو ڪيو، ايئن نه ٿئي جو ڪجهه هفتن يا مهينن بعد جيڪڏهن پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت ۽ صدر صاحب ۾ ڪا هم آهنگي پيدا ٿي وڃي ته توهان کي يڪدم ”يوٽرن“ وٺڻ ۾ متان ڦڪائي ٿي.“ ان صلاح ٽائيپ تبصري مان مراد اها بلڪل ناهي ته ڪا ڊيل ٿي چڪي آهي، پر اهو به ناهي ته اهڙي ڪا هم آهنگي پيدا ٿيڻ صفا ناممڪن آهي. تنهن ڪري ماڻهو هروڀرو اهڙي ڳالهه ئي نه ڪري جو سڀاڻي 0 8 1 ڊگري جو ڦيرو کائڻو پئجي وڃي.

    سنڌيءَ جي ان چوڻي ته ”شاهدي خدا ڪارڻ ڏجي، پاسو ڀاءُ جو وٺجي.“ ساڳئي ريت ڪنهن به صورتحال جو تجزيو ماڻهو کي پنهنجي پسند يا ناپسند کي پاسيرو رکي غيرجانبدار ٿي ڪرڻ کپي. جيڪڏهن صدر مشرف ۽ محترمه بينظير ۾ ڪنهن امڪاني هم آهنگي واري صورتحال جو پاڻ به غيرجانبدار ٿي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته پهرين ته اهو سمجهڻو پوندو ته ڪنهن امڪاني معاهدي خلاف ٻنهي ڪئمپن ۾ ايترو گوڙ ڇو پيو ٿئي؟ يعني جيڪڏهن ڪو ٺاهه ٿي ويو ته ڪهڙو آسمان ڪري پوندو ۽ نه ٿيو ته ڇا زمين ڦاٽي پوندي؟ محترمه بينظير ۽ سندس پارٽي سوڌو اپوزيشن پارٽين ۾ ان اشو تي مختلف سببن جي ڪري گوڙ لڳو پيو آهي. هڪ سبب ظاهر آهي ته پ پ جو سڌي ريت هڪ وردي واري حڪمران سان گڏجڻ پ پ لاءِ هڪ پهريون تجربو هوندو، جيڪو سندس سڄي Colour and Outlook (رنگ ۽ ظاهري ڏيک) سان ٺهڪي نٿو اچي ۽ ايئن ڪرڻ سان وردي واري حڪمران خلاف سالن کان ڪيل لکين تقريرون ۽ ڪروڙين نعرا سڀ پ پ قيادت کي سامهون ايندا. ٻيو مسئلو اي آر ڊي ۾ گڏ ويٺل نواز ليگ جو آهي، جيڪا پڻ هڪ پاپولر پارٽي آهي ۽ جيڪا في الحال ڪنهن به ريت فوجي صدر سان ڳالهائڻ لاءِ راضي ناهي، سو جيڪڏهن بينظير ڀٽو، صدر جنرل مشرف سان گڏجي ٿي ته پوءِ سڀاڻي خالص جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙ پاپولر اڳواڻ صرف نواز شريف رهجي ويندو، جيڪا ڳالهه ظاهر آهي ته محترمه لاءِ هضم ڪرڻ ڏکي هوندي، پر ٻئي طرف مسئلو اهو آهي ته پ پ کي هاڻ اقتدار مان ٻاهر رهندي لڳ ڀڳ ڏهه سال ٿي ويا آهن ۽ محترمه کي جلاوطن ٿئي به ست سال گذري چڪا آهن ۽ ٻئي طرف صدر مشرف جو به في الحال اقتداري راند مان وڃڻ جو ڪو ارادو ناهي. سو پ پ بطور هڪ اقتداري سياست ڪندڙ پارٽي جي اڃا ٻيا گهڻا سال اقتدار ۾ اچڻ جو انتظار ڪري؟ هاڻ ان نقطي تان ئي سڄو مسئلو شروع ٿئي ٿو، يعني جيڪڏهن پ پ ايندڙ 5 سال به اقتدار کان ٻاهر رهندي ته بطور اقتداري سياست ڪندڙ پارٽي کيس ڪاپاري ڌڪ لڳندو، پر اقتدار ۾ اچڻ لاءِ چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان نه تڏهن به ٺيڪ ٺاڪ ميمبرن جي ڪاميابي ضروري آهي. پر پ پ منجهه ان ڳالهه تي اتفاق راءِ آهي ته جيڪڏهن محترمه چونڊن دوران ڏيهه ۾ نه هوندي ته پوءِ پ پ ميمبر گهربل انگ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا. ان ڪري محترمه جو ڏيهه اچڻ به تمام گهڻو ضروري آهي، پر ان صورت ۾ به جيڪڏهن پ پ جا ڳچ ميمبر چونڊجي اچي ويا، ته پوءِ به مسئلو ختم نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن وري به صدر مشرف سان ڪا ”هم کان پوءِ واري صرتحال ٿي سگهي ٿي، جڏهن 0 2 يا 2 2 پ پ ميمبر ”محب وطن“ معنيٰ پيپلز پارٽي پيٽرياٽ ٺاهي صدر مشرف ڪيمپ ۾ هليا ويا هئا. ياد رهي ته ان مهل پ پ کي اقتدار مان ٻاهر رهندي 4 يا 5 سال ٿيا هئا، پر هاڻ جڏهن اهو عرصو ڏهن سالن جو ٿي چڪو آهي ته پوءِ هِن ڀيري ڪامياب ٿيندڙ ميمبر صاحبان کي جيڪڏهن وري اقتدار پري نظر آيو ته انهن مان ڪيترا صاحبان پنهنجو ايمان جهلي سگهندا؟ خود محترمه جنهن پهرين 3 سال نواز حڪومت ۾ ڪورٽ ڪچهرين جا چڪر ۽ ٻيا مسئلا ڀوڳيا، جنهن کان پوءِ 7 سال جلاوطنيءَ ۾ گذاريا، ڇا هو هاڻ وري ڏيهه ان نيت سان ايندي ته 4 يا 5 سال وري عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي؟

    ان پس منظر ۾ سمجهڻ اهو گهرجي ته Deal يا No deal پر پ پ قيادت وٽ هن ڀيري چونڊن کان پوءِ اقتدار ۾ اچڻ جي ڀرپور خواهش آهي. ظاهر آهي ته چونڊن ۾ بهرو وٺڻ جو مقصد اقتدار ۾ اچڻ هجي ٿو، جنهن ۾ ڪا خرابي به ناهي، پر مسئلو اهو آهي ته صدر مشرف به اقتدار ۾ رهيو ۽ جيڪڏهن پ پ کي به اقتدار مليو ته ظاهر آهي ته اها اقتداري ڀائيواري صدر مشرف ۽ پ پ قيادت ۾ ڪنهن ذهني هم آهنگيءَ کان سواءِ ممڪن ناهي، پوءِ ڀلي ان هم آهنگي ڪرائڻ ۾ آمريڪا جو ڪو ڪردار هجي يا نه، پر اهو طئي آهي ته جيڪڏهن پ پ جو وزير اعظم ٿيڻو آهي ته ان کان حلف صدر جنرل پرويز مشرف ئي کڻائيندو، پوءِ ڀلي پ پ جا اڪابرين ان اقتداري ڀائيواري کي Working Equation جو نالو ڏين. پر پنهنجا پاڻ ۾ آهيون ته جيڪڏهن پ پ صدر مشرف سان اقتداري ڀائيواري ڪري ورتي ته پوءِ پ پ وارن کي ان صورت ۾ ڊيل لفظ کان هروڀرو چڙڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڊيل کي ڪو سن۾ لڳل ناهن هوندا!!

    جڏهن جنرل ضياءُ الحق 1988 ع وارين چونڊن جو اعلان ڪيو ۽ محترمه بينظير انهن چونڊن ۾ بهرو وٺڻ جو اعلان ڪيو ته يقينن محترمه جي دل کي اهو سوال ضرور ڌڪ هنيو هوندو ته جيڪڏهن هوءَ چونڊن ۾ ڪامياب ٿي وئي ته ڇا بطور وزير اعظم هوءَ جنرل ضياءُ الحق کان حلف کڻندي؟ چونڊن کان اڳ ضياءُ الحق جو دنيا مان هليو وڃڻ شايد قدرت پاران محترمه تي هڪ وڏي مهرباني هئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ضياءُ الحق جو جهاز چونڊن کان اڳ ڦاٽڻ بدران چونڊن کان پوءِ ڦاٽي ها ته تاريخ جي ريڪارڊ تي محترمه بينظير جو وزير اعظم جو حلف کڻندي سندس فوٽو جا تاثرات ملڪي سياست جا رخ ئي مٽائي ڇڏي ها. هاڻ جڏهن محترمه پاڻ ته نه، پر سندس نمائندو جيڪڏهن صدر جنرل مشرف کان حلف کڻندو ته اُن جا پ پ جي ايندڙ تاريخ تي ڪهڙا اثر پوندا، ان بابت هر ڪو سمجهي سگهي ٿو. محترمه بينظير اڪثر چوندي آهي ته سياست ممڪنات جو آرٽ آهي، سو محترمه جي ان فلسفي ۾ يقين هجڻ سبب پاڻ کي اهو سمجهڻ گهرجي جيڪڏهن پ پ کي اقتدار گهرجي ته اهو صدر مشرف جي موجودگيءَ ۾ ان سان ٺاهه ڪرڻ کان سواءِ ممڪن ناهي.

    صدر مشرف ۽ محترمه بينظير درميان ڪنهن امڪاني هم آهنگيءَ جي حوالي سان اڪثر جيڪو لکيو يا چيو وڃي ٿو ته ان تجزئي جو گهڻو رخ محترمه جي حوالي سان هجي ٿو ۽ ان ڳالهه جو جائزو گهٽ ورتو وڃي ٿو ته صدر مشرف ڪيمپ کي اهڙي ڪا ڊيل ڪرڻ يا نه ڪرڻ لاءِ ڪهڙا تحفظات، انديشا ۽ گمان هوندا. ظاهري طرح صدر جي ڪيمپ وٽ اهڙي ڪا ڊيل نه ڪرڻ جي حق ۾ ٽي نقطا هوندا.

    (i) اقتدار جي حقيقي شراڪت ڪرڻ. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن پ پ جي حصي ۾ وزارتِ عظميٰ آئي ته اهو وزير اعظم ڇا به هوندو، پر ظفر اË جمالي يا شوڪت عزيز شايد نه ٿي سگهي ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو يا صدر جي ڪيمپ کي ناراض ڪري ڇڏيندو، يا بلاول هائوس يعني محترمه بينظير کي. سو ڪو اهڙو وزير اعظم، جيڪو ايوان صدر ۽ بلاول هائوس وچ ۾ پُل جو ڪردار به ادا ڪري ۽ ٻنهي کي گڏ هلائي به سگهي، ان جي ڳولا يقينن صدر جي ڪيمپ لاءِ سولو ڪم ناهي، تنهن ڪري ايوانِ صدر جي خواهش يقينن اها هوندي ته محترمه بينظير اقتداري شراڪت جي فارمولي ۾ وزير اعظم جو عهدو پنهنجي پارٽي جي ڪنهن ماڻهو لاءِ نه گهري. بهرحال صدر جي ڪيمپ لاءِ پ پ جهڙي پارٽي، جنهن جي عوام ۾ هڪ پنهنجي حيثيت آهي، سا پارٽي بينظير جي بلاول هائوس ۾ ويٺل هوندي اقتدار جي ڀائيواري هڪ خفي وارو ڪم هوندو.

    (ii) ٻيو مسئلو صدر جي ڪيمپ لاءِ سندس حامي پارٽين جو آهي. ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ (ق) جيڪا به آهي، پر ملڪي سطح تي مشرف جي حامين جو هڪ گڏيل پليٽ فارم آهي ۽ فطري طور جڏهن پ پ سان ڪو ٺاهه ٿئي ٿو ته ڪافي حد تائين صدر جي ڪيمپ کي مسلم ليگ (ق) کي Ignore (نظرانداز) ڪرڻو پوندو، جنهن سبب قائد ليگ جا ڪجهه ماڻهو نواز ليگ ۽ ڪجهه پ پ ڏي ڊوڙندا. ان صورت ۾ جهڙي تهڙي هڪ سياسي پليٽ فارم کان صدر جي ڪيمپ محروم ٿي ويندي. جيڪو ڪرڻ کان اڳ صدر جي ڪيمپ شايد ڏهه دفعا سوچي. ساڳئي ريت صدر ڪيمپ لاءِ ٻيو مسئلو اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جو به آهي. ڇا صدر مشرف جي چوڻ تي پ پ سنڌ ۾ متحده کي هاڻوڪي اقتداري شراڪت ڏئي سگهندي؟ يا صدر جي چوڻ تي متحده، پ پ حڪومت سان سنڌ ۾ گهٽ حصي تي راضي ٿي ويندي؟ سو صدر ڪيمپ لاءِ اهو نقطو انتهائي اهم آهي ته هو هڪ مخالف (پ پ) کي ٺاهڻ لاءِ پنهنجي آزمايل حريف پارٽين کي ناراض ڇو ڪري؟

    (iii) صدر جي ڪيمپ وٽ ٽيون نقطو ”ضمانتن ۽ خاطرين“ جو به آهي ۽ انهن جو (غلط يا صحيح) چوڻ آهي ته پ پ قيادت تي ڀروسو ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. صدارتي ڪيمپ ۾ پ پ قيادت جو Credibility Issue (ساک وارو مسئلو) به زير بحث ۽ زير غور رهي ٿو.

    اسلام آباد جي هڪ باخبر ڪاموري جو چوڻ هيو ته صدارتي ڪيمپ جي خواهش اها ئي هوندي ته پ پ سان ڪا ڊيل نه ڪبي، پر ڏيهي توڙي پرڏيهي حالتون ايوان صدر ۽ بلاول هائوس کي ويجهو آڻي رهيون آهن. پر صدر مشرف ۽ بينظير ڀٽو ٻئي هڪ ٻئي کان ڇرڪيل ضرور آهن، تنهن ڪري ڪجهه مهينن کان هڪ ٻئي سانCBMs Building Measures) Confidence) ڪري رهيا آهن ۽ اڃان ڪا ڊيل مڪمل طرح ٿي نه آهي، بلڪه معاملو سي بي ايمز تائين آهي ۽ ٻئي ڌريون في الحال ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي نقطي تي متفق ٿيون آهن. ان ڪاموري جي معلومات ڪيتري صحيح آهي، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، پر ڪامن سينس جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي ڪنهن هم آهنگي سان رڳو فائدو پ پ کي نه آهي، جو کيس اقتدار ملندو. بلڪه ايوان صدر کي به بينظير جي حمايت سان پاڻ لاءِ Soft Image (سٺو تاثر) ٺاهڻ ۽ سياسي اڪيلائپ مان ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ملندو. پر ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته ڇا محترمه بينظير وردي واري صدر مشرف جي حمايت ڪندي يا وردي لاهي صدر ٿيندڙ مشرف جي حمايت ڪندي؟

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڀوتار ته هوندو!







    آچر 17 ڊسمبر 2006ع



    هڪ پنجابي دوست جو ٻڌايل لطيفو آهي ته ڪنهن ڳوٺ جو ڪو يتيم مسڪين ڇوڪرو شيدو ڪنهن ريت شهر مان 8 يا 0 1 درجا پڙهي واپس ڳوٺ آيو ته سڌو پنڊ جي چوڌري وٽ ويو، جيڪو پنهنجي چوگرد ويٺل ماڻهن جي وچ ۾ زور پيو ڏياري ۽ ڪچهري لڳايو ويٺو هجي. شيدي هٿ ٻڌي چوڌري صاحب کي چيو ته کيس ان سان نويڪلائيءَ ۾ ڪجهه ڳالهائڻو آهي. چوڌري کيس حقارت سان ڏسندي چيو ته، ”تون ڪهڙو معتبر آهين جو توسان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهايان، جيڪو چوڻو اٿئي سڀني ماڻهن جي وچ ۾ چئه“ اهو ٻڌي شيدي چيو ته، ”سائين پڙهي لکي، نوڪري سان لڳو آهيان، سوچيان ٿو ته شادي ڪري وٺان، سو توهان وٽ توهان جي ڌيءُ جو س۾ گهرڻ آيو آهيان.“ اهو ٻڌندي ئي چوڌري ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ شيدي کي موچڙا هڻڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن کي هڪل ڪيائين. چوڌريءَ جا ماڻهو جڏهن ان ڇوڪري کي ٺيڪ ٺاڪ ڪٽڪو ڏيڻ کان پوءِ پري ٿيا ته شيدو اٿيو ۽ ڪپڙا ڇنڊي پنهنجو ٽوال ڪلهي تي رکي چوڌري کي ڏسي چيائين، ”پوءِ چوڌري صاحب س۾ لاءِ آئون توهان پاران جواب ئي سمجهان!؟“

    اڪثر ڪري شيدي جيان گهڻيون ئي جٺيون ۽ خواريون ٿيڻ باوجود الائي ڇو اسان کي به يقين نٿو اچي ته مختلف فردن، ادارن ۽ Vested interest رکندڙ ڌرين پاران ”جواب“ ئي سمجهڻ گهرجي. مثال طور اسان جي سوسائٽي ۾ برادرين جي نالي تي قتل و غارتگري ڪرائي ان مان لکين رپيا ڪمائي ان ذات جي هزارين ماڻهن کي برادري جو نالو ڏئي انهن کي پاڻ وٽ يرغمال بڻائي رکندڙن کان جيڪڏهن ڪو اميد رکي ٿو ته اڄ، سڀاڻي يا 0 5 سالن کان پوءِ به هي ان فرسوده اسٽيٽسڪو کي ٽوڙڻ جي حق ۾ هوندا ته اها هڪ خام خيالي ئي چئبي. ساڳي ريت وڏي پيماني تي اسٽرڪچرل تبديليون توڙي سسٽم ۾ ٽرانسپيرنسي آڻڻ کان سواءِ سرڪاري ڪاروهنوار مان ڪرپشن ختم ٿي وڃڻ جي اميد ڪرڻ به اجايو ٿيندو، يا وري ورهين کان ووٽ وٺي ۽ موٽ ۾ معياري تبديلي لاءِ ڪا گهڻي نه به ته ڳڻپ جوڳي ڪوشش لاءِ به جواب ڏئي بيٺل همراهن·ڌرين·پارٽين کان وري مستقبل ۾ ڪا مختلف ۽ مثبت روش جي اميد رکڻ بلڪل ايئن ئي هوندو، جيئن شيدي پاڻ سان ٿيل سڄي جُٺ کان پوءِ پڇڻ جي زحمت ڪئي ته، ”ڇا هو جواب ئي سمجهي؟“

    جيڪي دانشور يا ليکڪ اهو سمجهن ٿا ته سندن ڀاشن ۽ نصيحتن سان ان تبديلي مخالف مخلوق جي سوچ مٽجي ويندي ته هو به جواب ئي سمجهن. باقي اديبن ۽ دانش جي ورن کي سندن لکڻين جي عيوض کين هي مخلوق شايد ڪنهن بورڊ يا ٻئي ڪائونسل ۾ سرڪاري نوڪري ڏياري سگهي. پر ظاهر آهي ته اهي نوڪريون به ٻن يا چئن ڄڻن کي ملنديون، سو باقي دانش جا ور به جواب ئي سمجهن. جيڪي ڏاها·ڌريون·پارٽيون عوام کي اليڪشن پراسس کان ٻاهر رهي انقلاب يا تبديلين جو درس ڏين ٿا، عوام کي انهن مان به 0 5 سالن کان جواب ئي ملي پيو. سو هاڻ به عوام انهن مان جواب ئي سمجهي ۽ شايد منهنجو هي مضمون پڙهندي ڪجهه دوست هي به چون ته، ”معياري تبديلي لاءِ ووڪل ڪلاس مان به علي قاضي صاحب جواب ئي سمجهو!“ ڪاوش ۾ اسان جي ساٿي منظور ميراڻي ڀوڳ واري انداز ۾ چيو ته، ”اسان وٽ ووڪل ڪلاس ته الائي ڪيترو آهي، پر جيڪو ڪلاس اسان وٽ اڪثريت ۾ آهي، اهو آهي توڪل ڪلاس.“

    پنهنجن اڳوڻن مضمونن ۾ اسان جي معاشري جي جن ماڻهن لاءِ اهو لکيو هئم ته انهن وٽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ Initiative (ڪوشش) وٺڻ جي کوٽ آهي، ۽ هو چاهين ٿا ته ڪجهه چڱو ٿئي، پر اهو چڱو ڪو ٻيو ڪري. ان کي پاڻ ”موڪل ڪلاس“ جو نالو به ڏئي سگهون ٿا. يعني هو پاڻ ڪجهه به ڪرڻ کان ”موڪل“ تي رهڻ چاهين ٿا. سو اسان وٽ جتي ووڪل ڪلاس آهي، اتي ”توڪل ڪلاس“ ۽ ”موڪل ڪلاس“ جا ماڻهو به آهن ۽ جيئن موڪل يا توڪل ڪلاس جا ماڻهو ڪنهن معاشي طبقي کان آجا هجن ٿا، ساڳي ريت ”ووڪل ڪلاس“ به ڪنهن معاشي يا طبقاتي ڪلاس جي ماڻهن تي ٻڌل ناهي. مون جڏهن سنڌ ۾ موجود ووڪل ڪلاس جي ڳالهه ڪئي هئي ته اهو چٽي نموني سان لکيو هئم ته ان ڪلاس جا ماڻهو هر طبقي مان ٿي سگهن ٿا، هر سوچ ۽ فڪر جا ۽ هر شعبي سان سندس تعلق ٿي سگهي ٿو. پر خبر ناهي ڇو ته معياري تبديلي آڻڻ جي حوالي سان ٿيندڙ بحث ۾ اڪثر دوست ووڪل ڪلاس مان مراد مڊل ڪلاس ڪڍي ان تي رايا ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ووڪل ڪلاس مان منهنجي مراد سوسائٽي جو هر اهو مرد يا خاتون، جيڪو غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻ جي همت رکي ٿو. پوءِ سندس تعلق شهري علائقي سان هجي، يا ٻهراڙيءَ سان. ڪاروباري ماڻهو هجي، يا زميندار، مزدور هجي يا هاري، غرض ته سوسائٽيءَ جو هر اهو فرد، جيڪو ان فرسوده نظام مان بيزار به هجي ۽ ان کي تبديل ڪرڻ جو وٽس جذبو به هجي، جيڪو پاڻ سان ٿيندڙ هر جٺ، پنهنجي ڌرتيءَ سان ٿيندڙ هر ناانصافي کي نصيب جو حصو سمجهي خاموش نه رهڻ چاهيندو هجي، جنهن جي اندر جو انسان مئو نه هجي، جيڪو چئوطرف ٿيندڙ زيادتين تي گهٽ ۾ گهٽ دل ۾ ئي اهو ضرور چوندو هجي ته Enough is Enough (بس گهڻي ٿي.)

    ووڪل ڪلاس جي 0 5 2 يا 0 0 3 ماڻهن پاران گڏجي تڪ ۾ ”غير روايتي“ اميدوار کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ واري فارمولي تي هڪ ٻيو اعتراض اٿاريو پيو وڃي ته اسان وٽ ڇاڪاڻ ته چونڊون وڙهڻ هڪ مهانگو عمل هجي ٿو، تنهن ڪري ووڪل ڪلاس جو نمائندو ايترا ڏوڪڙ ڪٿان آڻيندو، جو هو هڪ روايتي اميدوار جو مقابلو ڪري سگهي؟ ان ڏس ۾ سمجهڻ اهو گهرجي ته اليڪشن جو بنيادي خرچ چونڊ مهم يعني ڪارنر گڏجاڻين وغيره تي اچي ٿو ۽ ٻيو وڏو خرچ اليڪشن واري ڏينهن ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن تي اچڻ لاءِ ٽرانسپورٽ، ماني وغيره تي اچي ٿو. پر وو ڪل ڪلاس جي اميدوار جي معاملي ۾ ايئن نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ دفعو 0 5 2 يا 0 0 3 ماڻهو گڏ ٿي ويا ته پوءِ چونڊ مهم ڪو هڪ اميدوار نه، پر تڪ جا اهي 0 0 3 ماڻهو هلائي رهيا هوندا، جن کي پڻ پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن ۽ واقفڪار 0 7 يا 0 8 ووٽرن سان ئي لهه وچڙ ۾ اچڻو هوندو ۽ کين قائل ڪرڻو هوندو آهي ته اهي پنهنجو ووٽ ووڪل ڪلاس جي نمائندي کي ڏين. سو ڪنهن هڪ ماڻهو لاءِ ٽن مهينن اندر هڪ تڪ اندر رهندڙ پنهنجن 0 7 يا 0 8 مائٽن ۽ واقفڪارن سان روبرو ملاقاتون ڪرڻ ۾ گهڻو خرچ گهربل هوندو؟ ظاهر آهي ته نه هجڻ برابر.

    ساڳي ريت اليڪشن واري ڏينهن هڪ ماڻهو لاءِ پنهنجا 0 7 يا 0 8 ووٽر پولنگ اسٽيشن تائين پهچائڻ ۾ گهڻو خرچ اچي ويندو؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي گاڏي نه پر موٽر سائيڪل تي ئي پندرنهن ويهه ڦيرا ڪندو، يا ڪنهن رڪشي تي يا ڪنهن چنگچي تي 0 7 يا 0 8 ماڻهن کي پولنگ اسٽيشن تائين آڻيندو ته ڪهڙا ان همراهه جا لکين روپيا خرچ اچي ويندو؟ ظاهر آهي ان همراهه جا هزار، پندرنهن سو روپين کان مٿي ڇو خرچ ايندو؟ سو سمجهڻ اهو گهرجي ته ڪو هڪ ماڻهو چونڊ نه پيو وڙهي پر 0 5 2 يا 0 0 3 ماڻهو چونڊ وڙهن پيا ۽ انهن کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڏوڪڙن جي نه پر ڪمٽمينٽ ۽ ان يقين جي ضرورت آهي ته هو گڏجي معياري تبديلي آڻي سگهن ٿا.

    ان ڏس ۾ هڪ ٻيو نقطو اهو اٿاريو وڃي ٿو ته روايتي ڀوتار جي سامهون جيڪڏهن 0 5 2 يا 0 0 3 ماڻهو گڏ ٿي به ويا ته کين مقامي ڀوتار جي ڏمر کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو. ان خوف ۾ ورتل ماڻهن کي سمجهڻ اهو گهرجي ته تڪ جي سطح تي ٺهيل ووڪل ڪلاس جي 0 5 2 ۽ 0 0 3 ماڻهن ۾ وڪيل هوندا، ڊاڪٽر به، قلمڪار، واپاري ماڻهو ته زميندار به ۽ سياسي ڪارڪن ۽ استاد، يا ٻيا سرڪاري ملازم توڙي بيروزگار نوجوان به. سو هاڻ ايڏو به انڌير ناهي، جو انهن سڀني کي ڀوتار کائي ويندو. سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، تنهن ڪري ايڏو خوف اجايو به آهي ۽ گڏو گڏ جڏهن معياري تبديلي چاهيو به ٿا ته ڪير پليٽ تي رکي ته اها تبديلي پيش نه ڪندو. ڪجهه خفو، ٿوري همت ۽ محنت ته ڪرڻي پوندي. اردو جي هڪ شعر جي انداز ۾ پاڻ واري صورتحال ڪجهه هيئن بيهي ٿي ته،












    feedback_kawish@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اقتداري سياست ۾ خميسو خان ڪٿي آهي؟



    خميس 04 جنوري 2007ع

    ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، ايندڙ چونڊن، محترمه بينظير ڏيهه موٽندي يا نه؟ وغيره جهڙا موضوع اڄڪلهه هر ان محفل ۾ بحث هيٺ رهن ٿا، جنهن ۾ ٻه يا چار سياسي ذهن رکندڙ ويٺل هجن ٿا. پوءِ اُها محفل چانهه جي ڪوپ تي ڪنهن ٻاڪڙا هوٽل تي هجي، يا ڊفينس، ڪلفٽن جي ڪنهن بنگلي ۾ ٿيندي هجي. اهڙي ئي ڪنهن محفل جو ذڪر آهي، جنهن ۾ موجود هڪ پ پ اڳواڻ ٻڌايو ته ڪهڙا ڪهڙا پ پ مخالف ڀوتار ۽ وڏيرا ٻيهر پارٽي ۾ اچڻ لاءِ رابطا پيا ڪن ۽ وري پ پ قيادت به ڪجهه ڀوتارن سان رابطا ڪيا آهن. اهڙن رابطن بابت ان اڳواڻ کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته سدائين ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي ڇڏي ويندڙ يا سدائين پارٽي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي اسٽيبلشمينٽ سان بيهندڙن کي آخر پارٽيءَ ٻيهر پاڻ ڏانهن ڇو پئي آڻي؟ ته ان اڳواڻ جو چوڻ هيو ته، چونڊن ۾ ڪجهه علائقن ۾ پارٽيءَ وٽ متبادل مضبوط اميدوار ناهن، تنهن ڪري انهن ڀوتارن جي اچڻ سان پارٽيءَ کي فائدو ٿيندو. ان اڳواڻ جائزو وٺي ٻڌايو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پ پ وٽ واقعي به ”سگهارا اميدوار“ ناهن. يعني جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل صورتحال ايئن ئي بيٺي ته پوءِ پ پ ورڪرن کي تيار رهڻ گهرجي ته جن ڀوتارن جي ڏمر هيٺ هو گذريل 5 سالن کان هئا، ايندڙ چونڊن ۾ انهن ئي ڀوتارن جا پوسٽر ڪُلهن تي کڻي ڀتين تي چنبڙائڻ لاءِ کين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڦرڻو پوندو.

    پ پ جي هڪ ايم اين اي کان ڪنهن پڇيو ته، ”ڇا ايئن نٿو لڳي ته پارٽي پنهنجي طبعي عمر پوري ڪرڻ ڏانهن پئي وڌي؟“ ان موصوف جي چهري تي ايندڙ ناخوشگوار تاثرات فطري هئا، پر کيس حيرت به پئي ٿي ته اهڙو تبصري نما سوال ڇو اڀريو آهي. اهڙو سوال اڀرڻ جا منهنجي خيال ۾ انيڪ سبب آهن، پر بنيادي طرح پارٽي يا تنظيم جو صرف هڪ فارميلٽي (روايت) طور هجڻ آهي. پارٽيءَ وٽ ”بينظير کي آڻبو، وزير اعظم بڻائبو“ کان اڳيان جو ڪو Concept (تصور) نه هجڻ يا گهٽ ۾ گهٽ عوام کي ان جي ڄاڻ نه هجڻ کان سواءِ هڪ اهم فيڪٽر اهو به آهي ته ماضيءَ ۾ پ پ جا ملڪ ۾ ٻه مضبوط بنياد هئا، يعني پنجاب ۽ سنڌ. اُن مان پنجاب جي صورتحال هاڻ اها آهي ته جنهن ڏينهن نواز شريف لاهور ايئرپورٽ تي پهتو، ان ڏينهن نواز ليگ پنجاب کي ايئن کٽي ويندي، جيئن 8 8 9 1 ع ۾ پ پ سنڌ ۾ کٽيو هو. توهان پنجاب ۾ ڪٿي به رهندڙ ڪنهن پنجابيءَ کان سندس دل تي هٿ رکرائي پڇندئو ته سندس ليڊر ڪير آهي؟ ته هو نواز شريف جو ئي نالو کڻندو. باقي رهي سنڌ ته اتي به هاڻ آهستي آهستي ڀوتار ايترا مضبوط ٿيندا پيا وڃن، جو اڄ پارٽي اهڙن ڀوتارن جي واپسيءَ لاءِ سوچي پئي، جيڪي پارٽي ۽ پارٽي قيادت لاءِ سالن کان غير پارلياماني ٻولي ڳالهائيندا پيا اچن، پر مجبوري اها آهي ته پارٽي، جنهن کي هڪ اداري طور فردن جو محتاج هجڻ نه گهرجي، سا اڄ ڪٽر مخالف ڀوتارن جي محتاج پئي ٿئي. مٿي بيان ڪيل تجزئي سان ٿي سگهي ٿو پارٽيءَ جي ٿنڪ ٽينڪس کي اختلاف هجي، پر منهنجو کين مشورو آهي ته پري تائين نظر رکندڙ يا دور انديش ماڻهو ئي سٺا سياستدان هجن ٿا. مون کي ياد آهي ته جڏهن اٺ، ڏهه سال اڳ لکندا هئاسين ته سنڌ ۾ سياسي ويڪيوم (خال) پيدا پيو ٿئي، جنهن جو سبب پ پ جي پرفارمنس آهي ته پ پ جا اڪابرين اهڙي تجزئي تي سنجيدگيءَ سان ويچارڻ يا پنهنجي پرفارمنس بهتر ڪرڻ بدران مشڪري ۾ ان تجزئي جو مذاق اڏائيندي چوندا هئا ته، ويڪيوم سنڌ ۾ نه، پر اهڙو تجزيو ڪندڙن جي دماغ ۾ پيدا پيو ٿئي. پر وقت ڇا ثابت ڪيو، اهو سڀني جي سامهون آهي، پاڻ ان جي ڊيگهه ۾ نٿا وڃون.

    مٿي ڪيل حال احوال مان هروڀرو ڪير اهو مقصد نه ڪڍي ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي پوزيشن خراب هوندي. ان جا ڪيترائي سبب آهن، هڪ اهو ته هن دفعي چونڊن ۾ امڪان اهو آهي، بلڪه تمام گهڻو امڪان اهو ئي آهي ته ميان نواز شريف پنجاب ۾ نه هوندو، جڏهن ته تمام گهڻو امڪان آهي ته محترمه ڏيهه ۾ هوندي ۽ ان ۾ شڪ ناهي ته هوءَ Crowd Ruler (مجموعي تي ڇانئجي ويندڙ) شخصيت آهي، ٻيو سبب محترمه ۽ صدر مشرف درميان ٿيندڙ امڪاني Understanding (مصلحت) به اليڪشني فضا جو ماحول پ پ جي حق ۾ ڪندي، ان کان سواءِ جيتوڻيڪ عوام هاڻوڪي سرڪار جي مختلف پاليسين کان گهڻو خوش ناهي، پر هونءَ به ماڻهو سالن کان پوءِ تبديليءَ جا خواهشمند به هوندا آهن ۽ مسلم ليگ (ق) هجي يا کڻي ايئن چئون ته صدر مشرف جي ٽيم هجي، في الحال متبادل پيپلز پارٽي ئي آهي. سو اهي سمورا فيڪٽرز ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي حق ۾ وڃن ٿا. پر جنهن سوال جو جواب سمجهه ۾ نه پيو اچي، سو هيءُ آهي ته صدر مشرف جي اقتدار ۾ هوندي ان سان ڪو ٺاهه ڪرڻ کان سواءِ پ پ حڪومت ڪيئن ٺاهيندي ۽ جيڪڏهن ٺاهه ٿيو ته ڇا محترمه بينظير ڀٽو صدر مشرف کي وردي ۾ قبولي وٺندي؟ اتي اهو بحث ئي اجايو آهي ته ڪو صدر مشرف خوشيءَ سان وردي ڇڏي ڏيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو وردي ڇڏي ٿو ته پوءِ ڪجهه ئي عرصي ۾ ايوانِ صدر به کيس ڇڏڻو پئجي ويندو. سو بحث اهو ڪرڻ کپي ته محترمه جيڪڏهن ظاهر ظهور بنا ڪنهن رک کاءَ جي وردي واري صدر جي ٽيم بڻجي وئي ته سندس اهو فيصلو بطور هڪ جمهوريت پسند اڳواڻ جي سندس سياسي رڪارڊ تي جيڪي داغ ڇڏيندو، اهي مٽائڻ ممڪن نه رهندا. تنهن ڪري اهڙا ڪهڙا آپشنز ٿي سگهن ٿا، جنهن تي صدر ۽ محترمه جي وچ ۾ مفاهمت جا خواهشمند ”مفاهمت ڪار“ غور ڪري رهيا هوندا، جنهن سان صدر به وردي ۾ رهي ۽ محترمه کي به Face saving (بچاءُ) ملي وڃي؟ ان ڏس ۾ هڪ ڄاڻو صحافي موجب هڪ آپشن اهو ٿي سگهي ٿو ته صدر هاڻوڪي پارليامينٽ مان ئي پاڻ کي ٻيهر صدر چونڊرائي وٺي ۽ پ پ پارليامينٽ ۾ رهندي احتجاج وغيره ڪري ۽ ان طرح سان جنرل مشرف صدر به ٿي وڃي، ۽ بينظير ڀٽو کي آسانيءَ سان Face saving به فراهم ٿي وڃي. ان خيال جي مخالفت ۾ ٻه سوال اڀرن ٿا. هڪ اهو ته جنهن پارليامينٽ کي خود 5 سالن جو مينڊيٽ مليل آهي، جيڪو پڻ ختم ٿيڻ تي آهي. اُها پارليامينٽ ڪنهن ٻئي ماڻهو (صدر) کي وڌيڪ 5 سالن جو مينڊيٽ ڪيئن ٿي ڏئي سگهي؟ ان جا آئيني ۽ قانوني جواز ته نڪري ايندا، پر ان عمل کي ڏيهي توڙي پرڏيهي سطح تي صدارتي ريفرنڊم جيان سياسي مڃتا ڪيئن ملندي؟ خير هونءَ ته اسان جي ملڪ ۾ سياسي مڃتا جي هروڀرو ڪنهن کي گهڻي پرواهه ناهي هوندي، پر ان آپشن سان جيڪو ٻيو مسئلو ڳنڍيل آهي، سو اهو ته جيڪڏهن صدر هاڻوڪي پارليامينٽ مان ئي پاڻ کي چونڊرائڻ جو اعلان ڪندو ته پ پ ۽ ايم ايم اي وارا جيڪي اڄ تائين اسيمبلين مان استعيفائن ڏيڻ کان اهو چئي پاسو ڪندا آيا آهن ته ”صحيح وقت“ تي استعيفائن جو ڪارڊ استعمال ڪندا، ته بظاهر اهو ”صحيح وقت“ صدر جي اليڪشن ئي ٻڌايو ٿو وڃي. پر جيڪڏهن پ پ وارن استعيفائون ڏنيون ته پوءِ صدر سان ڊيل ڇا جي ۽ جيڪڏهن استعيفائون نٿا ڏين ۽ صرف بائيڪاٽ وغيره ڪن ٿا ته صدر جي وردي جي اها کليل حمايت نه هوندي ته ان کي ٻيو ڇا چئبو؟

    صدر ۽ محترمه جي وچ ۾ ڪم ڪندڙ ”مفاهمت ڪار“ ان آپشن تي به متان سوچيندا هجن ته باوردي صدر چونڊرائڻ جو ڪم ايندڙ پارليامينٽ تي ڇڏي ڏجي، جنهن ۾ پ پ اٿندي ئي پاور شيرنگ کان پري رهندي ڪجهه وقت لاءِ اپوزيشن جو ڪردار نڀائي، جيستائين صدر ٻيهر چونڊجي وڃي. ان صورت ۾ نئين نئين چونڊيل پارليامينٽ مان استعيفائون ڏيڻ وارو پريشر به پ پ مٿان ڪو نه پوندو، پر ان آپشن ۾ صدر جي ڪئمپ لاءِ رسڪ پيدا ٿي سگهي ٿو. يعني باوجود سڄي هوم ورڪ ۽ پلاننگ جي جيڪڏهن عام چونڊن جا نتيجا صدارتي ٽيم جي پلان موجب نه آيا ته پوءِ محترمه بينظير ۽ ٻي اپوزيشن جي بارگينگ پوزيشن تمام گهڻي مضبوط ٿي ويندي ۽ ظاهر آهي ته صدر جي ڪئمپ اهڙو ڪو منظر ڏسڻ نه چاهيندي. سو ظاهري طرح ته اهڙو ڪو آپشن سمجهه ۾ نه پيو اچي، جنهن ۾ صدر ۽ محترمه ٻنهي لاءِ ڪا Win-Win Situation (اهو سود، جنهن ۾ ٻنهي جو فائدو) هجي، پر لڳي اهو ٿو ته آمريڪا جي صلاح ۽ مشوري سان ٻنهي وچ ۾ ”قومي مفاد“ تحت ڪو نه ڪو رستو شايد نڪري ئي اچي پوءِ اُن ۾ بينظير صاحبه کي ڪا ڪس ڪسر کائڻي پئجي وئي ته به قومي مفادن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اڳواڻن کي ايئن ڪرڻو ئي پوندو آهي نه!

    ڪنهن ڪچهريءَ ۾ موضوع اهو ڇڙي پيو ته، ”جيڪڏهن ايندڙ سنڌ حڪومت پ پ ٺاهي ته پارٽي منجهه ايندڙ چيف منسٽر جا امڪاني اميدوار ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. اهي نالا آڱرين تي ڳڻياسين ته قصو ڳڻپ کان چڙهي ويو۽ پوءِ خواهشمندن جا نالا پاسي ڪري شارٽ لسٽ ٺاهي سين ته اُها لسٽ به ستن نالن جي جڙي، جنهن ۾ سيد قائم علي شاهه، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد مراد علي شاهه، مخدوم جميل الزمان، نثار احمد کهڙو، منظور وساڻ ۽ صفدر عباسي شامل هئا. ان ڪچهريءَ ۾ موجود هڪ صحافيءَ جو چوڻ هو ته چيف منسٽر انهن ستن مان هجي، يا اڃان ڪو ٻيو، پر پ پ جو وزير اعليٰ ڪير ٿيندو، ان جو فيصلو صرف پ پ قيادت نه ڪندي، بلڪه پ پ قيادت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو جنهن اميدوار مٿان اتفاق ٿيو، اهو ئي وڏو وزير ٿيندو. هن صحافي پنهنجي ڳالهه جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته، 3 9 9 1 ع ۾ به ظاهري طرح چيف منسٽرشپ جا اميدوار مخدوم امين فهيم، نثار کهڙو ۽ پرويز علي شاهه سمجهيا پئي ويا، پر ان مهل ڪنهن اها ڳالهه نوٽ نه ڪئي هئي ته جڏهن سيد عبدالله شاهه کي سينيٽ تان استعيفيٰ ڏياري ايم پي اي چونڊرايو پيو وڃي ته ظاهر آهي معاملو عبدالله شاهه کي صرف ايم پي اي بنائڻ جو نه هو، بلڪه چونڊن کان اڳ ۾ ئي ”سڀني“ طئي ڪري ورتو هو ته عبدالله شاهه ايندڙ وڏو وزير هوندو.

    هڪڙيون هجن ٿيون خواهشون ۽ هڪڙو هوندو آهي تجزيو ڪرڻ، پر اسان وٽ تجزئي ۾ به پنهنجيون خواهشون شامل ڪرڻ جو ٽرينڊ موجود آهي. مثال طور جيڪڏهن عام چونڊن ۾ ڪو اهو سمجهي ته اڄ جي دور ۾ ”جهرلو“ ڦري ويندو ته اها ”واڳ ڌڻين“ جي خواهش ٿي سگهي ٿي، پر ايئن ڪرڻ ممڪن ناهي، باقي چونڊن کان اڳ فرشتن جي مدد ورتي ويندي، پر ووٽ فرشتا نه، پر ماڻهو ئي وجهندا. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن محترمه بينظير چونڊن دوران ڏيهه ۾ هوندي، (جنهن جو تمام گهڻوامڪان آهي) ۽ ان جي ڏيهه ۾ هجڻ سان ڪو اهو سمجهي ٿو ته 8 8 9 1 ع جهڙا چونڊ نتيجا اچي ويندا ته اها پڻ Wishfull Thinking (نيڪ خواهش واري سوچ) آهي. باقي چونڊ نتيجا 3 9 9 1 ع جي چونڊ نتيجن جي ويجهو ويجهو ٿي سگهن ٿا، جڏهن پ پ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب وئي هئي ۽ کيس سنڌ ۾ ته مرڳو ڪنهن ڌر کي اتحادي بنائڻ جي به ضرورت محسوس نه ٿي هئي. پ پ جي ٿنڪ ٽينڪس جو خيال آهي ته هن ڀيري به گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ کين هروڀرو ڪنهن کي اتحادي ٺاهڻ جي ضرورت نه پوندي، پر ”واڳ ڌڻين“ جي اها خواهش نظر ٿي اچي ته پ پ اقتداري سفر تي روانگي مهل ڪجهه اضافي لگيج (سامان) کڻي هلي، ۽ شايد هو سنڌ ۾ پ پ، ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ ۽ مسلم ليگ (ق) جي ڪا گڏيل حڪومت ڏسڻ جا خواهشمند هجن، پوءِ ڀلي کڻي ان حڪومت جو چيف منسٽر پ پ سان تعلق رکندڙ هجي. واڳ ڌڻين جي اها خواهش ضروري ناهي ته پوري به ٿي سگهي، پر چوڻ وارا چون ٿا ته جيڪڏهن سڀاڻي صدر مشرف سان پ پ جي Working Equation جڙي ٿي وڃي ته صدر مشرف جي ٽيم سان ٺهڻ ۾ ڪهڙو مسئلو؟ پوءِ اها ايم ڪيو ايم هجي، مسلم ليگ (ق)، يا ڪا ٻي پارٽي.

    پ پ جا حامي دانشور ملڪي سياسي وايومنڊل کي ان ريت بيان ڪن ٿا ته ملڪ ۾ هڪ ئي سياسي پارٽي آهي، اُها آهي پيپلز پارٽي، ٻئي طرف صرف اسٽيبلشمينٽ آهي. ان کان سواءِ باقي سڀ ڪجهه بوگس آهي. جڏهن ته ڪجهه سياسي نقاد اسان جي سياست جي ڪاروهنوار جي تشريح هِن ريت ڪن ٿا ته اسان وٽ بنيادي طرح سياست جو Nucleus (مرڪز) اسٽيبلشمينٽ ئي آهي، جنهن مان مختلف شاخون نڪتيون ۽ اڃان نڪرن پيون، پوءِ انهن مان ڪجهه ٿوري دير لاءِ پري ٿيڻ کان پوءِ وري واپس اچي ملن ٿيون. اهڙن تبصرن کي ٻڌي يا اقتداري سياست بابت مغز مار قسم جا تجزيا ڪندي يا ٻڌندي اڪثر منهنجو ذهن ان پير اگهاڙي خميسي خان ڏي هليو وڃي ٿو ته آخر اهو ڪڏهن اسان جي اقتداري سياست ۾ Relevant (لاڳاپيل) بڻبو ۽ ڪڏهن اقتداري سياست ان لاءِ Relevant (لاڳاپيل) بڻبي؟ ايندڙ چونڊن ۾ ڪير حڪومت ٺاهيندو، ڪنهن جو ڪنهن سان ٺاهه ٿيندو، يا نه اهڙن خفن ۾ خميسو خان پنهنجو ٽوال ڇنڊي شايد مرزا غالب جو اهو شعر پڙهي ٿو ته،

    پر ڇا خميسي خان جيان سنڌ جي ووڪل ڪلاس به ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکي سڄي صورتحال کان Irrelevant (اڻ لاڳاپيل) ٿي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ ٻيو ڪجهه نه، پر ڇا ايترو ويچارڻ کان به وياسين ته ايندڙ چونڊن لاءِ جتي هاڻ کان ئي ڀوتار، مختلف پارٽيون، ڌريون ۽ اسٽيبلشمينٽ تياريون وٺن پيا ته گهٽ ۾ گهٽ ”وو ڪل ڪلاس“ پاران ايندڙ چونڊن لاءِ ”سنڌ ايجنڊا“ ئي سامهون آندي وڃي، جيڪا مختصر، پر جامع هجي. جنهن ۾ ٺوس ۽ عمل جوڳيون ڳالهيون هجن، جنهن کان ڪو چونڊ اميدوار انحراف ڪرڻ کان اڳ ڏهه دفعا سوچي، جيڪا ايجنڊا ووٽرن لاءِ ڪنهن اميدوار کي ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو معيار بڻجي سگهي.

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اقتداري ٽرائيڪا جا مسئلا ۽”آئيڊيل بندوبست“ جي حقيقت



    اربع 17 آڪٽوبر 2007ع



    ”صدر مشرف جي بطور صدر جونڊجڻ جو سرڪاري طرح نوٽيفڪيشن ان مهل تائين جاري نه ڪيو وڃي، جيستائين عدالت ان ڏس ۾ پنهنجو فيصلو نٿي ٻڌائي“. اهڙي هدايت سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ڏني.

    ”صدر پرويز مشرف ۽ محترمه بينظير وچ ۾ هلندڙ ڊائلاگ جي نتيجي ۾ قومي مفاهمتي آرڊيننس جاري ٿي ويو”. ان آرڊيننس تحت محترمه بينظير ۽ ٻين اڳواڻن خلاف داخل ڪيس واپس ورتا ويندا.

    ”6- آڪٽوبر تي صدر مشرف ڳري اڪثريت سان ٻيهر صدر پاڪستان جونڊجي ويو“. پارليامينٽ ۾ باقي بچيل اڪيلي اپوزيشن پارتي پي پي استعفيٰ ڏيڻ بدران چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو.

    سپريم ڪورٽ قومي مفاهمتي آرڊيننس تي عدالت پاران حتمي فيصلو اچڻ تائين عملدرآمد روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

    ”صدر مشرف طرفان، محترمه بينظير کي سپريم ڪورٽ پاران حتمي فيصلو اچڻ تائين ڏيهه ورڻ وارو پروگرام ملتوي ڪرڻ واري ڏنل صلاح بينظير ڀٽو رد ڪندي هر صورت ۾ 18-آڪٽوبر تي ڏيهه ورڻ جو اعلان ڪيو آهي.“

    اهي هيون گذريل ٻن هفتن جون اهم هيڊ لائينز ۽ هاڻ هلون ٿا انهن خبرن جي تفصيلات ڏانهن، جن تفصيلن سڀني کي منجهائي ماريو آهي. پر ان کان اڳ مرزا غالب جي شعر لاءِ هڪ مختصر بريڪ ٿا وٺون.

    فڪر دنيا مين سر کهپاتا هون

    مين کهان اور يه وبال کهان

    پاڪستان جي 60 سالن جي اقتداري سياست ۾ سازشون، بحران، مونجهارا ڪا نئين ڳالهه ڪونهن پر هن بحران بابت عام Perception (ادراڪ) اهو ئي رهيو ته بحران اسان جي اسٽيبلشمينٽ يا ڪجهه موقعن تي آمريڪا جي آشيرواد سان جنم ورتو آهي ۽ جڏهن بحران پيدا ڪندڙن جا مقصد پورا ٿي ويندا هئا. ته بحران به ٽري ويندا هئا ۽ سڀ ڪجهه واپس نارمل ٿي ويندو هو. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ 90 سيڪڙي کان به وڌيڪ پيرا جيڪي بحران پيدا ٿيا. اهي سگهارين طاقتن پاران اڳواٽ رٿيل پلان موجب مختلف ”مهرن“ کي اڳيان پويان ڪرڻ سبب پيدا ٿيندا هئا ۽ پوءِ جڏهن مقصد حاصل ٿي ويندو هو ته ٻيهر مهرن کي Stand Still (روڪ / جهل) پوزيشن ۾ اچڻ جو چيو ويندو هو ۽ وري وقت گذرڻ لڳندو هو پر هاڻوڪي اقتداري بحران ۾ صرف واشنگٽن، راولپنڊي ۽ سياستدان شامل ناهن. هن ڀيري عدليه، وڪيل برادري، ميڊيا بلڪه سڄي سول سوسائٽي شامل آهي. تهن ڪري ماضيءَ جيان اقتداري بحران جا پراڻا ۽ مستقل ميمبر، يعني آمريڪا، آرمي ۽ سياستدانن کي نج پنهنجي مرضيءَ موجب ان بحران جو نتيجو وًڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿئي. اسٽيبلشمينٽ ٽيم جي هڪ ذميوار ڪنهن ڪچهريءَ ۾ چيو ته، ”اسان کي ماضيءَ بدران هن ڀيري ٻنهه مختلف صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو پئي. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ عدليه ڪڏهن به اسان جي مفادن خلاف نه ويئي آهي. تنهن ڪري اسان جو ان ڏس ۾ ڪو گهڻو هوم ورڪ ٿيل نه هو. ساڳي ريت بار يعني وڪيل برادري ڏانهن به اسان گهڻو ڌيان نه ڏيندا هئاسين. ڇاڪاڻ ته ان برادريءَ ته ماضيءَ ۾ اسان لاءِ ڪو وڏو ڏجو پيدا نه ڪيو هو. باقي رهيو ميڊيا ۽ خاص طور تي اليڪرانڪ ميڊيا. ته اهو پاڪستان ۾ هڪ نئون فنومينا هو. جنهن بابت پڻ اسان کي ڪو خاص تجربو ته هو. تنهن ڪري 9-مارچ کان شروع بحران اسان کان اڃان تائين مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ نه پيو اچي. ”ان همراهه جي ڳالهه ۾ لاجڪ آهي. پر اها ڳالهه به غير منطقي ناهي ته اسٽيبلشمينت هاڻ ڇا به ڪري وٺي. پر بوتل مان ٻاهر نڪري آيل سول سوسائٽي وارو جن هاڻ مڪمل طور تي واپس بند ڪرڻ ڪنهن جي لاءِ ممڪن ناهي رهيو.

    گذريل اٺن سالن کان جيئن طاقت جو محور مشرف صاحب جي ذات رهي آهي. تيئن ظاهر آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ نه رهندو. جيتوڻيڪ واشنگٽن ۽ راولپنڊي کي Suit اهو ئي پيو ڪري ته اقتدار جو سرچشمو هڪڙي ذات / شخص ئي هجي. ته جيئن سندن مفادات جي حاصلات لاءِ جڙيل پاليسين تي عملدرآمد ۾ ڪي به رنڊڪون اچن پر ملڪ جون معروضي حالتون اهڙي اجازت نه پيون ڏين ۽ ته چاهيندي به هڪ شخص ۾ سمايل اقتداري ٽرائيڪا (صدر وزيراعظم ۽ آرمي چيف) هاڻ واقعي به ٽن ماڻهن تي ٻڌل ٿيڻ ڏانهن وڃي پئي (شوڪت عزي صاحب کي مشرف صاحب جو حصو ئي سمجهڻ گهرجي). ان کان به وڌيڪ اهميت جوڳي ڳالهه اها آهي ته هاڻ اسان و

    ت ادارا به متحرڪ ٿيڻ شروع ٿي آهن ۽ عدليا توڙي ميڊيا جو ڪردار پنهنجي آڏو آهي ۽ ڪامن سينس اهو ٿو چوي ته ايندڙ چوندن کان پوءِ ٺهندڙ چونڊون کان پوءِ ٺهندڙ پارليامينٽ ماضيءَ جيان ته هوندي ۽ اسان جو هي ادارو (پارليامينٽ) به ماضي جيان ربڙ اسٽيمپ ٿيڻ بدران وڌيڪ ڪرائنو ڪردار ادا ڪندو. پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ، عدليه ۽ ميڊيا گڏجي پنهنجو اٿرائتو ڪردار نڀائيندا. جيئن هڪ جمهوري معاشري ۾ ٿئي ٿو. ته پوءِ اسٽيڀلشمينت جو اسان جي سياست ۾ باقي ڪردار ڇا بچندو! ۽ گڏو گڏ ايتري چيڪ ۽ بيلنس واري سسٽم ۾ آمريڪا بهادر جون فرمائشون ڪيئن پوريون ٿينديون! اسان جي اسٽيبلسمينٽ جنهن کي گذريل 60 سالن کان اقتدار ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح رهڻ جو چسڪو پيل آهي. سا ماٺ ڪري ڪنڊ جهلي بيهي رهندي؟ آمريڪي مفادن هيٺ ڪبل جي جنگ جيڪا سري ڪري وزيرستان ۾ اچي وئي آهي. ان ڪري ٻيهر ڌڪو ڏئي ڪابل ڏانهن ڪير موڪلي سگهندو!

    مغربي دنيا جي ٿنڪ ٽينڪس جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ محترمه بينظير ڀٽو وچ ۾ هم آهنگيءَ سان انتها پسنديءَ کي مات ڏئي سگهي ۽ ايندڙ ٽرائيڪا. جنهن ۾ سويلين صدر مشرف، محترمه بينظير ۽ جنرل ڪياني ڇاڪاڻ ته مغربي دنيا جي پاليسين ۽ خيالن سان ويجهڙائپ رکن ٿا. تنهن ڪري اهو هڪ آئيڊيل بندوبست هوندو پر صورتحال جي باريڪي اها آهي ته صرف انهن ٽنهي جو مسئلو پرڏيهي دنيا جي پاليسيءَ جو پورائتو ڪرڻ ته نه هوندو، بلڪه انهن ٽنهي وچ ۾ Personality clash (شخصيتي ٽڪراءُ ٻين ڏيهي معاملن تي ورڪنگ رليشن شپ ۽ ان کان سواءِ انهن ٽنهي شخصيتن جي پويان موجود ادارن ۽ فردن جي مفادن جو ٽڪراءُ. يعني صدر مشرف جا 8 سالن کان رهندڙ سياسي توڙي غير سياسي اتحادي. محترمه بينظير جي پويان سندس پارٽي ۽ ووٽرن جون اميدون ۽ خواهشون ۽ جنرل ڪياني پويان فوج جو ادارو، و ان پس منظر ۾ انهن ٽنهي شخصيتن وچ ۾ ڀلي واشنگٽن بهادر ڪو رولز آف دي گيم جوڙي کين گڏ هلڻ جي نصيحت ڪري پر اهو معاملو هلڻ ڪو ايترو سولو نظر نٿو اچي. ساڳي ريت ٽن شخصيتن جي ٺاهه سان ضروري ناهي ته عدليه، پارليامينٽ، ميڊيا ۽ مجموعي طور سول سوسائٽي انهن تنهي سان هر ڳالهه تي سهمت ٿين. جنهن جو تازو مثال پاڻ صدر مشرف پاران جاري مفاهمتي آرڊيننس تي عدالت پاران عملدر آمد روڪڻ واري حڪم جي صورت ۾ ڏسي سگهون ٿا.

    محترمه بينظير جي سڀاڻي ڏيهه واپسيءَ جي موقعي تي جتي سندس ڀرپور آجيان لاءِ پارٽي متحرڪ نظر اچي پئي. اتي ئي سندس تحفظ لاءِ به وڏي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. الله سائين سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي پر جيتري سيڪيورٽي سڀاڻي واري استقبال جي حوالي سان ڪئي پئي وڃي. اها صرف هڪ ڏينهن لاءِ ظاهر آهي تي نه ڪٿي ويندي. بلڪه سڄي چونڊ مهم دوران اهو هڪ اهم concern (خفو) رهندو ۽ سندس ايندڙ سياسي چرپر ۽ فيصلن تي به اهو فيڪٽر اثر انداز رهندو. ڇاڪاڻ ته چونڊن کان پوءِ ٺهندڙ اقتداري ٽڪنڊي مان اولهه جون طاقتون. انتها پسنديءَ خلاف اڃان ڀرپور ۽ اثرائتي حڪمت عملي چاهينديون. جنهن جي رد عمل طور انتها پسند ڌرين پاران به وڌيڪ ڪارواين جي امڪان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

    Feedback_kawish@yahoo.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سياسي طرح اقتداري راند هاڻ ڪيڏانهن ويندي؟







    سومر 5 نومبر 2007ع



    3 نومبر 2007 ع تي ملڪي آئين معطل ٿيڻ وارو واقعو اسانجي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪو پهريون ڀيرو ٿيل واقعو ناهي، پر ٻه شيون هن ڀيري ماضيءَ کان مختلف آهن. هڪ اها ته، هي اسانجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي، جو ڪنهن هڪ جنرل ٻه دفعا آئين معطل ڪيو هجي ۽ ٻي ڳالهه اها ته، هن ڀيري جنرل صاحب آئين معطل ڪرڻ وارين حالتن جو ذميوار سياستدانن يا حڪومتِ وقت کي قرار نه ڏنو آهي، بلڪه هن ڀيري ”ميري عزيز هم وطنو“ واري تقرير ۾ ان جو ذميوار دهشتگرديءَ جي وڌندڙ ڪارروائين ۽ عدليا جي حڪومتي ڪار وهنوار ۾ مداخلت کي قرار ڏنو ويو آهي. اگر پاڻ ماضيءَ ۾ جنرل ايوب خان، پوءِ جنرل يحيٰ خان، پوءِ جنرل ضياءُ الحق ۽ پوءِ خود جنرل پرويز مشرف پاران 1999ع ۾ ڪيل تقريرن (قوم کي خطاب) جا مسودا، 3 نومبر تي جنرل پرويز مشرف جي رات پوڻين ٻارهين وڳي ڪيل خطاب سان ڀيٽينداسين ته ان تازي تقرير جو مواد ماضيءَ وارين تقريرن کان بنهه مختلف نظر ايندو. ماضي ۾ قوم سان ڪيل سمورن خطابن جو متن (text) 19 يا 20 جي فرق سان لڳ ڀڳ ساڳيو هوندو هو، جنهن ۾ سويلين حڪومتن جي نا اهلي، وڌندڙ ڪرپشن وغيره وارا نقطا هوندا هئا، پر هن ڀيري اسانجو آئين، حڪومتي نااهلي، سياستدانن جي ڪرپشن وغيره جهڙن اشوز کي بنياد بڻائي نه معطل ڪيو ويو آهي، سواءِ هڪڙي نقطي جي، جيڪو 3 نومبر واري خطاب ۾ به ساڳيو ئي هو، جيڪو ماضيءَ ۾ جنرل صاحبن جي تقريرن ۾ هوندو هو، يعني ”ملڪ انتهائي خطري ۾ هو، تنهن ڪري آئين معطل ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه بچي هئي.“ رب ڌڻي ملڪ لاءِ خير ڪري، جو گذريل 60 سالن ۾ ايترين مارشلائن ۽ ايترا ڀيرا آئين معطل ڪرڻ جي باوجود ملڪ مٿان خطرن جا ڪڪر هٽن ئي نٿا.

    جيڪڏهن 3 نومبر تي جنرل مشرف ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو نه ڪري ۽ 15 نومبر تي پنهنجي ڪيل واعدي موجب وردي لاهي ڇڏي ها ته اهو واقعو به اسانجي ملڪي تاريخ ۾ انوکو هجي ها، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ ڪنهن به اقتدار ۾ ايندڙ جنرل پنهنجي مرضيءَ يا آئيني گهرج سبب وردي ناهي لاٿي. جنرل ايوب ڪجهه عوامي رد عمل ۽ وڌيڪ پنهنجي ئي ”سنگت“ جي ”اصرار“ کانپوءِ وردي ۽ اقتدار ڇڏيو. جنرل يحيٰ ملڪ ٽٽڻ کانپوءِ به وردي يا اقتدار ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو ۽ کانئس به ”پنهنجن“ ئي اقتدار ڇڏرايو هو. ساڳي ريت ضياءُ الحق کان به ”محبوب صدر کا طياره هوا مين پهٽ گيا“ واري انداز ۾ ملڪ جي جان آجي ٿي. سو اگر جنرل مشرف 15 نومبر تي وردي لاهي ڇڏي ها ته اهو ملڪي تاريخ جو هڪ منفرد واقعو ٿئي ها، پر ائين ٿي نه سگهيو ۽ اسين واپس اتي ئي اچي بيٺا آهيون، جتان اسان هليا هئاسين، يعني هڪ بنا آئين واري نظام ۾ ٻيهر رهڻ تي مجبور آهيون.

    مونکي خبر ناهي ته وزيرستان يا وانا ۽ سوات وغيره ۾ جتي گولين، ٽينڪن ۽ گولن جي ٻوليءَ ۾ سيڪيورٽي اهلڪار ۽ انتهاپسند پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا آهن، اتي ايمرجنسي سان ڪهڙو اثر پئجي ويندو يا آپگهاتي بمبار، جيڪي پاڻ مرڻ ۽ ٻئي کي مارڻ واري جنوني ذهني ڪيفيت ۾ هجن ٿا، تن تي ملڪ ۾ آئين جي معطليءَ سان ڪهڙو فرق پوندو، پر ملڪ جا ٻه ادارا جيڪي آهستي آهستي اڳتي اسري رهيا هئا، ضرور cut down to size ٿي ويندا ۽ جيڪي ماڻهو عدليا يا ميڊيا ۾ تمام گهڻيون اميدون جوڙي ويٺا هئا، انهن کي به جنرل صاحب پاران 3 نومبر تي ڪيل تقرير ۾ چيل اهي لفظ ڪن کولي ٻڌي وٺڻ گهرجن، جيڪي جنرل صاحب پرڏيهه جي دنيا کي مخاطب ٿيندي چيا ته، ”اسان مان اهڙي جمهوريت جي اميد نه رکي وڃي، جهڙي اولهه ۾ هجي ٿي.“

    جنرل پرويز مشرف پاران 3 نومبر تي ڪيل تقرير ۾ هن اهو ته ٻڌايو ته ملڪ ۾ موجود وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ڪم جاري رکنديون پر ٻه سوال ماڻهن جي ذهنن ۾ رهجي ويا آهن، جن جا جواب ٿي سگهي ٿو ته هي سٽون ڇپجڻ تائين يا ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ سامهون اچي وڃن، ته ڇا هي اسيمبليون 15 نومبر تي پنهنجو مدو پورو ڪري ڇڏينديون يا انهن جي مدي ۾ واڌ ڪئي ويندي؟ جيتوڻيڪ ملڪ ۾ آئين معطل آهي، تنهن ڪري 15 نومبر تي اسيمبلين جو مدو ختم ٿيڻ واري آئيني نقطي جي به هاڻ ڪا حيثيت نٿي رهي. ٻيو سوال اهو ته ڇا چونڊون 15 جنوريءَ تي ئي رٿيل پروگرام موجب ٿينديون يا اهي به ٽن مهينن يا 6 مهينن يا سال يا اڃان اڳتي هليون وينديون؟

    3 نومبر واري جنرل صاحب جي تقرير ٻڌڻ کانپوءِ هڪ همراهه سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن اهو نقطو به اٿاريو ته ملڪ جي سمورن اهم ذميوارن، جن ۾ صدر، وزير اعظم، جج صاحبان وغيره، جن 1973ع جي آئين تحت حلف کنيو آهي ۽ هاڻ ملڪ ۾ پي سي او اچي چڪو، جنهن تحت ٻيهر جج صاحبان کان حلف ورتو ويو آهي، ته ڇا ٻين آفيس هولڊرز کي به پي سي او تحت نئين سر حلف نه کڻڻ گهرجي؟ مون کيس کلندي جواب ڏنو ته، ڇو ٿا قانوني مونجهارن ۾ ڦاسو، ڇاڪاڻ ته اگر حڪم اهو آهي ته پي سي او هيٺ صرف جج صاحبان حلف کڻندا ۽ صدر، وزير اعظم يا ٻيا نه کڻندا، ته بس نه کڻندا. اگر توهان کي هرو ڀرو مٿي ۾ سور آهي ته ڀلي عدالتن ۾ وڃو!!

    سو اتي اهو بحث ڪرڻ ئي اجايو آهي ته قانوني طور ڇا ٿيندو يا ڇا ٿيڻ گهرجي، بلڪه ڪوشش ڪري اهو جائزو وٺجي ته سياسي طرح اقتداري راند هاڻ ڪيڏانهن ويندي. ظاهري طرح ڏٺو وڃي ته جنرل مشرف صاحب جا مسئلا يعني عدالتي ايڪٽوازم ۽ ميڊيا جي آزادي ٻئي حل ٿي ويا آهن، يعني سمورين عدالتن مان جوڊيشل ايڪٽوازم جا حامي جج هٽي چڪا آهن، ٽي وي چئنل بند ڪيا ويا آهن ۽ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ نوان قانون ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن، سو هاڻ ڊگهو عرصو آئين کي معطل ڪرڻ جي ڪا گهڻي ضرورت نظر نٿي اچي. تنهن ڪري چونڊن جو پنهنجي وقت تي ٿيڻ ناممڪن ناهي پر ٻئي طرف هر حڪمران جي اها دلي خواهش به هجي ٿي ته هو بنا ڪنهن رنڊڪ جي (آئين، عدالتي چيڪ، ميڊيا جي ڪوريج، جلسن، جلوسن کانسواءِ) جيترو وڌيڪ حڪومت هلائي سگهي، اوتري ضرور هلائي، سو اگر پرڏيهه مان ڪو گهڻو دٻاءُ نٿو اچي ۽ ملڪ اندر به ڪو گهڻو رد عمل ظاهر نه ٿيو، ته ٿي سگهي ٿو جنرل مشرف صاحب سوڌو ساڻس اقتدار ۾ گڏ ٻين سويلين حڪمرانن جي خواهش سبب اهي ايمرجنسي واري سيٽ اپ کي ڊيگهه ڏئي ڪجهه مهينا وڌائي ڇڏين.

    جيستائين هي ايمرجنسي وارو سيٽ اپ هلي ٿو، تيستائين ته ان ۾ ڪي قانوني جهول يا ڪمزوريون ڳولهڻ فضول ٿيندو. ڇاڪاڻ ته جيستائين آئين ناهي، تيستائين ملڪ جو قانون اهو ئي آهي، جيڪو جنرل مشرف صاحب جو فرمان هوندو پر 3 يا 6 مهينن يا جڏهن به اها ايمرجنسي ختم ٿيندي، ته ظاهر آهي ته واپس آئيني نظام ڏانهن Transition ٿيندي. جيئن هر غير جمهوري ۽ غير آئيني حڪومتن کانپوءِ ان کي آئيني نظام ۾ بدلائڻو پوندو آهي. مثال طور ضياءُ الحق پنهنجي مارشل لا دور جي مختلف فيصلن، ريفرنڊم وغيره کي اٺين ترميم ذريعي 1985ع واري پارليامينٽ مان منظور ڪرائي آئين جو حصو بڻايو هو يا جيئن جنرل پرويز مشرف 17هين ترميم ذريعي ايل ايف او کي پارليامينٽ مان منظور ڪرائي آئيني تحفظ ڏنو هو، سو اتي اهو سوال ضرور اڀري ٿو ته جنرل صاحب 3 نومبر تي ورتل ايڪشن ۽ هاڻ ٻيو جيڪو ڪجهه ڪندو، ان کي آئين جو حصو ڇا هاڻوڪي پارليامينٽ مان منظور ڪرائي بڻائيندو يا اهو ڪم ايندڙ پارليامينٽ کان ڪرائيندو؟ هاڻوڪي پارليامينٽ مان اهو ڪم تنهن صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن آئين بحال ٿيل هجي پر جيڪر آئين 15 نومبر کانپوءِ بحال ٿيو ته تيستائين ان پارليامينٽ جو ته مدو ئي ختم ٿي چڪو هوندو پر جيڪڏهن ڪو آئيني ”جادوگر“ ڪا آئيني تشريح ڪڍي اهو ڪم انهيءَ پارليامينٽ مان backdate ۾ ڪرائڻ جو حل ڳولهي به وٺي، ته ٻيو مسئلو اهو آهي ته آئين ۾ ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت گهربل هجي ٿي، جيڪا حڪمران پارٽي وٽ نه آهي ۽ هاڻوڪي پارليامينٽ مان اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن پ پ جا ميمبر ان ترميم جي حمايت ڪن.

    ٻڌائڻ وارا ٻڌائين ٿا ته ايمرجنسي وارين خبرن کانپوءِ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو دبئي مان واپسيءَ لاءِ جهاز ۾ سوار ٿي ته کيس ڪٿان ڪو نياپو مليو ۽ هوءَ جهاز مان لهي هيٺ اچي وئي پر جهاز روانو نه ٿيو ۽ 50 يا 55 منٽن کانپوءِ جڏهن محترمه بينظير واپس جهاز ۾ آئي ته جهاز شيڊول کان هڪ ڪلاڪ دير سان ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿيو. ٻڌائڻ وارن کي اها خبر ته نه هئي ته محترمه بينظير ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ جهاز مان ٻاهر آئي هئي، پر ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳڻ مهل ائين ٿيڻ ظاهر آهي ته معنيٰ خيز آهي ۽ هڪ نجي ايئر لائنز جي مسافر بردار جهاز جو ڪنهن هڪ مسافر جي انتظار ۾ فلائيٽ ليٽ ڪرڻ وارو عمل به عقل وارن کي گهڻو ڪجهه سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. بهرحال ٻيو ڪجهه ته هجي يا نه پر ملڪ ۾ ايمرجنسي جي اعلان (جنهن کي محترمه بينظير مارشل لا جو نالو ڏئي ٿي)، کانپوءِ بينظير صاحبه جي ڏيهه ورڻ مان (ڪامن سينس هيٺ) اهو نتيجو ڪڍڻ هرو ڀرو غلط نه هوندو ته محترمه بينظير ۽ صدر مشرف ۾ موجود هم اهنگي اڃان ڪافي حد تائين برقرار آهي ۽ ايمرجنسي ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ معاملن جي گيم پلان جي محترمه کي به ڄاڻ آهي. ڪامن سينس کان اگر ڪم وٺجي ته لڳي نٿو ته محترمه بينظير ڏيهه ۾ ايمرجنسي خلاف ڪا عوامي تحريڪ هلائڻ جو في الحال ارادو رکندي هوندي ۽ هوءَ چونڊن بعد اقتدار ۾ پ پ جو حصو وٺڻ بابت اڃان به پراميد آهي. اگر ڪامن سينس تي ٻڌل مٿيون ڳالهيون درست آهن ته ان جو مطلب اهو ڪڍي سگهجي ته محترمه کي خبر آهي ته چونڊون وقت تي ئي ٿيڻ واريون آهن؟ بهرحال ايندڙ 48 ڪلاڪ هر لحاظ کان اهم آهن، جنهن ۾ ڏسبو اهو ته وڪيل برادريءَ سوڌو سول سوسائٽي ڇا ٿي ڪري. جنهن کانپوءِ واشنگٽن ۽ محترمه بينظير جا رويا بدلجي به سگهن ٿا يا پوءِ ايندڙ سيٽ اپ لاءِ محترمه بينظير سوڌو ٻين کي سموريون خواهشون ۽ شرطون جنرل صاحب جون ئي قبول ڪرڻيون پونديون.

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ملڪي ڪئلينڊر 8 سال پوئتي ڇو هليو ويو؟





    آچر 11 نومبر 2007ع

    ملڪ ۾ آئين معطل ڪري ايمرجنسي لڳائڻ سان جنرل پرويز مشرف آڏو آيل وقتي مسئلا، جنهن ۾ عدليا پاران سندس خلاف ڪنهن فيصلي وارو معاملو ۽ ميڊيا پاران خبرون ۽ تبصرا ته بند ٿي ويا، پر 8 سالن ۾ دنيا وٽ جيڪا Perception (راءِ) اسان جي ملڪ بابت جڙي هئي ته اسان جمهوريت، ادارن جي مضبوطي ۽ شهري حقن (Civil Rights) ۾ ويساهه رکندڙ هڪ سوسائٽي ٺهڻ ڏي وڌون پيا، اهو تاثر وري ساڳيو 8 سال اڳ وارو ٿي ويو. خود جنرل صاحب اهو چوندو رهيو ته هو ملڪ کي Sham Democracy (معذور جمهوريت) مان ڪنهن اصل جمهوريت ڏانهن وٺي ويندو. ڪجهه عرصو اڳ تائين جنرل صاحب چوندو رهيو ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ جو هاڻ ڪو به امڪان ناهي، ڇاڪاڻ ته ملڪي ادارا مضبوط ٿي ويا آهن ۽ قومي مفادن واري ڪائونسل ۾ هاڻ صدر، وزير اعظم ۽ آرمي چيف گڏجي ويهي ڳالهين وسيلي مسئلا حل ڪري وٺندا. جنرل صاحب چواڻي ته هن ميڊيا کي به آزادي ڏني ۽ هو اهو ڪريڊٽ بار بار پاڻ کڻندو رهيو ته جهڙي آزادي هن ميڊيا کي ڏني ماضيءَ ۾ ڪنهن حڪمران نه ڏني. جنرل صاحب ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هڪ لبرل تنقيد برداشت ڪندڙ، گڊ گورننس ۽ جمهوريت ۾ يقين رکندڙ حڪمران طور پنهنجو تاثر جوڙڻ جي سدائين ڪوشش ڪئي، پر 3 نومبر جي هڪڙي ڌڪ سان سڀ ڪجهه ڪيلينڊر جا 8 سال پوئتي هليو ويو. اڄ ملڪ ۾ آئين معطل آ هي، جمهوريت ڪونهي، بنيادي انساني حقن تي پابندي آهي، ميڊيا تي بندش آهي، گڊ گورننس بدران ڏنڊي جي حڪومت آهي. سو اڄ اهڙو ڪجهه به ناهي بچيو، جنهن جو ڪريڊٽ گذريل 8 سالن دوران جنرل صاحب کڻندو آيو هيو. شايد جنرل صاحب کي 8 سالن کان پوءِ پنهنجن ڪيل ماضيءَ جي فيصلن جي غلط هجڻ جو خيال آيو، جو هن هڪڙي ئي ڌڪ سان سليٽ بلڪل صاف ڪري ڇڏي!

    جنرل مشرف صاحب کي ايترو Drastic (سخت) قدم کڻڻ سان شخصي طور يقينن فائدو ٿيو آهي، جو في الحال سندس پوزيشن چئلينج ڪرڻ وارو ملڪ ۾ ڪو به ناهي بچيو، پر ظاهر آهي ته سندس اها پوزيشن اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ رهي پئي سگهي، پر صدر بش جي ٽيليفون کان پوءِ صدر مشرف جيئن پاڻ اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ 15 فيبروري کان اڳ عام چونڊون ڪرايئندو ۽ سپريم ڪورٽ مان سندس اهليت بابت فيصلي کان پوءِ ۽ صدر پاڪستان طور حلف کڻڻ کان اڳ وردي لاهي ڇڏيندو، سو فطري طور تي هڪ سولين صدر طور ۽ نئين پارليامينٽ اچڻ کان پوءِ اڄوڪيون حالتون برقرار نه رهي سگهنديون ۽ اتي ڪي تمام اهم سوال سامهون اچن ٿا.

    (1) ملڪ ۾ لاڳو ٿيل ايمرجنسي ڪڏهن ختم ٿيندي؟ چونڊن کان اڳ يا پوءِ.

    (2) هاڻوڪي ايمرجنسي جنرل پرويز مشرف بطور آرمي چيف هنئي آهي، جيڪڏهن هو ايندڙ هفتي، ٻن ۾ سندس چواڻي وردي لاهي ڇڏيندو ته نئون آرمي چيف جنرل اشفاق ڪياني ٿي ويندو. پر ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري آرڊر تي جنرل مشرف صاحب جي صحيح آهي ته ڇا هن جي عهدي ڇڏڻ کان پوءِ ايمرجنسي کي جاري رکڻ لاءِ ٻيو آرڊر جاري نه ڪرڻو پوندو؟

    (3) 3 نومبر کان پوءِ کنيل قدمن کي آئيني تحفظ ظاهري طرح ايندڙ پارليامينٽ مان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پر بنا وردي واري صدر جي کنيل قدمن کي ڇا ايندڙ پارليامينٽ ۾ چونڊجي آيل پارٽيون خاص طور هاڻوڪي اپوزيشن ۾ ويٺل پارٽيون ڇو حمايت ڪنديون؟

    مٿي بيان ڪيل ٽنهي سوالن جا جواب ضرور اقتدار ڌڻين ڪجهه سوچي رکيا هوندا، پر اسان جهڙن گهٽ فهم رکندڙن کي اهي معاملا ايڏا سولا نظر نٿا اچن. اتي هڪ سوال اهو به اڀري ٿو ته صدر مشرف صاحب بطور صدر حلف ڪهڙو کڻندو؟ 1973ع جي آئين هيٺ، يا 3 نومبر تي جاري ڪيل پنهنجي پي سي او هيٺ، يا اڃا ڪنهن نئين آرڊر هيٺ؟ جيڪڏهن پاڻ Assume (فرض) ڪريون ته ايمرجنسي ايندڙ پارليامينٽ جي اچڻ تائين برقرار رهندي ته پوءِ ايمرجنسي هيٺ ٿيندڙ چونڊن جي شفاف ۽ غير جانبدار هجڻ بابت به انيڪ سوال اڀرندا.

    حڪومت سان لاڳاپيل هڪ باخبر همراهه جي دعويٰ هئي ته صدر صاحب جو ڇاڪاڻ ته مسئلو حل ٿي ويو آهي، تنهن ڪري هو پنهنجي اهليت بابت فيصلي کان فوري بعد نه صرف وردي لاهي ڇڏيندو، بلڪه ايمرجنسي پڻ هٽائي آئين بحال ڪري ڇڏيندو. ان همراهه جي دعويٰ هئي ته ملڪ ۾ ٿوري گهڻي احتجاج کان سواءِ اهڙو ڪجهه به ناهي ٿي رهيو، جنهن سبب صدر صاحب کي ڪا پريشاني ٿئي ۽ محترمه بينظير ڀٽو به جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، اها Friendly Opposition (دوستاڻي مخالفت) آهي. ان همراهه جو صدر صاحب جي حوالي سان اهو چوڻ ته هو وردي به لاهي ڇڏيندو ۽ ايمرجنسي به هٽائي ڇڏيندو، ڪجهه گهڻو هضم ٿيڻ جهيڙي ڳالهه ناهي، پر جيڪڏهن آمريڪا جو دٻاءُ ڪا نوراڪشتي نه، بلڪه حقيقت آهي ته ٿي سگهي ٿو ته دير سوير ائين ٿي به پئي، پر ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن حد تائين منصفاڻيون چونڊون ٿيون ته ڇا اقتدار ڌڻي اها توقع پيا ڪن ته مسلم ليگ (ق) ۽ سندس اتحادي پارٽيون گڏجي پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ڪري وٺنديون؟ ان سوال جو جواب خود سرڪاري ليگ وارا به ”نه“ ۾ ڏين ٿا ته پوءِ سوال اهو آهي ته 3 نومبر واري ايمرجنسي ۽ بعد واري دور کي آئيني تحفظ ڪيئن ملندو؟ ڇاڪاڻ ته 2002ع ۾ ايم ايم اي پاران ايل ايف او جي حمايت يا گذريل هڪ سال کان محترمه بينظير ڀٽو پاران جنرل مشرف سان ڳالهين جو جواز اهو ئي ٻڌايو پئي ويو ته هڪ فوجي جنرل کي Exit Safe (محفوظ رستو) ڏيڻ لاءِ ايئن ڪيو پيو وڃي. پر ايندڙ پارليامينٽ ۾ 18هين آئيني ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ ايم ايم اي يا پي پي توڙي نواز ليگ يا ڪا ٻي پارٽي هڪ بنا وردي واري صدر جي ڪهڙي جواز هيٺ حمايت/مدد ڪندي؟ اها ڳالهه به پڪ سان چوڻ ته محترمه بينظير پاران هن مهل ٿيندڙ مخالفت صرف هڪ ”دوستاڻي مخالفت“ آهي، ڪا گهڻي سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد ۾ روز هڪ احتجاج ۽ سياسي چرپر کان اقتدار ڌڻي بيزار ضرور ٿي رهيا هوندا ۽ مسئلو اهو آهي ته محترمه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته وائيٽ هائوس ۽ ٻيا پرڏيهي ادارا حرڪت ۾ اچيو وڃن. منهنجي خيال ۾ محترمه بينظير اقتداري راند جي هڪ تجربيڪار سياستدان طور اهو محسوس ڪري ورتو آهي ته اقتدار جي رڌڻي ۾ رولو آهي ۽ هو وڌ ۾ وڌ پريشر هن وقت وجهي وڌ ۾ وڌ پنهنجيون ڳالهيون مڃرائڻ چاهي ٿي ۽ اقتدار ڌڻين وٽ به محترمه بينظير کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي آسان آپشنز نه پيا بچن. يعني يا ته هو سخت انتظامي ايڪشن کڻن، ۽ سموري پرڏيهي دنيا جي پريشر کي Defy (مڃڻ کان انڪار) ڪن يا پوءِ محترمه بينظير جي شرطن کي مڃي وٺن.

    سياسي مارڪيٽ ۾ هڪ ٿيوري اها به گشت ڪري رهي آهي ته اقتدار ڌڻين وٽ هڪ نئون آپشن به ويچار هيٺ آهي، جنهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ بدران ملڪ لاءِ هڪ نئون آئين جوڙڻ لاءِ آئين ساز اسيمبلي جي چونڊ ڪرائڻ آهي. اسان جي ملڪ ۾ ٿيڻ لاءِ ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، پر نئون آئين ٺاهڻ جي ڳالهه ڪرڻ سان ايڏو وڏو پنڊورا باڪس کلي ويندو، جيڪو بند ڪرڻ ڪنهن جي لاءِ به ڪو سولو ڪم نه هوندو. سو پاڻ في الحال ان ٿيوريءَ تي مٿو هڻڻ بدران اها خواهش رکون ٿا ته جيئن جنرل مشرف صاحب چيو آهي، ائين ئي ٿيندو. جيتوڻيڪ شيڊيول موجب چونڊون 15 جنوري تي ٿيڻيون هيون، پر جنرل مشرف جو چوڻ آهي ته چونڊون 15 فيبروري کان اڳ ٿينديون. جنرل صاحب اها وضاحت ناهي ڪئي 15 فيبروري کان ڪيترو اڳ چونڊون ڪرائبيون، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ محرم الحرام جو مهينو به شروع ٿي چڪو هوندو، جنهن دوران چونڊون ڪرائڻ ظاهر آهي ته ڪو آسان معاملو نه هوندو.

    لڳي اهو ٿو ته ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ته اقتدار ڌڻين 3 نومبر کان ڳچ وقت پهرين ڪري ورتو هيو، پر ان کان پوءِ جا معاملا As it comes (جيڪو ٿيو، منهن ڏبو) واري پاليسي هيٺ ڪيا پيا وڃن. سو پير ٻڌي اهو نٿو چئي سگهجي ته چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون، يا اهو ته چونڊون ضرور 15 فيبروري کان اڳ ئي ٿينديون، پر اها ڳالهه ضرور چئي سگهجي ٿي ته جنرل مشرف صاحب جيڪو 9 مارچ (چيف جسٽس چوڌري افتخار کي هٽائڻ) کان اڳ هيو، اهو ساڳئو بعد ۾ نه رهي سگهيو ۽ جيڪو هو 3 نومبر کان اڳ هيو، هاڻ هو اهڙو نه رهندو.

    اچو هاڻ ٻئي بادشاهه جي ڳالهه ٿا ڪريون، جنهن ڳالهه اندر ڳالهه نه ڪرڻ جو حڪم ٿيل آهي. يعني ميڊيا مٿان مڙهيل پابندي. هي پابنديون ڪهڙيون آهن، ڇو هنيون ويون آهن، اهي ڪيستائين برقرار رهنديون، جهڙن سوالن جي پٽاڙ ڪرڻ مان ڇا حاصل، ڇاڪاڻ ته ان جو امڪان ڪافي عرصي کان موجود هيو. پر ائين ٿيڻ جي پڪ تڏهن تڏهن وڌندي ويندي هئي، جڏهن جڏهن صدر صاحب اهو ٿورو ڳڻائيندو هيو ته ميڊيا کي آزادي صدر صاحب ڏني آهي ۽ نيٺ 3 نومبر تي صدر صاحب اهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن هو آزادي ڏئي سگهي ٿو ته کسي به سگهي ٿو. سو اهڙي قدم تي هروڀرو به ڪا حيرت نه ٿيڻ گهرجي. پر جنهن شئي کي ڏسي تمام گهڻي حيرت ٿي آهي، اها هيءَ ته ميڊيا تي پابندي خلاف اڃان تائين مُک سياسي ليڊرن پاران ٻيو ته ڇڏيو، ڪو مذمتي بيان به جاري نه ڪيو ويو آهي!! رياست جي چئن ٿنڀن يعني پارليامينٽ، اسٽيبلشمينٽ، جوڊيشري ۽ ميڊيا مان ٻن (جوڊيشري ۽ ميڊيا) خلاف ايڪشن ٿيو ۽ اسان ڏٺو ته انصاف جي سرشتي سان جڙيل وڪيل اعليٰ عدالت جي حق ۾ ٻاهر نڪتا، مظاهرا ڪيا، لٺيون کاڌيون پر ميڊيا تي پابندي خلاف ٿيندڙ ڪارروائيءَ خلاف سياسي پارٽين پاران اختيار ڪيل ماٺار نه صرف حيرت ۾ آڻي ڇڏيو آهي، پر خود اهڙي روئي سبب ميڊيا اندر انيڪ سوال به اڀرن پيا ته ڇا مک وڏيون پارٽيون (جنهن کي اڄ سڀاڻي اقتدار ۾ اچڻ جو آسرو آهي) پاڻ به ميڊيا جي آزادي مان دلي طور خوش نه هيون؟

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا سنڌ جي ”سڀاڻي“ تي سوچڻ لاءِ ”سڀاڻي“ جو انتظار ڪجي؟





    اربع 30 جولاءِ 2008ع

    هونءَ ته مرزا غالب جي اردو ۾ ڪيل مختصر شاعري جي هر سٽ ۽ هر شعر تي بي اختيار واهه واهه نڪري ٿي وڃي، پر اڄڪلهه سندس هي شعر گهڻو ياد اچي ٿو،

    ھوئي مدت ڪه غالب مرگيا پر ياد آتا هئ،

    وه هر اڪ بات په ڪهنا ڪه يوڻ هوتا تو ڪيا هوتا!

    جيڪو به ماڻهو اسٽيٽسڪو جو مخالف هجي ٿو سو تبديلي ۽ نواڻ آڻڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، مختلف سوال اٿاري ٿو ۽ هر ان ڳالهه يا عمل تي تنقيد ڪري ٿو يا اعتراض واري ٿو، جنهن ڳالهه سان سوسائٽي ۾ موجود جمود وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو، پر اهڙي شخص کي (گهڻو ڪري) سندس حياتي ۾ ديوانو يا آئيڊيلسٽ قرار ڏئي نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي. پر سندس مرڻ کانپوءِ وري هن جي ڳالهين کي ياد ڪري ان تي وڏا بحث مباحثا ڪرائي، سندس ذهانت جي مڃتا طور کيس هڪ وڏي مفڪر ۽ ڏاهي جو درجو ڏئي کيس ياد ڪيو ويندو آهي. تاريخ ۾ سقراط کان وٺي هزارين اهڙن ماڻهن جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي اصل مڃتا سندن مرڻ کانپوءِ ملي، مرڻ بعد کين وڏي فلسفي ۽ دانشور طور ياد ڪيو ويو.

    ڪي ميرئ قتل ڪئ بعد تونئ جفا سئ توبه،

    هائئ اس زودِ پشيماڻ ڪا پشيماڻ هونا!

    مون کي اڪثر اهو سوال پريشان ڪندو آهي ته جڏهن ماڻهو ڪنهن جي وڇوڙي/موت کانپوءِ روئيندا آهن يا ڏکايل هجن ٿا ته ڇا هو ان ڪري ڏکايل هجن ٿا ته جيڪو شخص گذاري ويو، ان سان کين واقعي محبت هئي، يا ڏک جو ڪارڻ اهو هجي ٿو ته هاڻ هو ان شخص کي ڪڏهن به ملي/ڏسي نه سگهندا؟ جيڪڏهن واقعي به کين ان فوت ٿي ويل شخص سان محبت هجي ٿي ته پوءِ محبت جي دعويدارن کي اهو سوال پنهنجي پاڻ کان ضرور پڇڻ گهرجي ته ڇا زندگي ۾ ان شخص کي هو ايتري محبت ڏئي سگهيا هئا، جيتري محبت جي دعويٰ هو ان شخص سان سندس فوت ٿيڻ کانپوءِ ڪري رهيا آهن؟

    زندگي ميڻ پلٽ ڪر نه ديکا اور نه پوڇا ڪڀي حال افضل،

    بعد مرنئ ڪئ ميت ڪو ميري لوگ سر په اٺائئ هوئئ هيڻ!

    اسان ۾ مجموعي طرح تعزيتي ميڙاڪا ڪرڻ، ڪنهن جي ياد ۾ شامون ملهائڻ، ورسين جا پروگرام ڪرڻ جي وڏي مهارت اچي وئي آهي. حياتي ۾ جنهن شخص کي سولو هٿ ڏيڻ لاءِ تيار نٿا هجون، ان جي گلا خوري ڪرڻ پنهنجو فرض ٿا سمجهون، جنهن جي هر چڱي ڳالهه پويان به ان جي نيت تي شڪ ڪريون ٿا، پر ان ساڳئي شخص جي مرڻ شرط انتهائي تيزي سان تعزيتي ميڙاڪا شروع ڪري ٿا ڏيون. ڄڻ انتظار ۾ هجون ته اهو همراهه ڪڏهن ٿو مري ۽ ڪڏهن ٿا اسين مرثيا خواني شروع ڪريون! ان مان ته ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ ڪو انسان پنهنجن ڪمن، عملن يا ڳالهين لاءِ تعريف جو حقدار صرف پنهنجي موت کانپوءِ ئي ٿي سگهي ٿو، ڄڻ اسان اهو شرط رکي ڇڏيو هجي ته ڪنهن چڱي ماڻهوءَ جي تعريف تڏهن ڪبي، جڏهن هو مري ڏيکاريندو!! اسان جي سوسائٽي ۾ اها روش ايترو زور وٺندي پئي وڃي، جو اسان پنهنجي سماج جي آهستي آهستي مرندڙ چڱن Values (قدرن ) جي به مڪمل طرح مرڻ جو انتظار پيا ڪريون، ته جيئن اسين انهن چڱن Values (قدرن ) جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪا ڪوٺائي سگهون، انهن تي وڏا مقالا پڙهي سگهون، هڪ خوبصورت سماج جي موت جي ورسي شاندار انداز ۾ ملهائي سگهون! جيڪڏهن اسين غور سان جائزو وٺنداسين ته اسان کي اجتماعي طرح اها روش پروان چڙهندي نظر ايندي ته ڄڻ اسان گذريل زماني (ماضي) جي ورسي ملهائي رهيا هجون، يا سڀاڻي (مستقبل) بابت مبهم ۽ غير حقيقي خواب ڏسي رهيا هجون ٿا، يا پوءِ مستقبل ۾ نظر ايندڙ ڀوائتين حالتن جي منظرڪشي ڪرڻ ۾ مصروف هجون ٿا. پر ڪنهن به ريت اڄ (حال) ۾ رهندي حقيقت پسند ٿي حالتن کي سڌارڻ يا تبديل ڪرڻ لاءِ ڪا اجتماعي ڪوشش ڪرڻ کان پاسيرو رهون ٿا، (هتي ڳالهه فردن جي نه پر مجموعي طرح سماج جي ٿئي پئي) اهڙي ڪا به ڪارائتي ۽ بامعنيٰ ڪوشش نٿا ڪريون، جنهن ذريعي سڀاڻي جي منظر تي نمودار ٿيندڙ ڪنهن خراب صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هجون.

    اڄ اسان جي چئوگرد ڇا ٿي رهيو آهي، ڇا حالتون آهن، ان کان شايد ئي ڪو اڻ واقف هجي، ڇاڪاڻ ته مهانگائي، امن امان جي خراب ترين صورتحال (۽ اهڙن ٻين انيڪ مسئلن) جو سڌو اثر عام ماڻهو تي پئجي رهيو آهي، سو انهن ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ ڪا وڏي سياسي ڄاڻ يا ڏاهپ گهربل ناهي. ساڳئي ريت اسان جي خطي ۾ عالمي طاقتن جي مفادن سبب ملڪ ۽ صوبي طور سنڌ لاءِ جڙندڙ منصوبا به هاڻ ڪو راز ناهن رهيا ۽ ميڊيا تي اهي روز جا موضوع بڻيل آهن. محترمه بينظير ڀٽو کانپوءِ سنڌي عوام ۾ Leaderless (قيادت کان خالي) ٿيڻ جو احساس به شدت سان موجود آهي، سو ”اڄ“ اسان ڪهڙين حالتن ۾ آهيون؟ ان سوال تي پنا ڪارا ڪرڻ اجايو ٿيندو، جو اهو سڀني جي سامهون آهي. ساڳئي ريت سڀاڻي سنڌ ڪهڙين حالتن ۾ هوندي؟ ان سوال جو جواب به هروڀرو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان اڄ اهڙو ڪجهه ڪري رهيا آهيون، جو اسان جو ”سڀاڻي“ اسان جي ”اڄ“ کان بهتر هجي؟ (خدا نه ڪري) اسان جو سڀاڻي اڄ کان به خراب هجي، جيئن تجزيه نگار مستقبل ۾ اسان جو سڀاڻي خراب ٿيندي ڏسي رهيا آهن. ڇا اسين سڀاڻي صرف پنهنجي ماضي کي ويهي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙينداسين، يا ڪجهه ماڻهن کي ميارون ۽ مهڻا ڏينداسين ته فلاڻي جي ڪري هي ٿي ويو، يا فلاڻو اسان جي خراب صورتحال جو ذميوار آهي، يا فلاڻو هي نه ڪري ها ته هو ٿي وڃي ها، وغيره وغيره. پر ڇا ان ايندڙ وقت ۾ روڄ راڙو ڪرڻ سان ڪجهه بدلجي ويندو؟

    ڇا سڀاڻي ويهي سوڳ ملهائڻ کان اهو بهتر نه ٿيندو ته اسين مجموعي طرح بطور سوسائٽي اهو سوال اڄ پنهنجي پاڻ کان ڪريون ته اسان اڄ اهڙو ڇا ڪريون، جو سڀاڻي (ڪجهه نه ڪرڻ جو) پڇتاءُ نه ٿئي؟ سنڌ جي مستقبل جي حوالي سان مختلف حلقن ۾ ڀوائتي قسم جي منظرڪشي، تجزيا، انومان ۽ انديشا بيان ٿين پيا، پر اتي ڪو صفا Dooms day Scenario (قيامت واري ڏينهن جو منظر) بيان ڪرڻ بدران جنهن ۾ (خدا نه ڪري) جاگرافيائي تبديلي وغيره جو ذڪر ڪجي پيو کي پاسيرو رکندي پاڻ هڪ ٻئيScenario (منظر)کي ڏسون ٿا، جيڪو اڄڪلهه هر ان محفل ۾ ذڪر هيٺ آهي، جتي چار سياسي ذهن رکندڙ ويٺل هجن ٿا. انهن محفلن ۾ عام راءِ اها آهي ته مخدوم امين فهيم، سندس هم خيال ۽ پ پ پ جو هاڻ گڏ هلڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري پ پ ۾ Split (ورهاڱو) اڻٽر آهي، سو جيڪڏهن ائين ٿيو ۽ سڀاڻي جڏهن به عام چونڊون ٿيون (جيڪر ٿيون) ته سنڌي مينڊيٽ چار حصن ۾ ورهائبو. هڪ پ پ پ (هاڻوڪي) ٻيو پ پ (جيڪا هاڻوڪي پ پ کان ڌار ٿيندي) ٽيون سرڪاري ليگ (معنيٰ اهي ڀوتار، جيڪي ڪڏهن جوڻيجي ليگ، ڪڏهن نواز ليگ، ڪڏهن ق ليگ ۾ هوندا آهن ۽ هاڻ شايد وري نواز ليگ ۾ هوندا) چوٿون حصو فنڪشنل ليگ، اين پي پي ۽ آزاد ميمبر هوندا. سو جيڪڏهن انهن چئن حصن ۾ سنڌي ماڻهن جو ووٽ Split ٿيو ته پوءِ سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ ايم پي ايز جي اڪثريت رکندڙ پارٽي طور متحده قومي موومينٽ هوندي ۽ پارلياماني جمهوريت ۾ حڪومت ٺاهڻ جو حق وڏي پارٽي کي هجي ٿو. جيتوڻيڪ اهو معاملو مستقبل جو آهي پر مختلف حلقن ۾ اڄ کان ئي اهو سوال آهي ته ”ڇا سنڌ جي ايندڙ وڏي وزير جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هوندو؟“

    سنڌ جي مستقبل جي حوالي سان ڳڻتي رکندڙ حلقن ۾ صرف ڪنهن هڪ حڪومت ۾ ڪنهن هڪ ڌر جي چيف منسٽر ٿيڻ واري سوال کان سواءِ به انيڪ ڳڻتيون آهن، جنهن ۾ سنڌ ۾ حقِ حڪمراني، قدرتي وسيلن جو ڦرجڻ، جاگرافيائي جوڙجڪ سان هٿ چراند، زرعي معيشت جي خراب حالت، سوشل فيبرڪ جو مرحليوار ٽٽڻ وغيره شامل آهن. پر بدقسمتي سان پنهنجي مستقبل جي حوالي سان ڳڻتي ۾ ورتل اسان جو سجاڳ طبقو (Conscious Class) ان ڏس ۾ ڪو به حل سامهون ناهي آڻي سگهيو. اسان جي سجاڳ طبقي وٽ مرض بابت ادراڪ ته آهي، پر ان جو تدارڪ ڇا آهي، ان بابت ڪو عمل جوڳو ۽ ٺوس حل يا فارمولو ڪونهي. تنهن جي ڪري ورهين کانپوءِ وري همت ساري اهو سوال وري اٿارڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان ته ”نيٺ ڪجي ڇا؟“

    ڏهه سال اڳ جڏهن اهو ئي سوال اٿاريو ويو هو ته ڪجهه ماڻهن ان سوال کي غير سنجيدگي واري انداز ۾ ورتو هو، يا وري ان سوال کي هڪ شخص جي (منهنجي) ”ذهني ٺرڪ“ قرار ڏئي، ان جو جواب سوچڻ جي زحمت نه ڪئي هئي پر اڄ ڏهن سالن کانپوءِ جنهن سنڌ ۾ اسين رهي رهيا آهيون، ڇا ان جي حالت ڏهه سال اڳ واري سنڌ کان ابتر ناهي؟ ڇا اسين اهو افورڊ ڪري سگهون ٿا ته اسين ان سوال تي وري ڏهه سال سمهي پئون ۽ چئون ته 2018ع ۾ ان سوال جو ڪو جواب سوچينداسين؟ ڇا اسين ”ڪجهه نه ڪجي“ واري سوچ کي جاري رکڻ جا محتمل ٿي سگهون ٿا؟ ڇا اسان جو سجاڳ طبقو (جنهن کي آئون ووڪل ڪلاس به چوندو آهيان) ايندڙ ڏهاڪن تائين ائين سوچڻ جي ”عياشي“ جاري رکي سگهي ٿو ته اوچتو ڪو مسيحا ڪٿان ايندو ۽ اسان جي دردن جو درمان ڪندو؟ ٽئين دنيا جي ملڪن جي عوام ۾ هڪ Saviour (بچائيندڙ) جي هميشه خواهش رهندي آهي، جنهن جو اهم ڪارڻ سوسائٽي کي پنهنجي اجتماعي فهم تي اعتماد نه هجڻ هجي ٿو. تنهن ڪري انهن کي ڪنهن هڪ شخص جي ضرورت هجي ٿي، جنهن بابت هو عقيدو ٺاهين ٿا ته اهو شخص پنهنجي بي انتها عقل ۽ فهم ذريعي اسان (عوام) کي اونداهين مان ڪڍي روشنين جي نئين صبح ۾ داخل ڪري ڇڏيندو. اسان جي سنڌي سوسائٽي ۾ به جيڪڏهن ايئن آهي ته ان ۾ هروڀرو ڪا حيران ٿيڻ جي ڳالهه ناهي. اسان وٽ چوڻي آهي ته ”ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.“ هتي انهيءَ چوڻ جو مطلب هرگز اهو ناهي ته سوسائٽي، قوم يا ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اتان جي ليڊر جو ڪو رول نٿو هجي، يا ڪا ٽيم ڪپتان کانسواءِ ڪامياب ٿي سگهي ٿي، پر سمجهڻ اهو کپي ته تبديلي لاءِ ضروري ناهي ته ليڊر پهرين پيدا ٿئي ۽ پوءِ تبديلي لاءِ تحريڪ جنم وٺي، بلڪه دنيا ۾ اڪثر هنڌن تي تحريڪ اڳ ۾ جنم وٺي ٿي، ۽ اها تحريڪ ئي پنهنجي ليڊر يا اڳواڻ کي جنم ڏئي ٿي، سو اسان جي ووڪل ڪلاس وٽ ٻه آپشنز آهن. هڪ اهو ته هو انتظار ڪري (جيڪو انتظار ڪيترن ئي ڏهاڪن تي پکڙيل ٿي سگهي ٿو) ته ڪو مسيحا ڪٿان ايندو ۽ گهر ويٺي سوسائٽي ۾ مثبت ۽ ڏسڻ جوڳي تبديلي اچي ويندي، يا پوءِ اسان جي ووڪل ڪلاس کي تبديلي جي حاصلات لاءِ پاڻ اڳتي اچڻو پوندو.

    ورهين کان جاري ”ڪجي نيٺ ڇا؟“ واري بحث مان هڪ مثبت ڳالهه اها سامهون آئي آهي ته اسان جي ووڪل ڪلاس ۾ ذري گهٽ ان نقطي تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي ته اسان جي حالتن جو ذميوار اسان جو سياسي ڪلچر آهي ۽ اسان جي سڀاڻي جي حالتن جو دارومدار به اسان جي سياست تي ئي رکي ٿو. اسان جي معيشت، اسان جو حقِ حڪمراني، اسان جو پنهنجي قدرتي وسيلن تي حق، اسان جي تعليم، امن امان زراعت غرض ته هر اهم شعبي ۾ تبديلي جو رستو سياسي ڪلچر ۾ تبديلي ذريعي ئي ممڪن آهي، پر الاءِ ڇو اسان جو ووڪل ڪلاس اهو سمجهڻ کان لنوائي رهيو آهي. جيستائين ووڪل ڪلاس ڪلچر جا ماڻهو سياست ۾ پنهنجو ڪردار نه ادا ڪندا، تيستائين اسان جي سياسي ڪلچر ۾ ڪا به اثرائتي ۽ حقيقي تبديلي اچڻ جو امڪان نه هجڻ جي برابر آهي. باقي اسان جي سياست ۾ ميوزيڪل چيئر واري راند جاري رهندي، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن حقيقي تبديلي جو نالو نٿو ڏئي سگهجي.

    تازو هڪ محفل ۾ ڪچهري دوران ووڪل ڪلاس سان تعلق رکندڙ هڪ ڪاموري چيو ته، عام چونڊن ۾ ڪنهن اليڪشنري ڀوتار کان ڪنهن ووڪل ڪلاس جي نمائندي پاران اليڪشن کٽڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. جواب ۾ پڇيومانس ته ڇا ماضي ۾ اهڙي ڪا ڪوشش ٿي آهي؟ ڇاڪاڻ ته ڪنهن ڳالهه يا فارمولي جي غلط يا صحيح هجڻ جو اندازو ان فارمولي کي فضيلت ڀرئي طريقي سان آزمائڻ کانپوءِ ئي لڳائي سگهجي ٿو. منهنجي ان اعتراض تي ان سرڪاري آفيسر جواب ۾ هڪ ٻن تڪن تان ماضي ۾ ووڪل ڪلاس سان تعلق رکندڙ اميدوارن جي ناڪامي بابت ٻڌايو. هاڻ اتي سمجهڻ اهو گهرجي ته انفرادي طرح هڪ ٻن فردن جي ماضي ۾ هارائڻ يا ڪامياب ٿيڻ جو حوالو هِتي ان ڪري Relevant (ٺهڪندڙ) ناهي جو هو ڪنهن سوچ يا تبديلي واري ڪنهن تحريڪ جي نمائندي طور ڀوتار آڏو چونڊن ۾ نه بيٺا هئا، پر جيڪڏهن ووڪل ڪلاس جا اميدوار سڄي سنڌ جي شهري علائقن (جنهن جو مطلب صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ناهي) مان پهرين مرحلي ۽ بعد ۾ ٻهراڙي وارن تڪن تان چونڊن ۾ هڪ پليٽ فارم ۽ هڪ نعري تي اليڪشن ۾ بيٺا ته پوءِ فيصلو ڪري سگهبو ته روايتي اليڪشنري ڀوتار انهن ووڪل ڪلاسي اميدوارن کان کٽن ٿا يا ناڪام ٿين ٿا. جيڪي به ماڻهو اليڪشنز جي الف ب کان واقف آهن، اهي جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کان ماضي ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجن جي ڪاپي ڪڍرائي ڏسندا ته کين به اهو نظر ايندو ته سنڌ ۾ سنڌي ووٽرن جي اڪثريت وارن شهري تڪن تي جيڪر شهرن جا ووڪل ڪلاسي اميدوار شهري ووٽرن جي سهڪار سان چونڊن ۾ سامهون اچن ته انهن کي ڪنهن ڀوتار پاران هارائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو.

    اسين سڀ اهو ڄاڻون ٿا ته ڪنهن ڀوتار جو ڪچي جي علائقي يا ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ ته اثر/داٻو هجي ٿو، پر ضلعي توڙي تعلقي سطح تي اڀري آيل اسان جي شهري علائقن ۾ انهن جو ائين داٻو نٿو هجي، جو شهرين کان هو پنهنجي مرضيءَ تي ووٽ وٺي سگهن، يا وري اهي شهري پولنگ اسٽيشنز تي ڌانڌلي ڪرائي سگهن، ۽ شهري علائقن وارن اڪثر تڪن جي جوڙجڪ به ائين آهي، جو انهن ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽر شهري علائقن جا هجن ٿا، سو جيڪڏهن شهري ماڻهو گڏجي ووڪل ڪلاس جي اميدوار جي حمايت ڪندا ته ڀوتار جو کٽڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ٻهراڙيءَ جا ووٽر به ظاهر آهي ته تبديلي چاهين ٿا ۽ جيڪڏهن کين آسرو ٿيو ته تبديلي واري تحريڪ سندن ڀر ۾ موجود شهر ۾ اڀري رهي آهي ته هو ڇو نه ان ۾ بهرو وٺندا. پر ڳالهه پهرين Initiative (شروعات) جي آهي، جيڪا اسان جي شهري علائقن جي ووڪل ڪلاس جي ماڻهن کي وٺڻي پوندي. آئون سمجهان ٿو ته ڪجهه ڪري ڪامياب/ناڪام ٿيڻ سئو سيڪڙو بهتر آهي، بجاءِ ان جي جو ماڻهو ڪجهه به نه ڪري.

    هڪ همراهه روز دعائون گهرندو هو ته سندس هڪ ڪروڙ جي لاٽري نڪري اچي، هو سالن جا سال اها دعا گهرندو رهيو ته سندس لاٽري نڪري اچي، نيٺ هڪ ڏينهن کيس آواز آيو ته تون پنهنجي لاٽري نڪرڻ لاءِ دعائون ته ڪرين ٿو، پر پهرين لاٽري ٽڪيٽ ته خريد ڪري وٺ! سو لاٽري لاءِ به ٽڪيٽ وٺڻ جي زحمت ڪرڻي پئي ٿي، پر اسين ڇا ان اميد تي آهيون ته معاشري ۾ حقيقي تبديلي گهر ويٺي اچي ويندي!؟

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا اهو ممڪن آهي؟





    ڇنڇر 04 آڪٽوبر 2008ع

    هاڻ اهو بحث ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ مون کان زور ٿي ويو آهي ته سنڌ سان لاڳاپيل انيڪ مسئلن جي جڙ ڪهڙي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪٿان به ڳالهه ڦيرائي ڏسبي ۽ منجهيل سُٽ جو مُنڍ ڳولهبو ته اهو اچي اسان جي سياست تي بيهندو. مثال طور جيڪڏهن چئون ته اسان کي معيشت سڌارڻي آهي ته ظاهر آهي معاشي خوشحالي معاشي پاليسين، امن و امان، ڪرپشن کان آجي ڪامورا شاهي جهڙن معاملن سان جڙيل آهي ۽ اهي سڀ معاملا ڪير ٿو ٺيڪ ڪري سگهي؟ فطري طور جواب اهو ئي هجي ٿو ته اهي سڀ معاملا حڪومت ئي ٺيڪ ڪري سگهي ٿي، (فوجي حڪمرانن کانسواءِ) ۽ حڪومت هلائيندا آهن سياستدان، جيڪي اچن ٿا اسان جي سياسي ڪلچر مان، سو اهو سمجهڻ ۾ ڪهڙي عربي فارسي آهي ته Mother of all evils is our political culture (سياسي ڪلچر ئي سمورين خرابين جي ماءُ آهي) سنڌ جي اڄ ۽ سڀاڻ لاءِ فڪر رکندڙ سمورن ماڻهن کي هڪ دفعو وري آئون زور ڀري اهو سوچڻ جو عرض ڪندس ته توهان ڪنهن به مسئلي چاهي اها اسان جي معيشت هجي، تعليم هجي، امن و امان هجي، بي روزگاري هجي، انساني حقن جي لتاڙ هجي، غرض ته ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ پيرا کڻندئو ته اهي وڃي اسان جي اقتداري سياسي ڪلچر تي پهچندا، سو جيڪڏهن فوڪس صحيح نه هوندو ته ڪيترا به بحث ڪري وٺجن، ڪيتري به مٿا خوري ڪري وٺجي، اُن مان ورندو ڪجهه به نه، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٽارگيٽ چٽو ڪونهي ته سموريون ڪوششن ۽ ڪاوشن مان حاصل ڪجهه به نه ٿيندو، تنهن ڪري آئون سمجهان ٿو ته It’s high time جو اسين بحث توڙي عمل اهڙا ڪريون، جنهن مان ڪو نتيجه آميز لاڀ حاصل ٿئي، نه ڪي 50 يا 100 سالن کانپوءِ ڪو مورخ ڪاوش اخبار جا فائيل اٿلائي اهو سوچڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي ته ”مار! جيڪڏهن اُن دور ۾ سنڌ جو باشعور طبقو پنهنجي مسئلن جي حل بابت ايترو ڪنفيوزڊ هيو ته اُن مهل سڄي سوسائٽي جو ڪهڙو حال هوندو؟“

    بدقسمتيءَ سان اسان جي اقتداري سياسي ڪلچر ۾ پاليٽڪس جو مطلب پاور ۽ پيسو آهي، (Politics means Power and Paisa) ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته اسان جي سياسي ڪلچر ۾ اڪثريت ڀوتارن ۽ ڪرپٽ توڙي نااهل ماڻهن جي آهي، پر هڪ منٽ لاءِ تصور ڪيو ته اقتداري سياست مان پاور ۽ پيسي جي چمڪ ختم ٿي وڃي ته پوءِ ڇا اهي ڀوتار يا نااهل قسم جي ماڻهن وٽ سياست ۾ اچڻ جي ڪشش (Charm) ختم نه ٿي ويندي؟ جيڪڏهن هڪ ڀوتار کي اهو معلوم ٿئي ته سندس ايم اين اي يا ايم پي اي ٿيڻ باوجود علائقي جو صوبيدار، مختيارڪار يا ڪو ٻيو آفيسر سندس ڪو به غلط حڪم نه مڃيندو، سندس چوڻ تي سندس مخالف نه ٻڌبا، سندس ماڻهن کي ٺيڪا نه ملندا، هو ڪنهن آفيسر جي بدلي مقرري نه ڪرائي سگهندو، نوڪريون نه وڪڻي سگهندو، غرض ته سندس ڪم صرف اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪرڻ ۽ پنهنجي علائقي جي ماڻهن جا مسئلا اجاگر ڪرڻ هوندو ته ظاهر آهي اهڙي ”بور ڪندڙ“ ڪم ۾ ڪو ”شريف ڀوتار“ يا ”معزز ڪرپٽ مڊل ڪلاسي“ ڇو دلچسپي وٺندو؟

    توهان ڪنهن وزير، سيڪريٽري يا وڏي پوليس آفيسر جي آفيس ۾ ويندا ته توهان کي اتي اڪثر چونڊيل عيوضي ڪنهن آفيسر جي بدلي، ڪنهن کي ٻڌرائڻ يا ڇڏرائڻ يا پنهنجو واٽر ڪورس منظور ڪرائڻ ٽائيپ ڪمن سان ويٺل نظر ايندا. هڪ سيڪريٽريءَ کي اسان جي هڪ ايم اين اي صاحب داٻو ڏيندي چيو ته، ”9 سالن کانپوءِ حڪومت ۾ آيا آهيون هاڻ به اسان جو ماڻهو اسان جي علائقي ۾ اي ڊي او نه لڳندو ڇا؟“ هڪ ايم پي اي صاحب ڏوراپو ڏيندي چيو ته، ”منهنجي مخالف جو ماڻهو وري ايس ايڇ او ٿي منهنجي علائقي ۾ لڳي ويو، اسان جي ته ٽڪي جي به عزت ناهي بچي!“ اهو سوچي اڪثر حيران ٿيندو آهيان ته سرڪاري ملازم ”منهنجو ماڻهو“ ڪيئن هوندو آهي؟ يا هڪ ايس ايڇ او جي مقرري سان ڪنهن معزز ايم پي اي جي عزت ڇو گهٽجي يا وڌي وڃي ٿي؟ پر جيئن ئي اهو ياد اچي ٿو ته آئون پاڪستان ۽ سنڌ ۾ رهان ٿو ته منهنجي حيرانگي دور ٿيو وڃي ۽ مون کي اي ڊي اوز جي مقرري جا ملندڙ اگهه به ياد اچيو وڃن ۽ ايس ايڇ او ذريعي علائقي ۾ بادشاهي ڪرڻ واري ٺرڪ به ياد اچيو وڃي، پر وري عادت کان مجبور سوچڻ شروع ڪريان ٿو ته خيال اچي ٿو ته جيڪڏهن آفيسرن جي مقرري ۽ بدلي جو ڪو مڪينزم جوڙي وٺجي، سندن مقرري جي ڪا مدت طئي هجي ته هڪ آفيسر ايتري عرصي کان پوءِ پاڻهي بدلي ٿي ويندو (۽ ان جا ٻيا تفصيل طئي ڪجن) يا ٿاڻي سطح جي حالت بهتر ڪجي، اتي گريجوئيشن ڪيل نوجوان اي ايس آءِ ۽ سب انسپيڪٽر طور ڀرتي ڪيا وڃن، انهن ٿاڻن کي سڌي ريت مهيني وار فنڊز ڏنا وڃن ته حالتون ڇو نٿيون بهتر ٿي سگهن. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 480 ٿاڻا آهن ۽ هِن مهل سنڌ پوليس جي ڪُل بجيٽ 21 ارب رپيا آهي، جنهن مان 86 سيڪڙو صرف پگهارن جي مد ۾ خرچ ٿئي ٿو ۽ باقي 14 سيڪڙو، جيڪو لڳ ڀڳ ٽي ارب روپيا ٿئي ٿو، ٻين مدن ۾ خرچ ٿين ٿا. جنهن ۾ بجلي ۽ فون جي بلن کان وٺي ٻيا سمورا خرچ شامل آهن ۽ ٿاڻي لاءِ ڪو به سڌو فنڊ ناهي، باقي ڪنهن ڊي پي او کي رحم آيو ته 5 يا 7 ليٽر ڊيزل پوليس موبائيل لاءِ ٿاڻي کي مليو وڃي. اتي سوال اهو آهي ته امن و امان لاءِ فرنٽ تي پهريون مورچو ٿاڻو هجي ٿو ۽ اُن کي ٽڪو به سرڪار نٿي ڏي. اهو ڪٿان جو منطق آهي؟ انهن ٿاڻن کي ملڻ ته وڌيڪ گهرجن، پر گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک رپيا مهيني تي سڌي ريت ٿاڻن کي ملڻ گهرجن ته جيئن پوليس موبائيل ۾ ڊيزل وجهرائڻ ۽ ٿاڻي کي هلائڻ لاءِ خرچي لاءِ پوليس وارن وٽ پنهنجن توڙي ٻين جي کيسن ۾ هٿ وجهڻ جو جواز ختم ٿئي ۽ ٿاڻن جي صورتحال بهتر ٿئي. ان کانسواءِ ان ڏس ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه ٿي پيو سگهي، جيئن ڏوهارين ۽ سوسائٽي وچ ۾ موجود اهو پهريون مورچو وڌيڪ موثر به ٿئي ۽ عوام دوست به.

    سو ڳالهه هلي پئي ته سياست جو مطلب صرف پنهنجي لاءِ پاور ۽ پنهنجي لاءِ پئسو جيڪڏهن نه رهي ته پوءِ هڪ بدليل اقتداري سياسي ڪلچر اچي سگهي ٿو، جنهن سان اسان جي سوسائٽي ۾ حقيقي تبديلي اچي سگهي، پر ڇا ائين ٿيڻ ممڪن آهي؟ معاملو ڪنهن ڪاروبار يا پراجيڪٽ جي ڪاميابي جو هجي يا ڪنهن جنگ يا ڪنهن راند جو ميچ کٽڻ جو، خواب ڪنهن انقلاب جي اچڻ جو هجي، يا محبوب سان ملڻ جو، ان لاءِ جنهن شيءِ جي ضرورت هر ٻئي ڳالهه کان وڌيڪ هجي ٿي، اهو آهي اُن Passion (جذبي) جو هجڻ جيڪو هر خواب جي ساڀيان لاءِ بنياد بڻجي ٿو. سو جيڪڏهن سنڌ جي ووڪل ڪلاس جي اکين ۾ تبديلي جو خواب آهي ته ان خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ جذبو به پيدا ڪرڻو پوندو. سنڌ جو ووڪل ڪلاس، جنهن ۾ زميندار به آهن ته هاري به، صنعت ڪار به آهن ته پورهيت به، شاگرد به آهن ته استاد به، هاڻوڪو سياستدان توڙي سياسي ڪارڪن به ته اديب به آهن. غرض ته جيڪو اسان جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جو خواب رکي ٿو ۽ ان لاءِ پنهنجي پنهنجي سطح تي آواز اٿاري ٿو، اهو سنڌ جي ووڪل ڪلاس جو حصو آهي ۽ منهنجي خيال ۾ اقتداري سياسي ڪلچر ۾ تبديلي تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن ووڪل ڪلاس پاڻ سڌيءَ ريت اقتداري سياست ۾ بهرو وٺي جنهن جو سولي سنڌي ۾ مطلب اهو آهي ته ووڪل ڪلاس اليڪشنز ۾ گڏيل طور حصو وٺي. اچو پاڻ انگن اکرن جي جوڙجڪ ڪري ڏسون ته ووڪل ڪلاس لاءِ اليڪشنز ۾ بهرو وٺڻ هڪ Feasible project (لاڀائيتا رٿا) هوندو يا نه؟

    ملڪ ۾ ٿيل 1998ع جي آدمشماري جي سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ جي ڪُل آبادي 3 ڪروڙ 44 لک آهي، جنهن مان 60 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ آهن. مطلب ته سرڪاري رڪارڊ موجب سنڌ ۾ ٻه ڪروڙ 64 لک سنڌي آهن. 18 فيبروري 2008ع تي ٿيل چونڊن ۾ سنڌ جا ڪُل رجسٽرڊ ووٽ هڪ ڪروڙ 95 لک ڄاڻايا ويا آهن. جيڪڏهن اسين آبادي جي شرح واري فارمولي هيٺ ڏسون ته ان انگ جو 60 سيڪڙو سنڌي آهن. معنيٰ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ سترنهن لک رجسٽرڊ سنڌي ووٽر آهن. هاڻ اڳتي ٿا وڌون ۽ اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ کي اٿلائي جائزو وٺون ته پاڻ کي نظر ايندو ته 18 هين فيبروري 2008ع جي چونڊن کان اڳ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سراسري طور هڪ اميدوار ايم پي اي جي تڪ تان 20 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيندو رهيو هيو، ڪٿي ڪو اميدوار 22 هزار تي، ڪٿي 18 هزار تي. معنيٰ سراسري طور 20 هزار ووٽن تي سنڌ ۾ ايم پي اي جو اميدوار ڪامياب ٿيندو رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ ڪنهن ڌر کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 85 ميمبرن جي اڪثريت گهربل هجي ٿي، سو جيڪڏهن پاڻ 85 جي انگ کي 20 هزار سان Multiply (ضرب) ڪيون ته سترنهن لک جو انگ سامهون اچي ٿو، معنيٰ سنڌ ۾ ڪُل رجسٽرڊ هڪ ڪروڙ سترنهن لک سنڌي ووٽرن مان جيڪڏهن ووڪل ڪلاس جا نمائندا سترنهن لک ووٽر پاڻ ڏانهن راغب ڪري وٺن ته حقيقي تبديلي اڻٽر ٿي ويندي. جيتوڻيڪ تازو 18 فيبروري 2008ع تي ٿيل چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل ايم پي ايز جي حاصل ڪيل شرح تمام گهڻي مٿي چڙهي وئي ۽ ماضي جي ڀيٽ ۾ 30 کان 40 سيڪڙو وڌيڪ ووٽن سان اميدوار ڪامياب ٿيا هئا، پر ان جو ڪارڻ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هئي. پر جيڪڏهن هاڻ عام چونڊون ٿيون ته ان ۾ 2002ع يا ان کان اڳ ٿيل چونڊن جيان سراسري طور 20 کان 22 هزار ووٽن تي ايم پي اي جو اميدوار ڪامياب ٿي سگهندو.

    هاڻ اتي ساڳيو پراڻو سوال اهو پيدا ٿيندو ته ووڪل ڪلاس جو هڪ اميدوار 20 کان 22 هزار ووٽ ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو؟ سو ان سوال جو جواب ماضي ۾ به انهن ئي ڪالمن ۾ بحث هيٺ ايندو رهيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي ڪنهن شهري علائقي جي صوبائي تڪ (شهري علائقي مان مراد وڏن شهرن کان ويندي تعلقي سطح جي شهر سان آهي) جا 200 ماڻهو گڏ ٿي اهو طئي ڪن ته انهن مان هر هڪ کي 100 ووٽ پنهنجي اميدوار کي ڏيارڻا آهن ته 20 هزار ووٽ وٺي ووڪل ڪلاس جو نمائندو ايم پي اي چونڊجي سگهي ٿو. ان 200 ماڻهن کي مقامي اسيمبلي جو نالو به ڏئي ٿو سگهجي يا Committee for change (تبديلي لاءِ ڪاميٽي) جو نالو به تجويز ڪري سگهجي ٿو.

    جيڪڏهن ڪو دوست اتي اهو نقطو اٿاري ٿو ته سياست صرف انگن اکرن جي راند ناهي هوندي ته آئون ان سان هروڀرو اختلاف نه ڪندس، پر مٿي ڄاڻايل Mathematics (حساب ڪتاب) جو مقصد اهو هيو ته ان اقتداري سياسي ڪلچر ۾ تبديلي آڻن ناممڪن ناهي ۽ ووڪل ڪلاس پاران اليڪشنري سياست ذريعي حقيقي تبديلي آڻڻ هڪ Feasible ۽Doable (عمل جوڳو) پراجيڪٽ آهي. اتي اهو به نه پيو چوڻ چاهيان ته ان پراجيڪٽ جي ڪاميابي ڪو Piece of cake (ٻارن جي راند) هوندي، پر بهرحال هيءُ ڪو ديواني جو خواب به ناهي. هيءُ هڪ عمل ۾ اچڻ جوڳو پراجيڪٽ آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن ووڪل ڪلاس جا ماڻهو پنهنجي جذبي، فهم ۽ انرجي جي سيڙپ ڪن ته هڪ خوشحال ۽ خوبصورت سنڌ جو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ووڪل ڪلاس اجائي Skepticism (تشڪيت پرستي) کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي اندر اهو حوصلو ۽ جذبو پيدا ڪري ته مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي، ۽ ايئن ٿيڻ بلڪل ممڪن آهي.

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    تبديليءَ لاءِ ڀلا ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪجي؟





    اربع 22 آڪٽوبر 2008ع

    مايوسي ڪفر آهي، ڪاوڙ ڪرڻ حرام آهي، بتال ٿيڻ بيوقوفي، پر اڄ هي مضمون لکندي مايوس به آهيان، ڪاوڙيل به ۽ بتال به. اهو سوچي سوچي بتال آهيان ته ڇا لکي ڇا لکان ۽ ڪٿان شروع ڪري ڪٿي دنگ ڪريان؟ مايوسيءَ جو شڪار ان ڪري ٿيل آهيان، جو لکڻ سان ڇا ڪو فرق پئجي ويندو، جو هروڀرو ويهي پنا ڪارا ڪريان؟ شديد ڪاوڙ ان ڪري پئي اچي ته چوطرف پکڙيل انيڪ مسئلن ۽ مشڪلاتن جو شڪار بڻيل لکين ماڻهن جي آخر داد رسي ڇو نه پئي ٿئي، اهي مسئلا جيڪي اسان سڀني کي نظر پيا اچن، اهي وس وارن جي اکين کان ڇو اوجهل آهن؟ سنڌ جي سوا ٽي ڪروڙ آباديءَ مان لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جهڙي موذي ۽ موتمار مرض جو شڪار آهي. هيپاٽائيٽس بي ۽ سي (ڪاري ڪامڻ) مرض جي اگر وقت سر تشخيص ٿي وڃي ته ان جي علاج لاءِ 80 کان 90 هزار روپيا خرچ اچن ٿا. اگر ان مرض ۾ ورتل 75 لک ماڻهن مان، پاڻ اهو فرض ڪريون ته، 80 سيڪڙو مريض، يعني 60 لک مريض 80 کان 90 هزار رپين جو علاج ڪرائڻ جي سگهه رکندا هوندا، تڏهن به اهو سوچي وار اڀا ٿيو وڃن ته، اسانجي صوبي ۾ 10 کان 15 لک ماڻهو هڪ هڪ ڏينهن ڳڻي ڪري پنهنجي موت جو انتظار ڪري رهيا آهن. هي لکين ماڻهو ان ڪري آهستي آهستي موت ڏانهن وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن ڪو ڌڻي سائين ناهي!!؟ هي هڪ وچڙندڙ مرض آهي، تنهن ڪري اهو سمجهڻ به ڏکيو ڪونهي ته غربت جي سطح کان هيٺ رهندڙ هي غريب مريض ڪو احتياط به نه ڪري سگهندا هوندا ۽ هڪ مريض جڏهن هي جهان ڇڏيندو ته پويان ٻه يا ٽي مريض ٺاهي چڪو هوندو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايترا ماڻهو موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺل آهن پر سندن ڪا واهر ڇو نٿي ٿئي؟

    سرڪاري انگن اکرن موجب، سنڌ جي ٻن ضلعن ٺٽي ۽ بدين جي سراسري 29 هزار ايڪڙ زمين هر سال سمنڊ ۾ گم ٿئي پئي. اهي انگ اکر هوائي نه پر سرڪاري سروي مان ظاهر ٿيا آهن. اهو سوچي هانءُ ٿو ڦاٽي ته هر چويهن ڪلاڪن ۾ سنڌ جي 80 ايڪڙ زمين غائب ٿيو وڃي، يعني سنڌ 80 ايڪڙ روزاني جي حساب سان سسي ۽ سڪڙجي پئي. ان جو ڪارڻ پاڻ سڀني کي خبر آهي ته دريا جي پاڻيءَ جو سمنڊ ۾ نه وڃڻ آهي. سامونڊي پٽيءَ سان جڙيل سنڌ جي انهن ٻن ضلعن جي 8 تعلقن، جنهن ۾ گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر، جاتي، شاهه بندر، کارو ڇاڻ، ميرپور ساڪرو، بدين ۽ گولاڙچي تعلقا شامل آهن، 80 ايڪڙ روزاني جي حساب سان سڪڙجي رهيا آهن پر ان ”Missing land“ (غائب ٿيندڙ زمين) واري ڀوائتي مسئلي جي ڪو مالڪي ئي نٿو ڪري. ڇا (خدا نه ڪري) 50 يا 100 سالن کانپوءِ سنڌ جو نقشو مختلف هوندو؟

    ملڪ جي قدرتي وسيلن جو 70 سيڪڙو ڏيندڙ ۽ ملڪي ناڻي ۾ 60 سيڪڙي کان وڌيڪ حصو ڏيندڙ امير سنڌ جا ماڻهو ايترا غريب ڇو آهن؟ 10 سال اڳ سرڪاري سطح تي ٿيل سروي موجب، 35 سيڪڙي کان وڌيڪ سنڌ واسي غربت جي ليڪ کان به هيٺ آهن. وڌيل مهانگائيءَ جي ڪري شايد اها شرح هاڻي اڃان به وڌي وئي هوندي پر سندن ڪو به اوهي واهي نه آهي، جو ماڻهو انتظار ڪندي صبر ڪري ته بهتريءَ ڏانهن وکون وڌن پيون ۽ اڄ نه به ته سڀاڻي بهتري ضرور ايندي پر بهتريءَ لاءِ سڀاڻي جو آسرو تڏهن ئي رکجي، جڏهن اڄ اُن لاءِ ڪا رٿابندي ٿيندي نظر اچي ۽ اُن پلاننگ تي عمل ڪرائڻ لاءِ پهرين وک کڄندي نظر اچي. مونکي ياد آهي ته اڄ کان ڏهه سال اڳ 1998ع (نواز شريف حڪومت) ۾ هڪ مضمون لکيو هيم، جنهن جو عنوان هو، ”آهي ڪو جيڪو سنڌ جي واهر ڪري؟“ اُن مهل به منهنجي ذهن ۾ ڪو ابهام نه هو ۽ نه ئي اڄ آهي ته سنڌ جي 75 سيڪڙو دردن جي دوا سنڌ وٽ ئي آهي ۽ اها دوا ڪو مسيحا ٻاهران اچي نه ڪندو، بلڪه جيڪو ڀوڳي پيو ان کي پاڻ ئي مڙسي ڪرڻي پوندي، يعني سنڌ واسين جيئن سور پنهنجا ڪيا آهن، اُئين ئي حل به پنهنجا ڪرڻا پوندا.

    ڪجهه هفتا اڳ لکيل پنهنجي مضمون ”ائين ممڪن آهي“ جي ڇپجڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن هڪ ٻيو مضمون لکندي ڏسي مونکان هڪ ساٿي ورڪر پڇيو ته، ”تڪڙ ۾ ٻيو مضمون پيا لکو ڇا؟“ ته مون کيس موٽ ۾ مرزا غالب جو هي شعر پڙهي ٻڌايو:

    قاصد ڪئ آتئ آتئ خط اِڪ اور لکهه رکوڻ

    ميڻ جانتا هوڻ وه جو لڪهيڻ گئ جواب ميڻ

    ”ائين ممڪن آهي“ عنوان هيٺ لکيل مضمون کانپوءِ مختلف دوستن جا مضمون، خط ۽ ذاتي رايا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مليا. اُنهن سمورن دوستن جا خيال ۽ رايا احترام لائق آهن ۽ سواءِ هڪ اڌ جي، اڪثريت ان خيال جي نظر آئي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيڻ کپي. سو ڏهن سالن جي ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري بحث کانپوءِ اگر سوسائٽي ان نقطي تي متفق ٿي آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيڻ کپي ته به ان کي هڪ مثبت تبديلي قرار ڏيڻ گهرجي. باقي اها تبديلي ڪٿي ۽ ڪيئن اچي سگهي ٿي ۽ ڪير آڻيندو، ان بابت بحث ۽ غور و فڪر جاري آهي. اتي عرض اهو ڪندو هلان ته ڀلي اسانجا پڙهيل ڳڙهيل حضرات وڌيڪ ڏهاڪو سال بحث ڪري وٺن، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ۽ گڏجاڻيون ڪوٺائي وٺن پر ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته اسانجي 75 سيڪڙو کان وڌيڪ مسئلن ۽ دردن جو سبب اسانجي حڪمرانيءَ (Governance) سان جڙيل آهي ۽ اها بهتر صرف تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسانجو سياسي ڪلچر بهتريءَ ڏانهن تبديل ٿئي. سو ڳالهه ڀلي ڪٿان به ڦيرائي گهيرائي آڻبي ته اها سمجهه ۾ ايندي ته سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ کانسواءِ ڪنهن ٻئي حقيقي مثبت تبديليءَ جي خواهش حقيقت پسندي نه سڏبي. جيستائين اهو سوال آهي ته اها تبديلي ڪيئن ٿي اچي سگهي، ته ان جا ظاهري طرح ٻه طريقا دُنيا ۾ ڏٺا ويا آهن، هڪ عوامي انقلاب جي ذريعي اقتدار حاصل ڪري يا ٻيو طريقو اليڪشنز وسيلي حاصل ٿيل عوامي مينڊئيٽ ذريعي حڪمراني وٺي ڪري، يعني ٻنهي صورتن ۾ تبديليءَ جا خواهشمند/حامي جيستائين پاڻ اقتدار ۾ نٿا اچن، تيستائين عوامي خواهشن پٽاندڙ تبديلي ممڪن نٿي ٿئي. اسان وٽ ڪو انقلاب اچي ۽ ڪهڙي نظريي هيٺ اچي، اهو ڪيترو ممڪن آهي يا نه، ان تي آئون تبصري کان پاسو ٿو ڪريان، جو ماضيءَ ۾ انقلاب لاءِ پنهنجيون جوانيون ارپيندڙن مان ڪيترائي منهنجا ذاتي دوست به آهن. تنهن ڪري آئون نٿو چاهيان ته اُنهن جي دل آزاري ٿئي، باقي اليڪشنز ذريعي تبديلي هڪ Doable (ٿيڻ جوڳو) طريقو آهي پر ان گس تي هلندي ڪاميابي ڪو هڪ شخص وٺي نٿو ڏئي سگهي، بلڪه ان ڊگر تي منزل جي حاصلات لاءِ هر اُن شخص کي مڙسي ڪرڻي پوندي، جيڪو تبديليءَ بابت شعور رکي ٿو ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ معياري تبديلي چاهي ٿو. عام طرح اسان وٽ چونڊن جي سڄي عمل ۾ عوام کي مختلف ليڊر/سياسي پارٽيون اهو درس ڏين ٿيون ته توهان صرف چونڊن واري ڏينهن تي اچي اسانکي ووٽ ڏئي گهر وڃي سمهي پئو، اسين اقتدار ۾ اچي توهانجا سڀ مسئلا حل ڪري ڇڏينداسين، پر پاڻ اهو ڏٺو آهي ته ان سياسي/اليڪشن ڪلچر مان ماڻهن کي ڪجهه به نٿو وري. سو ووٽ ڏئي گهر وڃي سمهي رهڻ واري سولي فارمولي کي رد ڪري اگر چونڊن واري پراسيس کي حقيقي تبديلي وارو فارمولو بنائڻو آهي ته سنڌ جي ووڪل ڪلاس کي ان اليڪشن پراسيس کي اپنائڻو/ (Own) ڪرڻو پوندو.

    اسانجي ووڪل ڪلاس کي سمجهڻو پوندو ته اليڪشن ڪو شاديءَ جو ڪاڄ ناهي، جنهن ۾ ماني، ٽڪي غرض ته هر قسم جو بندوبست گهوٽ يا ڪنوار جي خاندانن کي ڪرڻو هجي ٿو ۽ دعوت جي سڏ تي آيل ماڻهن جو ڪم رڳو اچي ماني کائي، پوئي جا پيسا ڏئي هليو وڃڻ هجي ٿو، باقي انهن جي ٻي ڪا ذميواري ناهي هوندي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ڀوتارن اليڪشنز کي به شاديءَ جو ڪاڄ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اليڪشن اميدوار گاڏيون موڪلي ماڻهن کي پولنگ اسٽيشنز تي آڻي انهن کي ماني کارائي، چانهه پيئاري، (ڪن صورتن ۾) ڪجهه خرچي ڏئي، ووٽ وٺي گهر موڪلي ٿو ڇڏي. توهان اڪثر ڏٺو هوندو ته چونڊن ۾ اميدوار ووٽرن يا انهن ووٽرن جي چڱن مڙسن کي ڪيئن ووٽ ڏيڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا هوندا آهن، ظاهر آهي ته اها منٿ ميڙ، لکن ڪروڙن جو خرچ ڪري اقتدار ۾ اچي عوام جي چڱائيءَ لاءِ ڪو ماڻهو ڇو ڪندو؟ توهان اگر ڪنهن ماڻهو/ماڻهن جي ڀلائي ڪرڻ چاهيندا هجو ته اُن کي وڃي منٿ ميڙ ڪري کيس ايلاز ڪري پيسا ڏئي ڇو راضي ڪندا ته ”مهرباني ڪري مونکي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏئي!“ ظاهر آهي ته اها هڪ احمقاڻي (Sense Less) ڳالهه آهي. ساڳئي ريت اگر ووڪل ڪلاس جي چونڊ پراسيس ۾ اچڻ واري ڳالهه مان ڪنهن دوست کي اها غلط فهمي ٿي آهي ته هو ڪنهن هڪ فرد طور چونڊ وڙهي رهيو هوندو ته اهو تاثر غلط آهي، ڇاڪاڻ ته ان تڪ ۾ هو هڪ فرد نه پر ووڪل ڪلاس چونڊ وڙهي رهي هوندي.

    هڪ چونڊ تڪ ۾ 20 کان 25 هزار ووٽن تي چونڊ کٽي سگهجي ٿي. سو ان انگ کي نظر ۾ رکندي هڪ آئيڊيا ڏيڻ لاءِ مختلف وقتن تي مون مختلف انگ اکر آئيڊيا جي سمجهاڻي خاطر ڏنا هئا. مثال طور؛ ووڪل ڪلاس جا 600 ماڻهو ڪنهن تڪ ۾ في ماڻهو 50 ووٽ پنهنجي اميدوار کي وجهرائي ٿو ته اهو 30 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿئي ٿو پر اگر ڪٿي 250 ووڪل ڪلاسي 100 ووٽ وجهرائي سگهن يا 100 ووڪل ڪلاسي 250 ووٽ وجهرائي سگهن ته به ڳالهه ساڳئي آهي ۽ اڪثر تڪن تي 25 هزار ووٽن تي اميدوار ڪامياب ٿي سگهن ٿا ۽ اگر ڳالهه سمجهڻ لاءِ بنهه سادي ڪجي ته اسان وٽ بلدياتي چونڊن ۾ هڪ ڪائونسلر 700 کان 1000 ووٽ سراسري طور کڻي ٿو. سو اگر هڪ تڪ ۾ ڪائونسلر يا ڪائونسلر جيتري ساک رکندڙ 20 کان 30 ووڪل ڪلاسي گڏ ٿين ته 20 کان 30 هزار ووٽ وجهرائي سگهن ٿا. سو سمجهڻ اهو گهرجي ته سنڌ جي شهري علائقن تي ٻڌل مختلف تڪن تي مختلف حالتون آهن. ان لاءِ هر هنڌ انگ اکر مختلف ئي هوندا پر ڳالهه صرف بنيادي آئيڊيا جي آهي، اگر اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته هروڀرو انگن اکرن جي هڪ جهڙي هجڻ نه هجڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. ساڳئي ريت ووڪل ڪلاس جو اميدوار تبديليءَ جو اهڃاڻ هوندو. ڇا اُن تڪ جا ٻيا اهڙا ووٽر نه هوندا، جيڪي انفرادي طور پاڻ اهڙي اميدوار لاءِ پولنگ اسٽيشن تي ووٽ وجهي ايندا.

    ڊاڪٽر ايوب شيخ تازو پنهنجي مضمون ۾ ڪاٿو لڳائي چيو آهي ته ووڪل ڪلاس جي اميدوار کي چونڊ وڙهڻ لاءِ 23 لک رپيا گهربل هوندا. آئون ان ڳالهه سان اتفاق نٿو ڪريان ۽ اگر اسين شهري تڪن جو جائزو وٺنداسين ته پولنگ اسٽيشنز ايترو پري نٿيون هجن، جن تي پهچڻ لاءِ لکين رپيا خرچ اچي ۽ اگر دوست ان سڄي معاملي جي Spirit (روح) کي اڃان سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ته کيس به نظر ايندو ته سندس اهو Estimate (ڪاٿو) درست ناهي ۽ جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته اهو چونڊ عمل ڪو ان اميدوار جو شادي/ ذاتي ڪاڄ ته هوندو نه، بلڪه اُن تڪ ۾ تبديلي چاهيندڙ هزارين ماڻهو اگر اليڪشن کي پنهنجو ڪاڄ سمجهندا ته تمام ٿوري خرچ تي، جيڪو پڻ ڪنهن هڪ فرد يا ڦوڙي ڪري ڪرڻ کانسواءِ ٿي ويندو.

    ڊاڪٽر ايوب اهو به لکي ٿو ته ووڪل ڪلاسي اميدوار خلاف روايتي اليڪشني قوتون وغيره سڀ گڏ ٿي ان کي ناڪام بنائڻ لاءِ زور هڻنديون. اهو نقطو آئون اڳ م به ڳچ ڀيرا لکي چڪو آهيان ته چانديءَ جي پليٽ تي سون جي چمچي سان تبديليءَ جو حلوو کائڻ لاءِ ته ڪير به نه ڏيندو. اهو فيصلو ووڪل ڪلاس جي ماڻهن کي ڪرڻو آهي ته جمود ۾ رهي سموريون اذيتون ۽ پريشانيون برداشت ڪندا رهڻ چاهين ٿا ته سندن مرضي ۽ اگر تبديلي چاهين ٿا ته تبديليءَ جي راهه ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جو حوصلو به ڌارين، جيئن ڪنهن اردو شاعر لکيو آهي:

    ڪها ميڻ اونٽ پر بيٽھوڻ، ڪها تم اونٽ پر بيٽھو

    ڪها ڪوھان ڪا ڊر هئ، ڪها ڪوھان تو هوگا.

    ساڳئي ريت،

    ڪها ميڻ نظام ڪو بدلوڻ، ڪها تم نظام ڪو بدلو

    ڪها بھوتار ڪا ڊر هئ، ڪها بھوتار تو هو گا.

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    تبديلي کپي!



    آچر 9 نومبر 2008ع

    ننڍي کنڊ جي جيئري ليجنڊ گلزار جي هڪ فلم ”معصوم“ جو اهو گانو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو وڻندو آهي، جنهن جا ٻول آهن:

    تجهه سي ناراض نهين زندگي حيران هون مين

    تيري معصوم سوالون سي پريشان هون مين

    اسان جي دانشمند دوستن پاران ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ يا ”نيٺ ڪيئن ڪجي؟“ واري بحث بابت ڪڏهن ڪڏهن ايترا معصوم سوال اٿاريا وڃن ٿا، جو دل چئي ٿي ته انهن سان زوري ڀاڪر پائي، رڙيون ڪري سندن دانش تي روئجي پر آدابِ محفل کي ملحوظ رکندي اهڙي حرڪت ڪرڻ کان پاڻ کي روڪڻو ٿو پوي. وري ڪجهه دوست اهڙا عجيب و غريب اعتراض وارين ٿا، جو پنهنجي منهن ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽهڪ ڏيڻ لاءِ من ڪري ٿو پر پاڻ تي ضبط رکي ڪجهه منٽ صرف مسڪرائڻ سان ڪم هلائڻو ٿو پوي. اسان جي انهن اهلِ دانش حضرات جي اڪثريت سان ڪجهه ڪچهرين يا سندن لکڻين مان سندن راءِ منجهه موجود معصوميت بهرحال صاف نظر اچي ٿي.(مون کي اميد آهي ته اتي اهو سوال يا اعتراض نه اٿاريو ويندو ته دانشمند ماڻهو معصوم راءِ/ خيال ڪيئن ٿا ظاهر ڪري سگهن؟ منهنجي خيال ۾ اگر ڪا راءِ يا ڪو خيال انتهائي Purity (بنا ڪنهن ملاوٽ جي ) سان ڪير به ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪنهن مفاد، ڪنهن تعصب يا ٻئي ڪنهن منفي سوچ جي گدلاڻ شامل نٿي هجي، ته اها راءِ، اعتراض يا خيال يا سوال معصوم هجي ٿو.) هڪڙي ٻئي دنيا به پاڻ وٽ موجود آهي، جنهن جو تعداد جيتوڻيڪ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، اها مخلوق لفظن جي Juggler (شعبديباز) آهي، انهن وٽان توهان کي ڪنهن به ڳالهه جو ڪو به سڌو سبتو جواب ملڻ جي توقع نٿي هجي. توهان کي پيٽ ۾ سور هجي ۽ توهان غلطيءَ وچان انهن سان پنهنجي ان سور جو ذڪر ڪري ڇڏيو ته اهي توهان کي سقراط ۽ ارسطو جا فلسفا ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيندا!! توهان کي بخار سبب مٿي ۾ سور هوندو ته هي صاحب اوشو، مهاتما ٻڌ ۽ ٻين ڏاهن جا قول ٻڌائي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته مٿي ۾ سور بخار جي ڪري ناهي!! غرض ته اهي صاحبلوڪ لفظن جا هلندڙ ڦرندڙ دڪان هجن ٿا، جن جي دڪان تي اگر ڪو اڌ چريو غلطيءَ وچان هليو وڃي ته خير سان مڪمل چريو ٿي واپس نه اچي ته ”پئسا واپس“. سو انهن ”دانشور“ حضرات پاران ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري بحث ۾ صادر ڪيل فرمودات ۽ زرين خيال ٻڌڻ يا پڙهڻ کان آئون پاسو ڪريان ٿو، جو هر ماڻهوءَ جيان مون کي به پنهنجي صحت جو اونو هجي ٿو ۽ ان پراڻي چوڻيءَ ۾ يقين رکان ٿو ته، ”احتياط علاج کان بهتر هجي ٿو“.

    سو پاڻ انهن معصوم خيالن/ اعتراضن ڏانهن پنهنجو ڌيان ڪريون ٿا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن؛ (1) ڪارل مارڪس جي فلسفي ذريعي نظام بدلائجي. (2) نظرياتي پروگرام کانسواءِ ووڪل ڪلاس وارو فلسفو بي معنيٰ آهي. (3) ووڪل ڪلاس فارمولو نه پر هڪ ٻي نئين سياسي پارٽي ٺهڻ کانسواءِ تبديلي ممڪن ناهي. (4) ووڪل ڪلاس جو مطلب آهي مڊل ڪلاس ۽ ان جي اڪثريت پاڻ تبديلي نٿي چاهي. (5) انهن سوالن/خيالن بابت ڪجهه معصوم خيال/جواب منهنجا به آهن. (جنهن تي توهان جي دل چئي ته توهان کي زور سان کلڻ يا منهنجي بي عقلي تي روئڻ جو پورو حق حاصل آهي). گذارش اها آهي ته، ڏهن ٻارنهن سالن کان جنهن نقطي تي فوڪس ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، اهو هي آهي ته سنڌ ۾ جيستائين سياسي ڪلچر تبديل نٿو ٿئي، تيستائين اسان جي زندگيءَ ۾ ڪا مثبت ۽ ڳڻپ جوڳي تبديلي ممڪن ڪونهي. آمريڪا ۾ بارڪ اوباما گذريل 10 مهينن جي اليڪشن مهم ان نقطي تي ئي هلائي ته America needs a change (آمريڪا کي تبديلي گهرجي) سو ڏهن سالن کان منهنجو به نقطو اهو ئي هو ته Sindh needs a real change (سنڌ کي حقيقي تبديلي گهرجي). پر جڏهن محسوس ٿيو ته حقيقي تبديليءَ جي خواهشمندن سان سڄي سنڌ ڀري پئي آهي، ته انهن تبديليءَ جي خواهشمندن لاءِ ووڪل ڪلاس جو اصطلاح استعمال ڪيم ۽ ظاهر آهي، تبديليءَ جا خواهشمند ۽ ان لاءِ آواز اٿاريندڙ (يا آواز اٿارڻ جي خواهش رکندڙ) صرف مڊل ڪلاس نه پر اپر ڪلاس، لوئر ڪلاس، غرض ته هر طبقي ۾ ٿورا يا گهڻا ماڻهو موجود آهن، تنهن ڪري ووڪل ڪلاس کي طبقاتي فرق ۾ ورهائڻ ووڪل ڪلاس جي اصطلاح جي صحيح تشريح ناهي.

    ڪارل مارڪس جي نظريي هيٺ انقلاب آڻي اتي سوشلزم آڻڻ جي حوالي سان ظاهر ڪيل خواهش بابت صرف ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڇا اسان وٽ اهڙو ڪو ماحول آهي، جو اهڙي خواهش جي تڪميل ويجهي مستقبل ۾ ممڪن نظر ايندي هجي؟ باقي بحث مباحثي لاءِ ته اسان وٽ ماضي ۾ ڪيترائي ڏهاڪا ان قسم جو بحث جاري رهيو ته طبقاتي جدوجهد ڪجي، يا قومي طبقاتي عوامي جدوجهد ڪجي؟ مزدور طبقو انقلاب جو محور بڻبو. يا هاري طبقو؟ سو بحث ته دنيا ۾ کوڙ سارا هلندا رهندا آهن، اگر دوست اڄ به سرخ انقلاب جي رومانس ۾ رهڻ چاهين ته ڪير ڪنهن کي ڪيئن ٿو روڪي سگهي، باقي اهو سمجهڻ ته اگر ووڪل ڪلاس جا ماڻهو چونڊجي ويا ته انهن وٽ ڪو نظرياتي پروگرام نه هوندو، سو هڪ انتهائي معصوم خيال آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڪلاس جي چونڊيل نمائندن جو بنياد ۽ وجود ئي ”سنڌ ۾ حقيقي تبديلي“ جي پروگرام جو سبب ٿيندو. هي ته ان نظريي جي پيداوار هوندا ته ورهين کان هلندڙ سياسي ڪلچر کي تبديل ڪري گڊ گورننس وسيلي عام ماڻهن جي زندگي ۾ بامعنيٰ تبديلي آڻجي، سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪجي، سنڌ جي هر لحاظ کان واهر ڪجي. سو پروگرام ته واضح آهي ته هن ڪلاس جا ماڻهو ”مثبت حقيقي تبديلي“ جي لاءِ ايندا ۽ رڳو اهو نه پر انهن جي چونڊن ۾ اگر ڪاميابي ٿي ته اها خود اسان جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جو پهريون ڏاڪو هوندي. باقي ان تبديلي جي پروگرام جا تفصيل ۽ مول متا ظاهر آهي ته ان ڪلاس جي ماڻهن پاران چونڊيل ڪا ڪاميٽي ئي ڪندي. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته ڪا نئين سياسي پارٽي ٺهڻ گهرجي، شايد انهن دوستن جو ڌيان ان ننڍڙي نقطي ڏانهن ناهي ويو ته اگر سڄي سنڌ ۾ ووڪل ڪلاس جا نمائندا چونڊن ۾ بيهندا ته فطري طور هو ڪنهن هڪ Nucleus(مرڪز) سان ته ظاهر آهي جڙيل هوندا. انهن جو ڪو نه ڪو ته Organisational (تنظيمي) نيٽ ورڪ ته ضرور هوندو، باقي اگر ڪنهن جو خيال آهي ته روايتي طور هڪ ٻئي سياسي پارٽي جڙڻ کپي، ته دوستن کي ضرور همت ڪرڻ کپي، پر هڪڙي ڳالهه صرف ياد رهي ته سنڌ ۾ جيتريون سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ موجود آهن، اوترا شايد ئي باقي ٽن صوبن ۾ هجن. سو سنڌ سياسي پارٽين/گروپن جي حوالي سان ماشاءَ الله اڳ ۾ ئي خود ڪفيل آهي، پر اگر ان ۾ ڪو دوست اضافو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪنهن کي به ڇو اعتراض هوندو!! اتي هڪ ٻئي ڳالهه جو به ذڪر ڪندو هلان، جو تبديليءَ لاءِ ووڪل ڪلاس واري سوچ کي غلط قرار ڏيڻ لاءِ ماضي ۾ جڙيل ايس ڊي اي جو مثال ڏنو وڃي ٿو. اها هڪ بنهه معصوم سوچ آهي، ڇاڪاڻ ته ايس ڊي اي موجوده سياسي ڪلچر منجهه موجود انهن ماڻهن جو اتحاد هو، جيڪي پ پ پ مخالف سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن جي سياست جو محور پ پ پ جي متبادل طور اڀرڻ هو پر اهو قطعي نه هو ته اهي هاڻوڪي سياسي ڪلچر کي تبديل ڪندا ۽ اهو ان ڪري ممڪن به نه هو، جو هو پاڻ ان ڪلچر جو ئي حصو هئا، سو ووڪل ڪلاس واري سوچ کي ايس ڊي اي سان ڀيٽڻ معصوماڻي زيادتي هوندي.

    مون مٿي ڄاڻايل اعتراضن/سوالن جا ڪجهه جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه اعتراض يا سوال اڃا به هوندا، پر جيڪا ڳالهه اطمينان جوڳي چئجي ته سنڌ ۾ آهستي آهستي اهو اتفاق راءِ نظر اچي پيو ته Sindh deserve better and for that we need to change our political culture(سنڌ چڱائيءَ جي حقدار آهي ۽ ان لاءِ اسان کي سياسي ڪلچر جي تبديلي گهرجي. ) سنڌ، جنهن کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جمهوريت پسند ۽ سياسي جاڳرتا جي حوالي سان باشعور مڃيو وڃي ٿو، سان هاڻ گهڻي ٿي ويئي، سنڌ هڪ تبديليءَ جي گهرجائو آهي، پوءِ اها تبديلي ووڪل ڪلاس جي پاڻ سياست ۾ بهرو وٺڻ سان اچي، ڀلي ڪا ٻئي پارٽي اهو ڪم ڪري يا ڀلي هاڻوڪي حڪمران پارٽي يعني پ پ پ، جنهن کي عوام چونڊيو آهي، سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ جو آغاز ڪري يا اگر سرخ، نيلي يا پيلي انقلاب ذريعي اهڙي ڪا تبديلي اچي ته به منهنجي اکين تي، ڇاڪاڻ ته ضد اهو ناهي ته مثبت تبديلي ڪير ٿو آڻي، خواهش اها آهي ته اسان جي سياست عوام دوستي جي اصل روح موجب هجي. جيڪو به حڪومت ۾ اچي، ان وٽ سنڌ جي ڏکن ۽ دردن جي تدارڪ جو نه صرف فهم هجي، بلڪه نيت به هجي، سو اسان جي دانشمند دوستن کي هر جواب لاءِ هڪ سوال ڳولهڻ يا هر حل مان مسئلو ڳولهڻ يا هر عمل پويان سازش ڪڍڻ بدران گڏجي ڪا اهڙي ڪاوش ڪرڻ گهرجي، جيئن سنڌ جي ان آواز ته ”سنڌ جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي گهرجي“ کي هاڻ ڪير دٻائي نه سگهي.

    مسئلو اهو ناهي ته اسان جي ووڪل ڪلاس جا ماڻهو اليڪشن ذريعي تبديلي واري فارمولي سان سهمت ٿين، پر گهٽ ۾ گهٽ چوطرف نظر ايندڙ غلط ڪمن، فيصلن ۽ عملن کي ڏسي پنهنجي اندر اها سوچ ضرور آڻين ته Enough is enough(هاڻ گهڻو ٿيو) ۽ اها خواهش به مضبوط ڪن ته هي سڀ ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو. هر غلط ڪم ڪندڙ ڪاموري، سياستدان يا ڀوتار کي ووڪل ڪلاس جي هر ماڻهو جي اکين ۾ اهو صاف لکيل نظر اچڻ کپي ته کين ”تبديلي کپي“، هر غلط فيصلو مجبوري سبب قبول ڪرڻ مهل هر ووڪل ڪلاسي جي دل ۾ اهو عزم پختو ٿيڻ کپي ته ”تبديلي کپي“، هر ظلم ۽ ناانصافي ڏسي چهري تي اهو صاف لکجي اچي ته ”تبديلي کپي“. سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجي ٻارن کي پڙهايو ويندڙ مدي خارج نصاب ڏسي، پوليس واري هٿان ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي پٽڪي لهندي ڏسي، روينيو رڪارڊ ۾ هير ڦير جو ٻڌي، هيپاٽائيٽس مرض سبب ڪنهن کي مرندي ڏسي، پاڻي جي اڻاٺ سبب بيٺل فصل سڪندي ڏسي، ماحولياتي گدلاڻ سبب ڳوٺن جا ڳوٺ مرضن ۾ ورتل ڏسي، اٽي جي لپ لاءِ لاچار، ويلا ڪٽيندڙ ڪٽنب جو درد ڏسي، جرڳن ۾ ڀوتارن آڏو پٽ تي ويٺل اٻوجهه ماڻهن جي بيوسي کي محسوس ڪندي، سڱ چٽي ۾ معصوم نياڻين جي مستقبل جو فيصلو ٿيندي ڏسي، غرض ته هر ان ڪڌي ڪم کي ڏسي، جنهن سان دل ڀرجي اچي، اکيون آليون ٿي وڃن، ان مهل هڪ دفعو پنهنجي پاڻ کي وڏي آواز ۾ اهو ضرور چوڻ گهرجي ته، ”تبديلي کپي“ ۽ يقين رکجي ته اها تبديلي اچڻ ناممڪن ناهي.

    ڪنهن صحافي دوست مون کي چيو ته، ”توهان هرو ڀرو گهڻو جذباتي پيا ٿيو، سنڌ ۾ جن ماڻهن کي توهان ووڪل ڪلاسي چئو ٿا، اهي پاڻ تبديلي لاءِ نه ايترا تيار آهن، نه ئي گهڻو پريشان آهن“. ٿي سگهي ٿو، ان دوست جو خيال صحيح هجي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اها راءِ بنهه غلط هجي. بدقسمتي سان اسان وٽ آمريڪا يا يورپ جيان راءِ عاما بابت صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي مستند ادارا موجود ناهن، جيڪي سروي بعد عوامي راءِ ٻڌائي سگهن، پر ان ڏس ۾ اهو ضرور ٿي سگهي ٿو، هر شهر ۾ ڪنهن هڪ يا ٻن هنڌن تي، پوءِ اهو هنڌ شهر جي وچ ۾ ڪا هوٽل، ڪو دڪان، ڪا لائبريري، غرض ته ڪا به اهڙي جڳهه جتي هر شهري جي پهچ هجي، اتي هڪ رجسٽر رکجي، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل هجي ”تبديلي کپي“ هر اهو ووڪل ڪلاس جو شهري جيڪو تبديلي چاهي ٿو، اهو وڃي ان رجسٽر ۾ پنهنجو نالو ۽ شناختي ڪارڊ نمبر لکي اچي ۽ پندرهن ڏينهن يا مهيني بعد ڏسجي ته ان شهر جا ڪيترا ماڻهو پاڻمرادو هلي وڃي تبديلي لاءِ پنهنجو نالو لکرائي يا لکي اچن ٿا. اتي اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته اگر اهو رجسٽر کڻي ڪجهه ووڪل ڪلاسي شهرين جي در در وڃي نالا لکيا ته ان Concept (تصور) جو مفهوم ئي فوت ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته ڏسڻو اهو آهي ته ڪيترا ماڻهو تبديليءَ لاءِ ڪيترو سنجيده آهن، ڇاڪاڻ ته اگر ڪو ووڪل ڪلاسي پنهنجي گهران سيڙجي اچي، ان رجسٽر تي پنهنجو نالو لکڻ جي به زحمت نٿو ڪري ته ٿي سگهي ٿو ته هو تبديلي جو خواهشمند ضرور هجي، پر هو ان آسري ۾ آهي، ته اها تبديلي کيس ڪو ئي مسيحا گهر ويٺي آڻي ڏيندو.

    اگر ووڪل ڪلاس (تبديلي جا خواهشمند) ”تبديلي کپي“ واري رجسٽر تي وڏي تعداد ۾ وڃي پنهنجو نالو لکيو ته ظاهر آهي ته ان سان ڪو فوري انقلاب نه اچي ويندو، پر اگر هزارين، لکين ماڻهن سڄي سنڌ ۾ اهڙو عمل ڪيو ته ان عمل کي تبديليءَ ڏانهن پهرين وک ضرور سمجهي سگهبو. ان سان ٻه ٽي ٻيون مثبت ڳالهيون به ٿي سگهنديون، هڪ اهو ته ان ڳالهه جو ووڪل ڪلاس کي به اندازو ٿيندو ته هو سڄي سنڌ ۾ ڪيتري انگ ۾ موجود آهن ۽ گڏوگڏ جمود جي حامي قوتن کي به اندازو ٿيندو ته تبديلي چاهيندڙن جو انگ ڇا آهي ۽ اهو عمل ورهين کان موجود اسان جي سياسي ڪلچر جي خلاف هڪ ريفرنڊم ٿي پيو سگهي. اگر ائين ٿيو ته ان کي ڪنهن حڪومت يا پارٽي يا سياسي فلسفي جي خلاف يا حق ۾ ريفرينڊم يا راءِ قرار نه ڏبي، بلڪه اها سڄي سنڌ جي اجتماعي سوچ جي عڪاسي هوندي، جنهن مان ڪا حڪومت ۽ ڪا پارٽي به فائدو وٺي حقيقي مثبت تبديلي لاءِ جاکوڙي پئي سگهي. اگر آئون Optimistic (پراميد) ٿي سوچيان ٿو ته ڪنهن هڪ شهر ۾ هڪ هنڌ رکيل رجسٽر تي وڃي پنهنجو نالو لکڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، بلڪه بنهه سولو آهي، پر اگر آئون Pessimist ) نا اميد) ٿي سوچيان ٿو ته نظر اچي ٿو ته، هر ڪو سوچيندو ته 50 يا 100رپين جو رجسٽر ڪو ٻيو ڇو نٿو وٺي يا آئون رجسٽر ڇو پنهنجي هوٽل/دڪان تي رکان، ڪو ٻيو ڇو نٿو رکي يا هر ٻيو ماڻهو اهو ئي سوچيندو ته تبديلي آئي ته سڀني لاءِ ايندي، آئون ڇو سيڙجي وڃي نالو لکان؟ وغيره وغيره.

    آمريڪا جي سول حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جي مشهور تقرير “I have a dream” جو حوالو ڏيندي ڪجهه سال اڳ هڪ مضمون ۾ لکيو هئم ته، سنڌ جي خوشحالي منهنجو به خواب آهي ۽ اڃا به منهنجو ۽ لکين سنڌ واسين جو اهو خواب ٽٽو ڪونهي، پر ڪنهن ڏاهي چواڻي ته، ”خوبصورت خواب اهو ناهي جيڪو توهان ننڊ ۾ ڏسو، بلڪه اهو آهي، جنهن جي ساڀيان جي خواهش ۾ توهان کي ننڊ نه اچي“.

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    آخر مسئلو ڇا آهي؟





    اربع 24 ڊسمبر 2008ع

    اسلام آباد جي سرد شام ۾ حڪومتي ڪار وهنوار کان مايوس نظر ايندڙ پي پي پي جي سينيئر اڳواڻ کان ڪچهريءَ دوران پڇيم ته، ”جيڪر محترمه بينظير حيات هجي ها ته هاڻوڪي ڪابينا ۾ شامل ڪهڙا وزير نه هجن ها، منهنجو مطلب ته هڪ يا ٻه وزير هيڏانهن يا هوڏانهن، باقي ته لڳ ڀڳ اها ئي ڪابينا هجي ها نه؟ ان اڳواڻ مون سان اتفاق ڪيو ته واقعي جيڪڏهن محترمه حيات به هجي ها ته بابر اعواڻ، شيري رحمان، رحمان ملڪ، خورشيد شاهه، نويد قمر، مخدوم امين فهيم، راجا پرويز اشرف، رضا رباني سوڌو اڪثر وفاقي وزير اهي ساڳيا ئي هجن ها، جيڪي اڄ آهن ۽ اگر ڪنهن قانوني/سياسي رنڊڪ سبب محترمه بينظير پاڻ وزير اعظم نه ٿي سگهي ها، تڏهن به عارضي وزير اعظم طور سندس چوائس آفتاب شعبان ميراڻي يا يوسف رضا گيلاني ئي هجي ها. سندس ڳالهه ٻڌي پڇيومانس ته، ”آخر مسئلو ڇا آهي، جو حڪومتي ڪار وهنوار تي ته خود پ پ حلقن اندران به آڱريون کڄن پيون؟“ چوڻ جو مقصد اهو هو ته سرڪار هلائيندڙن ۾ هڪ ٻن کي ڇڏي سڀ تجربيڪار ۽ اقتداري راند جا پراڻا رانديگر آهن، پوءِ انهن جي ڪارڪردگي ايتري متاثر ڪندڙ ڇو ناهي؟

    ڪنهن به حڪومت جي شروعاتي 6 کان 10 مهينن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو عرصو حڪومت Smooth Sailing )لوڏن بنا، سڌو ترڻ ) ڪندي، خاص ڪري هاڻوڪي چونڊيل سرڪار، جيڪا هڪ ڊگهي آمريت ۽ پوءِ نيم آمريتي دور کان پوءِ آئي آهي، جنهن کي ڀلي اليڪشنز ۾ ڳرو مينڊيٽ نه مليو هجي، پر هن حڪومت جي پاڙن ۾ محترمه بينظير جي شهادت جي ڳري اخلاقي /سياسي سگهه شامل آهي، پوءِ هاڻوڪي حڪومت پنهنجي ”هني مون“ واري عرصي ۾ ئي ڇو پئي لوڏا کائيندي نظر اچي، آخر مسئلو ڇا آهي؟ اقتداري سياست جا لاها چاڙها ڏسي وار اڇا ڪندڙ پي پي پي جي سياستدانن جي انداز حڪمراني تي مخالف ته ڇڏيو، پر خود پارٽي جا اڳواڻ ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ ڪيترائي وزير آخر ڇو ذاتي ڪچهرين ۾ مايوس ۽ پريشان نظر اچن پيا؟ توهان اسلام آباد يا ڪراچي جي ڪنهن باخبر صحافيءَ سان ڳالهايو يا ڪنهن ڄاڻو سياستدان يا ڪاموري سان ڪچهري ڪريو، توهان کي حڪومت بابت ڪي گهڻا مثبت رايا ٻڌڻ ۾ نه ايندا ۽ سينيئر صحافي شاهين صهبائي سوڌو ٻين ڄاڻو ماڻهن هاڻي کان ئي حڪومتي مستقبل بابت اڳڪٿيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن. سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته معاملا حڪومتي گرفت ۾ ڇو نه پيا اچن، آخر مسئلو ڇا آهي؟

    گذريل 8 مهينن جي حڪومتي ڪارڪردگي بهتر نه هجڻ بابت مختلف حڪومتي ذميوارن جو ميڊيا ذريعي يا ذاتي ڪچهرين دوران سامهون آيل موقف اهو هجي ٿو ته گذريل 9 سالن جي آمريتي دور جو گند ايتري ٿوري عرصي ۾ ڪيئن صاف ٿو ٿي سگهي ۽ ٻيو اهو ته عوام کي نئين چونڊيل حڪومت مان ايتريون گهڻيون اميدون آهن، جو اهي سڀ فوري طور پوريون ڪرڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي. انهن ٻنهي نقطن ۾ وزن آهي، پر ان کان به وڌيڪ وزن انهن ٻن ڳالهين ۾ آهي ته حڪومت ماضي جي دور جي ڪافي معاملن کي پنهنجي ڪلهي تي ڇو پئي کڻيو هلي؟ آمريتي دور جي گندگي کي آمريت سان گڏ دفن ڇو نه ڪيو ويو؟ آخر ڇو حڪومت ان گند کي نئين ٿيلهي ۾ وجهي پاڻ سان گڏ کنيو پئي هلي؟ ٻي ڳالهه اها ته ڪروڙين ماڻهن کي ئي چونڊيل حڪومت مان صرف سرڪاري نوڪري يا ڪنهن ٽرانسفر پوسٽنگ جي اميد نه هئي/آهي. بلڪه وڏي ڪينواس تي ڏسبو ته ڪروڙين ماڻهن جا انيڪ مسئلا، پريشانيون، مصيبتون، فرسوده طريقهءِ حڪمراني جي تبديلي سان جڙيل آهن. ڪروڙين ماڻهن جي اميد حڪمراني جي انداز ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ سان جڙيل هئي/آهي. اتي اها ڳالهه ضرور مڃجي ته اهي بنيادي قسم جا سڌارا به ڪو هڪ ڏينهن ۾ نٿا اچي سگهن، پر جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي سا اها ته، انهن سڌارن يا رفارمز ڏانهن پهريون وکون به بدقسمتيءَ سان کڄندي نظر نٿيون اچن ۽ وري اهو سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته جڏهن اهليت به هجي، تجربو به هجي ته پوءِ عوامي امنگن موجب ڪنهن Vision (تصور ) سان حڪومت ڪرڻ بدران Day to day basis (ڏينهون ڏينهن واري بنياد) تي حڪومتي ڪار وهنوار ڇو پيو هلايو وڃي. آخر مسئلو ڇا آهي؟

    ملڪ جي بنيادن ۾ زهر ڀري ڇڏڻ جو اعزاز رکندڙ جنرل ضياءُ الحق جي طويل آمريت جي خاتمي کانپوءِ 1988ع ۾ جڙيل پي پي حڪومت جو 18 مهينن ۾ خاتمو ملڪي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي، جو ڪنهن چونڊيل حڪومت کي ايتري مختصر عرصي ۾ هٽايو وڃي. اهو هاڻ ڪو راز ناهي، ته 1988ع ۾ پي پي پنهنجي سموري مقبوليت ۽ کيس حاصل عوامي مڃتا جي باوجود ڳرن شرطن عيوض حڪومت ورتي هئي، پر انهن شرطن کي مڃڻ جي باوجود پي پي حڪومت کي صرف 18 مهينا هلڻ ڏنو ويو. اڄ به جيترا شرط پي پي تسليم ڪري اقتدار ۾ آئي آهي ۽ جن شرطن جي پوري ڪرڻ سبب حڪومت شديد ڏکيائين ۾ آهي، ان جي باوجود ڇا حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو ويندو؟ يا بقول هڪ صحافيءَ جي ته مختصر ترين چونڊيل حڪومت جو نئون رڪارڊ به پي پي کي ئي ڏيڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون آهن؟ هڪ باخبر سياستدان سرٻاٽ واري انداز ۾ مون کي چيو ته 6 مهينن کان خاموش ويٺل ملڪ جي ”اصلي مالڪن“ تازو هڪ ڀيرو وري اسيمبلي ميمبرن ۽ سياستدانن سان ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اسلام آباد جي هڪ باخبر صحافيءَ جو چوڻ هو ته حڪومتي اتحادي مولانا فضل الرحمان کي زمينن جي مبينا الاٽمينٽ يا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڌيءَ فرح ڏوگر جي مبينا غلط داخلا واري اسڪينڊل جا دستاويز ۽ تفصيل جن ”ذريعن“ وٽان آيا آهن، انهن ”ذريعن“ تائين پهچ هر ڪنهن، جهڙي تهڙي صحافيءَ جي وس جي ڳالهه ناهي. ان صحافيءَ چواڻي ته، اڃا ڪجهه ٻيا اهڙا اسڪينڊل سامهون اچڻا آهن، جن جي ڪري حڪومت آڏو اخلاقي حوالي سان پنهنجي پوزيشن جو دفاع هڪ وڏو چئلينج هوندو. ان صحافيءَ جي ڳالهه اگر صحيح ثابت ٿي ته پوءِ ان ڳالهه جو خدشو وڌي ويندو ته حڪومت ۽ ميڊيا وچ ۾ ٽڪراءُ جي صورتحال پيدا ٿي ويندي، جيڪو پڻ حڪومت خلاف ڪم ڪندڙ ڌرين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، پر ملين ڊالرز جو وري سوال اهو ئي آهي ته اقتداري سياست جو ڊگهو تجربو رکندڙ پي پي حڪومت جي پنهنجي خلاف ٿيندڙ محلاتي سازشن کي اڳتي وڌي روڪڻ بدران ”جڏهن ٿيندو، تڏهن ڏسنداسين“ واري روش ڇو اختيار ڪيل آهي؟ آخر مسئلو ڇا آهي؟

    جيتوڻيڪ ممبئي ڌماڪن کانپوءِ پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ڳڻتيءَ جوڳي سطح تي پهچي وئي هئي، پر سمجهو قسم جي تجزيا نگارن جو خيال آهي ته سرِ دست ٻنهي ملڪن ۾ باقائده جنگ جو هروڀرو امڪان ناهي ۽ هڪ باخبر ڪاموري چواڻي ته، ”هي ميلو لڳو ئي حڪومت جو ٽوال چوري ڪرڻ لاءِ آهي.“ ان ٿيوري جي پويان منطق اهو پيو ٻڌايو وڃي ته اسان جي تاريخ ۾ مارشل لا ڪجهه سالن جي وٿي ڏئي يا کڻي چئجي ته ساهي پٽي پوءِ لڳندي آهي. مثال طور ضياءَ الحق، يحيٰ خان کانپوءِ 5 يا 6 سال ڇڏي مارشل لا هنئي يا بعد ۾ پرويز مشرف 11 سالن کانپوءِ اقتدار ۾ آيو. سو هاڻ جڏهن مشرف راڄ کي ختم ٿئي ڪجهه مهينا ئي مس ٿيا آهن ته تڪڙ ۾ وري ڪيئن سويلين حڪومت جا ٽپڙ ويڙهبا؟ جيتوڻيڪ ايوب خان کان وٺي پرويز مشرف تائين مارشل لڳائڻ جو جواز سياستدانن جون ناڪاميون ڳڻائي ملڪي سالميت کي خطرو ڄاڻايو ويندو هو، سو هاڻ جڏهن ملڪي سالميت بابت طرح طرح جون ڳالهيون واقعي به ٿي رهيون آهن. هر عام و خاص پاران ملڪي سالميت جي حوالي سان مختلف خدشا ۽ انومان ظاهر پيا ڪيا وڃن ته پوءِ هروڀرو سالن جي وٿي ڪير ڇو ڏيندو؟ ٻي ڳالهه اها آهي ته هاڻ جڏهن آمريڪا عراق مان هٽي پنهنجو سڄو فوڪس افغانستان تي آڻي رهيو آهي، ته تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته آمريڪا کي به سدائين اهڙن موقعن تي پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ درد ختم ٿيو وڃي ۽ هو به ڪنهن هڪ، پر سگهاري ماڻهوءَ سان معاملات هلائڻ ۾ وڌيڪ سهولت محسوس ڪندا آهن.

    اقتداري حلقن ۾”ڍاڪا فارمولا“ نالي هڪ ٿيوري به زماني کان گردش ۾ آهي، يعني جيئن گذريل ٻن اڍائي سالن ۾ بنگلاديش ۾ فوج ايمرجنسي لاڳو ڪرائي اتي جي چيف جسٽس کي ظاهري طرح حڪومتي واڳون ڏئي پاڻ پردي جي پويان ويهي ڪار وهنوار هلائي رهي آهي، تنهن فارمولا کي ڪاپي ڪرڻ جي باز گشت اقتداري مارڪيٽ ۾ هلندڙ آهي. ٻئي طرف وري هڪ قومي حڪومت جوڙڻ جي ٿيوري گردش هيٺ آهي. ان ڏس ۾ ڪنهن کان سوال ڪيم ته هن مهل به سواءِ ”ق“ ليگ جي، سموريون اهم پارٽيون اقتدار ۾ آهن، ته پوءِ قومي حڪومت سان ڇا ٿي ويندو؟ ته جواب اهو مليو ته، ”صدر، وزير اعظم سوڌو اهم وزارتون هڪ پارٽي وٽ آهن ۽ ٻيون پارٽيون ان پارٽي جي حڪومت ۾ اتحادي پارٽيون آهن، سو ان کي قومي حڪومت ڪيئن چئبو؟“ انهن ٽنهي ڳالهين يعني سڌي ريت مارشل لا يا ڍاڪا فارمولا معنيٰ اڻ سڌي مارشل لا يا ڏنڊو هلائي آئين ۾ رهندي قومي حڪومت وارين ٽنهي ڳالهين سان سڌي ريت متاثر ٿي، ته ظاهر آهي ته پي پي ئي ٿيندي پر ٻئي وڏي ملڪي پارٽي ميان نواز شريف جي مسلم ليگ کي به ڪو فائدو ٿيندي نظر نٿو اچي، سواءِ ان جي ته قومي حڪومت واري آپشن ۾ 6 مهينن اندر چونڊون ڪرائڻ جي کيس خاطري ڪرائي وڃي. مٿي ڄاڻايل مختلف ٿيوريز ٿي سگهي ٿو سڀ غلط هجن پر اهي ڳالهيون ڪنهن به حڪومتي دور جي شروعاتي 6 يا 8 مهينن دوران ناهن ٿينديون ۽ منهنجي سوئي انهيءَ سوال تي اٽڪيل آهي ته ”آخر مسئلو ڇا آهي؟“

    آخر هن حڪومت اهڙو ڇا ڪيو آهي يا کڻي ائين چئجي ته هن حڪومت کان اهي ڪهڙيون غلطيون پيون ٿين، جو ان جي روانگي جا قصا مارڪيٽ ۾ گردش هيٺ اچي ويا آهن؟ شايد ڪنهن پڙهندڙ جي ذهن ۾ مٿي ڪيل ڳالهيون پڙهي اهو سوال اڀري ته حڪومت رهي ٿي يا وڃي ٿي، ان سان ڪو مسئلو آهي يا نه، ان سان منهنجو (لکندڙ جو) ڇا وڃي ۽ آخر منهنجو مسئلو ڇا آهي؟ ان جي وضاحت اها ڪندو هلان ته مبينا تبديلي واريون جيڪي خبرون بازگشت ڪن پيون، ان ۾ سنڌ جي حوالي سان جيڪي سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ اچن پيا، اهي ڏاڍا ڀوائتا آهن. ائين ناهي ته ڪو اڄ سنڌ کي ان جا سمورا حق ملي رهيا آهن يا چوطرف چمن ٿي ويو آهي پر مستقبل جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي پئي وڃي، اها بنهه خراب ڏسجي پئي. ايندڙ منظر نامي ۾ ڪو ڀوتار اچي اسان جي مٿي ۾ لڳي سگهي ٿو يا ارباب رحيم حڪومت ٽائيپ ڪا فلم وري سنڌ جي ڳچي ۾ فٽ ٿي سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي جاگرافي سان هٿ چراند ڪرڻ سوڌو ڪيترائي ٻيا مسئلا سنڌ لاءِ تيار ٿي سگهن ٿا. اسان وٽ بدقسمتي سان ڪا متبادل سياسي قيادت/پليٽ فارم آهي ڪونه، جو کڻي ان جو آسرو هجي. اسان وٽ يا پي پي آهي جيڪا محترمه بينظير جي شهادت کانپوءِ اڃان بطور پارٽي پنهنجي بحران مان ناهي نڪري سگهي يا پوءِ ڀوتار آهن، جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اشاري تي ڪڏهن نواز ليگ تي ڪڏهن ”ق“ ليگ ۽ هاڻي وري جتي حڪم ٿيندو اتي هليا ويندا. اسان جي لاءِ هڪ وڏو ڏچو اهو به آهي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي ”ڪرتا ڌرتائن“ جو تعلق به سنڌ سان نٿو هجي، تنهن ڪري انهن کي به جي حضوري ڪندڙ ڀوتار وڻندا آهن. ڇا ان کي مذاق نه چئبو ته اسان جي ويجهي ماضي جي ٻن وڏن وزيرن کي صرف ان ڪري چيف منسٽري ملي جو انهن جي سفارش ٻن اڳوڻن جنرل ڪئي!! يعني صرف ان ڪري ته ڪنهن جنرل صاحب کي ڪو ڀوتار شڪار ٿو ڪرائي يا ڪنهن سان ذاتي تعلق هجي. ته ان ميرٽ تي سنڌ جي وڏ وزارت انعام طور ان ڀوتار کي ڏني وڃي ٿي. سو سنڌ کي پنجاب وانگر اها اميد به ڪونهي ته حڪومتي تبديلي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ سنڌ سان ماضي کان بهتر ته ٺهيو پر ويتر خراب حشر نه ڪندي.

    آئون سمجهان ٿو ته هاڻوڪي حڪومت جو ڪو هڪ مسئلو ناهي، بلڪه مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:

    (1) اقتدار وٺڻ لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي سگهارين قوتن سان ڪيل ڪميٽمينٽس نڀائڻ سبب پيدا ٿيل مسئلا.

    (2) حڪومت مخالف قوتن پاران پيدا ڪيل مسئلا.

    (3) پنهنجي هٿ سان پيدا ڪيل مسئلا.

    اگر پاڻ هاڻوڪي حڪومت آڏو آيل مختلف مسئلن جو جائزو وٺنداسين ته اهي مٿي ڄاڻايل ٽن نقطن جي دائري ۾ ئي نظر ايندا، پر سوال اهو آهي ته اقتدار وٺڻ خاطر مڃيل شرطن سبب پيدا ٿيل مسئلا يا مخالفن طرفان پيدا ڪيل مسئلا ته سمجهه ۾ اچن ٿا پر پنهنجي لاءِ پاڻ جيڪي مسئلا هن حڪومت پيدا ڪيا آهن، انهن جو ڪهڙو منطق آهي؟

    سنڌ جي هڪ ضلعي ناظم، جيڪو سنڌ جي هڪ اڳوڻي وڏي وزير جو ويجهو دوست تصور ڪيو ويندو هو، مون کي چيو ته، ”توهان چيف منسٽر صاحب کي صلاح ڏيو ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي.“ جواب ۾ عرض ڪيومانس ته، ”اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل کي صلاح ڏيندڙ پاڻ وڏو بيوقوف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪمران اهو سمجهندو آهي ته هو عقل ڪل آهي ۽ اگر کيس صلاح ڏيندڙ ان کان وڌيڪ عقل رکندڙ هجي ها ته اقتداري ڪرسي تي ان جي جڳهه تي صلاح ڏيندڙ نه ويٺل هجي ها؟“ هن ناظم صاحب مون کي موٽ ۾ حڪمرانن کي صلاح ڏيڻ جا درباري آداب سيکاريندي چيو ته، صلاح ڪجهه ان ريت ڏجي، ”جناب اعليٰ، جيئن ته توهان پاڻ تمام ڄاڻو، مدبر ۽ اڪابر آهيو ۽ توهان کي پاڻ اڳ ۾ ئي ڄاڻ هوندي ته فلاڻي مسئلي لاءِ ڇا ڪجي، پر منهنجي ناقص عقل موجب اگر.....“ سندس ڳالهه کلندي ٽاري ڇڏيم پر دل ۾ سوچيم ته اهي درباري آداب ۽ پروٽوڪول ايندا هجن ها ته حڪمران ناراض ڇو رهن ها؟ پنهنجي ٽين ايج کان صحافت جي شعبي ۾ 22 سالن جي تجربي مان اها ڳالهه سکي اٿم ته هڪ پروفيشنل صحافي کي اقتدار ۾ ويٺل کي اجايون صلاحون ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ کپي، تنهن جي ڪري ڪا صلاح ڏيڻ کان پاسو ڪندي اهو ضرور گوش گذار ڪندس ته اهو Perception (تصور) ئي هوندو آهي، جيڪو ڪنهن ليڊر يا پارٽي کي عوام ۾ مقبول ڪندو آهي، پر وري اهو Perception (تصور) ئي هجي ٿو، جيڪو ڪنهن حڪومت کي ناڪام بڻائي ٿو ۽ اتي اهو به ضرور سمجهڻ کپي ته صرف ميڊيا ڪنهن جو Perception سٺو يا خراب نٿي ڪري سگهي بلڪه Performance (ڪارڪردگي) ۽ Will to perform (ڪمن جو ارادو/مرضي) دراصل مثبت Perception (تصور) جي ضمانت هجي ٿو. اڄ نه 80ع ۽ نه ئي وري 90ع جو ڏهاڪو آهي، بلڪه اسين 2009ع ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ اڄ جي دنيا ۾ طرز حڪمراني تبديل ٿي چڪي آهي. ڪا فوجي يا نيم فوجي حڪومت ته ان ڪري اختيارن جي مرڪزيت سان هلي ٿي، جو ان جي طاقت جي محور اها ڪمانڊ ئي هجي ٿي، جيڪا حڪومت تي قبضو ڪري ٿي. تنهن ڪري سڄي حڪومتي سرشتي لاءِ اختيارن جو سرچشمو يا Source (وسيلو ) اهو هڪ شخص ئي بڻجي ٿو، پر عوامي/سويلين سيٽ اپ جي روح ئي اختيارن جي عدم مرڪزيت هجي ٿي. اڄ اهو دور ناهي ته ڪو وزير صاحب پنهنجي سيڪريٽري ۽ ٻن ڪامورن سان بند آفيس ۾ ويهي اهم فيصلا ڪري ميڊيا ذريعي عوام کي صرف ان جي ڄاڻ ڏئي ڇڏي. بلڪه اڄ سول سوسائٽي کي هر فيصلي ۾ (صرف نالي ماتر نه پر) حقيقي طور تي شامل ڪرڻ جو دور آهي. جمهوريت جو مطلب صرف ڪنهن صاحب جي گاڏي تي جهنڊو لڳڻ نه هوندو آهي، بلڪه عام ماڻهو کي اقتدار ۾ شرڪت جي احساس کي جمهوريت چئبو آهي.

    آئون سمجهان ٿو ته هاڻوڪي حڪومت آڏو انيڪ مسئلن جي هوندي به اڃا اها صورتحال نه جڙي آهي، جتان بهتري ڏانهن رخ نه موڙي سگهجي. ان حوالي سان 27 ڊسمبر جي ڏهاڙي تي حڪومت ۽ پارٽي جي سمجهدار ماڻهن کي پاڻ ۾ ويهي اهو ضرور ويچارڻ گهرجي ته ڇا سندن پارٽي ليڊر صرف هڪ يا ٻن سالن جي حڪومت لاءِ شهيد ٿي وئي؟

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اقتداري منظرنامو: سنڌ جو ڇا ٿيندو؟

    ڇنڇر 10 جنوري 2009ع



    جڏهن اهو چيو وڃي ٿو سولين حڪومت مضبوط آهي ته ان جو مطلب ڇا هجي ٿو؟ يا جڏهن اها دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪبو ته ان مان مراد ڇا هجي ٿي؟ ظاهر آهي ته انهن ٻنهي ڳالهين جو مطلب عوام جي حڪومت کي حاصل حمايت، ساٿ ۽ حڪومتي ڪاروهنوار ۾ عوامي خواهشن ۽ امنگن کي مڃتا ۽ اوليت ڏيڻ هجي ٿو. ڪا به سولين حڪومت ڀلي وٽس ڪيترائي اختيار هجن يا سندس هٿ وس ڪيترا ئي عهدا ڇو نه هجن، ان جي اصل سگهه يا مضبوطي کيس عوام جي حمايت يا عوامي مقبوليت مان ئي ملي ٿي ۽ جيئن ئي سندس مقبوليت گهٽجي ٿي ته کيس فارغ ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جا ڪجهه هٿياربند ڪافي هجن ٿا، ڇاڪاڻ ته ايوانِ صدر يا وزير اعظم هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان اسٽيبلشمينٽ کي ڪو اتان جي سيڪيورٽي وارا نٿا روڪي سگهن، بلڪه ان سولين حڪومت جي اها Myth (تاثر) روڪي ٿي ته اگر ان حڪومت کي فارغ ڪيو ويو ته عوام ۾ ان جو شديد ردعمل ٿيندو. اتي مثال طور پاڻ ميان نواز شريف جي 1999ع ۾ حڪومتي خاتمي کي اگر ڏسون ته ظاهري جواز اسٽيبلشمينٽ پاران اهو ڏنو ويو هيو ته ميان نواز شريف آرمي چيف پرويز مشرف کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سوال اهو آهي ته ساڳئي نواز شريف پنهنجي انهيءَ حڪومتي مدي دوران سال ڏيڍ اول جڏهن هڪ ٻئي آرمي چيف جنرل جهانگير ڪرامت کي جڏهن آفيس ۾ گهرائي کائنس استعيفيٰ وٺي کيس گهر موڪلي ڇڏيو هيو ته تڏهن مارشل لا ڇو نه لڳو؟ جهڙو پرويز مشرف آرمي چيف هيو، اوهڙو ئي آرمي چيف جهانگير ڪرامت به هيو، پر فرق صرف حالتن جو هيو. يعني جهانگير ڪرامت يا ان کان اڳ فاروق لغاري کي صدارتي عهدي تان فارغ ڪرڻ مهل يا چيف جسٽس سپريم ڪورٽ سجاد علي شاهه کي رخصت ڪرڻ مهل ميان نواز شريف جي مقبوليت جو گراف تمام مٿي هجڻ جو تاثر هيو، تنهن ڪري کيس هر فيصلو ڦٻي پئي ويو، پر جنرل پرويز مشرف کي هٽائڻ جي ڪوشش مهل نواز شريف حڪومت کان عوام لاتعلق ٿي ويو هو. ننڍن صوبن جو عوام ته سندس حڪومتي پاليسين مان مرڳو بيزار ٿي چڪو هو، سو مارشل لا لڳائيندڙن کي پڪ هئي ته ميان صاحب جي حڪومت جي خاتمي تي جيڪڏهن ماڻهن خوشيون نه به ملهايون ته به کين هروڀرو ڪو گهڻو ڏک به ڪو نه ٿيندو. آئون ائين نٿو چوان ته سويلين حڪومتن جي رخصتي يا مارشلائون لڳڻ ۾ بين الاقوامي ايجنڊا يا مرضي نٿي هجي، پر ڪنهن پاپولر حڪومت کي هٽائڻ کان اڳ غلط يا صحيح اهو تاثر تمام گهڻو پختو ٿيو وڃي ته عوام ان حڪومت مان بيزار آهي. اتي ان نقطي کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته اسان ٽين دنيا جي ملڪن ۾ حڪومتن جي تبديلي ۾ محلاتي سازشون ۽ اقتداري شطرنج جو ٺرڪ ٺڳيون به يقينن شامل حال هجن ٿيون، پر حڪمرانن کان بنيادي غلطي اها ٿئي ٿي ته هو رڳو آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ جي خوشنودي ۽ کين راضي رکڻ جي ڌن ۾ اهو وساري ويهن ٿا ته مٿي هڪ الله به آهي، جيڪو هر شيءِ تي قادر آهي ۽ ان جي خلق جي خوشنودي کي نظرانداز ڪري رڳو آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪري ڊگهو عرصو اقتدار ۾ رهڻ ممڪن نٿو هجي.

    گذريل سال چونڊن کانپوءِ جڏهن وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي وزير اعظم بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ڪي ٽي اين جي هڪ پروگرام ۾ پڇيو ويو ته اهو فيصلو ڪيترو صحيح آهي، جنهن جي جواب ۾ چيو هيم ته 1985ع ۾ ضياءُ الحق وزير اعظم سنڌ مان ٺاهڻ پئي چاهيو ۽ سندس مرضي الاهي بخش سومرو کي وزير اعظم بنائڻ جي هئي پر ضياءُ الحق جي سنڌ ۾ مضبوط اتحادي پير صاحب پاڳارو ان جي مخالفت ڪندي پنهنجي ماڻهو محمد خان جوڻيجو مرحوم جي سفارش ڪئي هئي، پر سال ڏيڍ جو عرصو مس گذريو ۽ جوڻيجو مرحوم کان پهرين پير صاحب پاڳارو کي تحفظات اڀريا ۽ پوءِ ضياءُ الحق 29 مئي 1988ع ۾ جوڻيجو حڪومت کي فارغ ڪري ڇڏيو. خود ڀٽو مرحوم، ضياءُ الحق کي 7 جنرلن مٿان ترقي ڏئي آرمي چيف ٺاهيو هو، ان کانپوءِ 1993ع جي حڪومت ۾ محترمه بينظير صاحبه صدر جي عهدي تي فاروق لغاري کي آڻي ويهاريو، جنهن پڻ هڪ سال اندر ئي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون ۽ آخر ۾ پنهنجي ئي ليڊر جي حڪومت کي فارغ ڪري ڇڏيو. 2002ع ۾ جنرل (ر) پرويز مشرف وزير اعظم طور چوڌري شجاعت جي سفارش تي بلوچستان جي ظفر الله جمالي کي چونڊيو پر وري ڪجهه مهينن اندر چوڌري ڀائر ئي ظفر الله جمالي کان ناراض ٿيا ۽ پوءِ پرويز مشرف جمالي صاحب کي گهر موڪلي ڇڏيو. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي ٿو ته هو ”پنهنجو ماڻهو“ اقتدار جي ڪنهن وڏي منصب تي ويهاريندو ۽ اهو ”پنهنجو ماڻهو“ اقتدار جو جام نوش ڪرڻ کانپوءِ ساڳيو ”پنهنجي ماڻهو“ وانگر تابعداري ڪندو جيئن هو ڪرسي تي ويهڻ کان اڳ ڪندو هيو ته اها هڪ بنهه سادي سوچ ۽ بادشاهي خيال هوندو. وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پاران ٽن اهم وفاقي سيڪريٽرين جي بدلي، ڪجهه سرڪاري ملازمن جي بحالي واري سمري تي صحيح نه ڪرڻ سوڌو ڪجهه ٻين اهم فائيلن تي صحيح کان انڪار سبب گذريل ٻن مهينن کان اسلام آباد ڪيترين ئي افواهن ۾ گهيريل هو، پر جنرل (ر) محمود علي دراني کي سلامتي معاملن واري صلاحڪار جي عهدي کان جيئن وزير اعظم فارغ ڪيو، ان سان هڪ طرف جتي ايوانِ صدر ۽ وزير اعظم هائوس ۾ وڌندڙ ويڇن کي اسلام آباد جي باخبر حلقن مان ڪڍي سڄي ملڪ لاءِ عام خبر بڻائي ڇڏيو آهي، اتي ئي ان عمل مان واشنگٽن ۽ راولپنڊي ۾ به ”معاملن“ تي مڪمل ”هم آهنگي“ گهٽجڻ جو اشارو ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته دراني جي واشنگٽن سان واسطن ناتن جي تاريخ ڪافي پراڻي آهي. سو انڪل سام جي ماڻهو کي بيٺي پير نوڪري مان تڙي ڪڍڻ پويان صرف ذاتي ناراضگي جو سبب هروڀرو هضم نٿو ٿئي. ساڳئي ريت ان عمل مان اهو اخذ ڪرڻ به هوائي ڳالهه نه هوندي ته گيلاني صاحب پويان هاڻ صرف پارليامينٽ نه پر ملڪ جي هڪ وڏي اداري جي حمايت به وڌي وئي آهي. جيتوڻيڪ صدارتي ترجمان اها وضاحت ڪئي آهي ته دراني کي وزير اعظم گيلاني، صدر آصف علي زرداري جي صلاح سان هٽايو آهي ۽ هي مضمون ڇپجڻ تائين اهڙا ٻيا ترديدي بيان به اچي وڃن ۽ انهن بيانن تي پاڻ يقين به ڪري وٺون، پر ان ڳالهه تي يقين اچڻ ڏکيو آهي ته اقتدار جي ڪرسي تي اچڻ کانپوءِ ”پنهنجو ماڻهو“ سدائين لاءِ ائين ”پنهنجو ماڻهو“ رهي سگهي ٿو، جيئن هو اقتداري ڪرسي تي ويهڻ کان اڳ هو.

    اسان جي ملڪ ۾ جڏهن به سينيٽ جي چونڊن جي موسم اچي ٿي ته پاڻ سان گڏ افواهن جو طوفان به آڻي ٿي، سو جيئن جيئن مارچ جو مهينو ويجهو اچي پيو ته مختلف ٿيوريز به سياسي مارڪيٽ ۾ تيزي سان گردش ۾ اچن پيون، پر انهن ٿيوريز کي ملڪ ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي Events (واقعن) سان جوڙي ڏسبو ته سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي. مثال طور هڪ ٿيوري صدارتي اختيار گهٽائي مضبوط وزير اعظم واري پارلياماني نظام واري آهي، جنهن ٿيوري کي نواز ليگ پاران 12 جنوري تي سترهين ترميم جي خاتمي لاءِ بل آڻڻ واري اعلان سان ڳنڍي ڏسڻ گهرجي. ڇا وزير اعظم گيلانيءَ لاءِ ان بل جي مخالفت ڪرڻ آسان هوندو، جنهن بل سبب هو تمام گهڻو بااختيار ٿي ويندو؟ پر ڇا آصف علي زرداري صاحب ايوانِ صدر ۾ هڪ بي اختيار ۽ علامتي قسم جو صدر طور رهڻ لاءِ ان عهدي تي آيو آهي؟ سو ڇا جوابي ڪارروائي طور پنجاب حڪومت ۾ هٿ ڳنڍبا ته جيئن نواز ليگ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت بچائڻ ۾ مصروف ٿي سگهي؟ پارليامينٽ ۽ ميڊيا ۾ پ پ حڪومت 17 هين ترميم جي خاتمي جي مخالفت ڪيئن ڪندي ۽ جيڪڏهن گيلاني صاحب ان حوالي سان پارٽي قيادت جي خيالن سان سهمت نه ٿيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ملڪي منظرنامي تي جيڪڏهن هڪ پاسي ايندڙ مهيني ٻن دوران اها اقتداري ڪشمڪش هلندي رهي ته مٿان وري 9 مارچ اچي ويندي، جنهن ڏينهن وڪيلن، سول سوسائيٽي ۽ عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندڙ جماعتِ اسلامي، تحريڪ انصاف ۽ ٻين پارٽين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اتي اهو چوڻ جي هروڀرو ضرورت ناهي ته ان لانگ مارچ جي سڌي يا اڻ سڌي (حالتن تي منحصر آهي) حمايت نواز ليگ به ڪندي. اهو لانگ مارچ، مارچ جي مهيني ۾ ڪهڙو ممڻ مچائيندو؟ مسلم ليگ جي مختلف ڌڙن کي ملائڻ ۽ پ پ کي مختلف ڌڙن ۾ ورهائڻ واريون ڪوششون به هاڻ پردي جي پويان ناهن رهيون، انهن سڀني جي مٿان ملڪي معيشت ۽ ان جي به مٿان ڀارت ۽ آمريڪا پاران Do More (وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاريو) واريون وڌندڙ فرمائشن جو دٻاءُ حالتن کي ڪيڏانهن وٺي ويندو؟

    مٿي بيان ڪيل ملڪي منظرنامي کي حالتن جو هڪ Pessimist View (نااميدي وارو خيال) قرار ڏئي اهو سوچڻ ۾ حرج ڪونهي ته ڪجهه به نه ٿيندو ۽ مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ پ پ خير خوبي سان ڪامياب به ٿي ويندي ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم يا ٻئي ڪنهن کي نئون چيئرمين سينيٽ به بڻائي وٺندي، پر جيڪڏهن اسين پنهنجي خواهشن ۽ پسند ناپسند کي پاسيرو رکي حقيقت پسندي سان ملڪي حالتن جو جائزو وٺنداسين ته حالتون هروڀرو ايتريون Rosy (اميد ڀريون) نظر نٿيون اچن.

    ڪا شيءِ ڪڏهن ٿيندي، ڪا تبديلي ڪيتري عرصي ۾ ايندي اهو ٻڌائڻ يعني تاريخن جي اڳڪٿي ڪرڻ نجومين جو ڪم هجي ٿو، پر سياسي حلقن ۾ مڊم ٽرم چونڊن جو ذڪر فڪر تمام سنجيدگي سان ٿي رهيو آهي. ذاتي طرح منهنجي خواهش اها آهي ته هر حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ جو حق هجڻ کپي، پر گڏوگڏ منهنجي اها به خواهش آهي ته ملڪ جي آئين ۾ ترميم ڪري ايندڙ چئن حڪومتن لاءِ حڪومتي مدو اڍائي سال ڪيو وڃي، جيئن اهو سوچي ڪري ته 5 سال ڪير انتظار ڪندو، حڪومتن خلاف سازشون نه ٿين ۽ حڪومتن کي به خبر هجي ته انهن وٽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ 5 سال ناهن ۽ کين اڍائي سالن ۾ وري عوام آڏو بيهڻو پوندو. جڏهن چار حڪومتون پنهنجو اڍائي، اڍائي سالن وارا دور خير خوبي سان گذاري وٺن ته پوءِ ٻيهر حڪومتي مدو چار سال ڪيو وڃي. خير اها منهنجي ذاتي راءِ هئي پر ڳالهه هلي پئي مڊم ٽرم چونڊن واري هلندڙ ٿيوري جي. ان ٿيوري بابت سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته اها آهستي آهستي حالتن کي ان حد تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش آهي، جتي حڪومت ۽ حڪومت مخالفن وچ ۾ ”ٽياڪڙ“ اچي سياسي جرڳو ڪن يا قومي حڪومت جوڙڻ جو فيصلو ٻڌائين، جنهن ۾ ايوانِ صدر جيئن جو تيئن رهي، پر ميان شهباز شريف کي چيف منسٽر پنجاب مان ترقي ڏئي اسلام آباد آڻي ويهاريو وڃي ۽ پنجاب حڪومت جيڪڏهن مڪمل طور نه تڏهن به ان ۾ وڏو حصو چوڌري ڀائرن يعني ق ليگ کي ڏنو وڃي ۽ سينيٽ چيئرميني پ پ جي حصي ۾ اچي. پر جيڪڏهن قومي حڪومت ٺاهڻ لاءِ قومي جرڳي جو فيصلو زرداري صاحب يا ميان نواز شريف کي قابل قبول نه پوي ته مڊ ٽرم چونڊن کي آخري حل طور پيش ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته ايتري سياسي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ آخري حل ملڪ جا ”اصل مالڪ“ پنهنجو پاڻ کي اڳتي اچڻ ئي سمجهندا. پر با خبر حلقن چواڻي ته ان مهل ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ دنيا جون حالتون شايد ”اصلي مالڪن“ کي پاڻ کي حل طور پيش ڪرڻ جي جذبي کي في الحال ٿڌو رکن.

    مڊٽرم چونڊون ميان نواز شريف لاءِ Dream come true (خواب سچي ٿيڻ) وارو معاملو هوندو، ڇاڪاڻ ته نه صرف سندس پنهنجو بلڪه اڪثر تجزيا نگارن جو خيال آهي ته پنجاب ۾ هِن ڀيري ميان صاحب کي روڪڻ واري ڪا مضبوط ڌر نظر نٿي اچي، سو جيڪڏهن هو چونڊن ۾ پنجاب Sweep ڪري (ٻهاري) ويو ته کيس مرڪزي حڪومت ٺاهڻ کان ڪير روڪي نه سگهندو. گڏوگڏ ٻئي وڏي صوبي يعني سنڌ بابت نواز ليگ توڙي پ پ جي مخالف حلقن ۾ اهو تاثر يقين جي حد تائين مضبوط ٿيل آهي ته جنهن ڏينهن پ پ حڪومت وئي ان ڏينهن پ پ منجهان ٻه يا ٽي ڌڙا ٻاهر نڪري ايندا. اهي حلقا ناهيد خان جي اوچتي فعال ٿي وڃڻ کي به معنيٰ خيز قرار ڏين پيا. انهن حلقن چواڻي ته جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته سنڌ ۾ سنڌين جو ڪو هڪ وڏو گروپ اڪيلي سر ڪامياب نه ٿي ايندو ۽ سنڌ جي سنگل وڏي پارٽي متحده قومي موومينٽ هوندي. (پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڪجهه مهينا اڳ مون پنهنجي ڪالم ۾ ان صورتحال جي نشاندهي ڪئي هئي) سو نواز ليگ اڄ ڀلي ايم ڪيو ايم ڏي ڪهڙو به رويو رکي، پر وقت اچڻ تي ”عظيم تر قومي مفاد“ ۾ نواز ليگ پنهنجو موقف بدلايو ته گهٽ ۾ گهٽ مون کي حيرت نه ٿيندي.

    هاڻوڪو سياسي سيٽ اپ 2 مهينا ٿو هلي يا ٻه سال ان بابت ڪو به پڪ سان نٿو چئي سگهي، پر جيڪا ڳالهه خاطري سان ڪري سگهجي ٿي، اها هيءَ ته سنڌ کي (خدا نه ڪري) گهڻو ڀوڳڻو پئجي ويندو. اڳ ۾ ته تحفظات هجڻ باوجود سنڌين وٽ هڪ هنڌ گڏجڻ لاءِ محور محترمه بينظير جي شخصيت هئي، هاڻ اها به نه رهي آهي، هاڻ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڀوتارن جون اڳ کان وڌيڪ سگهاريون جاگيرون هونديون ۽ کين اهڙو ڪو به ڊپ يا خدشو نه هوندو ته سڀاڻي جڏهن به بينظير حڪومت آئي ته سندن پڇاڻو ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال جڙندي نظر اچي ٿي، جڏهن هر اهو شخص عذاب ۽ تڪليفن جي منهن ۾ هوندو، جنهن شخص وٽ ٿورو گهڻو شعور هجي، جيڪو غلط کي غلط چوڻ جي خواهش رکي ٿو، جيڪو سوال اٿاري ٿو، جيڪو فرسوده روايتن ۽ فرسوده سياسي ڪلچر جو خاتمو چاهي ٿو. يعني ووڪل ڪلاس جي هر ماڻهو کي ماٺ ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن کي ڏسڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو، جنهن ووڪل ڪلاس سان سنڌ ۾ حقيقي تبديلي جي اميد جڙيل آهي.

    هڪ صحافي دوست مون کان پڇيو ته سنڌ جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي ۽ ووڪل ڪلاس جي ڪردار بابت لکڻ ڇو ڇڏي ڏنو اٿم؟ موٽ ۾ چيومانس ته گذريل ڏهن سالن دوران جڏهن به ان موضوع تي لکان ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ماکي جي مکين جي ماناري ۾ هٿ لڳي ويو آهي ۽ هڪ مخصوص طبقو ائين چنبڙي وڃي ٿو، ڄڻ انهن جي روزي تي لت اچي وئي هجي، ڄڻ اسٽيٽڪو ٽٽو ته هو بيروزگار ٿي ويندا ۽ هو ان خيال تي عجيب و غريب، غير منطقي قسم جا اعتراض واريون ٺٺوليون ڪري، ان جي پويان گهري سازش هجڻ جي فتويٰ جاري ڪري ان مهل سک جو ساهه کڻندا آهن، جڏهن کين پڪ ٿي ويندي آهي ته تبديلي لاءِ بحث ٿڌو ٿي ويو آهي. ان ساٿي صحافي جو ڌيان ڇڪائيندي چيم ته ”ڏسو اڄڪلهه ان موضوع ته ائين سانت اچي وئي آهي، جيئن سنڌ جو سڀني کان وڏو مسئلو ان بحث ۽ ان بحث مان جنم وٺندڙ خيال کي هميشه لاءِ ماٺ ڪرائڻو هيو. ان دوست صحافي موٽ ۾ چيو ته اچو ته سياسي ڪلچر جي تبديلي جي ڳالهه يا ان تبديلي لاءِ ٿيندڙ عمل جي سڌي مخالفت يا ان کي منجهائيندڙ ماڻهن آڏو Please Shut up (مهرباني ڪري ماٺ ڪريو) جو نعرو هڻون.

    ووڪل ڪلاس کي ضرور ادراڪ هوندو ته هي جيڪو سياسي ويڪيوم سنڌ ۾ وڌي رهيو آهي، اهو ڊگهو عرصو ائين رهڻ فطرت جي قانون جي ابتڙ آهي ۽ ان کان اڳ جو ڪي منفي قوتون ان ۾ داخل ٿي وڃن، يا اسان کي اسٽيبلشمينٽ Sponsored ڪا ڌر يا ڪو ڀوتارن جو اتحاد مٿي ۾ لڳي، ووڪل ڪلاس پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مڙسي ڪري ڇاڪاڻ ته هاڻ وڌيڪ بحث ڪرڻ جو وقت شايد ناهي بچيو ۽ جيڪڏهن مسئلو رڳو ان ڳالهه جو آهي ته ان تبديلي جي ڪاروان جو محور ڪير هوندو ته ان کان اڳ سوال اهو اٿارڻ گهرجي ته هڪ ننڍي يا وڏي شهر ۾ شروعاتي طور 100 ووڪل ڪلاسي پنهنجي پسند ناپسند، دوستي ناراضگي کي پاسيرو رکي هڪ هنڌ تبديلي آڻڻ جي خيال جي محور تي گڏجي هڪ گڏجاڻي ڪري سگهن ٿا؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ يقين رکو ته اها ئي ابتدا هوندي، جنهن کانپوءِ سياسي ڪلچر ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙيندڙ ووڪل ڪلاسين کي سنڌ سطح تي به محور ملي ويندو.

    مين اکيلا هي چلا تها جانبِ منزل مگر،

    لوگ آتي گئي اور کاروان بنتا گيا!

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اچو ته دل جي به ٻڌون!



    اڱارو 13 جنوري 2009ع



    محبت انسان پنهنجي پاڻ سان ئي ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته محبت انسان جي اندر ئي هجي ٿي، پر ان جو Reflection (عڪس) کيس پنهنجي محبوب جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ محبتي تعلق يعني ماءُ ۽ اولاد ۾ به ماءُ کي پنهنجي مامتا واري جذبي سان ايتري Pure (خالص) محبت هجي ٿي، جو کيس پنهنجي اولاد کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر نٿو اچي. صوفي بزرگ به اهو پرچار ڪندا رهيا ته خدا کي پنهنجي اندر ڳوليو، تڏهن ئي توهان کي ٻاهر خدا جي خدائي نظر ايندي. ڏاها به اهو چئي ويا ته جيڪڏهن انسان پاڻ خراب نه هجي ته کيس ٻئي ۾ به برائي نظر نه ايندي. جيتوڻيڪ ميڊيڪل سائنس اهو چئي ٿي ته انسان جي دل صرف جسم ۾ رت پمپ ڪندڙ هڪ عضوو آهي ۽ انسان جو دماغ ئي هر ڪم هلائيندڙ هجي ٿو، پر ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته اها دل جيڪڏهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي، يعني خراب ٿي وڃي ته انسان فورن مري ٿو وڃي، پر دنيا ۾ هزارين بلڪه لکين ماڻهو دماغ خراب هجڻ باوجود سالن جا سال جيئرا رهن ٿا! صرف سنڌي، اردو يا پنجابي ۾ نه پر انگريزي سوڌو دنيا جي هر ٻولي ۾ ڪنهن ماڻهو جي تعريف ڪرڻ مهل اهو چيو وڃي ٿو ته ”فلاڻو دل جو تمام سٺو آهي.“ He is good/soft at heart يا ائين نه چئبو ته فلاڻو”رحم دماغ“آهي، بلڪه”رحم دل“چئبو. معنيٰ ته محبت هجي، بهادر هجي يا ڪو ٻيو سٺو يا خراب جذبو، ان کي دل سان جوڙيو وڃي ٿو. منهنجو خيال آهي ته جڏهن انسان جي دل ۾ Purity (شفافيت) اچي ٿي ته هو دماغ کي رت سپلاءِ ڪرڻ سان گڏ Purity (شفافيت) جا سگنلز به موڪلي ٿو، جيئن انسان جو دماغ مثبت سوچي ۽ سندس عمل ۾ گدلاڻ کان پاڪ جذبو به هجي. (منهنجي انهن ڳالهين ۾ سائنسي اعتبار کان ڪا منطق ڳولڻ کان پاسو ڪرڻ جي گذارش ڪندي انهن ڳالهين کي منهنجي stream of consciences (خيالن جي وهڪري) ۾ لکيل ڳالهيون سمجهيون وڃن ته مهرباني ٿيندي.) مونکي ياد آهي ته ستين ڪلاس ۾ سوشل اسٽڊيز جي استاد سان اڪثر منهنجو سياست تي بحث ٿيندو هو، اهو جنرل ضياءُ الحق جو دور هيو ۽ ان استاد منهنجو نالو ”مسٽر جمهوريت“ رکي ڇڏيو هو. اڄ سوچيان ٿو ته ڇا ان عمر ۾ مون کي جمهوريت جي فلسفي جي ذهني طور سمجهه هئي، يا اهو دل جو جذبو هو؟ جيئن انساني حياتي جو دارومدار دل جي هلڻ سان مشروط آهي، تيئن خالص جذبا ئي انسان کي روحاني طور جيئرو رکن ٿا. جذبو خالص ناهي ته سوچ به مثبت نه ٿيندي. اهي ماڻهو خوشنصيب هجن ٿا، جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ هڪ خوبصورت توازن هجي ٿو، جيڪي پنهنجي دماغ جي چئوطرف دل مان ايندڙ Pure جذبن جو فلٽر لڳائي رکن ٿا.

    ڪجهه ماهرين جو خيال آهي ته انسان جي دل جي دڙڪن جو آواز ”لب ڊب، لب ڊب“ هجي ٿو، جڏهن ته ان آواز تي ميڊيڪل سائنس جي ماڻهن وڌيڪ کوجنا ڪئي ته اڪثريت جو خيال اهو بيٺو ته دل جي دڙڪن جو آواز ”لب ڊب لب ڊب“ نه پر ”رب رب، رب رب“ آهي. انسان جي دماغ ۾ ته تمام خراب خيال، خواهشون ۽ برائي جا ارادا اچن ٿا، پر دل مان ته صرف پاڪيزه آواز ئي اچي ٿو. (۽ ظاهر آهي ته رب صرف مسلمان يا عيسائي يا هندو جو نه، پر تمام عالم جو آهي.) سو سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن ڪو ڀوتار ڪنهن غريب ماڻهو سان جانورن کان بدتر ورتاءُ ڪري رهيو هجي ٿو، يا ڪو پوليس وارو ڪنهن بيگناهه ماڻهو کي ٿاڻي ۾ اونڌو ٽنگي مار موچڙو ڪري کائنس پيسا ڪڍڻ ۾ رڌل هجي ٿو يا ڪو ڪامورو سرڪاري اسپتالن جي دوائن جا فنڊ هڙپ ڪري رهيو هجي ٿو يا ڪنهن غريبن جي اسڪولن جي فرنيچر ۽ ڪتاب جي فنڊز ۾ خرد برد ڪري رهيو هجي ٿو، ڪو وزير ڏوڪڙن عيوض نوڪري وڪڻي اهل ماڻهو جي حق تلفي ڪري رهيو هجي ٿو، يا ڪو صحافي ظاهر ظهور ٿيل قتل کي پيسا وٺي اتفاقي حادثي طور رپورٽ ڪري رهيو هجي ٿو يا هڪ ڀاءُ پنهنجي معصوم ڀيڻ کي ڪاري قرار ڏئي ڪهاڙي هڻي رهيو هجي ٿو يا ڌاڙيل ڪنهن جي جگر جي ٽڪڙي کي ڊوڙائي ڊوڙائي جانور جيان جهنگ ڏي وڃي واڙي ڇڏي ٿو يا بسن مان لاهي شناختي ڪارڊ ڏسي ڪنهن کي صرف ان ڪري گولي هڻي ڇڏجي ته هو ٻئي ذات جو هيو يا جرڳو ڪري معصوم نياڻيءَ کي چٽي ۾ ڏيندڙ ڀوتار ڇا ٻوڙا ٿي وڃن ٿا؟ ڇا انهن سڀني کي پنهنجي دل جو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي؟ مذهب ۽ فرقي جي نالي تي معصوم انسانن جي رت جي هولي کيڏندڙ انهن ماڻهن جي دل ڇا پلاسٽڪ جي ٺهيل هجي ٿي؟ يا انهن جي دل مان پاڪيزه آواز نٿو اچي؟ يقينن هر دل جيستائين ڌڙڪي پئي، ان مان پاڪيزگي ۽ چڱائيءَ جو سڏ گونجي ٿو، پر بدقسمت هجن ٿا اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي دماغ ۽ دل جي وچ جو روحاني سگنلز جو ڪنيڪشن ئي ڪٽي ڇڏين ٿا ۽ ان کان به وڏي بدقسمتي اها هجي ٿي جو ڪڏهن ڪڏهن سڄي سماج ۾ اهڙن ماڻهن جي گهڻائي ٿيو پوي ۽ سماج هڪ مڪينيڪل سماج ۾ بدلجي وڃي ٿو، جنهن ۾ جذبن، خوابن، محبت، رشتن ۽ قدرن جي ڪا اهميت نٿي رهي. ڪنهن زماني ۾ صوفي بزرگ اهڙن ئي خطن ۽ ملڪن ڏانهن سفر ڪندا هئا، جتان روحانيت، جذبا ۽ انسانيت رخصت ٿي چڪي هوندي هئي، اهي ان دور جا سوشل ريفارمرز هئا، جيڪو رول بعد ۾ سياسي ليڊرن جو بڻيو.

    دنيا ۾ جيڪي وڏا سياسي ليڊر گذريا آهن، انهن جي بائيوگرافيز ۾ توهان کي مختلف لفظن ۾ اهو چيل نظر ايندو ته سياست سندن Romance (عشق) آهي. واقعي به ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم کي ڦاهي جي ڦندي تي چڙهڻ لاءِ عقلي سياست نه تيار ڪيو هوندو، اهو يقينن ڀٽي مرحوم جو سياست سان دلي طور رومانس هوندو، جنهن کيس ڦاهي تي جهولڻ جو حوصلو ڏنو هوندو. جي ايم سيد مرحوم کي اڌ عمر قيد ڪاٽڻ لاءِ صرف سندس ذهني شعور ئي راضي نه ڪيو هوندو، يقينن اهو سندس Passion (جذبو) ئي هو، جنهن کيس قيد جي تنهائي ۾ به اڪيلائي محسوس ٿيڻ نه ڏني. ڇا محترمه بينظير نه ڄاڻندي هئي ته سندس حياتي کي حقيقي خطرو آهي، پر اهو سندس دل نه پئي مڃيو ته هوءَ پنهنجن ماڻهن وٽ موٽي نه اچي. سو اهو جذبو ئي هو، جيڪو کيس ڏيهه موٽرائي آيو ۽ هو شهيد ٿيڻ باوجود لکين ڪروڙين دلين ۾ هميشه لاءِ امر ٿي وئي. جڏهن محترمه بينظير 18 هين آڪٽوبر تي ايئرپورٽ تي لهڻ مهل اکين ۾ تري آيل نيڻ روڪي نه سگهي هئي ته مون ڪنهن دوست کي چيو هو ته اڄ محترمه مڪمل ليڊر ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ورهين کان هو ڳوڙها اندر ئي اندر ڳاڙي رهي هئي، پر سندس سياسي شعور (دماغ) کيس ماڻهن آڏو روئڻ کان روڪيندي رهيو، پر اڄ جڏهن هو هزارين ماڻهن ۽ ٽي وي ڪيمراز آڏو پنهنجا ڳوڙها نه روڪي سگهي ته مطلب هاڻ سندس دل ۾ وڌيڪ ڳوڙهن جي جڳهه ناهي بچي ۽ سندس دماغ هن جي دل جي چوڻ کي روڪي نه سگهيو. دنيا ۾ نيلسن منڊيلا کان برما جي سوڪي تائين ڪيترائي اهڙا ليڊر آهن ۽ گذريا آهن، جن کي پنهنجي سياست سان رومانس هو.

    ڇا ماڻهو رڳو ان ڪري خواب نه ڏسي جو متان ان جي ساڀيان نه ٿي سگهي؟ يا متان ان خواب جي ساڀيان هو پنهنجي اکين سان نه ڏسي سگهي؟ ڪاري نسل جي آمريڪي اڳواڻ مارٽن لوٿرڪنگ ڪيترائي ڏهاڪا اڳ آمريڪا ۾ رنگ ۽ نسل کان مٿاهون هڪ سماج هجڻ جو خواب ڏٺو هو، پر هو پنهنجو خواب اکين ۾ وٺي مارجي ويو، پر ڪروڙين آمريڪين جي اکين ۾ مارٽن لوٿر ڪنگ جو خواب ڏهاڪن تائين موجود رهيو ۽ هاڻ جڏهن وائيٽ هائوس ۾ بليڪ پريزيڊنٽ داخل ٿيندو ته آمريڪين کي مارٽن لوٿر ڪنگ جي مشهور تقرير ضرور ياد ايندي، جنهن ۾ هن چيو هو I have a dream (منهنجو هڪ خواب آهي.) 12 سال اڳ مون به هڪ خواب ڏٺو هو، سنڌ ۾ سياسي ڪلچر جي تبديلي جو. اهو خواب هو سنڌ ۾ هڪ ايماندار، باصلاحيت ۽ ڪميٽيڊ ليڊرشپ جي اڳيان اچڻ جو. اهو خواب هو سنڌ ۾ گڊ گورننس جو. سنڌ جي حقن جي تحفظ جو، معاشي ترقي ۽ سماجي برائين جي خاتمي جو. اهو خواب هو هڪ پرامن ۽ خوشحال سنڌ جو. هڪ ڏهاڪو اڳ ڪجهه حلقن پاران ان خواب کي ”ديواني جو خواب“ چئي ان کي رد ڪيو ويو هو، پر آئون اڄ وري هر ان شخص کي دعوت ٿو ڏيان، جنهن جي دل ۽ دماغ وچ ۾ روحاني رشتو قائم آهي، ته هو ان خواب کي دل جي ڇاڻي مان گذاري دماغ سان سوچي ته ان خواب جي ساڀيان ٿي سگهي ٿي. هر اهو شخص جنهن جي اندر محبت آهي، ان کي پنهنجي چئوگرد رهندڙن سان محبت ٿيڻ اڻٽر آهي، پر پوءِ ڇا ڪو ماڻهو انهن ماڻهن کان اکيون موڙي سگهي ٿو، جنهن سان هو محبت ڪري ٿو؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ انهن نوجوانن کان منهن ڪيئن موڙي وٺجي، جيڪي غربت سبب پنهنجا عضوا وڪڻڻ جا اشتهار پاڻ کڻي هلي رهيا آهن؟ انهن مائرن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کان نظرون ڪيئن ڦيرائي وٺون، جيڪي نام نهاد برادري جي تڪرار جي ور چڙهي ويل پنهنجي ڳڀرو نوجوان پٽ جي لاش مٿان ماتم ڪري رهيون هجن ٿيون؟ انهن سفيد پوش پيئرن ۽ ڀائرن جي اندر ٻرندڙ باهه کي ڪيئن محسوس نه ڪيون، جنهن جي ڀيڻ يا زال پنهنجو جسم وڪڻڻ تي مجبور هجي ٿي، پر هو غربت سبب ماٺ رهڻ تي مجبور آهن؟ انهن ڀيڻن جي درد کان لاتعلق ڪيئن ٿيون، جنهن جو سڪيلڌو ڀاءُ ڌاڙيلن يا دهشتگردن جي گولين جو کاڄ بڻجي وڃي ٿو؟ انهن لکين ماڻهن کي ڏسي ڪيئن پنهنجيون اکيون بند ڪري وٺون، جيڪي سخت سياري ۾ بنا اجهي جي کليل آسمان هيٺ ويٺا هجن، جن جي تن تي لٽي جي جاءِ تي ڦاٽل ليڙون هجن، جيڪي اٽي جي لپ نه هجڻ ڪري لنگهڻ ڪاٽيندا هجن، جيڪي دوا لاءِ ڏوڪڙ نه هجڻ ڪري پنهنجن ويجهن کي اکين آڏو روز آهستي آهستي مرندي ڏسندا هجن. اهو سڀ ۽ ان کان گهڻو ڪجهه ٻيو اسين سڀ پنهنجي چئوگرد ٿيندي ڏسون پيا پر آخر ڇو؟ ڇا اسان جي اندر محبت نه رهي آهي؟ يا اسان پنهنجي دل کي صرف رت پمپ ڪرڻ وارو هڪ عضوو بڻائي دماغ کي دل جي ڪا ڳالهه نه ٻڌڻ لاءِ پابند بڻائي ڇڏيو آهي؟

    ڪو نوجوان جيڪڏهن اهو سمجهي ته ان کي سندس محبوب ملي ويو ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا، يا ڪو جيڪڏهن نوڪري ملڻ کي زندگي جي ميراث ٿو سمجهي يا ڪو ڪاروبار ۾ ترقي يا ڪنهن ٻئي چڱي خواهش جي تڪميل لاءِ هر پل بي چين آهي ۽ ان لاءِ جاکوڙي پيو ته اهو بلڪل صحيح آهي ۽ الله پاڪ کين ڪامياب ڪري، پر خواهشن جي پوري ٿيڻ کانپوءِ به رهڻو ته اسان کي انهيءَ سماج ۾ آهي نه؟ سو جيڪڏهن اسان جو سماج ڏينهون ڏينهن اڃا پوئتي ويندو رهيو ۽ ان ۾ ڪا چڱائي نه آئي ته ڇا اسان جي پوري ٿيل خواهش اسان کي هڪ مڪمل پرامن زندگي ڏئي سگهندي؟ ماڻهو هڪ گهر يا هڪ سماج ۾ رهندي خودغرض ٿيڻ به چاهي، ته به نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته سماج جون برايون اڄ هڪ ڄڻي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻينديون ته يقين رکو سڀاڻي ٻئي جو به وارو ايندو. ڪو شخص جيڪڏهن پنهنجي گهر جو ڪچرو ٻاهر اڇلائي خوش ٿئي ته سندس گهر صاف ٿي ويو، پاڙي وارا پاڻ ڄاڻين ته اهو شخص ڀليل آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪچري سبب آلودگي ۽ بيماري پکڙبي ته ان جو شڪار صرف پاڙي وارا نه، پر ان گهر جا ڀاتي به ٿي سگهن ٿا. پاڙي جو ڪچرو ته شايد ميونسپل وارا صاف ڪري ڇڏين پر سماج ۾ وڌي ويل گند ڪو سماج سڌارڪ يا سماجي تنظيم نٿي صاف ڪري سگهي، بلڪه سڄي دنيا ۾ اهو ڪم سياسي فلسفي ذريعي ئي ممڪن هجي ٿو ان سياست ذريعي جيڪا ماڻهن جي هجي ۽ ماڻهن لاءِ هجي. اسان جي سول سوسائٽي جيستائين سياست کي Own (پنهنجو) نه ڪندي، ان کان پاڻ کي پاسيرو رکڻ جي روش ختم نه ڪندي ۽ سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جي خواب کي صرف دماغ نه، پر دل سان به ان خواب کي Own (پنهنجو) نه ڪندي، تيستائين اهو خواب شايد خواب ئي بڻيل رهندو.

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سياسي شطرنج جي بازي ڪنهن جي حق ۾ ويندي؟



    اڱارو 30 جنوري 2009ع

    شطرنج جي راند کان واقف اهو ضرور ڄاڻندا هوندا ته ان ۾ بادشاهه کي بچائڻ لاءِ اڪثر رانديگر Castling (قلعه بندي) ڪندا آهن، جنهن ذريعي بادشاهه کي هڪ ڪنڊ ۾ قلعه بند ڪري محفوظ ڪرڻ جي حڪمتِ عملي هجي ٿي ۽ جيتوڻيڪ ان چال (قلعه بندي) سان بادشاهه سڌي شهه ملڻ کان وقتي طور محفوظ ٿيو وڃي، پر ان جي چرپر صفا ختم ٿيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ريت مخالف رانديگر ڪو رستو ڪڍي، ان قلعي کي ٽوڙي وڃي ته پوءِ بادشاهه صفا ڦاسي پوي ٿو. اسان جي اقتداري شطرنج ۾ به بادشاهه/حڪمران پاڻ کي وڌ کان وڌ طاقتور بنائڻ چاهين ٿا، جيئن هو وڌ کان وڌ محفوظ رهن ۽ ائين هو پاڻ کي قلعه بند ڪري ٿا وٺن، جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته جڏهن سندن مخالف مختلف چالون هلڻ شروع ڪن ٿا ته موٽ ۾ حڪمرانن وٽ Moves (چالون) هلڻ لاءِ جڳهه يا گنجائش نه ٿي بچي ۽ کين شهه اچيو وڃي. پاڻ ضياءُ الحق ۽پرويز مشرف سوڌو دنيا جي انيڪ حڪمرانن جا مثال ڏئي سگهون ٿا، جن جي مضبوط Castling (قلعه بندي) ئي سندن ڳچيءَ ۾ پئجي وئي.

    اقتداري شطرنج جي لڳل اڄڪلهه واري بازي ۾ سمورا رانديگر پنهنجون پنهنجون چالون تيزيءَ سان کيڏي رهيا آهن ۽ اقتداري شطرنج جا مک رانديگر يعني صدر آصف علي زرداري ۽ سندس اتحادي، ٻئي طرف ميان نواز شريف ۽ سندس ساٿي، ٽئين طرف اسٽيبلشمينٽ ۽ سندس حامي سويلين ڌريون، ۽ ان گيم ۾ چوٿون اهم پليئر آمريڪا بهادر ظاهر آهي ته هميشه جيان اهم Strategic moves (حڪمت واريون چالون) هلائيندڙ طور موجود آهي. اچو ڏسون ته اها راند ڪيئن پئي هلي. صدر زرداري صاحب ان راند ۾ سال اڳ پهرين چال مري معاهدي تي عمل کان جواب ڏيندي چوڌري افتخار ڪارڊ کي ڊفيوز ڪرڻ جي ڪوشش جي صورت ۾ هلي ۽ پوءِ ٻي سرپرائيز Move زرداري صاحب پاڻ صدر بڻجي ڪئي، جنهن کانپوءِ هاڻ سندس ظاهري ٽارگيٽ سينيٽ ۾ اڪثريت ۽ پنجاب حڪومت حاصل ڪرڻ نظر اچي ٿو، جنهن لاءِ هو ٻيهر سڀني کي سرپرائيز ڏئي ڪالهه تائين ”قاتل ليگ“ قرار ڏنل ”ق“ ليگ سان اتحاد لاءِ وڌي رهيا آهن. انهن Moves (چالن) کي Counter (مقابلو) ڪرڻ لاءِ ميان نواز شريف سترهين ترميم جي خاتمي لاءِ بل پارليمينٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ چوڌري افتخار ڪارڊ کي ٻيهر وڏي هل هنگامي سان مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو اهتمام ڪيو پيو وڃي، جنهن جي لاءِ 9 مارچ تي اعلانيل لانگ مارچ جي ڏينهن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

    هوڏانهن اسٽيبلشمينٽ طرفان به مختلف معاملا ٿيندي نظر اچن پيا، جنهن ۾ حڪومت منجهه ۽ بينظير ڀٽو جي ويجهن، پر اڄڪلهه پارٽي ۽ بلاول هائوس کان پري ٿي ويلن سان تفصيلي ”حال احوال“ سان گڏوگڏ مستقبل لاءِ مختلف آپشنز تي هوم ورڪ ۽ ڪجهه اهڙا اسڪينڊل هٿ ڪرڻ جنهن کي ٻڌي ماڻهن جا وات پٽجي وڃن ۽ مٿي تي هٿ اچي وڃي، شامل آهي. آمريڪا بهادر سڀني رانديگرن جي چالن کي في الحال ڏسي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته ”سڀ“ ان جا پنهنجا آهن، سو ڪير به کٽي، اها ان جي ئي فتح هوندي، پر في الحال اهڙي چالن تي گهڻو خوش نه پيو ٿئي، جنهن سان سولين رانديگر صفا گيم مان آئوٽ ٿي وڃن، سو ٿلهي حساب سان اقتداري شطرنج جي بساط تي مٿي ڄاڻايل انداز ۾ چالون هلايون پيون وڃن.

    تازو وفاقي ڪابينا ۾ متحده قومي موومينٽ جي شموليت ۽ جميعت علماءِ اسلام جي ٻن وڌيڪ وزيرن جي شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ پي پي جي سربراهه صدر آصف زرداري پاران هر مهيني پارٽي جي پارليمينٽرينز سان گڏجاڻي ڪرڻ جي اعلان مان ان ڳالهه جو واضح اشارو ملي ٿو ته نواز ليگ سان Final Round (آخري ملهه) ڪرڻ کان اڳ پي پي حڪومت پنهنجو House in order (نمبر گيم ۽ اندروني مسئلا گرفت ۾) آڻڻ چاهي ٿي ۽ ايندڙ مهيني ٻن جو منظر حڪومت ڪجهه ان ريت رٿي ويٺي آهي ته عدالت مان شريف ڀائرن جي نااهلي جو جيڪڏهن فيصلو اچي ٿو ته ميان شهباز شريف جي جڳهه ته پي پي ۽ ق ليگ جو گڏيل اميدوار پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ آندو ويندو. ان لاءِ ق ليگ جي فارورڊ بلاڪ ٺاهي نواز ليگ جي حمايت ڪندڙ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن سان گورنر پنجاب سلمان تاثير، وفاقي وزير منظور وٽو ۽ چوڌري ڀائرن جا رابطا ۽ گڏجاڻيون جاري آهن ۽ پنجاب جي ايندڙ وڏي وزير طور ٻين نالن سان گڏ حامد ناصر چٺا ۽ مونس الاهي جا نالا گردش ۾ آهن. ٻئي طرف شريف برادران مان هڪ يعني ميان شهباز شريف ڳالهين وسيلي پي پي سان معاملات ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي، جنهن لاءِ هن صدر آصف زرداري سان ملاقات پڻ ڪئي ته وري ميان نواز شريف پاران 9 مارچ جي لانگ مارچ ذريعي حڪومت کي پريشر ۾ آڻڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪيل آهي ۽ گڏوگڏ هر جلسي ۽ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي نااهلي واري ڪيس جي حوالي سان هاڻوڪي عدليا جي اڻ ڌري نه هجڻ واري دعويٰ ورجائي راءِ عامه ذريعي دٻاءُ وڌائي پيو. ان صورتحال ۾ ٽي اهم سوال آهن، هڪ اهو ته ڇا 9 مارچ اڳ ۾ ايندي يا نااهلي واري ڪيس جو فيصلو اڳ ۾ ايندو؟ ٻيوسوال اهو آهي ته جيڪڏهن فيصلو 9 مارچ کان اڳ آيو ۽ اهو شريف برادران جي حق ۾ اچي ويو ته ڇا پوءِ به نواز ليگ لانگ مارچ جي ڪاميابي لاءِ اوترو ئي زور لڳائيندي، يا پوءِ گذريل سال 9 مارچ جيان اهو هڪ فارملٽي طور ون ڊي شو هوندو؟ ٽيون اهم سوال اهو آهي ته 9 مارچ تي پنجاب حڪومت جي مڪمل سهڪار سان جيڪڏهن لکين ماڻهو اسلام آباد پهچي ويا ته پوءِ ڳالهه ڪٿي وڃي دنگ ڪندي؟ لڳي ڪجهه ائين ٿو ته جنهن تيز رفتاري سان نااهلي وارو ڪيس هلي پيو ته ان جو فيصلو 9 مارچ کان اڳ اچي سگهي ٿو. ٻئي سوال تي ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته فيصلو شريف برادران جي حق ۾ هوندو يا مخالفت ۾، پر جنهن ريت صدر زرداري ۽ نواز شريف سندرا ٻڌي رهيا آهن، تنهن مان لڳي اهو ئي ٿو ته فائينل نه به ته سيمي فائينل ميچ لاءِ Warm up (تياري وارو عمل) شروع ٿي چڪو آهي، نه ته هروڀرو پي پي قيادت کي ق ليگ سان ٺهڻ جو ڪهڙو لاچار هجي ها، يا نواز شريف پارليمينٽ ۾ 18 هين ترميمي بل ۽ روڊن رستن تي نڪرڻ جو ارادو ڇو ڪري ها، سو ٻنهي ڌرين ۾ ٽڪراءُ جيڪڏهن آخري گهڙين ۾ ڪجهه ”ٽياڪڙي ڪندڙن“ جي اصرار تي ٽري به ويو، ته به هن مهل ٻئي ڌريون ٽڪراءَ لاءِ ذهني طور تيار ٿيل ضرور نظر اچن ٿيون.

    نواز ليگ جيڪا ان مهل پنجاب ۾ گهڻي پاپولر پارٽي آهي ۽ گڏوگڏ شريف برادران توڙي سندن پارٽي جي ٻئي قيادت وٽ به ذاتي طور وسيلن جي کوٽ ناهي ۽ وري مٿان انهن وٽ جيڪڏهن 9 مارچ تائين پنجاب حڪومت به رهي ته حڪومتي وسيلا به ان لانگ مارچ ۾ ڪتب ايندا، سو اهو Assume (فرض) ڪرڻ ته 9 مارچ تي لک يا ٻه لک ماڻهو گڏ ٿي سگهن، ڪا هروڀرو غير حقيقي سوچ نه هوندي. پڙهندڙن کي يقينن ڄاڻ هوندي ته راولپنڊي شهر ۾ پنجاب حڪومت جي حڪمراني هجي ٿي، سو جيڪڏهن پنجاب حڪومت جي ڇپر ڇانءَ ۾ لک يا ٻه لک ماڻهو پنڊي ۾ پهچن ٿا ته کين اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان ڪير روڪيندو؟ ڇاڪاڻ ته اسلام آباد وٽ ته ايتري پوليس نفري ئي نه آهي، جو ايتري وڏي انگ ۾ وڌندڙ ماڻهن کي روڪي سگهي ۽ ماضي ۾ به اهڙن موقعن تي اسلام آباد انتظاميا واڌو پوليس نفري پنجاب حڪومت کان گهرائيندي رهي آهي، سو هن ڀيري ظاهر آهي ته پنجاب حڪومت پنهنجي پوليس اسلام آباد انتظاميا کي پاڻ لٺيون کائڻ لاءِ ته ڏيندي ڪو نه، سو پوءِ ڇا وفاقي حڪومت رينجرز يا فوج کي گهرائيندي؟ يا سرحد يا سنڌ پوليس کي اسلام آباد گهرايو ويندو؟ ڳالهه سمجهڻ جي اها آهي ته هِن دفعي گذريل سال جيان لانگ مارچ صرف علامتي بنياد تي ڪرڻ جو موڊ نه وڪيلن جو نظر اچي پيو ۽ نه ئي نواز ليگ جو، سو يا ته مارچ کان اڳ پنجاب حڪومت مٽجي وڃي ۽ سڄي صوبي ۾ انتظامي لحاظ کان وٺ پڪڙ ڪري مارچ ڪندڙن کي ٻڌي شو کي فلاپ ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي يا پوءِ ڊائلاگ ذريعي ان مارچ کي روڪجي، پر جيڪڏهن اهي ٻئي ڳالهيون نٿيون ٿين ته پوءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ 9 مارچ تي جيڪو تماشو ٿيندو، اهو هروڀرو ڪو گهڻو پرامن ٿيڻ جي اميد بنهه گهٽ نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته مارچ ڪندڙن جو ٽارگيٽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو آهي ۽ ظاهر آهي اسلام آباد ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جو ڌرڻو حڪومت ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهي؟ سو حڪومت جيڪڏهن طاقت استعمال ڪرڻ وارو آپشن استعمال ڪندي ته ان آپشن جو ماضيءَ ۾ به جڏهن استعمال ٿيو آهي ته ان جا ڪي چڱا نتيجا ناهن نڪتا.

    اقتداري سياست ۾ وقت کان اڳ هر ڳالهه کي ٻه ۽ ٻه چار جيان ثابت ڪرڻ ممڪن نٿو هجي ۽ اهو به ضروري ناهي هوندو ته هر ڳالهه لاءِ ماڻهو وٽ ڪا ٺوس انفارميشن هجي، بلڪه ڪافي شيون پنهنجي ڪامن سينس جي آڌار تي چيون يا لکيون وڃن ٿيون ۽ حالتن جو تجزيو اقتداري راند جي باريڪين بابت پنهنجي فهم جي بنياد ته به ڪيو وڃي ٿو، جنهن مان اڪثر وقت اچڻ تي صحيح ثابت ٿينديون آهن ۽ ڪجهه غلط. مثال طور سال اڳ جڏهن اهو چيو پئي ويو ته پي پي ۽ نواز ليگ ۾ ”ڀاءُ، ڀاءُ“ وارو قصو نه هلندو ته ٻنهي پارٽين پاران ان جون زوردار ترديدون ڪيون پئي ويون يا سال اڳ جڏهن چيو يا لکيو پئي ويو ته حڪومت چوڌري افتخار کي بحال نه ڪندي ته به ان کي غلط پروپيگنڊا قرار ڏنو پئي ويو. ساڳي ريت هاڻ جڏهن صدر ۽ وزير اعظم جي درميان ورڪنگ رليشن شپ بابت ڳالهيون ٿين ٿيون ته وري ان کي غلط قرار ڏنو ٿو وڃي. ٿي سگهي ٿو ته اڄ اها ڳالهه بنهه غلط هجي، پر اقتداري سياست بابت فهم اهو ڏس ڏي ٿو ته جڏهن به ٻه پاور سينٽرز هوندا آهن ته ڪڏهن نه ڪڏهن انهن سينٽرز ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيڻ فطري هجي ٿو. ساڳئي ريت پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو دفعو هڪ ٻئي شيءِ به ٿيندي نظر پئي اچي، اها آهي واشنگٽن ۽ اسان جي اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ مفادن جو ٽڪراءُ. ماضي ۾ 9/11 تي آمريڪا ۾ ٿيل واقعي کان اڳ ڪجهه سالن جي مختصر عرصي لاءِ ائين ٿيندي نظر آيو هيو، پر بعد ۾ اهي تعلقات ٻيهر ويجهڙائپ وارا ٿي ويا هئا، پر هِن دفعي ٻيهر پيدا ٿيل ٽڪراءُ ڪجهه سوايو نظر پيو اچي. اسان وٽ اقتداري سياست جي حوالي سان آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ طاقت جا ٻه اهم سرچشما آهن، پر ماضيءَ ۾ انهن ٻنهي ۾ مفادن جي هڪجهڙائي هجڻ سبب اقتداري معاملن ۾ به هم خيالي هوندي هئي، پر هن وقت صورتحال ماضيءَ کان مختلف نظر پئي اچي، ۽ انهن طاقتن ۾ في الحال خاموش قسم جي ٽڪراءَ اقتداري راند جي سويلين پليئرز لاءِ به ڏچو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جو انهن لاءِ مڪمل طور تي ڪو هڪ پاسو وٺڻ ڏکيو پيو ٿئي ۽ ساڳي ئي وقت ٻن سگهارين طاقتن کي راضي رکڻ به ڪو سولو ڪم ناهي. سو اقتداري سياست بابت تجزيو ڪندڙ جيڪڏهن گذريل ڪجهه عرصي ۾ سياسي منظر تي رونما ٿيل واقعن ۽ ويجهي مستقبل ۾ سياسي منظرنامي تي سامهون ايندڙ واقعن کي واشنگٽن ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ دورين جي حوالي سان ڏسندا ته کين معاملا سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي.

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پنجاب ۾ اقتداري ڪشمڪش

    ۽ ٽائيم فيڪٽر جي اهميت



    ڇنڇر 28 فيبروري 2009ع

    ٻئي ڪنهن جي ڳالهه نٿو ڪريان پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي شريف برادران جي نااهليءَ تي ذري به حيرت ناهي ٿي ۽ جن پڙهندڙن کي ڪاوش ۾ گذريل ٻن اڍائي مهينن ۾ لکيل منهنجا مضمون ذهن ۾ هوندا، ته انهن مضمونن ۾ ڪجهه اهڙي ئي منظرڪشي ٿيل هئي. مون کي ايندڙ وقتن ۾ پي پي ۽ ”ق“ ليگ ۾ ٺاهه ٿيڻ تي به ڪا گهڻي حيرت نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته سينيٽ ۾ اڪثريت کانپوءِ ٽارگيٽ پي پي لاءِ پنجاب جي وڏ وزارت حاصل ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ ”ق“ ليگ سان ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ ٻئي ڪا واٽ ئي ناهي، جنهن کانپوءِ وارو گيلاني صاحب جو ۽ ميڊيا جو اچڻو آهي. اهو پڪ سان نٿو چئي سگهان ته پهرين وارو ميڊيا جو اچڻو آهي، يا بعد ۾، پر اهي ٻئي ”ڪم“ مڪمل پاور حاصل ڪرڻ جي سوچ جي راهه ۾ رنڊڪ تصور ڪيا پيا وڃن. مون کي حيرت ان ڳالهه تي به بلڪل نه ٿيندي، ته اگر نمبر گيم ۾ ”ق“ ليگ جي فارورڊ بلاڪ جا سمورا ميمبر پي پي ڏانهن نه اچي سگهيا ته پنجاب ۾ گورنر راڄ ٻن مهينن کان ڊيگهه ڪري 6 مهينن تائين اينگهجي نه وڃي، پر آئين موجب گورنر راڄ هڪ ڌڪ ۾ وڌ ۾ وڌ ٻن مهينن لاءِ ۽ پوءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي منظوريءَ سان ٻن، ٻن مهينن تائين وڌائي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ هر دفعي ٻن مهينن کانپوءِ پارليامينٽ جي منظوريءَ گهربل هوندي ۽ 6 مهينن کان وڌيڪ گورنر راڄ نٿو هلائي سگهجي. مون کي حيرت ان ڳالهه تي ضرور ٿيندي اگر ملڪ جي وڏي ۾ وڏي صوبي پنجاب، جنهن سان اسان جي ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي اڪثريت جو تعلق آهي، ۾ 6 مهينن تائين سياسي بحران برقرار رهي ۽ ان بحران جو وائرس اسلام آباد تائين نه پهچي!!

    اسان جي ملڪي تاريخ ۾ ويجهڙائي تائين اقتداري سياست جي رانديگرن ميڪاولين طرز سياست کي Adopt (اختيار) ڪيو آهي ۽ توڙ جوڙ، محلاتي سازشون، ڪوڙ، منافقي ۽ ”اقتدار هر قيمت تي“ واري سوچ اسان جي اقتداري سياست تي حاوي رهڻي آهي، پر جيئن جيئن سول سوسائٽي اقتداري سياست تي نظرداري ڪرڻ شروع ڪئي ته اقتداري ايوانن ۾ راءِ عامه جو احترام، سياسي اخلاقيات وغيره جو به ٿورو گهڻو ذڪر شروع ٿيو ۽ ڪنهن سياستدان يا سياسي پارٽيءَ لاءِ ڪنهن ڳالهه تان صفا ”يو ٽرن“ ڏيڻ کان اڳ اها سوچ اچڻ شروع ٿي ته ”اگر“ اسين صفا ڦري وياسين ته عوام کي ڪهڙو جواب ڏينداسين. اها هڪ مثبت سوچ هئي، جنهن جي ڪري سڀ ئي اهو چوڻ لڳا ته اسان جون سياسي پارٽيون 90ع واري ڏهاڪي کي هاڻ پوئتي ڇڏي آيون آهن، پر الاءِ ڇو مون کي اهڙي ڪا به خوشفهمي نه هئي ۽ نه ئي آهي، پر پاڻ ان بحث، جيڪو ڪجهه ماڻهن لاءِ اڪيڊمڪ ۽ ڪتابي قسم جو بحث آهي، (جيڪو درحقيقت ڪتابي ناهي) کي ڇڏي واپس ان ڳالهه تي اچون ٿا ته 25 فيبروري (شريف برادران خلاف آيل فيصلي جو ڏينهن) ڇا هاڻوڪي حڪومتي سيٽ اپ لاءِ 9 مارچ بڻجي ويندو؟ اسان سڀني کي ياد هوندو ته جنرل (ر) پرويز مشرف دور 9 مارچ کان فوري بعد نه پر سال، سوا کانپوءِ ختم ٿيو هو پر 9 مارچ تي مشرف دور جي خاتمي جي شروعات ضرور ٿي وئي هئي! يا 25 فيبروري واري ڏينهن کانپوءِ پي پي جو اصل اقتداري دور شروع ٿيڻ وارو آهي، جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم کان به وڌيڪ سگهارو هوندو، ڇاڪاڻ ته ڀٽو مرحوم جي دور ۾ به بلوچستان ۽ سرحد ۾ پي پي مخالف حڪومت هئي، پر اگر هاڻي پي پي پنجاب ۾ حڪومت ٺاهي ورتي ته ٽن صوبن ۾ پنهنجي ۽ سرحد ۾ حڪومتي اتحادي، وفاقي حڪومت، چيئرمين سينيٽ ۽ صدر پاڪستان، سڀ جا سڀ عهدا پي پي وٽ هوندا، جيڪي پي پي جي تاريخ ۾ هڪ ئي وقت ڪڏهن به پي پي وٽ ناهن رهيا. گڏو گڏ ظاهري طرح هن مهل آمريڪا بهادر به زرداري صاحب کي وقت ڏيندي نظر پيو اچي، باقي رهجي وئي اسان جي اسٽيبلشمينٽ، ته ظاهري طرح اها به هن مهل دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ مصروفيت، ۽ ٻيو تازو فوجي دور ختم ٿيو آهي، تنهن ڪري ان طرفان تڪڙ ۾ ڪنهن سڌي مداخلت جو امڪان گهٽ آهي. سو 25 فيبروري جو ڏينهن هاڻوڪي حڪومتي سيٽ اپ لاءِ 9 مارچ ثابت ٿيندو يا اهو ڏينهن پي پي پي جي بنهه با اختيار دور جو آغاز ثابت ٿيندو، تصوير جا اهي ٻه رخ آهن، جيڪي پي پي ۽ نواز ليگ جا ڏاها پنهنجي پنهنجي پسند موجب ڏسي رهيا آهن.

    1998ع ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت پنهنجي ئي وڏي وزير لياقت جتوئي کي سنڌ مان هٽائي سنڌ اسيمبليءَ کي تالو هڻائي سيد غوث علي شاهه کي وڏي وزير جا اختيار ڏئي وزير اعظم جي صلاحڪار طور سنڌ ۾ مقرر ڪيو هو ته ان مهل جي وفاقي وزير مشاهد حسين سيد ڪچهري دوران مون کي سياسي حالتن تي تبصرو ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي مون کيس هڪ پراڻو لطيفو ٻڌايو، جيڪو ڪجهه هن ريت هو:

    هڪ همراهه درياءَ ۾ هڪ ريشمي ڪمبل لڙهندي ڏسي ڪمبل حاصل ڪرڻ لاءِ درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ ترندي وڃي ڪمبل تائين پهتو، پر ٻاهر اچڻ بدران ڪمبل سان گڏ درياءَ ۾ لڙهندو رهيو، ڇاڪاڻ ته جنهن کي ان ڪمبل سمجهيو هو، دراصل اهو ڪمبل نه پر درياءَ ۾ ترندڙ رِڇ هو. درياءَ جي ڪپ تي بيٺل ڪنهن ٻئي همراهه رڙ ڪري چيس ته، ”دريا ۾ ٻڏي ويندين، کڻي ڪمبل مان هٿ ڪڍ ۽ ٻاهر اچي وڃ.“ ته رِڇ جي جڪڙ ۾ آيل همراهه دانهن ڪندي چيو ته، ”آئون ته ڪمبل کي ڇڏيان پيو پر ڪمبل مون کي نه پيو ڇڏي!!“

    1998ع ۾ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪا وڏي مزاحمت ان عمل خلاف نه ٿي هئي، پر سنڌ ۾ نواز حڪومت خلاف وڌندڙ جذبات نواز حڪومت خلاف جنرل مشرف پاران ٽيڪ اوور ڪرڻ کانپوءِ مڙهيل چارج شيٽ ۾ ضرور شامل هئا. ٻي ڳالهه اها ته سنڌ ۾ لياقت جتوئي حڪومت ڪا پاپولر حڪومت نه هئي، پر تازو پنجاب ۾ گورنر راڄ هڪ پاپولر حڪومت کي هٽائي لڳايو ويو آهي ۽ پنجاب ۾ ان جو ردعمل به نظر اچي پيو. جيتوڻيڪ پنجاب ۾ ٽن ڏينهن دوران ظاهر ٿيل عوامي ردعمل جي شدت اوتري نظر نه پئي اچي، جيتري نواز ليگ قيادت کي اميد هوندي، پر پنجاب جي راءِ عامه هن مهل شريف برادران ڏانهن جهڪيل نظر اچي ٿي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۽ هفتن ۾ ٻه فيڪٽرز اهم هوندا. هڪ اهو ته، پنجاب ۾ موجود ڪاوڙ 12 مارچ تي لانگ مارچ ۽ 16 مارچ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي ۾ عملي طرح روڊن تي ڪيتري نظر اچي ٿي؟ ٻيو اهو ته پي پي پنجاب جي ٽيم پنجاب اسيمبليءَ ۾ پنهنجي اڪثريت اگر ٺاهڻ ۾ ناڪام رهي ٿي ته پوءِ پنجاب جي گورنر راڄ جو فيصلو هڪ اهڙو ڪمبل بڻجي ويندو، جنهن مان اگر هٿ ڪڍڻ به چاهبو، تڏهن به ڪمبل شايد هٿ نه ڪڍي. ان ڏس ۾ اهو سمجهڻ ڏکيو ڪونهي ته اگر ملڪ ۾ سياسي بحران ڊيگهه وٺي ويو ته واشنگٽن کي به ڪوفت ٿيڻ شروع ٿيندي، جنهن جي خواهش رهي آهي ته پاڪستان ۾ سياسي قوتون ۽ فوج پنهنجا خفا وساري دهشتگردي واري هڪ ئي مسئلي کي منهن ڏين. ساڳي ريت اسان جي اسٽيبلشمينٽ، جنهن جو وڏو حصو پنجاب سان تعلق رکي ٿو، ڊگهي عرصي تائين پنجاب ۾ سياسي بحران تي اکيون شايد ئي ٻوٽي ويهي سگهي. سو صدر زرداري ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ شروع ٿيل ان اقتداري ڪشمڪش ۾ ٽائيم هڪ اهم فيڪٽر هوندو. اگر صدر صاحب 15 ڏينهن يا هڪ مهيني اندر پنجاب جي روڊن تي ٺاپر ڪرائڻ ۽ پنجاب ۾ گورنر راڄ هٽائي پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته واشنگٽن توڙي اسان جي اسٽيبلشمينٽ ڪو مشورو/ هدايت نامو وٺي وچ ۾ نه ايندا پر جيڪڏهن اهو بحران ڊيگهه وٺي ويو ته پوءِ مشورا/هدايت ناما اچي سگهن ٿا، جيئن ماضيءَ ۾ صدر اسحاق خان ۽ نواز شريف وچ ۾ جهيڙي بعد ان مهل جي آرمي چيف جنرل وحيد ڪاڪڙ ٻنهي کي گهر وڃڻ جو ”مشورو“ ڏنو هو.



    feedback-kawish@yahoo.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ سان محبت ڪندڙ اکين

    ۾ به برف ڄمي ويندي؟





    خميس 05 مارچ 2009ع

    ڪنهن جڏهن مون کان اهو سوال ڪيو ته، ”ڇا اکين ۾ برف ڄمي سگهي ٿي؟“ ته ان سوال ته ڪافي دير تائين سوچ ۾ پئجي ويس ۽ مون کي سوين اهڙيون اکيون ياد اچي ويون، جن ۾ برف ڄمي ويل هئي ۽ منجهي پيس ته انسان جي اها ڪهڙي ڪيفيت هجي ٿي، جڏهن سندس اکين ۾ برف ڄمي وڃي ٿي؟ شايد ڪنهن جي اکين جو پاڻي تڏهن برف ٿيو وڃي، جڏهن سندس جذبن ۾ اها حدت يا گرمي نٿي رهي، جيڪا پاڻي کي برف ٿيڻ کان بچائي سگهي ۽ مظهرالاسلام چواڻي ته، ”محبت جو ٻج ته پوکيو ئي اکين جي پاڻي سان ويندو آهي.“ ڇا محبت خدا سان ٿي سگهي ٿي، خلق خدا سان نه؟ ڇا محبت ڪنهن هڪ فرد سان ئي ڪجي سڄي انسانيت سان نه؟ ڇا محبت رڳو پنهنجي ڪٽنب سان، ان معاشري ۽ سماج سان نه، جنهن جو اهو ڪٽنب هڪ ننڍڙو حصو آهي؟ اگر رڳو I love you ۽ I Miss you چوندڙن کي محبتي ماڻهو چئبو آهي ته پوءِ خلق خدا سان، ڌرتي سان ۽ پنهنجي معاشري سان محبت ڪندڙن کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ پوءِ ڇا مدر ٽريسا کي ۽ عبدالستار ايڌَي جهڙين شخصيتن کي صرف سماج سيوڪ چئي/ قرار ڏئي انهن جي اندر موجود انسانيت لاءِ اٿاهه محبت کي نظر انداز ڪري ڇڏجي؟ ڇا دنيا جي انهن انيڪ ماڻهن، جن پنهنجي حياتي پنهنجي ڌرتي جي محبت ۾ وڃائي ڇڏي، کي صرف نظرياتي ماڻهو قرار ڏئي انهن جي لازوال محبت کان اکيون بند ڪري وٺون، صرف ان ڪري جو انهن صرف ليليٰ يا صرف هير، صرف سسئي يا ڪنهن هڪ محبوب لاءِ نه پر لکين ڪروڙين ماڻهن سان محبت ڪئي؟ اگر لوڪ داستانن ۾ ڪنهن عاشق پنهنجي محبوب جي ڳولها ۾ سختيون سٺيون، ته نيلسن منڊيلا ۽ اڄ برما جي سوڪي به لکين ماڻهن جي محبت ۾ قيد و بند جون صعوبتون برداشت ڪري پئي. اتي مقصد مجنون بمقابلا نيلسن منڊيلا يا سسئي بمقابلا سوڪي ناهي پر چوڻ ايترو چاهيان ٿو ته اهي سڀ محبت ڪندڙ هئا/آهن ۽ ڪنهن محبت ڪندڙ کي سڀني کان وڌيڪ پيڙا ٿئي تڏهن ٿي، جڏهن سندس محبت جي جذبي کي ڏسندڙ جي اکين ۾ برف ڄمي وڃي، پوءِ اهو ڏسندڙ ڪو هڪ شخص هجي يا سماج هجي ڇاڪاڻ ته، جيئن مٿي چئي آيس ته جڏهن ڪنهن فرد يا سماج جي اندر جو هيٽر گهربل گرمي پيدا ڪرڻ بند ڪري ڇڏي ٿو ته اکين ۾ محبت کي ڏسڻ ۽ پيدا ڪرڻ وارو پاڻي ڄمي وڃي ٿو ۽ انسان مرزا غالب جي، ان شعر جيان ٿيو وڃي:

    هوا جب غم سي بيحس تو غم ڪيا سر ڪي ڪٽني ڪا

    نه هوتا تن سي جدا تو زانون پر ڌرا هوتا

    توهان سوچيندا هوندا ته ملڪ ۾ اقتداري سياست جي وٺ وٺان عروج تي پهتل آهي ۽ آئون ان جو تجزيو ڪرڻ بدران محبت، اکين ۾ برف ڄمي وڃڻ جهڙا موضوع ڪٿان کڻي آيو آهيان؟ توهان صحيح ٿا سوچيو پر غلط آئون به ناهيان، ڇاڪاڻ ته تجزيو صرف اهو ڪرڻ ڪافي نه هوندو ته زرداري صاحب ۽ ميان صاحب مان ڪير ڪامياب ٿيندو ۽ ڪير نه، بلڪه اهو به ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ان ٽڪراءُ جو جيڪو به انجام ٿيو، ان ۾ اسان يعني سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ڇا حاصل ٿيندو يا ڇا وڃائينداسين؟ اهو ضرور تجزيو ڪرڻ چاهيان ٿو ته پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ پ پ ڪامياب ٿي ويندي يا پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ وارو شوق مرڳو وفاقي سيٽ اپ جي ڳچي ۾ پئجي ويندو. پر انهن تجزيي ڪرڻ سان گڏ سوچ انهن حالتن ڏانهن به ڇڪجي وڃي ٿي، جيڪي سنڌ جي ڪنڌ ۾ فٽ ٿيندي نظر اچن پيون، فيض احمد فيض چواڻي ته:

    لوٽ جاتي هي ادهر ڪو بهي نظر ڪيا ڪيجئي

    اها ڳالهه پڪ سان ڪير به نٿو چئي سگهي ته ڪنهن حڪومت جي عمر گهڻي هوندي پر ڪجهه ڳالهيون بلڪل چٽيون هجن ٿيون، جن کي سمجهڻ ۾ ڪا عربي فارسي ناهي هوندي. مثال طور شريف برادران جو نااهل ٿيڻ ۽ پنجاب حڪومت جو وڃڻ ٽي مهينا اڳ کان هر ان شخص کي نظر آيو پئي، جنهن جي پري واري نظر گهڻي خراب نه هئي. هاڻ به اهو سمجهڻ هروڀرو ڏکيو ڪونهي ته ”گدرو ڇري تي ڪري يا ڇري گدري تي ڪري، ٻنهي صورتن ۾ نقصان گدري جو ئي ٿيندو“ يعني اگر وفاقي سيٽ اپ (صدر ۽ وفاقي حڪومت) پنجاب ۾ نواز ليگ کي حڪومت ٺاهڻ کان روڪي وئي يا نواز ليگ پنجاب حڪومت ٻيهر ٺاهي وئي، ٻنهي صورتن ۾ ان جا گهرا اثرات وفاقي سيٽ اپ تي پوڻ اڻٽر آهن، فرق صرف اهو پوندو ته اگر نواز ليگ ٻيهر حڪومت ٺاهي وئي ته پوءِ پنجاب حڪومت ۽ وفاقي سيٽ اپ ۾ 50 اوورن وارو ون ڊي ميچ شروع ٿي ويندو، پر جيڪڏهن وفاقي سيٽ اپ پنجاب ۾ پي پي ۽ ق ليگ جي حڪومت آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ ون ڊي بدران 5 ڏينهن وارو ٽيسٽ ميچ شروع ٿيندو. اتي ڪجهه ٻيون باريڪيون به سمجهڻ جي ضرورت آهي، يعني اگر نواز ليگ کي پنجاب حڪومت واپس ڪنهن سگهاري ”ٽياڪڙ“ جي ٽياڪڙي سبب ملي ته پوءِ ان ”ٺاهه“ هيٺ پنجاب حڪومت کي ڪجهه عرصو وفاقي حڪومت خلاف هٿ هلڪو رکڻ وارو شرط مڃڻو پوندو، پر اگر خالص پنهنجي مڙسي سان پنجاب حڪومت نواز ليگ کي واپس ملي وئي ته پوءِ تماشو ئي ٻيو نظر ايندو، ساڳئي ريت اگر پنجاب ۾ نواز ليگ مخالف ڪنهن ٺهندڙ حڪومت ۾ وڏ وزارت ق ليگ حوالي ٿي ته صورتحال مختلف ۽ اگر پنجاب جو ايندڙ وڏو وزير پي پي جو ٿيو ته وري ٻن ٽن مهينن ۾ ق ليگ جا رساما ۽ پي پي پاران کين پرچائڻ وارا منظر ميڊيا تي هر ڪو ڏسي سگهندو، سو ٽائيم فريم ڏيڻ کانسواءِ ايتري ڳالهه بلڪل صاف آهي ته ملڪ جي سياسي سيٽ اپ ۾ هڪ سال کان هلندڙ اسٽيٽسڪو 25 فيبروري (شريف برادران جي نااهلي واري فيصلي اچڻ واري ڏينهن) تي ٽٽي چڪو آهي، سو هاڻ وفاقي سيٽ اپ جيڪو طاقت ۽ قدبت جي حوالي سان وڏو هجي ٿو، اهو جڏهن بار بار مختلف شين سان ٽڪراءُ ۾ ايندو ته اهي ٿوري طاقت ۽ ننڍي سائيز جي شين کي ته ٽوڙي وجهندو پر هر ٽڪراءُ سان پاڻ کي به هاڃو رسائيندو، بلڪل جيئن ٽائيٽينڪ جهاز ننڍي چٽان سان ٽڪرايو هو ته اها چٽان ته ڀڄي ڀور ڀور ٿي وئي هئي پر ٽائيٽينڪ جهاز ۾ به سوراخ ٿي ويو ۽ پوءِ پاڻي ڀرجڻ سبب جهاز ٻڏي ويو.

    لانگ مارچ جي حوالي سان مون کي ڪا گهڻي غلط فهمي ڪونهي ته اهو ڪو ٿيڻ ڏبو. مطلب ته سولي سنڌي ۾ 12 مارچ کان هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ مارچ ڪندڙن جي اڪثريت سرڪاري مهمان ٿيندي نظر اچي ٿي ۽ ڏنڊي جي باقائده استعمال وارو آپشن ئي استعمال ٿيندو. نظر اچي ٿو ۽ هاڻ جڏهن لاهور ۾ سريلنڪا جي ٽيم تي حملي واري دهشتگردي وارو واقعو به ٿي ويو آهي ته ظاهر آهي، ڪنهن اڻوندڙ واقعي کي روڪڻ ۽ امن و امان کي ضابطي هيٺ رکڻ لاءِ سرڪار جو ”لوهي هٿ“ گهڻو حرڪت ۾ نظر ايندو، سو گهڻو امڪان اهو آهي ته 10 کان 16 مارچ جي وچ وارن ڏينهن ۾ ميڊيا ته پاڻ ڪي جلوس يا جلسا ڏسڻ بدران پوليس جي لٺبازي ۽ مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جا منظر ڏسون ۽ شايد اتان معاملو حڪومت ۽ ميڊيا جو به شروع ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهو هضم ڪرڻ بنهه ڏکيو آهي، ته حڪومت هزارين، لکين ماڻهن کي اسلام آباد تائين مارچ ڪرڻ ڏيندي ۽ کين اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ ڏيندي. سو اگر مارچ نه ٿيندو ته ڌرڻو به نه لڳندو ۽ حڪومتي خواهش اها هوندي ته ميڊيا ان صورتحال کي وڪيلن ۽ نواز ليگ جي ناڪامي جو نالو ڏي پر ايتري سرڪاري ٻولي ميڊيا لاءِ مشرف دور ۾ به ڳالهائڻ ڏکئي هئي ۽ شايد هن دفعي به ميڊيا حڪومتي توقعات تي مڪمل طور پوري نه لهي سگهي.

    اها ڳالهه درست آهي ته لنڊن ۾ ٻه سال اڳ پاڪستان جي سياسي مسقبل لاءِ جوڙيل ماسٽر پلان ۾ محترمه شهيد ۽ جنرل پرويز مشرف تي ٻڌل سيٽ اپ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ميان نواز شريف جو ڪو خاص ڪردار نه رکيو ويو هو، پر هاڻ جڏهن محترمه بينظير به ناهي رهي ۽ پرويز مشرف به منظر کان آئوٽ ٿي ويو آهي ته ڇا پرڏيهي قوتن جو جوڙيل پراڻو ماسٽر پلان اڄ به Valid (قابل عمل) هوندو؟ اڄ جڏهن آمريڪا ۾ بش ۽ لنڊن ۾ بليئر حڪومتون ناهن رهيون، بلڪه پاڪستان جي جيل مان ڪڍي شريف برادران کي جدي پهچائڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندڙ اڳوڻي آمريڪي صدر ڪلنٽن جي زال هيلري ڪلنٽن اوباما انتظاميا جي اهم فرد آهي، ڇا اڄ به ميان نواز شريف پرڏيهي قوتن لاءِ قبوليت جوڳو نه هوندو؟ ڇا آصف زرداري صاحب بمقابله شريف برادران ۾ پرڏيهي قوتن جي زرداري صاحب کي اوتري ئي حمايت حاصل آهي، جيتري صدر مشرف کي ڳچ عرصو محترمه بينظير ۽ نواز شريف جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۽ لنڊن جي هئي؟ اگر ان ڳالهه جو جواب ها ۾ به مڃي وٺون ته پوءِ به ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ به ڇا ايتري ئي اينٽي شريف برادران آهي، جيتري مشرف دور ۾ هئي؟ ان سوال جو جواب ها ۾ ڏيڻ ڏکيو ٿو لڳي، سو ڇا پاڻ کي زرداري صاحب ۽ شريف برادران جي جهيڙي جي پويان واشنگٽن ۽ پنڊي وچ ۾ جاري ”سرد جهيڙي“ کي به ڳولهڻ گهرجي؟ محترمه شهيد ۽ پرويز مشرف جي گڏيل سيٽ اپ پويان لنڊن پلان جوڙيندڙن جي منطق دهشتگردي خلاف پاڪستاني فوج ۽ پاڪستاني پاپولر سياست ڪندڙن جو اتحاد جوڙڻ هو، پر اڄ جڏهن لنڊن ۽ واشنگٽن ۾ ويٺل ڏاها سوات ۾ اي اين پي جهڙي سيڪيولر ۽ پاپولر پارٽي جو طالبان سان ٺاهه ٿيندي ڏٺو هوندو ته ڇا سندن ذهن ۾ لنڊن پلان تي سواليا نشان نه اڀريو هوندو؟ ڇاڪاڻ ته پرويز مشرف جي فوجي حڪومت اهڙو ٺاهه نه ڪيو، جهڙو اي اين پي ۽ پي پي حڪومت ڪيو آهي! ساڳئي ريت پي پي ۽ نواز ليگ جو جهيڙو ڏسي به اهي گورا سوچيندا هوندا ته ”هي ڀائي لوگ ته پنهنجي جهيڙي ۾ پئجي ويا آهن، اسان جي جهيڙي (دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه) جو ڇا ٿيو؟ سو اگر پاڻ پرڏيهي فرنٽ جو، ملڪ جي اندروني سياسي منظرنامي جي حوالي سان مٿي ڄاڻايل نقطن جي روشني ۾ جائزو وٺون ته ڊگهي هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ حڪومت جي حق ۾ ويندي نظر نٿي اچي، ڇاڪاڻ ته اگر اڄ پرڏيهه قوتون وفاقي سيٽ اپ جي حق ۾ به هجن، تڏهن به هو ڊگهي ۽ مسلسل هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ سان دير سوير بيزار ٿيندا ۽ گڏو گڏ کين اهو به خيال اچي سگهي ٿو ته اگر ڪجهه سيٽ اپ غير مقبول ٿيندو وڃي ته کين ان سان چنبڙي رهڻ ۾ گهڻين رڪعتن جو ثواب ملندو؟ ساڳئي ريت اسان جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ به اهو مشڪل مرحلو هوندو ته ڪنهن سويلين پارٽي وٽ پنجاب سوڌو چئني صوبن ۾ حڪومتن سان گڏ وفاقي حڪومت، سينيٽ ۾ اڪثريت ۽ صدر جو عهدو هجي ڇاڪاڻ ته کين اهو ڊپ ورائي وڃڻ جو خدشو هوندو ته مڪمل سولين اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ متان هاڻ وارو اسٽيبلشمينٽ ۾ پنهنجي ”هم خيالن“ جي اڪثريت ٺاهڻ جو خيال حڪمرانن جي من ۾ نه اچي وڃي! سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جنهن تيزي سان صدر زرداري صاحب ”مڪمل اقتدار“ حاصل ڪرڻ لاءِ وڌي پيو ان مان صحيح يا غلط پر اهو ڊپ ميڊيا، گيلاني صاحب ۽ اسٽيبلشمينٽ منجهه به پيدا ٿيندو هوندو ته هاڻي متان ٻيو نمبر سندن اچڻ وارو هجي؟ منهنجي خيال ۾ ٻيو مسئلو زرداري صاحب آڏو اهو ساڳيو اچي پيو جيڪو پرويز مشرف سان به هو يعني سڄي مخالف ۽ حمايت جو محور هڪ شخص ٿي ويو آهي ۽ وچ ۾ ڪو Buffer نه رهيو آهي، هر ڌر کي پڪ آهي ته اگر کيس ڪجهه ملڻو آهي ته هڪ ئي شخص کان ۽ کيس ڪو نقصان رسڻو آهي ته به ان جو ذميوار هڪ ئي شخص هوندو. ٻئي طرف ميان نواز شريف هڪ وڏي سياسي غلطي ڪندي نظر اچي ٿو ته هن صدر زرداري ۽ مخالف تحريڪ کي ساڄي هٿ جي ڌرين جي تحريڪ جو رنگ ڏئي پرڏيهي قوتن کي پنهنجو وزن زرداري صاحب جي حق ۾ رکڻ لاءِ (وقتي طور) مجبور ڪيو آهي ۽ ساڳئي ريت ان تحريڪ کي پنجاب جي تحريڪ بڻائي ننڍن صوبن کي ان کان پاسيرو رهڻ جو اڻ سڌو نياپو ڏنو آهي، جيتوڻيڪ ساڄي ڌر جي پنجاب جي تحريڪ سان پرڏيهي قوتون ۽ ننڍا صوبا پاسيرا رهندا پر اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود پنجاب سان تعلق رکندڙ مذهبي رجحان رکندڙ لابي ان تحريڪ کي پنهنجي تحريڪ ضرور سمجهندي.

    مٿي ڪيل سڄي مٿي خوري جو نتيجو اگر پاڻ ائين ڪڍون ته هروڀرو غلط نه هوندو ته اقتداري دنيا جي جبل تان پٿر هيٺ ڏانهن ڍرڪڻ شروع ٿي ويو آهي، پوءِ ڏسجي ته ان کي تيزي سان هيٺ اچڻ کان ڪنهن حڪمت عملي تحت روڪي وٺجي ٿو يا نه؟ ڏسو اگر هي لانگ مارچ/ڌرڻو انتظامي حڪمت عملي(ڏنڊي ذريعي) روڪيو ويو ته وري ڪنهن ٻئي مارچ جو يا ٻئي ڪنهن ڌرڻي جو اعلان ٿيندو، ٻئي طرف پنجاب حڪومت جو خفو هلندڙ آهي، وري وزير اعظم گيلاني صاحب قومي اسيمبليءَ ۾ بيهي صدر کي موبائيل عدالتن وارو آرڊيننس واپس وٺڻ جي صلاح پيو ڏي، سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جي حملي وري اهو ياد ڏياري ڇڏيو ته دهشتگردي جو راڪاس اسان جي شهرن مٿان لامارا پيو ڏئي، سوات امن معاهدو به گهڻو ڊگهو هلندي نظر نه پيو اچي، غرض ته چوطرف پيدا ٿيل صورتحال”سڀ ٺيڪ آهي“ واري نه بلڪه ”گهڻي ٺيڪ ناهي“ واري پئي نظر اچي ۽ اهو چوڻ غلط نه هوندو ته اهي سڀ مسئلا بمقابلا ايوان صدر ٿي ويو آهي ۽ ڪٿي به پي پي بطور سياسي پارٽي نظر نه پئي اچي، جنهن جو هڪ مثال اهو آهي ته شريف برادران خلاف ۽ صدر جي حمايت ۾ هڪ وڏو عوامي شو ٿيو آهي، جيڪو متحده قومي موومينٽ ڪراچي ۾ ڪيو. پاڻ ڪير ٿيندا آهيون مشورا ڏيڻ وارا پر اهو خيال ذهن ۾ اڀري ٿو، ڪنهن سان ٽڪراءُ ۾ اچڻ کان اڳ پنهنجو House in order آڻڻ (گهر جا ٽپڙ ٺيڪ ڪرڻ/گهر ٻڌڻ) هڪ بنيادي اصول هجي ٿو، ڇا اهو عجيب نٿو لڳي ته ان سياسي بحران ۾ پ پ جا سينئر ۽ تجريبڪار ماڻهو ائين پاسيرا ويٺا آهن، ڄڻ سندن ڪجهه وڃي ئي نه!!

    مولانا فضل الرحمان ۽ اسفند يار ولي جي ميان نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ اهي ٻئي اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪافي مطمئن هئا ته اهي زرداري صاحب ۽ ميان صاحب وچ ۾ ٻيهر ڪو مفاهمت جو رستو ڳولهي وٺندا. سياست ۾ ڪجهه به ناممڪن نٿو هجي پر مون کي ذاتي طرح اهڙي ڪنهن مفاهمت جو امڪان اول ته گهٽ ٿو نظر اچي پر اگر جهيڙيندڙ ڌرين ۾ ڪو Truce (ٺاهه) ٿيو به ته اهو گهڻو ڊگهو عرصو شايد ئي هلي پر ڀلا پاڻ تصور ڪريون ته اهو سياسي بحران ٽري وڃي ٿو يا وڌي وڃي ٿو، هلندڙ مهيني ڪجهه ٿئي ٿو يا هلندڙ سال ايندڙ سال يا جيڪو به ٿيندو سو ٿيندو پر ان مهل سنڌ ڪٿي بيٺل هوندي؟ اگر تبديلي غير آئيني نوعيت جي آئي ته اسان سان ڪهڙي جٺ ٿيندي، پر جي مڊٽرم چونڊون ٿيون ته سنڌ ڪٿي بيهندي؟ مون کي ايندڙ وقت ۾ سنڌ سياسي طور تي بنهه Isolated (اڪيلي) نظر اچي ٿي ۽ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته سنڌ جي واهر ڪير ڪندو؟ ڇاڪاڻ ته ايندڙ دور ۾ شايد ئي ڪا پارٽي چئني صوبن ۾ پنهنجي نمائندگي ٺاهي سگهي، سو پنجاب ۾ نواز ليگ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ اتان جون قومپرست جماعتون اتي جي حقن جي نمائندگي ڪنديون پر سنڌ جي نمائندگي ڇا ايم ڪيو ايم ۽ ضلعي اتحادن ذريعي چونڊيل ڀوتار ڪندا؟ آئون سمجهان ٿو ته سنڌ سان محبت ڪندڙن کي پنهنجي اکين ۾ برف ڄمڻ نه ڏيڻ کپي ۽ پنهنجي دل جي هيٽر سان ان محبت جي جذبي کي گرمائڻ کپي جيئن سنڌ جي بهتري جو خواب ڏسندڙن اکين جي پاڻي سان گڏ اهو خواب به هڪ ڄمي ويل خواب بڻجي نه رهجي وڃي.

    feedback_kawish@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو