محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ مستقبل جي ”سياسي محور“

    لاءِ ڇا پئي سوچي؟



    اڱارو 17 مارچ 2009ع

    ڪا حقيقي محبت ڪرڻ تيستائين ممڪن ئي ناهي، جيستائين انسان جي ٽئين اک کلي نه وڃي. يعني دل جي اک، پر رڳو دل جي اک سان به محبوب کي پرکي نٿو سگهجي. مطلب اهو نڪتو ته حقيقي محبت لاءِ انسان وٽ ٽنهي اکين جو هجڻ ضروري آهي. جيڪي ماڻهو محبت هجڻ جا دعويدار ٿي اهو روايتي ڊائيلاگ هڻن ٿا ته ”سمجهه ۾ ڪجهه نٿو اچي، بس دل هٿان مجبور آهيان.“ اهي ماڻهو جذبات جي نشي ۾ هجن ٿا، جيئن ڪو ٻيو ماڻهو شراب يا ٻئي ڪنهن شيءِ جي نشي ۾ اچي سوچڻ سمجهڻ کان قاصر ٿي اونڌا سڌا ڪم ڪندو آهي، پر سمجهڻ اهو گهرجي ته محبت جو تصور ئي Purity (پاڪيزگي) سان جڙيل آهي، سو جيڪي ماڻهو محبتي هجن ۽ ساڳئي وقت اهي نشي ۾ به هجن، اها ڳالهه غير منطقي آهي. سولي سنڌي ۾ ان ڳالهه کي ايئن چئجي ته دل جي اک انسان کي پنهنجي جذبي جي صحيح سڃاڻپ ڪرائي ٿي پر جذبا بنيادي طرح Alcoholic (نشي ۾ آڻيندڙ) هجن ٿا، پر دماغ لاءِ ڏسندڙ ٻه اکيون منطق، صحيح توڙي غلط ڏسي رهيون هجن ٿيون، سو جڏهن دل ۽ دماغ ۽ ٽئين اک هڪ ئي وقت ڏسن ٿيون تڏهن ئي اندر ۾ خالص ۽ حقيقي محبت جنم وٺي ٿي. پر اهو چوڻ سولو ۽ هڪ ئي وقت ٽئي اکيون کولي رکڻ بنهه ڏکيو آهي. ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي هڪ مضمون ”ڪجهه دل جي به ٻڌو“ ۾ ساڳئي ڳالهه مختلف انداز ۾ لکي هيم ۽ اڄ به اصرار انهيءَ نقطي تي آهي ته صرف دماغ ۽ نه ئي صرف دل، بلڪه ڏسڻ، پرکڻ يا محبت ڪرڻ لاءِ دل ۽ دماغ ٻنهي جي گڏيل استعمال سان ئي ڪو خالص جذبو، ڪا سٺي سوچ يا بهتر ڪو فيصلو ٿئي ٿو.

    انگريزي ٻولي ۾ جتي Emotional Fool (جذبات ۾ ورتل بيوقوف) چيو وڃي ٿو، اتي ئي Emotional Intelligence (جذبات جي ذهانت) جو اصطلاح به استعمال ٿئي ٿو. يعني جنهن ماڻهو کي پنهنجن جذبن جي پروڙ ٿيو وڃي، ان جا جذبا نشي کان پاڪ ٿيو وڃن. اهي ماڻهو پنهنجي اندر موجود شديد تڙپ جي هوندي به سانت نظر اچن ٿا. هو روئين ضرور ٿا، پر پنهنجا لڙڪ ٻاهر آڻڻ بدران اندر ئي ڪيرائي ان سان پاڻ کي پاڪيزه ڪرڻ ۾ رڌل هجن ٿا. اهي چالاڪ نه، پر ذهين هجن ٿا، جيڪي چالبازي بدران معصوميت کي پنهنجو اثاثو سمجهن ٿا، جيڪي پنهنجي محبت، پنهنجي پئسي يا پنهنجي اقتدار کي سنڀالڻ/نڀائڻ جي سگهه به رکن ٿا، پر وقت اچڻ تي انهن کي ڇڏڻ جو حوصلو به رکن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته اهو شخص جيڪو کيس مليل ڪنهن شيءِ سان هر قيمت تي چنبڙي وڃي ٿو، ان کان وڏو ماڻهو اهو هجي ٿو، جيڪو حاصل شيءِ کي ڇڏڻ جي همت رکي ٿو. تازو رسول بخش پليجو صاحب پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو ته، ”علي قاضي کي ڪجهه وقت کان ووڪل ڪلاس جو خفت لڳل آهي ۽ ان بابت ڪئين ڪالم لکي چڪو آهي، باوجود ان ڳالهه جي ته سنڌ جي سياسي ڪلاس اڃان سندس تجويز کي گهربل موٽ ڪا نه ڏني آهي، تڏهن به هو پنهنجي ڳالهه پويان لڳو پيو آهي...چي، ”بهيا کيا کرتا هي؟“ چي، ”بهيا لگا پڙا هي.“

    پليجو صاحب جي اها راءِ پڙهي سوچيان ٿو ته سنڌ ۾ مثبت تبديلي جي حوالي سان جيڪو خفو کنيو پيو هلان، ان سان مسلسل چنبڙيو رهان يا ان خفي کان کلي موڪلائي وٺجي؟ ڇاڪاڻ ته تبديلي سياسي ڪلاس ئي آڻيندو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي ئي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي ته پوءِ آئون مرزا غالب ته آهيان ڪو نه، جو اهو سوچي ڳالهائيندو/لکندو رهان ته:

    بک رها هون جنون مين کيا کيا کچهه،

    کچهه نه سمجهي خدا کري کوئي!

    آئون ان جنون يا خفت واري ڪيفيت ۾ اڃا ڪجهه وقت رهندي پليجو صاحب سوڌو سنڌ جي سمورن محبتي ماڻهن کان ڪجهه ٻاراڻي قسم جا سوال ڪرڻ جي اجازت چاهيان ٿو. (1) ڇا سنڌ جيڪو ڪجهه اڄ ڀوڳي رهي آهي، سو ته ڇڏيو، پر ويجهي مستقبل ۾ جيڪو سنڌ سان ٿيندو، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو هوم ورڪ ٿيل آهي؟ (2) سنڌ جي معيشت، حقن کانپوءِ سنڌ جي جاگرافيءَ سان هٿ چراند جا جيڪي خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن، اسان وٽ اهڙي ڪنهن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟ (3) جنهن سياسي ڪلاس جو پليجي صاحب ذڪر ڪيو آهي، اهو ڪلاس ڪنهن هڪ پليٽ فارم تي موجود آهي؟ (4) ڇا اڄ سنڌ ۾ ڪا اهڙي هڪ پارٽي يا ڪو هڪ سياسي ليڊر اهڙو آهي، جنهن لاءِ اهو چئي سگهجي ته هو سنڌ جو هڪ Consensus (متفقه) ليڊر آهي؟ (5) سنڌ ۾ جيڪو سياسي ويڪيوم پيدا ٿي ويو آهي، ان خال کي امڪان آهي ته ڪو ڀوتار يا انارڪي ئي ڀريندي، پر ڇا ان جو ڪو توڙ ڪنهن وٽ آهي؟ جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب ”نه“ ۾ آهن ته پوءِ آئون ان خفت مان ڪيئن نڪران ته سنڌ جي واهر ڪرڻ لاءِ ووڪل ڪلاس پنهنجو ڪردار ادا ڪري؟ پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي وٽ ان لاءِ ڪو بهتر حل آهي ته منهنجي اکين تي.

    16 مارچ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي کان اڳ رات پيٽ ۾ وزير اعظم کي ٽي وي تي اچي چوڌري افتخار جي بحاليءَ جو اعلان ڪرڻو پيو. سو جيڪو ڪجهه مهينا اڳ کان نظر آيو پئي، ساڳيو ڪجهه ٿي ويو، پر سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺلن کي اهو سڀ ڪجهه اڳواٽ ڇو نه پئي نظر آيو؟ بهرحال مون کي گهٽ ۾ گهٽ هينئر به اهڙي ڪا گهڻي خوش فهمي ناهي، جو هاڻ سڀ ڪجهه ڊگهي عرصي تائين ٺيڪ ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو فيصلو حڪومت دل وٽان نه، پر مجبوريءَ وچان ڪيو آهي ۽ ٻيو اهو ته اڃا کوڙ سارا اشوز اڀرڻا آهن، جنهن ۾ جوڊيشري اندر ڇانٽيءَ جو معاملو، 17 هين ترميم جو خاتمو، يعني صدر صاحب جا اختيار ختم ٿيڻ، فوج ۾ اعليٰ عهدن تي مقرري وارن صدر کي حاصل اختيارن جو معاملو، شريف برادران جي نااهليءَ جو خاتمو، پنجاب حڪومت ۾ ميان شهباز شريف جي واپسي، ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارن پاران گم ڪيل ماڻهن جي بازيابيءَ جو ڪيس، اين آر او واري اشو سوڌو اڃا کوڙ معاملا ملڪي اقتداري سياست تي ايندڙ ڏينهن/هفتن ۾ ڇانيل نظر ايندا. پر آئون ان لانگ مارچ مان پنجاب جي ان نئين تعارف کي انتهائي غور سان ڏسڻ چاهيان پيو، جيڪو ميان نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڻ سڀني گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڏٺو. ماضيءَ ۾ پنجاب اسٽيبلشمينٽ جي معرفت اسلام آباد ۾ پنهنجو اثر رکندي هو، پر اهو پهريون ڀيرو ڏٺوسين ته پنجاب ۽ خاص طرح سينٽرل پنجاب ۾ ماڻهن روڊن تي نڪري اسلام آباد کان مطالبا مڃرايا آهن. اهو ٽرينڊ پنجاب لاءِ نئون آهي پر سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري واري اسلام آباد جي فيصلن خلاف سنڌ جو ماڻهو روڊن تي نڪرندو رهيو آهي، خود محترمه شهيد بينظير سنڌ-پنجاب بارڊر تي ڪالاباغ خلاف ڌرڻو هنيو هو. اڄ جيڪڏهن سنڌ لکين ماڻهو صوبائي خودمختياري ۽ سنڌ جي معدني وسيلن تي مالڪي واري حق لاءِ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪن ته ڇا ايئن سوچڻ هڪ خواب هوندو؟ پ پ حڪومت حقيقي صوبائي خودمختياري جو بل پارليامينٽ ۾ آڻي ته ڇا ائين سوچڻ پڻ ديوانگي سڏبي؟

    لانگ مارچ کان ڪجهه هفتا اڳ لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ ملڪي سياست جي تجزيي سان گڏ اهو به لکيو هيم ته سنڌ کي سياسي Isolation (اڪيلائي) جو شڪار ٿيندي ڏسان پيو. ڇا اڄ اها ڳالهه چٽي ٿي سامهون نه اچي وئي آهي؟ اڄ وري لکان پيو ته جيڪڏهن سنڌ سان محبت ڪندڙن هڪ ئي وقت دل ۽ دماغ جون اکيون کولي سنڌ سان پنهنجو رشتو نه جوڙيو ته پوءِ انهن کان به ڪجهه وقت کانپوءِ اهو ئي سوال ٿيندو، جيڪو سوال اڄ حڪومت کان ڪيو پيو وڃي ته جڏهن هر ڪنهن کي اقتداري بحران نظر آيو پئي ته اقتدار ۾ ويٺلن کي ڇو نه پئي نظر آيو؟ ٿي سگهي ٿو ته آئون غلط هجان پر ملڪ مڊ-ٽرم چونڊن ڏانهن وڌي پيو. پوءِ ان ۾ 6 مهينا لڳن، يا 16 مهينا. ان حوالي سان اهو ڏسجي ته سنڌ جي مينڊيٽ کي ڪنهن حد تائين هڪ هنڌ گڏ رکندڙ پارٽي يعني پ پ جي اڄوڪي حالت ڇا آهي، ۽ جيئن جيئن وقت گذري پيو، ۽ جيئن نظر پيو اچي، ان جي ڄاڻ به هر ڪنهن کي آهي، سو ان صورتحال ۾ مستقبل جي سنڌ ڪٿي بيٺل هوندي؟ ڇاڪاڻ ته سڀاڻي مڊ-ٽرم چونڊن يا کڻي مڊ-ٽرم نه ئي سهي، پر شيڊيول موجب 4 سالن بعد چونڊون ٿيون تڏهن به پنجاب ۾ نواز ليگ هوندي، سرحد ۾ اي اين پي هجي يا مولوي حضرات ٻنهي کي پنهنجي صوبي جي حقن جو اونو هجي ٿو. بلوچستان ۾ به قومپرست پارٽيون ملڪ جي سالميت واري حوالي سان ٺاهيل ٿيوريز مان ٻاهر نڪتيون ته به، ۽ نه نڪتيون ته به بلوچستان جو معاملو ئي مختلف آهي، پر سوال آهي ته سنڌ جي اڳواڻي ڪير ڪري رهيو هوندو! ڇا اسان وٽ به افغانستان يا آزاد علائقا، جتي وار لارڊز هجن ٿا، اتان کان ٿوري بدليل صورتحال ته نه هوندي؟ يعني ضلعي ۽ تعلقي سطح جا ڀوتار اسان جا نمائندا هوندا، جيڪي وزارت يا مشير بڻجڻ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا؟ ٻين لفظن ۾ اسان وٽ ڪو سياسي Nucleus (مرڪز) نه رهندو.

    ڏهاڪو سال اڳ ووڪل ڪلاس ذريعي تبديلي آڻڻ واري Concept (تصور) ڏيڻ کان به سال يا ٻه سال اڳ هڪ خيال ظاهر ڪيو هيم، جيڪو اڄ حالتن جي سنگيني کي محسوس ڪندي ٻيهر ورجايان پيو ته شايد هاڻ اسان جو سياسي ڪلاس من ان خيال کي گهربل موٽ ڏي ته سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون، پريشر گروپ ۽ سماجي تنظيمون ڪن به ٽن يا پنجن ماڻهن تي مشتمل هڪ ڪميٽي/ڪائونسل/گروپ ٺاهين، جيئن سنڌ جي اها ڇڙوڇڙ ٿيل سياسي سگهه هڪ محور جي چئوگرد گڏ ٿي سگهي جيئن Leaderless (قيادت کان خالي) ۽ Directionless (رخ کان خالي) ٿيندڙ سنڌ کي صحيح رخ تي آڻڻ، سنڌ جي حقن لاءِ نتيجه ڏيندڙ جاکوڙ ڪرڻ ۽ سنڌ اندر مثبت تبديلي آڻڻ جا خواب ساڀيان ٿي سگهن

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا ”مڪمل انقلاب“ مان سنڌ کي وري

    به ڪجهه ڀوتار ئي ملندا؟

    اربع 18 مارچ 2009ع

    چلو ڀائي، دير ئي نه ٿي، ميان نواز شريف اعلان ڪري ڇڏيو ته عدليه جي بحالي ”انقلاب“ جي منزل ڏانهن پهريون ڏاڪو هيو! ميان صاحب جيڪو 16 مارچ کان اڳ تائين چئي رهيو هو ته رڳو عدليه بحال ڪري ڇڏيو، پوءِ 5 سالن تائين ڪجهه نه گهربو، تنهن هاڻ کان ئي عوام کان واعده وٺڻ شروع ڪري ڏنا آهن ته ”مڪمل انقلاب“ جي منزل جي حصول لاءِ هو (عوام) ساڻس مارچ لاءِ تيار رهي! ميان صاحب جڏهن انقلاب لاءِ سڏ ڏي پيو ته ظاهر آهي هو ڪنهن پرولتاري انقلاب يا اسلامي انقلاب جي ڳالهه نه پيو ڪري، ان ڪري ڪنهن ٻار کي به سمجهڻ گهرجي ته ميان صاحب جي ”مڪمل انقلاب“ جي سولي تشريح اسلام آباد ۾ ميان صاحب جي حڪومت اچڻ آهي.

    اسان جي اقتداري سياست ڪنهن زماني ۾ گهڻي منڌل هوندي هئي، پر گذريل ڪجهه سالن ۾ هي ايتري Predictable (اڳواٽ سمجهڻ جهڙي) ٿي وئي آهي، جو مرزا غالب چواڻي ”بازيچهءِ اطفال“ لڳي ٿي. ڏسو ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته جڏهن شريف برادران کي نااهل قرار ڏنو ويو ته پوءِ شريف برادران وٽ ان ڳالهه جي پرواهه کانسواءِ ته نتيجو ڪهڙو نڪرندو روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻئي ڪا واٽ نه بچي هئي ۽ 15 مارچ تي جيئن عوام خاص طرح سينٽرل پنجاب جي ماڻهن ميان صاحب جي سڏ جي موٽ ڏني ۽ حڪومت 2 نومبر واري عدليه بحال ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي، ان کان پوءِ اهو دنيا آڏو ثابت ٿي ويو ته ميان صاحب عوام کي روڊن تي آڻڻ جي وڏي سگهه رکي ٿو، پر مسئلو اهو آهي ته 15 مارچ تي چوڌري افتخار صاحب ته بحال ٿي ويو، پر شريف برادران اڄ به نااهل آهن. جيتوڻيڪ ميان نواز شريف اهو بار بار چئي پيو ته انهن لانگ مارچ ذاتي مفادن خاطر نه ڪيو هو ۽ انهيءَ ڪري عدليه جي بحالي واري حڪومتي اعلان کانپوءِ هن لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پر ڳالهه ايتري سادي ناهي، ڇاڪاڻ ته ميان صاحب اهو سمجهندو هوندو ته هن لانگ مارچ جو سڄو ٽيمپو عدليه جي بحاليءَ جي هڪڙي نقطي جي گرد جوڙيو هيو، سو ان جي بحالي کانپوءِ 15 مارچ واري لانگ مارچ کي جاري رکڻ جو ڪو اخلاقي جواز نه بچيو هو ۽ ٻي ڳالهه اها ته 15 مارچ تي حڪومت ۽ ميان صاحبن ۾ سيز فائيز ڪرائيندڙ پرڏيهي توڙي ڏيهي قوتن نظرثاني جي اپيل ذريعي شريف برادران جي بحالي جي به پڪ ڏياري آهي، پر شريف برادران اڃا به عوامي ٽيمپو ان ڪري برقرار رکڻ چاهين ٿا، جو هڪ ته کين اڃان کٽڪو هوندو ته نظرثاني جي اپيل کان پوءِ به جيڪڏهن فيصلو ٻيهر انهن جي خلاف اچي ويو ته پوءِ به روڊن تي اچڻو پوندو، پر جيڪڏهن فيصلو حق ۾ به اچي ويو، پر ان فيصلي ۾ پنجاب ۾ 24 فيبروري واري صورتحال بحال نه ڪئي وئي ته پوءِ به شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير نه بڻجي سگهندو، ڇاڪاڻ ته آئين ۾ ڪنهن به شخص جي ٻن ڀيرن کان وڌيڪ وزير اعظم يا وزير اعليٰ بڻجڻ تي بندش آهي، ۽ شهباز شريف ٻه ڀيرا وزير اعليٰ ٿي چڪو آهي، سو 15 مارچ تي حڪومت ۽ شريف برادران وچ ۾ ٺاهه ناهي ٿيو، بلڪه عارضي سيز فائيز ٿيو آهي. ٻئي طرف صدر زرداري صاحب جي اها خواهش هوندي ته جيڪڏهن شريف برادران کي واپس پنجاب ۾ اقتدار ملي ته ان کان اڳ شريف برادران ۽ هن جي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽي جو خاتمو اچي ۽ وزير اعظم گيلاني صاحب جي معرفت هلندڙ نياپن سنيهن وارو سلسلو ختم ٿئي ۽ ٻيهر شريف برادران سان سندس سڌو رابطو/واسطو بحال ٿئي، پر شريف برادران پنهنجي حق ۾ ٿي ويل حالتن مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي موڊ ۾ آهن ۽ هو پهرين نااهلي جو خاتمو ۽ پنجاب حڪومت جي واپسي چاهين ٿا. نه ته عدليه جي بحالي کانپوءِ سٺو موقعو هيو جو شريف برادران وزير اعظم سان گڏوگڏ فون تي صدر زرداري سان به ڳالهائي پئي سگهيا، باقي فرق رڳو ايترو آيو آهي جو شريف برادران صدر صاحب تي سڌي تنقيد عارضي طور بند ڪري ڇڏي آهي.

    ميان نواز شريف جنهن ”مڪمل انقلاب“ لاءِ عوام کي تيار رهڻ جو سڏ ڏئي پيو، ان ”انقلاب“ جي تشريح ظاهر آهي ته صدر زرداري صاحب ۽ سندس ٽيم وارا به سمجهي رهيا هوندا، سو عدليه جي بحالي وارو مطالبو مڃڻ کانپوءِ، جنهن مطالبي کي نه مڃڻ جو انهن وٽ ڪو اخلاقي جواز نه هيو ۽ جنهن مطالبي کي مجموعي طور عوام جي اڪثريت جي حمايت به حاصل هئي، کانپوءِ ۽ هاڻ نج معاملو ٻن سياسي پارٽين جي اقتداري ٽڪراءَ جو وڃي بچيو آهي، سو جيڪڏهن ته شريف برادران اهل قرار ٿي لاهور جي مسند تي اچي ويٺا ته به ”مڪمل انقلاب“ يعني اسلام آباد جو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم الاهي تيز ٿي ويندو، پر جيڪڏهن نظرثاني واري اپيل ۾ ڪا سرپرائيز اچي وئي ته پوءِ وري معاملو روڊن تي اچي ويندو ۽ تڪڙ ۾ (ٻن ٽن مهينن دوران) جيڪڏهن (خدا نه ڪري) معاملو روڊن تي اچي ويو ته هِن ڀيري ”ٽياڪڙي ڪرائيندڙ“ شايد ئي 15 مارچ وارو ڪردار ادا ڪن! مون کي ته ايترو عقل ڪونهي، پر چوڻ ۾ ڇا آهي ته جيڪڏهن مهيني ڏيڍ کانپوءِ به پنجاب جو اقتدار شريف برادران کي ڏيڻ جو حڪومت فيصلو ڪري ورتو آهي ته پوءِ 15 مارچ تي عدليه جي بحالي ۽ شريف برادران جي نااهلي واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ واري اعلان سان گڏ ئي پنجاب ۾ گورنر راڄ جي خاتمي جو اعلان به ڪري ڇڏڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته حڪومتي قائدين اهو ڏسي ورتوآهي ته هي دور 1990ع وارو ناهي، جڏهن صرف Tricks (اٽڪلن) سان ڪم هلائبو هو، پر اڄ اقتداري سياست لاءِ به High Moral Grounds (اعليٰ اخلاقي جواز) جي بنياد تي Operate ڪرڻو پئي ٿو، سو جيڪڏهن 15 مارچ تي گورنر راڄ جو خاتمو به ٿي چڪو هجي ها ته جمهوري حڪومت خلاف اهو طعنو به ختم ٿي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته اهو صاف نظر اچي پيو ته پنجاب حڪومت ملي يا نه، پر هاڻ شريف برادران ”مڪمل انقلاب“ کان گهٽ تي ڊگهي عرصي تائين ماٺ ڪري گهر نه ويهندا ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ وچين مدي وارين چونڊن جو مطالبو جيڪڏهن آيو ته مون کي ان تي ڪا به حيرت نه ٿيندي ۽ شريف برادران جو لانگ مارچ کان اڳ ۽ هاڻ جيڪو لب و لهجو آهي، ان مان اهو اندازو ڪرڻ ڏکيو ناهي ته هو هڪ طرح جي چونڊ مهم هلائين پيا ۽ هو نه چاهيندا ته جيڪو ٽيمپو خاص طور پنجاب جي عوام ۾ پيدا ٿيل آهي، اهو 4 سالن جي انتظار ۾ تڏو ٿي وڃي. سو پ پ پ قيادت کي به جيڪڏهن انهن کي منهن ڏيڻو آهي ته روايتي اقتداري طريقن کان هاڻ پاسو ڪندي هڪ عوامي پارٽي جيان بلند اخلاقي جوازن تحت حالتن کي نئين سر منهن ڏين، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ اڄ جي زماني ۾ جيڪا حڪومت مقبول نٿي رهي، اها حڪومت مضبوط به نٿي رهي.

    ميان نواز شريف ٻه دفعا وزير اعظم رهي چڪو آهي، پر هِن مهل مٿس تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هن پاڻ کي پنجاب جو ليڊر بڻائي ڇڏيو آهي. نواز ليگ جا حلقا اهڙي تاثر کي رد ڪندي اهڙا اطلاع ڏين پيا ته ميان نواز شريف جلد سنڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندو. پر زميني حقيت اها آهي ته سنڌ جو ماڻهو ڀٽو فيڪٽر جي ڪري پاڻ کي ملڪي سياست ۾ Second Priority (ٻئي نمبر واري ترجيح) تي رکڻ جو عادي ناهي رهيو، سو اها ائپروچ ته ٿورو فارغ ٿي وٺون پوءِ سنڌ جو دورو به ڪري وٺنداسين، هتان جي عوام کي شايد ئي هضم ٿي سگهي. بلوچستان ۽ سرحد جي ڳالهه ٻئي آهي، جو اتي جو Base (بنياد) رکندڙ ڪنهن پارٽي اسلام آباد جي اقتدار تي ڪڏهن ايترو Influence (اثر) نه رکيو آهي، پر ڀٽوز جي ڪري سنڌ کي اها عادت پراڻي پيل آهي. سو سنڌ کي جيڪڏهن ”فرصت“ جو ڪم سمجهي ڪري معاملن کي ان حوالي سان ڏٺو پيو وڃي ته ان سان اهو تاثر اڃا پختو ٿيندو ته ميان صاحبان کي ملڪ جي اڪثريتي صوبي پنجاب جي اڪثريت جي حمايت حاصل آهي، باقي قومي ليڊر ٿيڻ لاءِ نموني طور سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪجهه سردار، ڪجهه ڀوتار ملي وڃن ته کوڙ آهي!! ٻين لفظن ۾ رڳو هڪ فارملٽي پوري ڪرڻ وارو تاثر سنڌ ۾ اڀرڻ فطري آهي. سنڌ جي سياسي حلقن ۾ اٿندڙ اهي سوال به فطري آهن ته ڇاڪاڻ جو ميان صاحب جو سنڌ ۾ ته ڪو خاص ووٽ بئنڪ ناهي، بلڪه اتان اڻويهه ويهه ساڳيا ئي ڀوتار وڃي نواز ليگ ۾ شامل ٿيندا، جيڪي 1997ع ۾ هن سان گڏ هئا ۽ بعد ۾ ق ليگ ۾ هليا ويا هئا ۽ سندس سياسي مرڪز پنجاب آهي ته ڇا هو مستقبل ۾ وري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ته نه ڪري وٺندو؟ ڇا سڀاڻي وري هو سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي 10 يا 15 ايم پي ايز جي زور تي سنڌ ۾ اقليتي پارٽي جي حڪومت نه ٺاهيندو، جهڙي هن 1997ع ۾ لياقت جتوئي حڪومت جي صورت ۾ ٺاهي هئي؟ ۽ ڇا وري سنڌ اسيمبلي کي ڪو به سبب ڄاڻائي تالو ته نه لڳرائي ڇڏيندو؟ اهي ۽ ٻيا کوڙ سارا سوال آهن، جيڪي سنڌ جي سجاڳ سياسي حلقن ۾ گردش ڪري رهيا آهن، جنهن تي سنڌ کي مطمئن ڪرڻ ”فرصت جي ڪجهه گهڙين“ ۾ شايد ممڪن نه هجي، سو جيڪڏهن ميان صاحب سنڌ لاءِ ڪجهه گهڙيون ڪڍي اتي آيو به ته اتي وري ڪجهه ڀوتارن سان سنڌ جي ”روشن مستقبل“ بابت صلاح مشورو ڪري روانو ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪڏهن ”مڪمل انقلاب“ آيو ته سنڌ جي نصيب ۾ وري ڪجهه ڀوتار ئي ايندا!!

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مايوسيءَ جي پيغامبرن

    لاءِ هڪ ٻيو پيغام



    اربع 25 مارچ 2009ع

    عام طرح ڪنهن هڪ فرد/ ڌر جو فائدو ٻئي لاءِ نقصان هجي ٿو، ڪنهن هڪ جي خوشي ٻئي لاءِ غم ۽ ڪنهن هڪ جي جيت ٻئي جي هار بڻجي ٿي، اهو فطري آهي، پر ڪجهه فرد ۽ مخصوص حالتن ۾ ڪنهن سموري معاشري ۾ Sadistic يعني ٻئي کي اذيت ڏئي خوشي محسوس ڪرڻ وارو منفي رويو حاوي ٿيو وڃي (تاريخ اهڙن فردن ۽ اهڙين قومن جي حوالن سان ڀريل آهي)، پر چنگيز خان کان وٺي هٽلر ۽ ٽين دنيا جي انيڪ ڊڪٽيٽرن ۽ فاشسٽ ليڊرن وٽ Sadist (اذيت پسند) ٿيڻ لاءِ ڪوڙا، سچا جواز هوندا هئا ۽ بوسنيا ۾ مسلمانن جو ڪوس ڪرڻ کان ويندي اهڙن ٻين تاريخي هاڃن جي ذميوار فردن توڙي قومن جي ان نفسياتي ڪيفيت تي گهڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي ته آخر اهي فرد يا قومون ايتريون sadist ڇو ٿي ويون هيون؟ انسان جون ذهني ڪيفيتون کائنس ڇا ڇا ڪرائي وڃن ٿيون، جو ڪو ٻيو ڏسي ته دنگ رهجي وڃي. مثال طور، تازو اخبار ۾ خبر پڙهيم ته ڀارت ۾ هڪ ناڪام ڪاروباري ماڻهوءَ پنهنجي ڪاروبار ۾ واڌ ويجهه لاءِ هڪ فراڊ قسم جي تانترڪ بابا وٽ ويو ته هن کيس چيو ته، هو اگر پنهنجي ڌيءَ، جيڪا 14 سالن جي هئي، سان زنا ڪندو ته سندس ڪاروبار ۾ فائدو ٿيندو ۽ انتهائي افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته ان نڀاڳي پيءُ اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو!!! انسان ائين ڇو ۽ ڪيئن ٿي وڃي ٿو؟ ڪڏهن بم ٻڌي بيگناهه ماڻهن سان گڏوگڏ پاڻ کي اڏايو ڇڏي، وري محبت جو نالو کڻي ٻئي مٿان تيزاب اڇلايو ڇڏي!! مون کي انسان جي هڪ ٻي ڪيفيت، جنهن کي masochism يعني پاڻ کي اذيت ڏيڻ ۾ مزو اچڻ (Masochist اهو شخص جيڪو اذيت سهي مزو ماڻي) به سمجهه ۾ نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ٻئي کي اذيت ڏيڻ واري انساني ڪيفيت کي ته حيواني جبلت سان ڪٿي نه ڪٿي جوڙي ڳالهه کي عقل جي دائري ۾ وري به آڻي سگهجي ٿو، پر پاڻ کي اذيت ۾ آڻي خوش ٿيڻ کي ڪيئن سمجهجي؟ ڇاڪاڻ ته مون ته ڪنهن حيوان/جانور کي به پاڻ کي اذيت ڏئي خوش ٿيندي ڪونه ڏٺو آهي. شايد ماهر نفسيات ان ڪيفيت کي ٻئي نموني سمجهائي سگهن پر مون کي اهو لڳي ٿو ته ڊگهي عرصي تائين مسلسل pessimism (نراسائي) جو شڪار ٿيل فرد يا معاشرو هڪ وقت کانپوءِ masochism (خود اذيتي) جو شڪار ٿي وڃن ٿا. شايد جڏهن مايوسي جو شڪار ٿيل فرد يا معاشرو مسلسل زيادتيون برداشت ڪندو رهي ٿو ته پوءِ ڪو وقت اهڙو به اچي ٿو، جڏهن کيس ان تڪليف جي عادت ٿيو وڃي ۽ ان مان کيس مزو اچڻ شروع ٿيو وڃي! جڏهن اسان جا ڪجهه دانشور ۽ ڏاها اهو چون ٿا ته سنڌ ۾ شديد مايوسي آهي ۽ معاشرو ”ڪجهه نه ٿيندو“ واري نااميدي واري ڪيفيت ۾ وٺجي چڪو آهي ۽ وري ٻيا ڪجهه سياڻا اهو هوڪو ڏين ٿا ته ”نه صرف ڪجهه نه ٿيندو بلڪه خبردار، ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪجو“ ته اهو ڊپ ورائي وڃي ٿو ته ڇا اسان کي پاڻ سان ٿيندڙ سمورين زيادتين، اذيتن، ناانصافين ۽ ذلتن ۾ هاڻ مزو اچڻ شروع ٿي ويو آهي؟ ڇا اسان pessimist (نااميد) سوسائٽي مان Optimist (رجائيت پسند/ اميد پرست) بدران masochist (خود اذيتيءَ مان مزو ماڻيندڙ) ڪيفيت اپنائي رهيا آهيون؟

    هر ماڻهوءَ جيان مون تي تنقيد به ٿئي ٿي ۽ تعريف به پر مون کي پنهنجي ساراهه ۾ چيل اهو جملو تمام گهڻو سٺو لڳو هو، جڏهن ڪنهن چيو ته، ”هي شخص مايوسيءَ جي پيغمبرن کي مسلسل مايوس ڪندو پيو اچي“. ڪنهن ڪامياب ماڻهوءَ چواڻي ته، ڪو ڪم صرف ان ڪري ته ڇڏي نٿو سگهجي ته اهو ڪم ڏکيو يا تمام ڏکيو آهي. سنڌ ۾ به جيڪي حالتون آهن، جيتريون رنڊڪون آهن، انهن کي آڏو رکجي ته ڪنهن مثبت تبديليءَ جي خواهش جو پورو ٿيڻ تمام ڏکيو لڳي ٿو، پر سنڌ ۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن جي بهتري لاءِ سوچڻ ۽ ان سوچ کي عملي طور آڻڻ جي ڪوشش اهو سوچي ڇڏي ڏجي ته اهو ٿيڻ تمام ڏکيو آهي؟ مڃيوسين ته وزن ڳرو آهي، پر ان کي کڻڻ لاءِ سٺي حڪمت عملي ۽ پنهنجي سگهه وڌائڻ جو جتن ڪرڻ ڪيئن ڇڏي ڏجي؟ ننڍي هوندي کان ذاتي تجربو اهو رهيو آهي ته اگر نيت صاف هجي ۽ دل ۽ دماغ سان ڪم ڪجي ته وقتي طور خواب نظر ايندڙ شيون به حقيقت بڻجيو وڃن ۽ ڌڻي ٻاجهه ڪري ته ناممڪن نظر ايندڙ ٽارگيٽ حاصل ٿيو وڃي ۽ خدا چاهيو ته هن صوفين جي ڌرتي تي رهندڙ خلق خدا به سموريون رنڊڪون هٽائي هڪ حقيقي تبديلي ضرور آڻيندي.

    مثبت تبديليءَ جو محور اندازِ حڪمراني هجي ٿي ۽ گڊ گورننس ڪا سياسي قوت ئي آڻي سگهي ٿي. حڪومت جون واڳون يا ته خوني انقلاب ذريعي حاصل ڪبيون آهن يا پوءِ عام چونڊن ۾ ووٽ ذريعي. اسان جي مخصوص حالتن ۾ ڪنهن خوني انقلاب جهڙو ڪو ماحول نه آهي، تنهن ڪري هڪڙو ئي طريقو بچي ٿو ته تبديلي کي ووٽ جي رستي آڻڻ جي rational (عقل تي ٻڌل) خواهش رکجي ۽ ان لاءِ ڪوشش ڪجي. هاڻ اهو سمجهڻ ۾ به ڪا وڏي سائنس ڪونهي ته ڏهاڪن کان اليڪشني سياست ذريعي اقتداري ايوانن ۾ پهچندڙ ڌريون يا ڀوتار اگر مثبت تبديليءَ جا حامي ۽ ان لاءِ ڪاوشون ڪندڙ هجن ها ته نه اڄ سنڌ ائين هجي ها ۽ نه ئي اسان کي اهڙا مضمون/بحث ڪرڻ جي ڪا ضرورت هجي ها، سو ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته هڪ نئين سياسي پارٽي/پليٽ فارم جي ضرورت آهي، جنهن جو فلسفو، اندازِ حڪمراني تبديلي ڪري سنڌ ۾ هڪ مثبت تبديلي آڻڻ هجي. سو هاڻ اتي اهو سوال اڀري ٿو ته اها سياسي قوت ڪٿان اچي ۽ ڪير آڻي؟ ته ظاهر آهي ته اهڙي ڪا پارٽي يا ليڊرشپ ڪٿان ٻاهران امپورٽ ته ڪري نه ٿي سگهجي ۽ ان کي سنڌ مان ئي پيدا ٿيڻو آهي. روايتي طرح چار پنج يا اٺ ڏهه ماڻهو گڏ ٿي اهو طئي ڪندا آهن ته کين هڪ سياسي پارٽي ٺاهڻ گهرجي، پوءِ ڪنهن هڪ کي پارٽي صدر، ٻئي کي جنرل سيڪريٽري ۽ باقي عهدا ڏئي پوءِ عوام سان رابطي جي مهم لاءِ نڪربو آهي ۽ عوامي ميڙن ۽ ميڊيا ذريعي عوام کي پنهنجي پارٽي ۾ شموليت جو سڏ ڏبو آهي. (اسان وٽ اهڙيون کوڙ ساريون پارٽيون/گروپس آهن) نئين پارٽي ٺاهڻ جو ٻيو فارمولو اقتداري ونڊ ورڇ واري مرحلي ۾ ڪارآمد ٿيندو آهي، يعني مختلف ڀوتار اسٽيبلشمينٽ جي هدايتن تي گڏ ٿي ڪا اهڙي پارٽي ٺاهي وٺن ٿا، جنهن جو انهن اڳ ۾ ڪڏهن نالو به نه ٻڌو هجي ٿو (جوڻيجو ليگ کان وٺي ”ق“ ليگ تائين اهڙا کوڙ مثال آهن) ماضيءَ ۾ اهڙيون ڪجهه پارٽيون/گروپس سنڌ سطح تي به ٺهيا. هڪ نئين طريقي جو ذڪر آئون ڪندو رهيو آهيان ته سنڌ جون سموريون پارٽيون/پريشر گروپس اتحاد نه پر هڪ سياسي ڪنسورشيم ٺاهين ۽ انهن پارٽين/گروپس سان واسطو نه رکندڙ سنڌ جي 3 يا 5 ساک رکندڙ سمجهدار ماڻهن جي اڳواڻيءَ ۾ نئون پليٽ فارم جوڙين ته جيئن ڇڙ وڇڙ سياسي سگهه ڪنهن هڪ نيوڪليئس (محور) جي چوگرد گڏ ڪري سگهجي يا ٻين لفظن ۾ سنڌ جي سياسي ڪلاس ڪنهن هڪ سياسي پليٽ فارم تي گڏجي سگهي. ٿي سگهي ٿو ته نئين سياسي پليٽ فارم جوڙڻ لاءِ اها تجويز پارٽين/گروپس جي ڪجهه ليڊرن کي عمل جوڳي نه لڳي پر آئون ووڪل ڪلاس (جنهن ۾ سياسي سماجي، غرض ته هر ڪلاس جو ماڻهو اچيو وڃي) جي هڪ پليٽ فارم تي گڏجڻ واري پنهنجي Originalخيال تي عمل ٿيڻ کان اڄ به بلڪل نااميد ناهيان ۽ منهنجي سمجهه اهو چئي ٿي ته تبديلي جو اکين ۾ خواب سانڍي رکندڙ ووڪل ڪلاس کي شايد ڪنفيوز رڳو اها ڳالهه ڪري ٿي ته اڳ ۾ ڪا پارٽي ٺهي ۽ ان جي ڪا مرڪزي باڊي جڙي، جنهن کانپوءِ مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ موجود ووڪل ڪلاس پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پر منهنجو خيال اهو آهي ته ووڪل ڪلاس روايتي انداز سان ڪنهن پارٽي جي جڙڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ گڏجڻ شروع ٿئي، جنهن کانپوءِ مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ جڙيل اهي ووڪل ڪلاس گروپس هڪ ٻئي سان يقيني طور سلهاڙجي ويندا، ڇاڪاڻ ته انهن گروپس جو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ جڙڻ جو ڪارڻ ساڳيو ئي هوندو، يعني ”سنڌ ۾ مثبت تبديلي آڻڻ“. سمجهڻ اهو گهرجي ته اگر ووڪل ڪلاس جا 50 يا 100 ماڻهو ٺٽي ۾ گڏجي هڪ گروپ ٺاهين ٿا ۽ ساڳئي ريت گهوٽڪي ۾ به ساڳئي ريت ڪو گروپ جڙي ٿو ته ظاهر آهي ته اهي ٻئي ساڳئي فلسفي سان تعلق رکندڙ هوندا، جيڪي بعد ۾ سنڌ سطح جي ٺهندڙ پارٽي جو حصو هوندا. سو اگر ڪنهن وٽ اهو تاثر آهي ته اهي سدائين الڳ الڳ گروپس طور ئي رهندا ته اهو تاثر غلط آهي. فرق صرف اهو آهي ته منهنجي خيال ۾ ڪا هڪ مرڪزي باڊي پاران وڃي سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪرڻ واري روايتي انداز بدران اها پارٽي خود ماڻهو ٺاهين ته جيئن ان جي مالڪي جو انهن کي احساس به ٿئي. هڪ ٻيو سوال به اڪثر ڪجي ٿو ته 50 يا 100 ماڻهو ڪهڙي تبديلي آڻي وٺندا؟ اتي سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته اگر ڪنهن شهر ۾ 50 ماڻهن جي گڏجاڻي ٿئي ٿي ۽ هو طئي ڪري اٿن ٿا ته اتي موجود 50 ماڻهن مان هر هڪ ماڻهو 15 ڏينهن کانپوءِ ٻئي گڏجاڻي ۾ پاڻ سان 3 ٻيا ووڪل ڪلاس جا ماڻهو آڻيندو ته ٻئي گڏجاڻي ۾ 50 بدران 200 ماڻهو موجود هوندا، جيڪي تبديلي جا چاهيندڙ هوندا. ٽئين پوءِ چوٿين گڏجاڻي ۾ ماڻهن جو انگ هزارن ۾ پهچي ويندو. اتي سمجهڻ اهو به گهرجي ته ڪروڙين ماڻهن جي معاشري ۾ تبديلي لاءِ عمل ڪروڙين ماڻهو ئي نٿا ڪن پر تبديلي لاءِ عملي ڪاوش هزارين ماڻهو ئي ڪندا آهن. مثال طور هڪ ايم پي اي جي تڪ، جنهن ۾ ووٽرن جو اندراج اگر 2 لک آهي ته ان 2 لک مرد ۽ عورتن جو صرف هڪ سيڪڙو ماڻهو يعني 2 هزار گڏ ٿي طئي ڪن ته اليڪشن واري ڏينهن هر ماڻهو پنهنجن 15 مٽن مائٽن دوستن ۽ واقفڪارن کان ووڪل ڪلاس جي اميدوار کي ووٽ وجهرائيندو ته اهو ايم پي اي جو اميدوار 15X2000 معنيٰ 30 هزار ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويندو. سنڌ ۾ سڌي ريت چونڊجي ايندڙ ايم پي ايز جو انگ 130 آهي، جنهن مان پهرين مرحلي ۾ 70 تڪن تي اگر ووڪل ڪلاس جا هر تڪ ۾ ٻه ٻه هزار ماڻهو ان ووڪل ڪلاس جي پارٽي جو حصو بڻجي ويا ته اهو انگ هڪ لک 40 هزار وڃي بيهي ٿو ۽ ايتري وڏي انگ ۾ ڪميٽيڊ ۽ باصلاحيت پارٽي ڪيڊر ان مهل سنڌ ۾ ڪنهن به پارٽي وٽ ڪونهي، پر شروعاتي طور اهي گروپس تڪن جي سطح تي ٺاهڻ بدران شهر يا علائقي جي سطح تي ٺاهڻ صحيح ٿيندو.

    برين ڪي مرفي (Brain K Murphy)جي ڪتاب ۾ ليکڪ هڪ باب

    The dilemma of action and the Psychology of inertia

    ۾ لکي ٿو ته:

    Essential to the creative life is the practice of “vision”, this involves “seeing how things are” - creating our own knowledge and perception and relevance rather than merely absorbing or adopting a prescribed perception. In seeing how things are, vision also involves “seeing how things are not”, and, finally vision involves creating intention

    “Seeing how things might be”.

    (تخليقي زندگيءَ جي لاءِ لازم آهي ته اسان پنهنجي تصورات تي عمل درآمد ڪريون ۽ ان ۾ شامل آهي ته اسان ڏسون ته شين جي اصل ماهيت ڇا آهي، ۽ اسان پنهنجي لاءِ ڄاڻ ۽ تصورات جي خود تشڪيل ڪريون، بجاءِ انهيءَ جي جو ڏسيل تصورن کي اختيار ڪريون. تصورن ۾ اهو به شامل آهي ته ڏسجي ته شيون ڪيئن آهن ۽ ڪيئن ناهن ۽ آخر ۾تصورات ۾ اهو به شامل آهي ته اسين پنهنجي ارادن جي تخليق ڪريون ۽ اهو ڏسون ته شيون ڪيئن هجڻ گهرجي.)

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ميرئ ديده ورو!





    خميس 02 اپريل 2009ع

    عام طرح ڪنهن هڪ فرد/ ڌر جو فائدو ٻئي لاءِ نقصان هجي ٿو، ڪنهن هڪ جي خوشي ٻئي لاءِ غم ۽ ڪنهن هڪ جي جيت ٻئي جي هار بڻجي ٿي، اهو فطري آهي، پر ڪجهه فرد ۽ مخصوص حالتن ۾ ڪنهن سموري معاشري ۾ Sadistic يعني ٻئي کي اذيت ڏئي خوشي محسوس ڪرڻ وارو منفي رويو حاوي ٿيو وڃي (تاريخ اهڙن فردن ۽ اهڙين قومن جي حوالن سان ڀريل آهي)، پر چنگيز خان کان وٺي هٽلر ۽ ٽين دنيا جي انيڪ ڊڪٽيٽرن ۽ فاشسٽ ليڊرن وٽ Sadist (اذيت پسند) ٿيڻ لاءِ ڪوڙا، سچا جواز هوندا هئا ۽ بوسنيا ۾ مسلمانن جو ڪوس ڪرڻ کان ويندي اهڙن ٻين تاريخي هاڃن جي ذميوار فردن توڙي قومن جي ان نفسياتي ڪيفيت تي گهڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي ته آخر اهي فرد يا قومون ايتريون sadist ڇو ٿي ويون هيون؟ انسان جون ذهني ڪيفيتون کائنس ڇا ڇا ڪرائي وڃن ٿيون، جو ڪو ٻيو ڏسي ته دنگ رهجي وڃي. مثال طور، تازو اخبار ۾ خبر پڙهيم ته ڀارت ۾ هڪ ناڪام ڪاروباري ماڻهوءَ پنهنجي ڪاروبار ۾ واڌ ويجهه لاءِ هڪ فراڊ قسم جي تانترڪ بابا وٽ ويو ته هن کيس چيو ته، هو اگر پنهنجي ڌيءَ، جيڪا 14 سالن جي هئي، سان زنا ڪندو ته سندس ڪاروبار ۾ فائدو ٿيندو ۽ انتهائي افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته ان نڀاڳي پيءُ اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو!!! انسان ائين ڇو ۽ ڪيئن ٿي وڃي ٿو؟ ڪڏهن بم ٻڌي بيگناهه ماڻهن سان گڏوگڏ پاڻ کي اڏايو ڇڏي، وري محبت جو نالو کڻي ٻئي مٿان تيزاب اڇلايو ڇڏي!! مون کي انسان جي هڪ ٻي ڪيفيت، جنهن کي masochism يعني پاڻ کي اذيت ڏيڻ ۾ مزو اچڻ (Masochist اهو شخص جيڪو اذيت سهي مزو ماڻي) به سمجهه ۾ نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ٻئي کي اذيت ڏيڻ واري انساني ڪيفيت کي ته حيواني جبلت سان ڪٿي نه ڪٿي جوڙي ڳالهه کي عقل جي دائري ۾ وري به آڻي سگهجي ٿو، پر پاڻ کي اذيت ۾ آڻي خوش ٿيڻ کي ڪيئن سمجهجي؟ ڇاڪاڻ ته مون ته ڪنهن حيوان/جانور کي به پاڻ کي اذيت ڏئي خوش ٿيندي ڪونه ڏٺو آهي. شايد ماهر نفسيات ان ڪيفيت کي ٻئي نموني سمجهائي سگهن پر مون کي اهو لڳي ٿو ته ڊگهي عرصي تائين مسلسل pessimism (نراسائي) جو شڪار ٿيل فرد يا معاشرو هڪ وقت کانپوءِ masochism (خود اذيتي) جو شڪار ٿي وڃن ٿا. شايد جڏهن مايوسي جو شڪار ٿيل فرد يا معاشرو مسلسل زيادتيون برداشت ڪندو رهي ٿو ته پوءِ ڪو وقت اهڙو به اچي ٿو، جڏهن کيس ان تڪليف جي عادت ٿيو وڃي ۽ ان مان کيس مزو اچڻ شروع ٿيو وڃي! جڏهن اسان جا ڪجهه دانشور ۽ ڏاها اهو چون ٿا ته سنڌ ۾ شديد مايوسي آهي ۽ معاشرو ”ڪجهه نه ٿيندو“ واري نااميدي واري ڪيفيت ۾ وٺجي چڪو آهي ۽ وري ٻيا ڪجهه سياڻا اهو هوڪو ڏين ٿا ته ”نه صرف ڪجهه نه ٿيندو بلڪه خبردار، ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪجو“ ته اهو ڊپ ورائي وڃي ٿو ته ڇا اسان کي پاڻ سان ٿيندڙ سمورين زيادتين، اذيتن، ناانصافين ۽ ذلتن ۾ هاڻ مزو اچڻ شروع ٿي ويو آهي؟ ڇا اسان pessimist (نااميد) سوسائٽي مان Optimist (رجائيت پسند/ اميد پرست) بدران masochist (خود اذيتيءَ مان مزو ماڻيندڙ) ڪيفيت اپنائي رهيا آهيون؟

    هر ماڻهوءَ جيان مون تي تنقيد به ٿئي ٿي ۽ تعريف به پر مون کي پنهنجي ساراهه ۾ چيل اهو جملو تمام گهڻو سٺو لڳو هو، جڏهن ڪنهن چيو ته، ”هي شخص مايوسيءَ جي پيغمبرن کي مسلسل مايوس ڪندو پيو اچي“. ڪنهن ڪامياب ماڻهوءَ چواڻي ته، ڪو ڪم صرف ان ڪري ته ڇڏي نٿو سگهجي ته اهو ڪم ڏکيو يا تمام ڏکيو آهي. سنڌ ۾ به جيڪي حالتون آهن، جيتريون رنڊڪون آهن، انهن کي آڏو رکجي ته ڪنهن مثبت تبديليءَ جي خواهش جو پورو ٿيڻ تمام ڏکيو لڳي ٿو، پر سنڌ ۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن جي بهتري لاءِ سوچڻ ۽ ان سوچ کي عملي طور آڻڻ جي ڪوشش اهو سوچي ڇڏي ڏجي ته اهو ٿيڻ تمام ڏکيو آهي؟ مڃيوسين ته وزن ڳرو آهي، پر ان کي کڻڻ لاءِ سٺي حڪمت عملي ۽ پنهنجي سگهه وڌائڻ جو جتن ڪرڻ ڪيئن ڇڏي ڏجي؟ ننڍي هوندي کان ذاتي تجربو اهو رهيو آهي ته اگر نيت صاف هجي ۽ دل ۽ دماغ سان ڪم ڪجي ته وقتي طور خواب نظر ايندڙ شيون به حقيقت بڻجيو وڃن ۽ ڌڻي ٻاجهه ڪري ته ناممڪن نظر ايندڙ ٽارگيٽ حاصل ٿيو وڃي ۽ خدا چاهيو ته هن صوفين جي ڌرتي تي رهندڙ خلق خدا به سموريون رنڊڪون هٽائي هڪ حقيقي تبديلي ضرور آڻيندي.

    مثبت تبديليءَ جو محور اندازِ حڪمراني هجي ٿي ۽ گڊ گورننس ڪا سياسي قوت ئي آڻي سگهي ٿي. حڪومت جون واڳون يا ته خوني انقلاب ذريعي حاصل ڪبيون آهن يا پوءِ عام چونڊن ۾ ووٽ ذريعي. اسان جي مخصوص حالتن ۾ ڪنهن خوني انقلاب جهڙو ڪو ماحول نه آهي، تنهن ڪري هڪڙو ئي طريقو بچي ٿو ته تبديلي کي ووٽ جي رستي آڻڻ جي rational (عقل تي ٻڌل) خواهش رکجي ۽ ان لاءِ ڪوشش ڪجي. هاڻ اهو سمجهڻ ۾ به ڪا وڏي سائنس ڪونهي ته ڏهاڪن کان اليڪشني سياست ذريعي اقتداري ايوانن ۾ پهچندڙ ڌريون يا ڀوتار اگر مثبت تبديليءَ جا حامي ۽ ان لاءِ ڪاوشون ڪندڙ هجن ها ته نه اڄ سنڌ ائين هجي ها ۽ نه ئي اسان کي اهڙا مضمون/بحث ڪرڻ جي ڪا ضرورت هجي ها، سو ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته هڪ نئين سياسي پارٽي/پليٽ فارم جي ضرورت آهي، جنهن جو فلسفو، اندازِ حڪمراني تبديلي ڪري سنڌ ۾ هڪ مثبت تبديلي آڻڻ هجي. سو هاڻ اتي اهو سوال اڀري ٿو ته اها سياسي قوت ڪٿان اچي ۽ ڪير آڻي؟ ته ظاهر آهي ته اهڙي ڪا پارٽي يا ليڊرشپ ڪٿان ٻاهران امپورٽ ته ڪري نه ٿي سگهجي ۽ ان کي سنڌ مان ئي پيدا ٿيڻو آهي. روايتي طرح چار پنج يا اٺ ڏهه ماڻهو گڏ ٿي اهو طئي ڪندا آهن ته کين هڪ سياسي پارٽي ٺاهڻ گهرجي، پوءِ ڪنهن هڪ کي پارٽي صدر، ٻئي کي جنرل سيڪريٽري ۽ باقي عهدا ڏئي پوءِ عوام سان رابطي جي مهم لاءِ نڪربو آهي ۽ عوامي ميڙن ۽ ميڊيا ذريعي عوام کي پنهنجي پارٽي ۾ شموليت جو سڏ ڏبو آهي. (اسان وٽ اهڙيون کوڙ ساريون پارٽيون/گروپس آهن) نئين پارٽي ٺاهڻ جو ٻيو فارمولو اقتداري ونڊ ورڇ واري مرحلي ۾ ڪارآمد ٿيندو آهي، يعني مختلف ڀوتار اسٽيبلشمينٽ جي هدايتن تي گڏ ٿي ڪا اهڙي پارٽي ٺاهي وٺن ٿا، جنهن جو انهن اڳ ۾ ڪڏهن نالو به نه ٻڌو هجي ٿو (جوڻيجو ليگ کان وٺي ”ق“ ليگ تائين اهڙا کوڙ مثال آهن) ماضيءَ ۾ اهڙيون ڪجهه پارٽيون/گروپس سنڌ سطح تي به ٺهيا. هڪ نئين طريقي جو ذڪر آئون ڪندو رهيو آهيان ته سنڌ جون سموريون پارٽيون/پريشر گروپس اتحاد نه پر هڪ سياسي ڪنسورشيم ٺاهين ۽ انهن پارٽين/گروپس سان واسطو نه رکندڙ سنڌ جي 3 يا 5 ساک رکندڙ سمجهدار ماڻهن جي اڳواڻيءَ ۾ نئون پليٽ فارم جوڙين ته جيئن ڇڙ وڇڙ سياسي سگهه ڪنهن هڪ نيوڪليئس (محور) جي چوگرد گڏ ڪري سگهجي يا ٻين لفظن ۾ سنڌ جي سياسي ڪلاس ڪنهن هڪ سياسي پليٽ فارم تي گڏجي سگهي. ٿي سگهي ٿو ته نئين سياسي پليٽ فارم جوڙڻ لاءِ اها تجويز پارٽين/گروپس جي ڪجهه ليڊرن کي عمل جوڳي نه لڳي پر آئون ووڪل ڪلاس (جنهن ۾ سياسي سماجي، غرض ته هر ڪلاس جو ماڻهو اچيو وڃي) جي هڪ پليٽ فارم تي گڏجڻ واري پنهنجي Originalخيال تي عمل ٿيڻ کان اڄ به بلڪل نااميد ناهيان ۽ منهنجي سمجهه اهو چئي ٿي ته تبديلي جو اکين ۾ خواب سانڍي رکندڙ ووڪل ڪلاس کي شايد ڪنفيوز رڳو اها ڳالهه ڪري ٿي ته اڳ ۾ ڪا پارٽي ٺهي ۽ ان جي ڪا مرڪزي باڊي جڙي، جنهن کانپوءِ مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ موجود ووڪل ڪلاس پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پر منهنجو خيال اهو آهي ته ووڪل ڪلاس روايتي انداز سان ڪنهن پارٽي جي جڙڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ گڏجڻ شروع ٿئي، جنهن کانپوءِ مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ جڙيل اهي ووڪل ڪلاس گروپس هڪ ٻئي سان يقيني طور سلهاڙجي ويندا، ڇاڪاڻ ته انهن گروپس جو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ جڙڻ جو ڪارڻ ساڳيو ئي هوندو، يعني ”سنڌ ۾ مثبت تبديلي آڻڻ“. سمجهڻ اهو گهرجي ته اگر ووڪل ڪلاس جا 50 يا 100 ماڻهو ٺٽي ۾ گڏجي هڪ گروپ ٺاهين ٿا ۽ ساڳئي ريت گهوٽڪي ۾ به ساڳئي ريت ڪو گروپ جڙي ٿو ته ظاهر آهي ته اهي ٻئي ساڳئي فلسفي سان تعلق رکندڙ هوندا، جيڪي بعد ۾ سنڌ سطح جي ٺهندڙ پارٽي جو حصو هوندا. سو اگر ڪنهن وٽ اهو تاثر آهي ته اهي سدائين الڳ الڳ گروپس طور ئي رهندا ته اهو تاثر غلط آهي. فرق صرف اهو آهي ته منهنجي خيال ۾ ڪا هڪ مرڪزي باڊي پاران وڃي سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪرڻ واري روايتي انداز بدران اها پارٽي خود ماڻهو ٺاهين ته جيئن ان جي مالڪي جو انهن کي احساس به ٿئي. هڪ ٻيو سوال به اڪثر ڪجي ٿو ته 50 يا 100 ماڻهو ڪهڙي تبديلي آڻي وٺندا؟ اتي سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته اگر ڪنهن شهر ۾ 50 ماڻهن جي گڏجاڻي ٿئي ٿي ۽ هو طئي ڪري اٿن ٿا ته اتي موجود 50 ماڻهن مان هر هڪ ماڻهو 15 ڏينهن کانپوءِ ٻئي گڏجاڻي ۾ پاڻ سان 3 ٻيا ووڪل ڪلاس جا ماڻهو آڻيندو ته ٻئي گڏجاڻي ۾ 50 بدران 200 ماڻهو موجود هوندا، جيڪي تبديلي جا چاهيندڙ هوندا. ٽئين پوءِ چوٿين گڏجاڻي ۾ ماڻهن جو انگ هزارن ۾ پهچي ويندو. اتي سمجهڻ اهو به گهرجي ته ڪروڙين ماڻهن جي معاشري ۾ تبديلي لاءِ عمل ڪروڙين ماڻهو ئي نٿا ڪن پر تبديلي لاءِ عملي ڪاوش هزارين ماڻهو ئي ڪندا آهن. مثال طور هڪ ايم پي اي جي تڪ، جنهن ۾ ووٽرن جو اندراج اگر 2 لک آهي ته ان 2 لک مرد ۽ عورتن جو صرف هڪ سيڪڙو ماڻهو يعني 2 هزار گڏ ٿي طئي ڪن ته اليڪشن واري ڏينهن هر ماڻهو پنهنجن 15 مٽن مائٽن دوستن ۽ واقفڪارن کان ووڪل ڪلاس جي اميدوار کي ووٽ وجهرائيندو ته اهو ايم پي اي جو اميدوار 15X2000 معنيٰ 30 هزار ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويندو. سنڌ ۾ سڌي ريت چونڊجي ايندڙ ايم پي ايز جو انگ 130 آهي، جنهن مان پهرين مرحلي ۾ 70 تڪن تي اگر ووڪل ڪلاس جا هر تڪ ۾ ٻه ٻه هزار ماڻهو ان ووڪل ڪلاس جي پارٽي جو حصو بڻجي ويا ته اهو انگ هڪ لک 40 هزار وڃي بيهي ٿو ۽ ايتري وڏي انگ ۾ ڪميٽيڊ ۽ باصلاحيت پارٽي ڪيڊر ان مهل سنڌ ۾ ڪنهن به پارٽي وٽ ڪونهي، پر شروعاتي طور اهي گروپس تڪن جي سطح تي ٺاهڻ بدران شهر يا علائقي جي سطح تي ٺاهڻ صحيح ٿيندو.

    برين ڪي مرفي (Brain K Murphy)جي ڪتاب ۾ ليکڪ هڪ باب

    The dilemma of action and the Psychology of inertia

    ۾ لکي ٿو ته:

    Essential to the creative life is the practice of “vision”, this involves “seeing how things are” - creating our own knowledge and perception and relevance rather than merely absorbing or adopting a prescribed perception. In seeing how things are, vision also involves “seeing how things are not”, and, finally vision involves creating intention

    “Seeing how things might be”.

    (تخليقي زندگيءَ جي لاءِ لازم آهي ته اسان پنهنجي تصورات تي عمل درآمد ڪريون ۽ ان ۾ شامل آهي ته اسان ڏسون ته شين جي اصل ماهيت ڇا آهي، ۽ اسان پنهنجي لاءِ ڄاڻ ۽ تصورات جي خود تشڪيل ڪريون، بجاءِ انهيءَ جي جو ڏسيل تصورن کي اختيار ڪريون. تصورن ۾ اهو به شامل آهي ته ڏسجي ته شيون ڪيئن آهن ۽ ڪيئن ناهن ۽ آخر ۾تصورات ۾ اهو به شامل آهي ته اسين پنهنجي ارادن جي تخليق ڪريون ۽ اهو ڏسون ته شيون ڪيئن هجڻ گهرجي.)

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    وقت جي ٽڪ ٽڪ!





    اربع 08 اپريل 2009ع

    ڏهن به ڪو نوجوان ڇوڪرو يا ڇوڪري ٿڌو شوڪارو ڀري آهستگيءَ سان چوي ٿو ته، ”وقت ۽ حالتون جيڪر وفا ڪن ها ته اڄ هو منهنجو پنهنجو هجي ها“ ته ننڍي هوندي ٻڌل پراڻو هندستاني گانو ”وقت کرتا جو وفا آپ هماري هوتي“ ياد اچيو وڃي. ننڍي هوندي به ان گاني جي ٻولن جي سمجهه نه ايندي هئي ۽ هاڻ انهن نوجوانن جي دانهن به منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي ڪهڙي وقت کي ميار ڏئي رهيا هجن ٿا. ڇا اهو وقت، جيڪو گذري چڪو هجي ٿو؟ سوال اهو آهي ته جنهن وقت اهو وقت موجود هوندو آهي، ان مهل ته اهو وقت ان ماڻهو جو ئي هجي ٿو نه؟ ساڳئي ريت جنهن وقت کي ميارون يا ڏوراپا وقت گذرڻ کانپوءِ ڏنا وڃن ٿا، ان کان اڳ به ته هڪ وقت هجي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي ايندڙ وقت جي بهتري لاءِ هٿ پير هڻي پيو سگهي. سو ان گهڙيءَ يا ان وقت ماڻهو ڇو ستو پيو هجي ٿو، جو بعد ۾ رڙيون يا دانهون ڪري ٿو؟ مون کي Melting of time (وقت جو ڳرڻ) وارو Concept (تصور) تمام حيران ڪندڙ پر دلچسپ لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته واقعي به ڪڏهن ڪڏهن وقت گذرڻ بدران ڳري رهيو هوندو آهي. ڳرندڙ وقت جون مختلف تشريحون آهن، پر مون کي ايئن لڳي ٿو ته جڏهن ڪو ماڻهو ۽ وقت هڪ ٻئي لاءِ بار بڻجي وڃن ته پوءِ وقت گذرندو ناهي، بلڪه ڳرڻ شروع ٿيو وڃي. شايد اها ڪيفيت تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن ماڻهو ان وقت ۾ موجود ناهي هوندو. ڪجهه ماڻهو وقت سان زور آوري ڪندي به نظر ايندا آهن، انهن جي خواهش پنهنجي پسند ۽ مطلب جي وقت ۾ رهڻ هجي ٿي، جنهن جا ننڍڙا ۽ ظاهري مثال هر ٻئي ڏينهن پنهنجن وارن ۾رنگ ڪندڙن طور به ڏسي سگهجن ٿا، جن کي پنهنجو پاڻ ڪارن وارن ۾ ئي سٺو لڳي ٿو، جيئن گذريل وقت ۾ سندن وار هئا، يا وري ڪي ٻيا ماڻهو پنهنجي جواني برقرار رکڻ لاءِ ڪشتا کائيندا نظر اچن ٿا، يا ڪجهه خواتين پنهنجي گذري ويل وقت جيان ظاهري طور نظر اچڻ لاءِ Facial uplift يا botox (خبر ناهي انهن کي سنڌي ۾ ڇا چئبو) ڪرائين ٿيون. اهڙن ٻين به کوڙ سارن مثال مان اهو نظر اچي ٿو. اڪثر ماڻهو وقت سان دنگا مشتي ڪرڻ ۾ به رڌل هجن ٿا. جڏهن ڪو ماڻهو اهو چئي ٿو ته ”وقت گذري ويو“ ته اڪثر ان سوچ ۾ گم ٿي وڃان ٿو ته ڇا واقعي وقت گذري ويندو آهي، يا وري ماڻهو ان وقت مان گذري ويندو آهي ۽ وقت اتي جو اتي بيٺل رهندو آهي؟ جڏهن ڪو ڊاڪٽر مرندڙ مريض جي مائٽن کي چئي ٿو ته ”مريض وٽ هاڻ وقت گهٽ آهي“ ته ان مان ڇا مراد هجي ٿي، يعني ڇا وقت ڪنهن پاسي وڃي رهيو هجي ٿو، يا اهو مريض؟ ۽ جڏهن اهو مريض مري وڃي ٿو ته ڇا هو وقت کان اڳتي هليو ويندو آهي يا پوئتي رهجي ويو هجي ٿو. يعني هاڻ اهو فوتي ڪهڙي وقت ۾ آهي؟ پر جيڪڏهن ڪجهه مفڪر اهو چون ٿا ته اهو فوتي ان پل يا گهڙي يا وقت ۾ ئي رهجي ويو ته پوءِ اسين اهو ڇو چئون ٿا ته ”فلاڻو مرحوم هاڻ ماضي جو قصو ٿي ويو“ پاڻ ايئن ڇو نٿا چئون ته ”فلاڻو مرحوم اڄ جو حصو آهي؟“

    تازو ڪنهن باخبر سنڌ دوست بزرگ مهربان شام جي ڪچهري جي پڄاڻي وارا ڍڪ گلاس مان ڀريندي چيو ته، ”اسان جو ته وقت پورو ٿيڻ وارو آهي، پر سنڌ جي پارت اٿوَ ڇاڪاڻ ته خطرا انيڪ آهن، پر هاڻ وقت سنڌ وٽ به ٿورو بچيو آهي!“ اهي جملا چوڻ مهل سندس اکين مان صاف محسوس ٿي رهيو هيو ته هو ڪنهن خمار ۾ نه، پر پنهنجي معلومات ۽ تجربي آڌار انتهائي تڪليف وچان چئي رهيو هو. ان بزرگ مهربان کي ته اهو چئي آٿت ڏنم ته سنڌگدڙن ناهي کاڌي، پر سندس اهو جملو ته ”وقت ٿورو بچيو آهي“ ڪيتري عرصي کان Haunt (لڳاتار پيڇو) پيو ڪري. ڪڏهن پاڻ کي اهو چئي دلاسو ڏيان ٿو ته سنڌ ته هزارن سالن کان رهندي پئي اچي، هاڻ وري ڇا ٿي ويندو؟ پر وري پاڻ کان ئي سوال ڪيان ٿو ته هزارن سالن کان سنڌ هڪ جهڙي جاگرافيائي صورت ۾ ته ناهي رهي، سو هاڻ ڇا ٻيهر....؟ وري چوان ٿو ته نه نه جيڪڏهن خدا نه ڪري سنڌ کي ڪو دک رسائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڪروڙين سنڌي ماڻهو ان کي روڪڻ لاءِ نڪري ايندا، پر وري سوال من اندر اچي ٿو ته، ”ڪٿي نڪري ايندا ۽ ڇا ان وقت ڇڙ وڇڙ ٿي نڪري اچڻ سان ڪو گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهندو“؟ پرڏيهي قوتون جيڪو هن خطي بابت رٿي رهيون آهن، انهن بابت جيڪي سرٻاٽ يا انٽرنيٽ تي ايندڙ نقشا جيڪو ڏس ڏئي رهيا آهن، انهن ۾ ڪراچي يا بلوچستان سان لڳندڙ سنڌ جي علائقن لاءِ جيڪو ڄاڻايو پيو وڃي، اهو ڪنهن ڀوائتي خواب کان گهٽ ڪونهي. آئون وري پاڻ کي تسلي ڏيان ٿو ته اهو سڀ ڪوڙ ۽ بڪواس آهي ۽ سنڌڙي صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي، ان کي نه ئي ڪا لهر ايندي ۽ نه لوڏو! پر وري ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي چوان ٿو ته ”معنيٰ قاضي صاحب، سنڌ کي وقت جي سهاري ڇڏي ڏجي ته جيڪر ڪجهه نه ٿئي ته خير، پر خدا نه ڪري ڪجهه ٿيو ته وري اهو جملو ميار طور چئي وٺبو ته، ”جيڪڏهن وقت وفا ڪري ها ته اسان جي حالت اهڙي نه هجي ها!! جڏهن اهڙا جملا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته ڪراچي ”اسين“ سنڀالي وٺنداسين باقي سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ يا اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد جو بيان ته ”ملڪ ترقي ڪري يا ٽٽي، پر ڪراچي ۾ پٺاڻن جو برابر جو حصو آهي.“ ته اهڙن بيانن کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال ڪيڏانهن پئي وڃي، اهو سمجهڻ لاءِ ڪو وڏو مفڪر يا ڏاهو هجڻ ته ضروري ناهي! ساڳئي ريت جيڪو ڪجهه آزاد علائقن کان ويندي سوات ۽ اسان سان گڏيل صوبي بلوچستان ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان صورتحال مان پرڏيهي قوتون جيڪو حاصل ڪرڻ جو رٿي رهيون آهن، ڇا سنڌ تي ان جا ڪاپاري اثر نه پوندا؟ جيڪو اهو سمجهي ٿو ته ڇاڪاڻ جو سنڌ انهن معاملن کان پري آهي، تنهن ڪري ان کي فڪر ڇو ڪرڻ کپي ته اهڙي سوچ رکندڙن کي يا انتهائي معصوم يا پوءِ کليل اکين سان گهري ننڊ ۾ ورتل ماڻهو چئي سگهجي ٿو. سنڌ جنهن vulnerable (نازڪ) حالت ۾ بيٺل آهي، ان کي ڪجهه اشارا ڏئي جيڪڏهن ٿورو چوڻ مان وڌيڪ سمجهجي ته صورتحال ڪجهه هِن ريت آهي ته:

    ”سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي مالڪيءَ تي ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي ۾ تڪرار هلندڙ آهي، ٻئي پاسي بلوچستان ۾ پرڏيهي طاقتن جا مفاد ڪو راز ناهن رهيا. هوڏانهن وزيرستان ۽ ٻين آزاد علائقن مان ماڻهن جي ٻوڏ جي سنڌ ۾ آمد جاري آهي، پنجاب مان زرعي پاڻي جي اچڻ ۾ ته گهٽتائي اچي وڃي ٿي، پر زهريلي پاڻي جو ڇوڙ بنا ڪنهن گهٽ واڌ جي سنڌ ۾ اچي پيو. هوڏانهن سمنڊ جو پاڻي لاڙ جي زرعي ايراضي، جڏهن ته اپر سنڌ جي زمينن کي سم ۽ ڪلر بنجر بڻائي رهيو آهي. ڪجهه سئو يا هزار ڌاڙيلن جي ڪري ۽ نام نهاد قبائلي تڪرارن جي ڪري امن امان جي پيدا ٿيل خراب صورتحال سبب ظاهر آهي ته اتي ڪا سيڙپ ڪاري به نه پئي ٿئي، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي سبب لکين ماڻهو مرڻ جو انتظار پيا ڪن، اسان جا معدني وسيلا روز کٽندا پيا وڃن ۽ سنڌ کي موٽ ۾ صرف نام نهاد رائيلٽي ۽ ماحوليات جي گدلاڻ حصي ۾ اچي ٿي. اسان وٽ بمپر فصل لهڻ باوجود آبادگار سورن ۾ آهن، اڳ ۾ محترمه بينظير شهيد جي صورت ۾ سنڌ جي اڪثريت وٽ هڪ سياسي محور هيو، هاڻ اهو به ناهي رهيو. صوبائي خودمختياري جو مطالبو بلوچستان کان اڳ سنڌ ڪندي آئي آهي، پر اڄ شايد سنڌ ايتري Irrelevant (اڻ لاڳاپيل) ٿي وئي آهي، جو صدر زرداري صاحب پنهنجي تقرير ۾ بلوچستان کي صوبائي خودمختياري ڏيڻ جي ته ڳالهه ڪئي، پر سنڌ جو نالو به نه کنيو ويو“.

    مٿي مختصر طور ڪجهه اشارا ڏئي بيان ڪيل سنڌ جي هاڻوڪي توڙي ويجهي مستقبل بابت بيان ڪيل صورتحال ۾ اڃان انيڪ مسئلا ۽ ڳالهيون شامل ڪري سگهجن ٿيون، پر اصل مسئلو اهو آهي ته سنڌ ڪيس جو وڪيل ڪير آهي؟ يعني ان Leaderless (قيادت کان وانجهيل) سنڌ جو سياسي محور ڪٿي آهي، جيڪو اڄ جيڪو ڪجهه سنڌ ڀوڳي پئي ان کي تبديل ڪري بهتري ڏانهن وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکندو هجي ۽ جنهن وٽ ايندڙ وقت ۾ سامهون ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جو فهم ۽ ادراڪ به هجي، جنهن کي عوام جي اڪثريت جي نه صرف اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل هجي، پر عوام سندس آواز ۾ آواز ملائي، هٿ ۾ هٿ ڏئي سنڌ کي نه صرف هاڻوڪين حالتن مان ڪڍي، بلڪه ڪنهن اچڻ واري وقت جو انتظار ڪرڻ بدران وقت کان اڳ ئي چئوطرف پيدا ٿيل خطرن کي ٽارڻ لاءِ گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جوڙي سگهي.

    ڪنهن ظهير حسين لاکو نالي صاحب جو خط هائيڊ پارڪ ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ دوست اهو نقطو اٿاريو آهي ته اسان وٽ تعليم جي کوٽ آهي، تنهن ڪري پهرين تعليم وڌائجي ته جيئن عوام تبديلي آڻڻ جو مفهوم سمجهي ۽ تڏهن ئي عوام عملي طور به ڪجهه ڪندو. اهو سوال اڪثر ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر ان ۾ ٻه ننڍڙا سوال آهن. هڪ اهو ته معاشي طور غربت ۾ زندگي گهاريندڙ کي مفت ۽ معياري تعليم ڪير ٿو ڏئي سگهي؟ ظاهر آهي ته اهو ڪم سرڪار گڊ گورننس طور ئي ڪري سگهي ٿي. ٻئي ڳالهه اها ته ايئن به ناهي ته سنڌ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو آهن ئي نه ۽ هرڪو شعور کان وانجهيل آهي، سو سوال اهو آهي ته ڇا تبديلي صرف ان وقت ئي اچي سگهي ٿي، جڏهن سئو سيڪڙو ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل ٿي ويندا؟ ظاهر آهي ته ايئن ناهي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته تبديلي سوسائٽي جا ڪجهه سيڪڙو ماڻهو ئي آڻيندا آهن، نه ڪي سموري آبادي، سو سوچڻ اهو گهرجي ته جيڪي پڙهيل لکيل ناهن، اهي تبديلي لاءِ ڪو ڪردار نٿا ادا ڪن ته اهو سمجهه ۾ ايندڙ آهي، پر جيڪي لکين ماڻهو تعليم به رکن ٿا ۽ تبديلي لاءِ شعور به، اهي تبديلي آڻڻ لاءِ ڇا پيا ڪن؟ ظهير حسين صاحب سوال اٿاريو آهي ته تعليم کان وانجهيل ماڻهو علي قاضي جا مضمون جڏهن پڙهي ئي نٿو سگهي ته هو تبديلي لاءِ ڪيئن سوچيندو؟ پر ان سوال کان پهرين اهو سوال آهي ته جيڪي پڙهي سگهن ٿا، يا پڙهن ٿا، (جنهن ۾ ظهير صاحب سوڌو لکين ماڻهو آهن)، ڇا انهن کي عملي طرح جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهو ڪردار هو نڀائين پيا؟

    مون کي سنڌ جي ماڻهن جي اجتماعي فهم تي ڪڏهن به شڪ ناهي رهيو ۽ آئون ان جو حامي به رهيو آهيان پر وقت جي ٽڪ ٽڪ ٻڌي جڏهن جڏهن اهو احساس وڌي ٿو ته شايد وقت هٿن مان نڪري پيو ته سنڌ جي گڏيل فهم کي سڏ ڏيڻ خاطر قلم هٿ ۾ کڻي ڪجهه ابتيون سبتيون سٽون لکي ڇڏيان ٿو....وڻي ته ڪجهه سوچيو، ڪجهه ڪريو....نه وڻي ته به سنڌ جي مرضي....ڇاڪاڻ ته آئون نه محبت ۾ زبردستي، ۽ نه ئي موٽ ملڻ يا نه ملڻ جي خفي جو حامي رهيو آهيان ۽ جيئن شروع ۾ لکي آيس ته وقت کي ميار ڏيڻ واري ڳالهه به ننڍي هوندي کان هضم نٿي ٿئي، تنهن ڪري مرزا غالب جي شعر جو سهارو وٺي پنهنجي جاءِ ٿو وٺان ته،

    هم ني مانا که تغافل نه کرو گي ليکن،

    خاک هوجائين گي هم، تم کو خبر هوني تک!

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اوباما کي هتان جي خراب گورننس جو

    اونو آهي يا پنهنجي جنگ هارائڻ جو؟



    ڇنڇر 02 مئي 2009ع

    15 ۽ 16 مارچ جي وچ واري رات جنهن ۾ چوڌري افتخار سوڌو 3 نومبر کان اڳ واري عدليه کي بحال ڪيو ويو هيو، کي هاڻ ڏيڍ مهينو گذري ويو آهي ۽ رائيونڊ مان اٿيل طوفان ۾ به ظاهري طرح ماٺار اچي وئي آهي، پر سياسي پنڊت ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ٻئي ڪنهن طوفان جي اڀرڻ ۽ ان امڪاني طوفان کي 15 ۽ 16 مارچ سان جڙيل هجڻ جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. انهن پنڊتن جو چوڻ آهي ته 15 ۽ 16 مارچ جي وچ واري رات صرف 3 نومبر واري عدليه جو بحال ٿيڻ اهم نه هيو، بلڪه اها ڪيئن بحال ٿي، اهو به تمام اهم هيو/آهي. ان رات ۽ ان کان اڳ گذرندڙ ٻن ڏينهن ۽ راتين ۾ اقتداري ايوانن ۾ ڇا ڇا ٿيو، ڪنهن ڇا ڪيو، ڪير ڇا پيو ڪري؟ اهي داستان ڪجهه ميڊيا ۾ آيا آهن ۽ ڪجهه هميشه وانگر اسان جي اقتداري سياست جي لائبريري ۾ دفن ٿي چڪا آهن، يا پوءِ ”سينا به سينا گزيٽ“ ذريعي ٿورن ماڻهن کي انهن جي تفصيلن جي ڄاڻ پئي آهي، پر جيڪا ڳالهه هر عام ۽ خاص ڄاڻي ٿو اها هيءَ آهي ته آرمي چيف جنرل پرويز ڪياني اقتدار اعليٰ ۾ ويٺل سولينز لاءِ آپشن اهو ئي ڇڏيو هيو ته ”چوڌري افتخار بحال ٿيندو يا....يا به چوڌري افتخار بحال ٿيندو، باقي توهان هجو يا وڃو اها توهان جي مرضي. سو 15 ۽ 16 مارچ جي وچ واري رات تي چيف جسٽس چوڌري افتخار سوڌو 3 نومبر واري عدليه بحال ٿي وئي پر گڏوگڏ هڪ سال مس هلندڙ وڏي مينڊيٽ سان آيل سولين حڪومت کي اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي سڌي ريت مليل ”مشوري“ سان سهمت ٿيڻو پيو. ايئن ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي سگهه ۽ اثر رسوخ کان هرڪو واقف آهي، پر 15 ۽ 16 مارچ واري رات جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ وٽ ان نئين سولين حڪومت لاءِ ڪي حجاب يا تڪلف هئا ته اهي به ختم ٿي ويا ۽ سياڻا چئي ويا آهن ته جڏهن ڪنهن سان حجاب ٽٽي ويندا آهن ته پوءِ حجتن جو سلسلو اڳتي لاءِ جاري رهندو آهي.

    جيڪڏهن پڙهندڙن کي ياد هجي ته وچ مارچ ۾ اڀري آيل بحران جو ذڪر فيبروري مهيني ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪيو هيم ۽ اهو اشارو به ڏنو هيم ته بحران گيلاني حڪومت لاءِ نه، پر صدر زرداري صاحب لاءِ اچي پيو ۽ پاڻ ڏٺو ته مارچ وارو بحران گيلاني حڪومت لاءِ ايترو ڏچو نه هيو، بلڪه گهيرو ايوانِ صدر جي چئوگرد تنگ ڪيو پئي ويو ۽ اڄ به زرداري مخالف حلقن ۾ ”مائنس ون“ واري خواهش شدت سان موجود آهي ۽ في الحال محسوس ٿيندڙ ماٺار وقتي نظر اچي ٿي ۽ لڳي ٿو ته اهي قوتون مارچ ۾ ڪيل وٺ پڪڙ سبب هاڻ ٿوري ساهي پٽين پيون ۽ ٿورو ٿڪ لاهي جلد ٻيهر شروع ٿي وينديون. ”مائنس ون“ جي خواهش رکندڙ ڌريون اهو چاهين ٿيون ته ايوانِ صدر ۾ شخصيت جي تبديلي اچي يا پوءِ زرداري صاحب ئي جيڪڏهن اتي هجي ته پوءِ بنهه بي اختيار هجي. اهو ئي سبب آهي جو 16 مارچ تي عدليه جي بحالي کانپوءِ ميان نواز شريف هاڻ سڄو ڌيان سترهين ترميم جي خاتمي ۽ ميثاقِ جمهوريت جي مسودي تي عمل ڪرائڻ ڏي لڳائي ڇڏيو آهي ۽ جيتوڻيڪ پارليامينٽ ۾ سترهين ترميم جي خاتمي لاءِ حڪومت ڪميٽيون ٺاهي ڪجهه وقت ٽپائڻ واري ڪوشش ڪئي آهي، پر ڊگهو عرصو ان اشو کي اينگهائڻ سولو نه هوندو. سياسي پنڊتن چواڻي جيڪڏهن صدر کي بي اختيار ڪرڻ وارو قانون پارليامينٽ مان منظور ٿي ويو ته پوءِ زرداري صاحب وٽ ٻه آپشن رهندا، هڪ اهو ته هو صدر رفيق تارڙ جيان هڪ بي اختيار صدر طور ايوانِ صدر ۾ موجود رهي يا پوءِ يوسف رضا گيلاني سان پنهنجيون ڪرسيون مٽائي وٺي، يعني گيلاني صاحب بي اختيار صدر ۽ زرداري صاحب بااختيار وزير اعظم. پر 15 مارچ واري سڄي قصي ۾ اهو صاف نظر اچي ويو هو ته گيلاني صاحب ايترو اڪيلو ناهي رهيو، بلڪه ڪنهن ڏکئي صورتحال ۾ کيس پيپلز پارٽي منجهه موجود ناراض لڏي، نواز ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ مدد لاءِ پهچي سگهي ٿي ۽ گڏوگڏ جيڪي ڌريون زرداري مخالف آهن، اهي سڄو وزن گيلاني صاحب جي پلڙي ۾ ئي وجهنديون. سياسي پنڊتن جي اهڙي تجزيي کي پاڻ بلڪل درست ان صورت ۾ مڃي پيا سگهون، جڏهن پاڻ اقتداري سياست کي بنهه پنهنجو اندروني معاملو ڪري سمجهون، پر اگر ان ۾ پرڏيهي قوتن جي مداخلت ۽ مفادات کي به ڳنڍي ڏسبو ته ڳالهه ”مائنس ون“ کان اڳتي وڃڻ جو خدشو نظر اچي ٿو.

    جيڪڏهن پاڻ صورتحال کي آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما جي ان تازي بيان سان ڳنڍي پڙهون ته، ”پاڪستان جي سولين حڪومت ڪمزور آهي“ ته ڳالهه سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي. ان بيان جو هڪ ته سڌو مطلب اهو آهي ته بارڪ اوباما سڄي دنيا کي اهو ٻڌائي پيو ته پاڪستان ۾ اصل طاقت يا فيصلائتي قوت اتان جي اسٽيبلشمينٽ آهي، نه ڪي اتي جي سولين حڪومت. صدر اوباما پاڪستان جي سولين حڪومت لاءِ لفظ Fragile استعمال ڪيو، جنهن جو مطلب نازڪ هجي ٿو. يعني اهڙي شيءِ جيڪا آساني سان ٽٽي سگهي ٿي. پر اتي ٻه سوال اڀرن ٿا، هڪ اهو ته ڇا اوباما کي سولين حڪومت جي خاتمي جو اونو آهي؟ يا هو آمريڪين توڙي جمهوري ملڪن کي ذهني طور تيار پيو ڪري ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور قوت سان گڏجي مقصد حاصل نه پيا ٿي سگهن. تنهن ڪري اتان جي جيڪا اصل سگهاري طاقت هجي ان سان معاملا طئي ڪرڻ لاءِ تيار رهجي ۽ آمريڪا توڙي يورپ ”عظيم مفادن“ جي حصول خاطر جمهوريت واري معاملي کي پاسيرو رکڻ جو سوچي سگهن ٿا!؟ آمريڪي صدر اوباما جنهن ريت پاڪستان جي سولين حڪومت جي گورننس تي تنقيد ڪئي آهي شايد ئي ماضي ۾ ڪنهن آمريڪي صدر ڪئي هجي جو واشنگٽن مان ويهي هن اسان جي صحت، تعليم ۽ امن امان کي نه صرف ناقص قرار ڏنو، پر اهو به چيو ته سولين حڪومت انهن جي سڌاري جي قابليت نٿي رکي!! ماضي ۾ آمريڪي صدر بش اسان کي دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه يا پوءِ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ انساني حقن جي حوالي سان نصيحتون ڪندا هئا، پر اسان جي خراب گورننس ڪنهن آمريڪي صدر لاءِ ڪڏهن به اشو ناهي رهي، پر صدر اوباما اسان جي ان داخلي معاملي بابت راءِ ڏيڻ جي اڻ سڌي طرح وضاحت به ڪئي آهي. سندس چوڻ هيو ته ”ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ حڪمراني خراب آهي، تنهن ڪري سولين حڪومت لاءِ عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. اسين پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، پر آمريڪا جي سلامتي، پاڪستان جي استحڪام سان ڳنڍيل آهي.“ ٻين لفظن ۾ صدر اوباما اهو چيو آهي ته پاڪستان جي هر ننڍي يا وڏي معاملي ۾ آمريڪا جي نظرداري يا مداخلت آمريڪا جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان ۾ استحڪام آڻڻ آمريڪا جي ترجيح آهي، پوءِ اهو ڪم ڪو سولين ڪري يا ڪو ٻيو!! صدر اوباما کي پڪ آهي ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا دهشتگردن جي هٿ نه لڳندا، پر ان جو سهرو هو پاڪستان جي سولين حڪومت کي ڏيڻ بدران پاڪستان جي فوج کي ڏئي ٿو. سندس چوڻ هيو ته ”بنيادي طور آئون سمجهان ٿو ته پاڪستاني فوج انهن مسئلن کان چڱي ريت واقف آهي، جيڪي مسئلا ايٽمي هٿيار غلط هٿن ۾ اچڻ سان پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ اسان جي ۽ پاڪستاني فوج وچ ۾ تمام مضبوط تعاون ۽ مشاورت جو تعلق موجود آهي.“

    جيڪو ڪجهه سوات، بونير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٿئي پيو، اهو ته ائين ئي ٿيڻو هو يعني سوات ۾ خير وارو ٺاهه، خير آباد ٿي ويو ۽ اتي آپريشن شروع ٿي ويو. (ان معاهدي جي جٽادار نه هجڻ جو ذڪر سوات معاهدي کان فوري بعد لکيل هڪ ڪالم ۾ ڪيو هيم.) هوڏانهن بلوچستان مسئلي جي حل لاءِ ڪميٽيون ٺاهڻ يا ٺلها اعلان ڪرڻ کانسواءِ ڪا ٺوس اڳڀرائي ناهي ٿي. مٿان ڪراچي ۾ چار، ساڍا چار مهينن جي وٿي کانپوءِ وري 40، 45 ماڻهو مارجي ويا. هوڏانهن آمريڪي جنرل ڊيورڊ پيٽرياس جو اهو بيان ته ايندڙ ٻه هفتا پاڪستان جي سول حڪومت لاءِ اهم آهن. جنرل ڊيورڊ اهو به چيو آهي ته پاڪ فوج کي صدر زرداري جي سول حڪومت مٿان برتري حاصل آهي. سندس اهو بيان ان مهل اچڻ جڏهن صدر زرداري ٽن ڏينهن کانپوءِ آمريڪا پهچي رهيو آهي، گهڻو ڪجهه سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. پر جيڪو سمجهه ۾ نٿو اچي، اهو هي ته صدر زرداري واشنگٽن پهچي اوباما انتظاميا کي انهن ٻن نقطن تي ڪيئن قائل ڪندو ته جنرل ڊيورڊ پيٽرياس جو بيان غلط آهي ۽ پاڪ فوج کي سندس حڪومت مٿان برتري ڪونهي ۽ ٻئي ڳالهه ته سولين حڪومت جي گورننس شاندار آهي، تنهن ڪري عوام حڪومتي پاليسين، جنهن ۾ دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه به شامل آهي، مان بنهه خوش آهن؟ ظاهر آهي ته صدر زرداري ڪو اوچتو آمريڪا جي دوري تي ته نه پيو وڃي، بلڪه اهو گهڻو اڳواٽ رٿيل پروگرام هيو ۽ ظاهر آهي ته صدر اوباما يا جنرل ڊيورڊ کي به پاڪستان جي سويلين حڪومت خلاف ايترا سخت بيان ڏيڻ وقت اها ڳالهه وسري نه وئي هوندي ته ڪجهه ڏينهن ۾ صدر زرداري واشنگٽن ۾ مهمان هوندو ۽ ساڻس ملاقاتون ٿي رهيون هونديون. سو ڇا ان مان اهو سمجهڻ گهرجي ته آمريڪا اسان جي سولين سيٽ اپ مان هٿ ڪڍڻ جو سوچي رهيو آهي ۽ اهي بيان ميار لاهڻ لاءِ ڏنا پيا وڃن؟ پر ان کان وڌيڪ اهم بلڪه ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪا اهو مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويوآهي ته ڪو غير سولين سيٽ اپ پاڪستان ۾ استحڪام آڻي وٺندو؟ يا آمريڪي گيم پلان ۾ پهرين پاڪستان کي غير جمهوري ٿيڻ لاءِ اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي همٿائي ۽ بعد ۾ ان کي معاشي ۽ سياسي طرح بنهه سوڙهو ڪري ڪنهن Disaster ڏي وٺي وڃڻ ته ناهي؟ چوڻ اهو پيو چاهيان ته هي جيڪو چئوطرف ”ملڪي سالميت کي خطرو آهي“ جون ڳالهيون ڪري جيڪو ميلو لڳايو ويو آهي، ان جو مقصد صرف سولين حڪومت جو ٽوال چورائڻ آهي، يا جيڪو گذريل ڪجهه سالن کان جاگرافيائي تبديلي وارا نقشا منظر تي آيا پئي، معاملا اوڏانهن تيزي سان وڌن پيا؟ جيڪڏهن ته فوري مقصد صرف سولين حڪومت جا ٽپڙ گول ڪرڻ آهي ته ڇا پوءِ ٻيهر عام چونڊن ٿينديون يا پير صاحب پاڳاري چواڻي سخت قسم جو مارشل لا اچي مٿي ۾ لڳندو؟ جيتوڻيڪ مارشل لا لڳائيندڙ ائين ناهن سوچيندا، پر ڇا 2009ع جي دنيا ۾ پاڪستان جيڪو سڄي دنيا جي فوڪس تي آهي ۾ ڪنهن مارشل لا مان ملڪ کي اڃا وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه حاصل ٿيندو؟ ٻي ڳالهه اها ته ڇا مارشل لا جي شڪل و صورت ماضي جيان ٿي سگهندي، ڇاڪاڻ ته فوج فاٽا، سوات، بلوچستان ۽ ٻين معاملن ۾ ورتل آهي، سو ڇا ڪجهه عرصي کان هلندڙ ”ڍاڪا فارمولا“ جو فائيل ڇنڊي ڦوڪي ٻيهر ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي، جنهن ۾ ٻن ٽن سالن لاءِ حڪومت غير جانبردار ساک رکندڙ ماڻهن حوالي ڪرڻ ۽ فوج جي سامهون نه اچڻ وارو نسخو ڏسيل آهي. پر بنگلاديش ۾ آزمايل ان فارمولي کي پاڻ وٽ آڻڻ ۾ ٻه وڏيون رنڊڪون ظاهري طرح نظر اچن ٿيون. هڪ اهو ته ڍاڪا ۾ چيف ايگزيڪيوٽو (وزير اعظم) جي ذميواري اتان جي چيف جسٽس نڀائي هئي، پر ڇا اسان وٽ ائين ٿي سگهندو؟ ٻئي ڳالهه ته اتي ڊگهو عرصو ٻئي بيگمات يعني بيگم حسينا واجد ۽ بيگم خالده ضيا حڪومتون ڪري چڪيون هيون، پر اسان وٽ مشرف دور جي 9 سالن کانپوءِ صرف پ پ کي مختصر دورِ حڪومت مليو آهي، پر اڃا نواز شريف کي وارو ناهي مليو ته ڇا ”ڍاڪا فارمولي“ تي ميان صاحب راضي ٿي ويندو؟ شايد اهو ئي سبب آهي جو پ پ حڪومت هڪ دفعو وري ميان نواز شريف کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جتن شروع ڪيا آهن، جيئن هڪ دفعو وري ٻئي وڏيون پارٽيون حڪومت ۾ هجي ڪري مضبوط سولين حڪومت جو تاثر ٺاهين ۽ ميان صاحب به شايد اهو سوچي ته ڍاڪا فارمولا جي صورت ۾ وري ڊگهو انتظار نه ڪرڻو پئجي وڃي، تنهن ڪري هاڻوڪي سولين سيٽ کي ئي مضبوط ڪيو وڃي، پر ميان صاحب ۽ اوباما انتظاميا ۾ وڌندڙ ويجهڙائپ جي ڪري ميان صاحب کي ڪو سرپرائيز پيڪيج مليو ته به هروڀرو ڪا حيرت جوڳي ڳالهه نه هوندي. ميان صاحب جي اولين خواهش ته وچين مدي واريون چونڊون ئي هونديون، پر جيڪڏهن ”عظيم قومي مفاد“ ۾ اقتدار ٻئي ڪنهن صورت ۾ به ملي ويو ته ميان صاحب شايد ئي انڪار ڪري.

    اسان جي اقتداري سياست ۾ تبديلي يڪدم ناهي ايندي، پر ان لاءِ پهرين ماحول جوڙيو ويندو آهي ۽ پوءِ ڪو هڪ وڏو Cause of Action (عمل ڪرڻ لاءِ جواز) پيدا ٿيندو آهي، يا پيدا ڪبو آهي. آئون پير ٻڌي اهو نٿو چئي سگهان ته اهو ماحول جڙي راس ٿي چڪو آهي، يا نه پر لڳي اهو ٿو ته ماحول جوڙڻ ضرور شروع ٿي ويو آهي ۽ جيڪڏهن سولين حڪومت ان کي ماضي جي سولين حڪومتن جيان روايتي طريقن سان ڪائونٽر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماضي ۾ جيڪو سولين حڪومتن سان ٿيو، اها ئي روايت ٻيهر ورجائبي (وقت ٿورو لڳي يا گهڻو) پر جيڪڏهن نئين دور جي تقاضائن موجب ماڊرن سياسي حڪمت عملي اختيار ڪري سولين حڪومت عمل ڪندي ٻيهر پنهنجي ساک مضبوط ڪئي ته پنهنجي خلاف اڻجندڙ ڄار کي وقت کان اڳ ٽوڙي به سگهي ٿي.

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ ۽ نئين جاڳرتا جو دور!





    سومر 04 مئي 2009ع

    ”ادا، ڊوڙ پائي اسڪرول لکراءِ ته ڪوٽڏيجيءَ جا 5 ماڻهو اغوا ٿي ويا آهن“....”تڪڙ ڪري رپورٽر کي فون ڪيو بک هڙتال ڪندڙ سنجهورو واسي بک وگهي گذاري ويو آهي“... ”تازه ترين خبر هلايو ته لکي غلام شاهه ۾ ٻن معصوم نياڻين کي جرڳي ۾ سڱ چٽي طور ڏنو ويو“... ”وارو ڪيو ڪنڌڪوٽ ۾ جرڳو پيو ٿئي تفصيل وٺو“ ... ”سپر هاءِ وي تي ايڪسيڊنٽ ۾ ٻه ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.“ بحثيت هڪ صحافي جي جڏهن ڪي ٽي اين نيوز جي نيوز روم ۾ اهڙيون رڙيون ۽ آواز ٻڌان ٿو ته مون کي اهو سڀ ڪجهه معمول جو حصو نظر اچي ٿو ۽ Alive (متحرڪ) نيوز روم ۾ پوري جذبي سان هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندي پنهنجي ساٿي ورڪرز کي هر بريڪنگ نيوز يا تازه ترين خبر کي پهرين ٽي وي اسڪرين تي آڻڻ ۽ ان جا تفصيل هٿ ڪندي ڏسي نه مون کي انهن تي ڪا حيرت ٿئي ٿي ۽ نه ئي مون کي پاڻ ائين ڪندي ڪجهه عجيب ٿو لڳي، ڇا ڪاڻ ته هر پروفيشنل صحافي جو اهو ڪم هجي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن نيوز روم جي ان شور شرابي ۾ هڪ عجيب ٻاراڻي خواهش جنم وٺي ٿي ته مون وٽ ڪا اهڙي طلسماتي قوت اچي وڃي جو آئون ڪنهن کي نظر نه اچان ۽ جڏهن چاهيان سيڪنڊن ۾ سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جٿي چاهيان پهچي وڃان!! آهي نه ٻاراڻي خواهش؟ يقينن آهي پر مون کي هڪ ٻار جيان ئي سهي پر اهو سوچڻ ۾ ڏاڍو سک ٿو ملي ته جيئن ئي نيوز روم ۾ اها رڙ ٿئي ٿي ته 5 ماڻهو اغوا ٿي ويا آهن ته آئون سڪينڊن ۾ ان هنڌ پهچي مغوين کي بازياب ڪرائي سندن وارثن تائين پهچائي ڇڏيان، يا جيڪڏهن ڪنهن نياڻين کي ڏنڊ چٽي ۾ ڏيڻ واري جرڳي جي خبر پئي ته ان هنڌ پهچي فيصلو ڪندڙ نام نهاد چڱن مڙسن کان پڇان ته ”ڇا توهان پنهنجون نياڻيون ڪڏهن چٽي ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪري سگهو ٿا؟“ سپر هاءِ وي تي انتهائي خراب حالتن سبب ٿيندڙ حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي ايف آءِ آر ذميوار کاتي جي آفيسرن مٿان ڪٽرائڻ لاءِ پنهنجي پوري طلسماتي قوت استعمال ڪريان، جن آفيسرن جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجن کان سدائين لاءِ وڇڙي ٿا وڃن. پنهنجي ان ٻاراڻي قسم جي خواهش جي سحر ۾ رهندي سوچيان ٿو ته ترقي يافته ملڪن ۾ ڇو ماڻهو اغوا نٿا ٿين؟ ڇو ڏنڊ چٽي ۾ نياڻين کي نٿو ڏنو وڃي، ڇو حادثا روڊن جي ناقص حال سبب نٿا ٿين، ڇو ماڻهن کي جائز ڪمن لاءِ رشوت نٿي ڏيڻي پئي، ڇو انهن وٽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي هجي ٿو، ڇو ڪنهن به رئيس يا پوليس يا اداري کي انسان جي عزتِ نفس پائمال ڪرڻ جي اجازت نٿي هجي، ڇو اتان جا ماڻهو ويلا لنگهڻ لاءِ مجبور نٿا هجن؟ ڇو، ڇو؟؟ سوچيان ٿو ته يقينن اتي جي حڪمرانن وٽ ڪا طلسماتي طاقت ئي هوندي، نه ته حڪومتون ته اسان وٽ به آهن، پوءِ اسان وٽ حالتون اهڙيون ابتر ڇو آهن!! پوءِ جڏهن ان طلسماتي يا جادوئي طاقت جي گر يا راز کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته سمجهه ۾ اچي ٿو ته اها طلسماتي قوت دراصل گڊ گورننس (چڱي حڪمراني) آهي ۽ جيئن ڪنهن جادوئي طاقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا ڪشٽ ۽ ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا، ساڳيءَ ريت ڪنهن ملڪ ۾ گڊ گورننس واري طلسم کي آڻڻ لاءِ به هڪ همت ۽ عقل ڀري جاکوڙ ڪرڻي پئي ٿي.

    تازو جڏهن دنيا جي دنياوي صاحب آمريڪي صدر بارڪ اوباما پاڪستان ۾ گڊ گورننس نه هجڻ جي ڳالهه ڪئي ته سوچيم ته صدر اوباما کي ظاهر آهي ته اها سڌ آمريڪا جي پاڪستان ۾ موجود سفارتخاني جي عملدارن موڪلي هوندي ۽ انهن عملدارن ظاهر آهي ته چئن ئي صوبن جو جائزو ورتو هوندو ۽ ظاهر آهي ته سنڌ جيڪو پاڪستان جو ٻيو وڏو صوبو آهي، اتان جي صحت، تعليم، امن و امان وغيره جي حالت زار کي نظر ۾ رکندي پنهنجي صدر کي رپورٽ اماڻي هوندي، جنهن کي صدر اوباما مختصر لفظن ۾ ائين چيو ته پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ امن و امان جي حالت تمام خراب آهي. ٻين لفظن ۾ پاڪستان ۾ گڊ گورننس ناهي. منهنجي انهن خيالن جو سلسلو جڙندو ويو ۽ خيال آيو ته ڇا پنجاب ۽ سرحد (انتهاپسندي واري فيڪٽر کي ڇڏي ڪري) ۾ به ايتري ئي خراب گورننس آهي/هئي، جيتري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آهي/هئي؟ سنڌ جو ڪو به ماڻهو هڪڙو چڪر پنجاب جو هڻي اچي ته ان جو جواب پڪ سان ”نه“ ۾ هوندو ۽ صاف نظر ايندو ته گذريل 20 سالن کان پنجاب ۾ گورننس، سنڌ کان ڏهوڻ تي بهتر رهي آهي. مون کي ياد آهي ته 14 يا 15 سال اڳ هن صفحي تي ڪافي ساترا مضمون ان نقطي تي لکيا هيم ته سنڌ جي 75 سيڪڙو مسئلن کي هڪ باصلاحيت ۽ ڪميٽيڊ چيف منسٽر حل ڪري سگهي ٿو، ۽ انهن مضمونن ۾ بحث جو دائرو گڊ گورننس جي چئوگرد ئي هيو. شروع ۾ ته ان ڳالهه ڏانهن اسان جي سنجيده حلقن غير سنجيدگي جو رويو اختيار ڪيو، پر سنڌ ۾ گورننس جي هر ڏينهن ڪرندڙ ميار نيٺ انهن حلقن کي سنجيدگي اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو، نه ته ان کان اڳ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جو بحث صرف لفاظي ۽ امپورٽ ٿيل فلسفن تي ٻڌل چئن دانشورن جي ذهني عياشي جو سامان هو، پر آهستي آهستي گڊ گورننس واري نقطي تي ٿورو اتفاقِ راءِ جڙندي نظر آيو، جنهن کانپوءِ بحث ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ مان اڳتي وڌي ”نيٺ ڪيئن ڪجي؟“ جي ڏاڪي تي پهتو ۽ اهو اطمينان ٿيو ته سالن جي بحث کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ اسان وٽ ٽارگيٽ واضح ٿيو ته اسان پنهنجي سماج، پنهنجي زندگين ۾ تبديلي گڊ گورننس ذريعي آڻي سگهون ٿا. هاڻ سوال پيدا ٿيو ته اها گڊ گورننس اچي ڪيئن؟ ان ڏس ۾ منهنجو خيال هيو/آهي ته سياسي ڪلچر ۾ تبديلي کانسواءِ گڊ گورننس ممڪن ناهي ۽ اها تبديلي تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن ان تبديلي جو خواهشمند هر شخص پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جنهن کي ووڪل ڪلاس ذريعي تبديلي جو نالو ڏنو ويو. شروع ۾ ان خيال کي به اڳ جيان يوٽوپيا قرار ڏئي ان کي فضول بحث قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هاڻ ڪجهه مهينن کان سوچيندڙ ۽ سمجهندڙن جي هڪ وڏي حلقي ۾ اها سوچ مضبوط ٿيندي نظر اچي پئي ته سندن تقدير مٽائڻ لاءِ ڪو مسيحا ڪو نه ايندو، بلڪه تبديلي آڻڻ لاءِ پنهنجي مڙسي پاڻ ڪرڻي پوندي، ۽ ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ان ڏس ۾ ڪراچي سوڌو ڪجهه ٻين شهرن ۾ تبديلي جي خواهش رکندڙن پاڻ ۾ گڏجاڻيون ڪيون آهن. آئون سمجهان ٿو ته پندرهن سالن جي ڊگهي بحث کانپوءِ جيڪڏهن ٻيو نه به، پر ووڪل ڪلاسين ۾ اهو حوصلو به پيدا ٿي ويو آهي ته تبديلي آڻڻ ممڪن آهي ته پوءِ يقينن اهو حوصلو ۽ جذبو کين منزل ڏانهن وٺي ويندو، جيڪا منزل هر ماڻهو جي آهي، پوءِ ڀلي هو زميندار هجي يا هاري، صنعتڪار هجي يا پورهيت، استاد هجي يا شاگرد، قلمڪار هجي يا فنڪار، قانوندان هجي يا سياستدان، غرض ته اها هر ان ماڻهوءَ جي منزل آهي، جيڪو فرسوده اندازِ حڪمراني جا عذاب ڀوڳي ڀوڳي هاڻ صفا بيزار ٿي تبديلي لاءِ واجهائي رهيو آهي. ڪنهن بهتري اچڻ جي حوالي سان مايوسي جي ور چڙهي ويل سماج ۾ تبديلي جي خواهش جي نه صرف جنم وٺڻ، بلڪه تبديلي پاڻ آڻڻ واري حوصلي جي پيدا ٿيڻ تي هڪ پاسي جتي خوشي ٿئي ٿي، ٻئي پاسي ڳڻتي اها ٿئي ٿي ته جيڪڏهن صرف ٽارگيٽ واضح ڪرڻ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ ۾ 15 سال لڳي ويا ته ان تبديلي واري منزل ڏانهن وکون وڌائڻ ۾ ڇا اڃا ٻيا 15 سال لڳي ويندا؟ جيتوڻيڪ سماجن ۾ تبديلي لاءِ صديون لڳي وڃن ٿيون ۽ 25 يا 30 سال ڪو وڏو عرصو نه سڏبو، پر جيڪا صورتحال چوڌاري تيزي سان جنم وٺي پئي، ان کي ڏسندي اهو خيال ورائي وڃي ٿو ته ڇا سنڌ وٽ ايترو وقت بچيو آهي؟ يورپ جي Renaissance (نئين جاڳرتا، جنهن کي اردو ۾ نشاطِ ثانيه چئبو آهي) ۾ صديون لڳيون، ڇا سنڌ جي Renaissance ۾ به ايترو ئي عرصو لڳندو؟ ڪي ٽي اين نيوز ۾ مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ساٿي اصغر سومرو هڪ ڪچهري دوران مون کي چيو ته ”توهان جي مضمونن سان ٻيو ڪجهه ٿئي نه ٿئي، پر جيڪڏهن 30 يا 40 سالن کانپوءِ سنڌ جي تاريخ تي ڪو ريسرچ ڪندو ته کيس اهو سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملندي ته هاڻوڪي سنڌ ڇا سوچي رهئي هئي.“ سندس ڳالهه جي موٽ ۾ چيم ته، ”ڪو تاريخ جو شاگرد (خدا نه ڪري) تباهه ٿي ويل سنڌ مٿان ريسرچ ڪرڻ لاءِ منهنجا مضمون پڙهي، پر منهنجي خواهش اها آهي ته هڪ خوشحال سنڌ تي ريسرچ خاطر اهي مضمون ڪتب آڻي ۽ هاڻوڪي دور کي سنڌ جو Renaissance (نئين جاڳرتا) جو دور ڪري تاريخ ۾ ياد ڪيو وڃي.“

    جيئن مٿي حوالو ڏئي آيس ته مختلف پارٽين ۽ فردن پاران ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ چرپر شروع ٿي وئي آهي. ڪجهه صاحبن نوان فورم ٺاهيا آهن ته وري ڪجهه مختلف پارٽين ۽ گروپس کي ڪنهن هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڪي ٽيڪنوڪريٽس ۽ اديب پاڻ ۾ گڏجي ايندڙ سنڌ جي ايجنڊا جوڙي رهيا آهن. اهو سڀ ٻڌي، ڏسي ڪنهن حد تائين تسلي ٿئي ٿي ته اسان جي سول سوسائٽي ۾ ”ڪجهه نه ٿيندو، يا ڪجهه نه ڪجي“ واري ذهني ڪيفيت کي ٽوڙي ”ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ کپي“ وارو جذبو پيدا ٿئي پيو، جيڪا هڪ مثبت تبديلي آهي پر.....پر جذبي سان گڏ جيڪڏهن صحيح ۽ دانش تي ٻڌل حڪمتِ عملي نه هوندي ته رڳو جذبي سان ته هڪ ويلي جي ماني به ڳوهي نه سگهبي آهي، سو جذبي کي برقرار رکندي اهو سوچڻ جي ضرورت آهي ته سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ميدان ۾ لهڻ جي تياري ڪندڙن وٽ ترجيحي بنياد تي ڪهڙو ٽارگيٽ هجڻ گهرجي ۽ ان ٽارگيٽ جي حاصلات لاءِ انهن وٽ ڪهڙا آپشن ٿي پيا سگهن. منهنجي خيال ۾ پهريون ۽ اهم ترين ٽارگيٽ هڪ اهڙي سياسي محور (Political Nucleus) جي وجود ۾ اچڻ آهي، جنهن کي سنڌ جي هر طبقي جي حمايت حاصل هجي، جنهن جي ساک، فهم ۽ ادراڪ تي ماڻهن کي اعتماد هجي، جنهن کي عوام کي پاڻ سان گڏ هلائڻ جو ڏانءُ به هجي ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ ٻي قوت سان ڳالهائڻ جو فن ۽ حوصلو به هجي، جنهن سان صرف هاڻوڪو سياسي ڪيڊر هٿ ۾ هٿ ملائي نه هلي پر اهي هزارين، لکين ماڻهو جيڪي هِن مهل عملي سياست کان پاسيرا آهن، پر تبديليءَ جا خواهشمند آهن، اهي به ان سياسي محور جي چئوگرد گڏ ٿي سگهن. اهڙو سياسي محور ٻن صورتن ۾ ٺهي سگهي ٿو. هڪ روايتي طريقو اهو ته ڪا هاڻوڪي سياسي پارٽي يا ڪو نئون گروپ ميدان ۾ لهي سنڌ جي اڪثريت کي پاڻ سان ڳنڍي وٺي ۽ ٻيو روايتي طريقو اهو به ٿي سگهي ٿو ته هِن مهل موجود سموريون ننڍيون وڏيون پارٽيون ۽ گروپس پاڻ ۾ ڪو اتحاد ٺاهي هڪ پليٽ فارم تان گڏجي تبديليءَ لاءِ ڪوشش وٺن، انهن ٻنهي روايتي طريقن جي ڪاميابي آڏو اهم خدشا اهي ٿا اڀرن ته (i) جيڪڏهن انهن پارٽين يا گروپس کي انفرادي طرح عوام جي وڏي حصي جي موٽ ملڻي هجي ها ته (معذرت سان) هِن مهل تائين ڇو نه ملي سگهي، ۽ آئينده ڇو ملي ويندي؟ (i i) سنڌ ۾ ماضي ۾ ٺهندڙ اهڙن اتحادن جي تاريخ ڄاڻيندڙن جي ذهنن ۾ ظاهر آهي ته ضرور اهو سوال اڀرندو ته ڇا اهي ليڊر صاحبان ”جلسي ۾ پهرين تقرير ڪير ڪندو ۽ بعد ۾ ڪير“ جهڙن انيڪ ننڍن ننڍن مسئلن کان اهي صاحبان هن ڀيري مٿاهون ٿي، ۽ هڪ ٿي ڊگهو عرصو هلي سگهندا، ۽ بعد ۾ هڪ ٻئي مٿان سامراج يا ايجنسين جو ايجنٽ هجڻ جو الزام هڻي اتحاد ٽوڙي ته نه ڇڏيندا ؟ (i i i) جيڪڏهن اهڙو ڪو اتحاد جڙي ٿو ته انهن پارٽين/گروپس جا ڪارڪن ته چاهيندي نه چاهيندي هڪ هنڌ گڏ ٿيندا، پر تبديلي جي خواهشمند ٻي خلق ڇا انهن جي پويان هلڻ لاءِ تيار ٿيندي؟ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها انهن پويان هلڻ لاءِ تيار آهي ته هينئر انهن سان ڇو نٿي گڏجي، ڇاڪاڻ ته اهي پارٽيون/گروپس ته اڄ به آهن ۽ اتحاد ۾ به اهي الڳ پارٽيون/گروپس ئي هوندا؟ انهن خدشن جي بيان ڪرڻ جو مقصد هرگز اهو ناهي ته جيڪڏهن ڪجهه فردن يا پارٽين/گروپس هڪ جذبي هيٺ ڪجهه ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي ته هو ٿڌا ٿي وڃن، پر چوڻ جو مقصد آهي ته جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل خدشا به ذهن ۾ رکندي حڪمت عملي ٺاهيندا ته شايد نتيجا وڌيڪ بهتر نڪرن.

    سياسي محور جوڙڻ لاءِ هڪ غير روايتي طريقي جنهن جا حوالا آئون پنهنجن مختلف مضمونن ۾ ڏيندو رهيو آهيان، پنهنجي اڄوڪي مضمون جي آخر ۾ ان خواهش سان تبديلي لاءِ عملي طور ميدان ۾ اچڻ جو جذبو رکندڙن آڏو رکڻ ٿو چاهيان ته جيڪڏهن ان بابت به ٿورو ويچارين تي حرج نه هوندو. تجويز اها آهي ته چئن ۽ ڇهن پارٽين/گروپس جو اتحاد جوڙڻ بدران جيڪڏهن انهن پارٽين سوڌو سول سوسائٽي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جنهن ۾ استاد تنظيمون، ڪلرڪ، وڪيل، مزدور، آبادگار، اديبن جي تنظيمن غرض ته سمورين تنظيمن جو هڪ ڪنسورشيم ٺاهيو وڃي، جنهن ڪنسورشيم جي بورڊ جا ڊائريڪٽرز انهن سمورين اهم تنظيمن جا نمائندا هجن، پر جيئن ڪو ڪاروباري ڪنسورشيم پنهنجي پراجيڪٽ جي تڪميل لاءِ هڪ سي اي او (C.E.O) مقرر ڪري ان پراجيڪٽ جي نگراني ۽ تڪميل جو ذمو ان جي حوالي ڪندو آهي، ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ان سياسي ڪنسورشيم جو بورڊ آف ڊائريڪٽرز هڪ پاليسي ٺاهي ان پاليسي تحت تبديلي آڻڻ واري پراجيڪٽ جي تڪميل لاءِ ذميواري سنڌ مان ساک ۽ قابليت رکندڙ 5 يا 7 ماڻهن تي ٻڌل هڪ مئنيجنگ ڪاميٽي جي حوالي ڪن ۽ پاڻ ان جي مڪمل حمايت ڪن ته ان صورت ۾ ماضي ۾ روايتي اتحاد آڏو پيش ايندڙ ڏکيائين کان به بچي سگهبو ۽ گهڻي ڀاڱي هڪ غير تڪراري سياسي محور سنڌ ۾ جڙي سگهندو. ان ڏس ۾ ٻيو ڪم اهو به ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن 5 يا 7 اهڙن ماڻهن جي مئنيجنگ ڪاميٽي (جنهن جو ڀلي ڪو ٻيو نالو ئي ڇو نه هجي) جنهن مٿان ڪنهن هڪ سياسي ڌر جو ٺپو نه هجي، اها ڪاميٽي پنهنجي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ميڊيا ذريعي اهو سڏ ڏي ته جيڪي به ماڻهو تبديلي جي خواهش رکن ٿا ۽ في الحال عملي سياست کان پاسيرا آهن، اهي ڪنهن هڪ هنڌ، جيڪو هنڌ ڪو هڪ شهر به ٿي سگهي ٿو، يا پوءِ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن هيڊڪوارٽرز ٿي سگهن ٿا، اتي اچي ان سياسي محور ۾ شموليت اختيار ڪن. جيڪڏهن ان ڪاميٽيءَ سان گڏ سمورن سياسي توڙي غير سياسي تنظيمن جا ڪيڊرز ۽ عملي سياست کان في الحال پري ٿي بيٺل ماڻهو گڏجي پيا ته اهو سياسي ڪنسورشيم هڪ اهڙي سياسي پارٽي ٿي اڀرندو، جنهن سان گڏ لکين ماڻهن جي سگهه هوندي ۽ جنهن کي سنڌ ۾ مثبت تبديلي آڻڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    جاڳندا رهجو!





    اربع 13 مئي 2009ع

    ڪنهن زماني ۾ شهرن جي وچولي طبقي وارن پاڙن ۾ چوڪيدار هٿ ۾ لٺ کڻي پهريداري ڪندي هوڪا ڏيندا هئا ”جاگتي رهنا.“ وري پنهنجي لٺ زور سان پٽ تي هڻي ٽڪ، ٽڪ جا آواز ڪندا هئا. بعد ۾ هلي چوڪيدارن هوڪن يا لٺ جي ٽڪ ٽڪ بدران هڪ سيٽي هٿ ڪري ورتي ۽ اڄڪلهه مختلف پاڙن ۾ رات جي مهل توهان کي وقفي وقفي سان سيٽي وڄڻ جا آواز ملندا. منهنجي لاءِ حيران ڪندڙ ڳالهه چوڪيدار جو اهو هوڪو هيو، ”جاگتي رهنا.“ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن چوڪيدار جو مقصد پاڙي وارن کي سڄي رات جاڳائي رکڻو هيو ته پوءِ چوڪيدار ڪهڙي ڪم جو؟ ۽ جيڪڏهن ان هوڪي سان مقصد چورن کي اهو نياپو ڏيڻ هيو ته ان پاڙي ۾ هڪ عدد چوڪيدار صاحب ڦري پيو، ان ڪري اتان ٽري ٽارو ڪيو ته پوءِ هوڪي جا لفظ ”جاگتي رهنا“ بدران ”جاگ رها هون“ يا ”بهاگ جائو مين چوڪيدار هون“ وغيره ڇو نه هئا؟ مختلف دوستن ۽ ڏاهن کان اهو سمجهڻ جي ڪوشش کانپوءِ ڳالهه ڪجهه ان ريت مٿي ۾ ويٺي ته ان هوڪي جا لفظ ڪنهن اهڙي هنگامي دور ۾ پيدا ٿيا هوندا، جڏهن سڄي پاڙي/علائقي مٿان ڏينهن رات ڪنهن حملي جو ڊپ هوندو، سو چوڪيدار ”جاگتي رهنا“ مان هر گهر کي اهو نياپو ڏيندو هوندو ته گهر جو ڪو هڪ ڀاتي جاڳي رات گذاري جيئن حملي جي صورت ۾ ظاهر آهي اڪيلو چوڪيدار ته ڪجهه نه ڪري سگهندو، پر جيڪڏهن هر گهر مان هڪ، هڪ ڀاتي ٻاهر نڪري ايندو ته اهي گڏجي حملي آورن کي منهن ڏئي سگهندا. اهو هوڪو بعد ۾ امن جي ڏينهن ۾ به ساڳين لفظن سان جاري رهڻ جي پويان شايد منطق اهو هوندو ته پاڙي وارا سمهن ڀلي، پر ٿورو هوشيار ٿي جيئن ضرورت پوڻ تي تڪڙ ۾ اٿي ٻاهر اچي سگهن. اتي هڪ ٻئي باريڪي اها به سمجهه ۾ اچي ٿي ته چوڪيدار ان هوڪي سان سڄي رات پاڙي جي ماڻهن کي اهو به باور ڪرائيندو هيو ته توهان جي گهر ۽ پاڙي جي حفاظت جي ultimate (حتمي) ذميواري بهرحال توهان جي پنهنجي آهي ۽ چوڪيدار ڪنهن مصيبت جي اچڻ کان اڳ هوشيار رکڻ ۽ مصيبت اچڻ مهل ان جي اچڻ جي سڀني کي ڄاڻ ڏيڻ جو فرض نڀائي پيو. جڏهن به ڪو ماڻهو سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي حوالي سان سنڌي ميڊيا جي ساراهه ڪري ٿو ته مون کي سنڌي ميڊيا جو ڪردار پراڻن وقتن جي چوڪيدار جهڙو نظر اچي ٿو، جيڪو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات سنڌ واسين کي هوڪو ڏئي رهيو هجي ٿو ته ”جاڳندا رهجو.“

    ٿورو عرصو اڳ هڪ مضمون ۾ اهو لکيو هيم ته جيڪڏهن ڪي سنڌي اڪابر ائين سوچين ٿا ته سوات يا مالاڪنڊ ڊويزن واري پاسي جيڪو ڪجهه ٿئي پيو يا ڪراچي ۾ متحده ۽ اي اين پي وچ ۾ ٽڪراءُ ٿئي پيو ته ان ۾ اسان جو ڇا وڃي؟ ته اها سوچ بنهه غلط ۽ نقصان ڏيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اسين دنيا يا چوگرد ٿيندڙ معاملن کان ڪٽجي نٿا رهي سگهون، ۽ هاڻ کان ئي اهي خبرون اچن ٿيون ته سوات وغيره مان لڏيندڙ ماڻهن جي ٻوڏ نه صرف ڪراچي، بلڪه سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ خاص ڪري انهن شهرن جي ٻاهران هاءِ ويز سان گڏ اچي وسجي رهي آهي سو،

    ”جاڳندا رهجو!“

    آدمشماري جي شروع ٿيڻ جو جيتوڻيڪ اڃا سرڪاري طرح اعلان ناهي ٿيو، پر سرٻاٽ اهي ٻڌجڻ ۾ اچن پيا ته ڪراچي جي آبادي ٻيڻ تي وڌائي باقي سنڌ جي آبادي جي اوڻويهه ويهه تي ڏيکارڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. اتي اهو ٻڌائڻ جي شايد ضرورت ناهي ته ان سان سنڌي، سنڌ ۾ ئي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي جون سيٽون وڌڻ سبب سنڌ تي حق حڪمراني کسجي وڃڻ جو خدشو آهي سو،

    ”جاڳندا رهجو!“

    هن ڀيري به سنڌ بجيٽ اڳوڻي اين ايف سي ايوارڊ هيٺ ئي پيش ٿيندي. معنيٰ نئين حڪومت کي هڪ سال گذري وڃڻ باوجود نئون اين ايف سي ايوارڊ نه اچي سگهيو ۽ سنڌ جو اهو جائز مطالبو ته ناڻي جي ورڇ صرف آبادي نه، پر ٻين فيڪٽرز آڌار ڪئي وڃي، کي موٽ نه ملي سگهي ۽ نه ئي سيلز ٽيڪس مرڪز کان وٺي صوبن حوالي ٿي سگهيو. سو اهو سمجهڻ ۾ ڪا عربي فارسي نه هجڻ گهرجي ته جنهن مصلحتن سبب پورو سال گذرڻ باوجود نئون اين ايف سي ايوارڊ نه اچي سگهيو ته ايندڙ سال به شايد اهي ساڳيون مصلحتون نئون ايوارڊ آڏو رنڊڪ بڻيل رهنديون ۽ سنڌ کي ناڻي ۾ سندس جائز حصو شايد ئي ملي سگهي، سو،

    ”جاڳندا رهجو!“

    سنڌ جي گذريل توڙي هاڻوڪي حڪومت سنڌ اسيمبلي جي فلور توڙي ميڊيا ۾ اها پڪ ڏياري ته سنڌ ۾ هلندڙ نجي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ سنڌي جو سبجيڪٽ لازمي پڙهائڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا، پر ڇهه يا ست سال گذرڻ باوجود انهن حڪومتي اعلانن تي عمل نه ٿي سگهيو ۽ انهن معياري تعليم ڏيندڙ اسڪولن جا ٻار جيڪي سڀاڻي اسان جي حڪومتي مشينري توڙي پرائيوٽ سيڪٽر ۾ اهم پوزيشنن تي ايندا، انهن لاءِ سنڌي ٻولي ائين ئي اجنبي هوندي، جيئن ڪنهن ٻار لاءِ جرمن يا جيپنيز ٻولي هجي، سو سڀاڻي اهم منصبن تي ويٺلن کي سنڌي ماڻهن جا مسئلا به شايد ئي سمجهه ۾ اچن، سو

    ”جاڳندا رهجو!“

    سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي موذي مرض سبب لکين ماڻهو مرڻ ڪنڌي آهن، ڌاڙيل گيري ۽ غنڊا گردي هاڻ صرف اپر سنڌ جي ڪجهه ضلعن نه، پر لاڙ جي علائقن سوڌو سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي آهي، نئين صنعتڪاري اول ته سنڌ ۾ ٿئي نه پئي، مرڳو هلندڙ صنعتن جي بند ٿيڻ جون خبرون اچن ٿيون، آبادگارن کي سندن فصلن جا اگهه ملڻ هر سال هڪ مسئلو بڻيل رهي ٿو، مٿان وري تيزي سان زرعي زمينون ڪلر جي ور چڙهي بنجر پيون ٿين، سنڌ جي معدني وسيلن تي سنڌ جي حق کي نٿو مڃيو وڃي، هزارين ماڻهو هر ايندڙ ڏينهن غربت جي لڪير کان هيٺ ٿيندا پيا وڃن، رشوت، ناانصافي، پنهنجن کي نوازڻ جي روش....ڇا ڇا ڳڻائجي ۽ ڇا ڇا چئجي سو صرف ايترو چئي سگهون ٿا ۽ ايترو ئي چئون ٿا ته،

    ”جاڳندا رهجو!“

    هتي جيڪڏهن پاڻ وري لٺ کڻي هلندڙ چوڪيدار جي هوڪي ”سجاڳ رهجو“ يا ”جاڳندا رهجو“ جو حوالو آڏو رکي اهو سوچيون ته چوڪيدار جي هوڪي جي موٽ ۾ سڄو پاڙو جاڳندو ته رهي، پر جڏهن مشڪل گهڙي اچي ته پاڙي جا ماڻهو ان مهل ان مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ گهرن ۾ سجاڳ ٿي ويٺا رهن ۽ اميد ڪن ته جنهن چوڪيدار اسان کي سجاڳ رکڻ جو ڪم ڪيو آهي، اهو پاڻهي ان مشڪل کي اڪيلي سر منهن به ڏئي وٺندو؟ يا جڏهن سڄو پاڙو مصيبت ۾ هجي ته هر ماڻهو گهر ويٺي هوڪا ڏيڻ شروع ڪري ڏئي ته ”جاڳندا رهجو“؟ ظاهر آهي ته ان کي خود فريبي چئبو، ڇاڪاڻ ته سجاڳ ٿيڻ يا باشعور ٿيڻ جو اصل مطلب صرف ان ڳالهه تي خوش ٿي ويهي رهڻ نه هجي ته ”اسان کي سڀ خبر آهي ته اسان سان ڪهڙي ويڌن آهي ۽ اسين سجاڳ آهيون“ بلڪه ماڻهو جڏهن حقيقي طرح سجاڳ ٿيندو آهي ته هو سامهون موجود مصيبت جي خاتمي لاءِ ميدانِ عمل ۾ ايندو آهي ۽ جڏهن معاملو ڪنهن هڪ فرد يا پاڙي بدران سڄي سماج جو هجي ته ميدانِ عمل ۾ سياسي ڌرين کي اچڻو پوندو آهي. اسان وٽ بدقسمتي سان اڪثر سياسي ڌرين به پنهنجو فرض ”جاڳندا رهو“ وارو هوڪو ڏيڻ سمجهي ورتو آهي. اسان وٽ عجيب ڪلچر جڙيل آهي جو هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وڃي ٿي، جنهن گڏجاڻي ۾ مهيني کانپوءِ هڪ ٻئي گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو فيصلو ٿئي ٿو، پوءِ وري مهيني کانپوءِ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ اهو طئي ٿئي ٿو ته ڏيڍ يا ٻن مهينن کانپوءِ هڪ سيمنار يا ريلي، يا مظاهرو ڪيو ويندو. پوءِ ڏيڍ يا ٻن مهينن کانپوءِ ڪو سيمينار يا ريلي يا جلسو ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪجهه تقريرون، ڪجهه نعرا ۽ ڪجهه ٺهراءَ منظور ڪري هر ڪو خوش خوش گهر وڃي ويهي رهي ٿو!! ان عجيب ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ ”جاکوڙ“ کي اڻ کٽ، لاڳيتي جدوجهد جو نالو ڏنو وڃي ٿو. پوءِ سڄو زور ميڊيا مٿان هجي ٿو ته ان ”جاکوڙ“ جي ڪوريج وڌ ۾ وڌ ٿيڻ گهرجي، جيئن ماڻهو ”سجاڳ“ ٿين!!؟

    صورتحال ڪجهه ان ريت جڙيل آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي مفادن سان جڙيل ڪو اشو ميڊيا ۾ اڀري ٿو ۽ ميڊيا ان جا مختلف رخ عوام آڏو آڻي ان جي ناڪاري اثرن بابت تفصيل ماڻهن آڏو آڻي ٿي ته پوءِ اسان جي اڪثر ڌرين جو ڪم صرف ان اشو تي ڪا پريس رليز جاري ڪرڻ هجي ٿو. سوال اهو آهي ته ان پريس رليز سان ڇا حاصل ڪرڻ جي خواهش هجي ٿي؟ ڇا ان سان عوام کي سجاڳ ڪرڻ هجي ٿو، يا اهو ٻڌائڻ هجي ٿو ته هو پاڻ سجاڳ آهن؟ جيڪڏهن مقصد ماڻهن کي ان اشو بابت آگاهي ڏيڻ هجي ٿو ته اهو ڪم ته ميڊيا اڳ ۾ ئي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ ڪري رهي هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهو ٻڌائڻ مقصد هجي ٿو ته هو پاڻ سجاڳ آهن ته پوءِ هو ڪو ٺوس عملي قدم ڇو نٿا کڻن؟ جيڪڏهن ميڊيا جو ڪم سياسي ڌريون ڪنديون ته پوءِ سياسي ڌرين جو ڪم ڪير ڪندو؟

    مٿي لکيل سٽن ۾ شايد ٿورو جذباتي ٿي ويو هئس ۽ ڪنهن جي جيڪڏهن دل آزاري ٿي هجي ته ان لاءِ معذرت ڪريان ٿو، پر چوطرف جيڪي حالتون آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ جن حالتن جي سامهون اچڻ جو خدشو آهي، انهن بابت ادراڪ رکندڙ هر ماڻهو شايد ٿورو يا وڌيڪ جذباتي به ٿئي پيو ۽ ڪنهن حد تائين Frustrate (بيزارگي جو شڪار) به ٿئي پيو ۽ چئوطرف کان مسئلن جي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهو هاڻ سياسي ڌرين کان اهو ئي مطالبو ڪري رهيا آهن، جيڪو آمريڪي صدر جارج بش، پاڪستان جي جنرل پرويز مشرف کان ڪيو هيو ته، Do more (وڌيڪ ڪريو) بلڪه آئون پنهنجي تصحيح/درستگي ڪريان ته سنڌ واسي اهو چئي رهيا آهن ته Do something real and genuine (حقيقي معنيٰ ۾ ڪجهه ڪيو) ڇاڪاڻ ته هاڻ صرف اعلان يا گڏجاڻيون يا سيمينار يا هڪ ٻه جلسا جلوس ڪرڻ سان سنڌ ۾ ڪا حقيقي بهتري نٿي اچي سگهي، سو

    ”جاڳندا رهجو!“

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ سياسي محور جي ڳولائو آهي




    اڱارو 26 مئي 2009ع



    ڪنهن انسان لاءِ بنهه ڏکيو ڪم پاڻ کان پاسيرو ٿيڻ هجي ٿو. معنيٰ ڪو فيصلو ڪرڻ مهل پنهنجا مفاد، پنهنجي خواهشن کان مٿانهون ٿي فيصلو ڪرڻ يا وري ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ سوچڻ مهل پنهنجي پسند ناپسند يا پنهنجا تعصب پاسيرا رکي سوچڻ ڪو سولو ڪم نٿو هجي پر جڏهن ڪنهن هڪ شخص، ڪنهن جي ذاتي ڪاروبار، گهر يا پاڙي بدران معاملو سڄي قوم يا معاشري سان جڙيل هجي ته پوءِ فيصلو ڪرڻ يا راءِ ڏيڻ يا عمل ڪرڻ مهل پنهنجا مفاد ۽ پنهنجي پسند ناپسند کي پاسيرو رکڻ انتهائي ضروري هجي ٿو. هاڻ جڏهن سنڌ تبديليءَ جي حوالي سان مايوسيءَ جي انڌيري رات مان آهستي آهستي ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ پراميد ٿيڻ واري واٽ ورتي آهي ۽ چوطرف ”هاڻ ڪجهه ٿيڻ گهرجي“ جا آواز اٿڻ شروع ٿيا آهن، ته نه صرف دل کي هڪ راحت ملي ٿي، پر گڏوگڏ لڳي ٿو ته گذريل پندرهن سالن ۾ لکيل مضمونن جو ڄڻ ٿڪ به لهندي محسوس ٿئي ٿو ۽ پنهنجي ان نظريي تي ايمان اڃا پختو ٿيو ٿو وڃي ته انفرادي طرح ڪو سنڌي ماڻهو عقلمند يا بيوقوف، پڙهيل لکيل يا جاهل ٿي سگهي ٿو، پر سنڌين جي اجتماعي فهم تي شڪ ڪندڙ شايد پاڻ فهم مان ڪم نٿا وٺن. گذريل ڪجهه مهينن دوران مون کي مختلف شعبن سان لاڳاپيل اهڙا ماڻهو به گڏيا، جن کي ڪنهن دور ۾ آئون ”پارٽ ٽائيم سنڌي“ چوندو هئس. پارٽ ٽائيم سنڌي انهن سنڌين کي چوندو هئس /آهيان، جيڪي هر مهل پنهنجي مصروفيتن يا پوءِ ٻئي تفريح کانپوءِ موڪل واري ڏينهن تي واندڪائيءَ وارين ڪجهه گهڙين دوران سنڌ سان ٿيندڙ هاڃن ۽ سورن بابت ڪجهه ڳالهائي يا ٿورو پريشان ٿيڻ جو ڪشٽ ڪندا هئا/آهن، پر انهن ڪيترن ئي پارٽ ٽائيم سنڌين هاڻ پاڻ کي بدلائي فل ٽائيم سنڌي بڻائي ورتو آهي. هاڻ سنڌ ۾ حقيقي تبديليءَ جو بحث صرف دانشورن يا سياسي ماڻهن جي محفلن يا اخباري ڪالمن ۾ نه پر اسڪولن/ڪاليجن جي اسٽاف رومز کان وٺي وڪيلن جي بار رومز، بيوروڪريٽس کان وٺي ٽيڪنوڪريٽس، ڊاڪٽرن کان ويندي قلمڪارن، ڪلرڪ يونين هجي يا مزدور يونين، غرض ته شاگردن، آبادگارن، گهريلو خواتين سوڌو هر هنڌ اهو خيال زور وٺندو پيو وڃي ته، ”گهڻو ٿيو، هاڻ ڪجهه ٿيڻ گهرجي“. ان ڏس ۾ جتي ورهين کان وجود رکندڙ پارٽيون/گروپس ۽ فورمن الڳ الڳ رهندي پنهنجيون سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن، اتي ئي ڪا نئين پارٽي، ڪو نئون فورم ۽ ٿنڪ ٽينڪ ٺاهڻ لاءِ به مختلف ماڻهو پنهنجي پنهنجي انداز سان سرگرمِ عمل ٿي ويا آهن. جيتوڻيڪ انهن پراڻن توڙي هاڻ سرگرم عمل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه دوران اهو چٽو نظر اچي ٿو ته سڀني وٽ ايجنڊا ٿوري ٽڪي فرق سان ساڳيو آهي، پر پوءِ به اهي سڀ الڳ الڳ سرگرم ٿيل آهن، جنهن جو ڪارڻ ڪنهن ڳجهي سازش بدران هڪ ٻئي جي سوچ، ساک ۽ اهليت تي ڀروسو نه هجڻ سان گڏ هماليا جي چوٽيءَ جيترين وڌي ويل انائن جو به آهي. اتي اهو چوندي ته ڪجهه نه ٿيڻ کان الڳ الڳ ئي سهي، ڪجهه ٿيڻ هڪ مثبت ڳالهه آهي، پر اهو سوچڻ کان به پاڻ کي روڪي نٿو سگهان ته اگر مثال طور ٻه مهينا اڳ تائين به سنڌ جا سڀئي اهل دل ماڻهو گڏجي هڪ پليٽ فارم تي اچي چڪا هجن ها ته يقينن انهن کي اهو به ضرور نظر اچي ها ته سوات امن معاهدو نه هلندو ۽ اتي آپريشن ٿيڻ اڻٽر آهي ۽ ان آپريشن سبب متاثرين جي ٻوڏ جو سنڌ ڏانهن اچڻ فطري هوندو. سو اگر ٻه مهينا اڳ سنڌ جون اهي پراڻيون نيون ڇڙ وڇڙ قوتون گڏيل هجن ها ته اهي سوات متاثرين جي سنڌ ڏانهن روانگي کان اڳ ئي سنڌ جي بارڊر تي هزارن لکن جي انگ ۾ ڌرڻا هڻي نه صرف حڪومت، بلڪه انهن سواتي متاثرين ۽ انهن متاثرين جي سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي ويٺل مٽن مائٽن، غرض ته سڀني کي اهو نياپو ڏئي سگهن ها ته سنڌ پناهگيرن جي آمد تي راضي ناهي. سنڌ جي اهڙي وقت سر ڀرپور موقف سبب اڄ اهو نه ٿي رهيو هجي ها، جيڪو ٿي رهيو آهي، يعني اسان جون مختلف پارٽيون/گروپس پناهگيرن جي آمد تي الڳ الڳ احتجاج ته ڪري رهيون آهن، پر انهن پناهگيرن جي آمد جو سلسلو به جاري آهي. ساڳئي ريت اڄ اهي ٻه ڳالهيون سمجهڻ ۾ به ڪا عربي يا فارسي ناهي، هڪ اها ته، سوات آپريشن جي خاتمي کانپوءِ وزيرستان ۽ فاٽا جا ٻيا علائقا به آپريشن جي دائري ۾ دير سوير اچڻا آهن. سو اتان جي متاثرين جي ٻوڏ جو به وڏو حصو سنڌ ڏانهن ئي رخ ڪندو ۽ ٻي ڳالهه اها ته، هاڻوڪا آيل ۽ بعد ۾ ايندڙ سمورا پناهگير ڪراچي جي پراڻين وسندين ۾ سوڙهه ڪري پورا نه پوندا، تنهن ڪري ڪراچي کان ٻاهر ۽ حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۽ انهن شهرن کان ٻاهر اهي نيون وسنديون وسائيندا.

    سوات متاثرين جي سنڌ آمد انهن خطرن مان هڪ آهي، جنهن بابت اشارا ڊگهي عرصي کان ڏيندو اچان پيو، ۽ اڃا ٻيا انيڪ خطرا اسان مٿان لامارا ڏئي رهيا آهن، پر اسان وٽ اڪثر سياسي ڌرين جو رويو ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هو سُکين ڏينهن ۾ ٿيندڙ سياست براءِ سياست ڪري رهيا هجن، اهڙي سياست، جيڪا وقت گذارڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. هڪ اهڙي ڪرڪيٽ ٽيم جيان، جنهن کي اندازو هجي ته هو ميچ هارائي رهيا آهن، پر تماشائين جي تاڙين ۽ ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ پنهنجي حصي جي رهيل اوورن جي بالنگ ڪرائيندا رهن ٿا، پوءِ ڀلي سندن هر ٻئي بال تي سامهون وارو رانديگر چوڪو يا ڇڪو هڻندو رهي، پر مون ڪجهه سياسي مهربانن کي اهو چيو ته، ”اگر سنڌ جي سياسي ٽيم انهيءَ اهم مرحلي ۾ به پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته ميچ ڏسندڙ تماشائي (سنڌ جو عوام) ڊگهو عرصو ميدان کان ٻاهر نه ويٺا رهندا“. هڪ کان وڌيڪ سياسي اڳواڻن الڳ الڳ ڪچهري دوران چيو ته، ”سنڌ ۾ سياسي اتحادن جي تاريخ ڪا چڱي ناهي رهي، سو ڪو اتحاد جوڙي ۽ ڪجهه گڏجاڻيون ۽ هڪ ٻه جلسا جلوس ڪري وري اتحاد ٽوڙي ڇڏڻ کان چڱو آهي ته هر ڪو پنهنجي پنهنجي طريقي سان جدوجهد ڪري“. ان دليل کان انڪار ڪرڻ کان پاسو ڪندي ڪجهه اهم سوال اهي ٿا اڀرن: (1) اسان وٽ ڪجهه اهڙا به گروپس ورهين کان ”جدوجهد“ ڪري رهيا آهن، جن جي پويان ڪل ساڍا چار ماڻهو به مس آهن ۽ اهي پنهنجو دڪان هلائڻ لاءِ سواءِ ڪنفيوزن پکيڙڻ جي، ٻئي گروپ ۾ ضم ڇو نٿا ٿين يا دڪان بند ڇو نٿا ڪن؟ (2) جن پارٽين/گروپس وٽ ڪارڪنن جو عزت ڀريو انگ موجود آهي، اهي اگر اڪيلي سر سنڌ جي مفادن جي تحفظ جي سگهه رکنديون هيون/آهن، ته پوءِ اڄ سنڌ اهي ڏينهن ڇو پئي ڏسي؟ (3) اڄ 80ع يا 90ع وارن ڏهاڪن کان صورتحال بنهه ڏکي ۽ Alarming (خطري ڏانهن اشارو ڪندڙ) آهي ته ڇا ڪنهن جي اناءَ ايتري اهميت رکي ٿي، جنهن لاءِ سنڌ جو اڄ ۽ سڀاڻي داءُ تي لڳائي ڇڏجي؟ اگر سنڌ جون پراڻيون ۽ نيون ٺهندڙ پارٽيون/گروپس پاڻ ۾ اتحاد نٿا ٺاهي سگهن يا سياسي ڪنسورشيم جوڙي نٿا سگهن ته به هڪ ٻئي جي اخلاقي مدد ته ڪري سگهن ٿا ته جيئن انهن وچ ۾ ڪا ورڪنگ رليشن شپ ئي جڙي سگهي. اگر اهي ڪنهن باضابطه سياسي نيوڪليئس جي گرد جمع نٿا ٿي سگهن ته به ڪو اهڙو هنڌ يا اهڙو/ اهڙا ماڻهو يا ادارو ڳولهي لهن، جيڪو بي ضابطا ئي سهي پر انهن لاءِ هڪ محور بڻجي سگهي، ڇاڪاڻ ته مون کي اهو نظر اچي پيو ته سنڌ مٿان پناهگيرن جي ٻوڏ کانپوءِ ڪالاباغ ڊيم جي وڏي ڀاءُ اکوڙي ڊيم جي وِڄ به ڪرڻ واري آهي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن جو عرصو سنڌ جي جاگرافيائي توڙي حق حڪمراني جهڙن اهم مسئلن جي حوالي سان فيصلائتو دور ٿي پيو سگهي. سو جيڪا ڳالهه مضمون جي شروعات ۾ ڪئي هئم، اها ورجايان ٿو ته اسان جا اهلِ دل سياسي اڪابرين پنهنجي ڌرتي، پنهنجي سماج، جنهن انهن کي عزت ڏني، شهرت ڏني، هڪ مقام ڏنو، لاءِ ان موڙ تي پنهنجا مفاد ۽ پنهنجي پسند، ناپسند کي پاسيرو رکي ڪو فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار ڇو نٿا ٿين؟

    سوات متاثرين جي ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ هڙتالون، احتجاج، ڪانفرنسون به ٺيڪ پر سنڌ جن ٻين مسئلن جي ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٻين انيڪ مسئلن جي ٻوڏ جي سنڌ اچڻ جو خدشو آهي، ڇا ان لاءِ ڪا Result oriented (نتيجه خيز) حڪمت عملي سياسي اڪابرين ٺاهي آهي؟ ظاهري طرح ڪا اهڙي حڪمت عملي نظر نٿي اچي ۽ ماضيءَ جيان ڪنهن اڀري آيل اشو تي وقتي احتجاج ۽ گڏجاڻيون نظر اچن ٿيون، پر Sindh needs some real strategy (سنڌ لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ درست حڪمت عملي گهربل آهي) ۽ رڳو سياسي ڌريون نه پر ووڪل ڪلاس ۾ به جيڪي ماڻهو اڄ به پارٽ ٽائيم سنڌي ٿيا ويٺا آهن، انهن کي به حقيقي تبديليءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي وقت جو انتظار ڪرڻ بدران اڄوڪي وقت جي چونڊ ڪرڻي پوندي ۽ اهو ذهن نشين ڪرڻو پوندو ته سماج ۾ حقيقي تبديلي سياست سان ئي ممڪن آهي. پر اڄوڪي سنڌ جي سياست ۾ سياسي محور موجود ناهي، جيڪو ڪٿان آسمان مان نه لهندو، بلڪه اهو پاڻ ڳولهڻو/ ٺاهڻو پوندو، جيئن اسان جي ڇڙ وڇڙ سياسي سگهه هڪ هنڌ گڏ ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته مسئلن جو بنڊ ڪنهن هڪ جي کڻڻ کان ڳرو آهي. سو هر اهل دل سنڌ واسيءَ وٽ هڪ سياسي محور گرد گڏجڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن بچيو ئي ڪونهي ۽ ائين چوڻ بلڪل صحيح هوندو ته.

    People of Sindh unite because you have got nothing to loose but your sorrows and grieves

    (سنڌ واسيو! متحد ٿيو، توهان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، سواءِ غمن ۽ ڏکن جي.)

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ضرورت آهي پنهنجو خول لاهڻ جي




    ڇنڇر 30 مئي 2009ع



    اگر توهان غور سان پنهنجي چوگرد ماڻهن بلڪه پنهنجي پاڻ کي به ڏسندا ته نظر اهو ايندو ته هر ماڻهو پنهنجي مٿان هڪ خول چاڙهيل آهي. ماڻهو اهو خول يا برقعو يا پردو ٻين ماڻهن/دنيا کان پنهنجو اصل لڪائڻ لاءِ چاڙهي رکي ٿو. هر ماڻهو چاهي ٿو ته ان جي اندر جي ڪمزوري، اندر جي غربت، گدلاڻ، جهالت، ڪميڻائپ يا اندر جو خوف وغيره ٻين ماڻهن کان لڪل رهي. تنهن ڪري هو پنهنجي پاڻ مٿان هڪ اهڙو خول چاڙهي رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن ۾ هو طاقتور، صاف، سٿرو، وڏو اڪابر، ايماندار ۽ بهادر وغيره لڳي پر ڪجهه اهڙا ماڻهو به هجن ٿا، جن کي هڪ ٻئي مٿان ٻه خول يا برقعا پاتل هجن ٿا، يعني جڏهن دنيا کي ڏيکاءُ لاءِ پاتل خول لاهي بنهه پنهنجن جي سامهون به اچن ٿا، تڏهن به اندران هڪ ٻيو خول موجود هجي ٿو ۽ اهڙن ماڻهن جو اصل صفا ويجها به ڏسڻ کان قاصر رهن ٿا، پر انهن کان به وڌيڪ بدنصيب اهي ماڻهو هجن ٿا، جيڪي هڪ يا ٻه نه پر ٽي خول چاڙهي گهمن ٿا، ٽيون خول هو پنهنجي پاڻ کي پاڻ کان به لڪائڻ لاءِ چاڙهي وٺن ٿا. اهي ماڻهو پنهنجي پاڻ سان به ڪوڙ، فريب ۽ منافقي جو رشتو جوڙي رکن ٿا. هي ماڻهو ڪنهن سان سنئين سڌي ٺڳي يا فراڊ ڪرڻ باوجود پنهنجي پاڻ کي آرسيءَ آڏو بيهي اهو چئي رهيا هجن ٿا ته، ”مون ڪا ٺڳي نه پر سهي ڪم ڪيو آهي.“ اهي ماڻهو ڪنهن ٻئي سان زيادتي ڪري يا مٿس ظلم ڪري پنهنجي آڏو به شرمنده ٿيڻ بدران اهو سوچي رهيا هجن ٿا، اها زيادتي يا ظلم ڪرڻ سندن حق هو! پنهنجي حقيقت پنهنجي پاڻ کان به لڪائيندڙ ماڻهو بنهه کوکلا هوندا آهن ۽ وڏا بدنصيب به هجن ٿا.

    خوش نصيب انهن ماڻهن کي به نٿو چئي سگهجي، جنهن جي زندگي ۾ ڪو هڪ يا ٻه اهڙا ماڻهو به نه هجن، جن سامهون هو، بنا ڪنهن خول/برقعي جي اچي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو کي ڪو هڪ اهڙو هنڌ، شخص گهرجي ٿو، جيڪو ان ماڻهو جي وحشتن، ديوانگي، ڏکن، سکن جو ساٿي هجي، جنهن آڏو روئڻ يا ٻاراڻي ڳالهه تي دل کولي کلڻ ۾ ڪو عيب يا شرمندگي محسوس نه ٿئي. فطرت جو اهو اصول آهي ته هر شيءِ ٻيءَ سان جڙيل به آهي ۽ هڪ ٻئي جي محتاج به آهي ۽ انسان به ٻئي انسان جو محتاج آهي. اها محتاجي، معاشي به آهي ته اخلاقي به، اها جسماني به آهي ته روحاني به، اها محتاجي سماجي به آهي ته سياسي به ۽ اگر ڪو ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته ٻيا ان جا محتاج آهن ۽ هو نه ته اهو ماڻهو بنهه بيوقوف چئبو ۽ اندران صفا کوکلو هوندو. اتي اها ڳالهه زور ڏئي چوڻ چاهيندس ته صرف اهو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهو سان مضبوطي سان جڙي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي پاڻ سان مضبوطي سان جڙيل هجي يعني هو پنهنجي اندر موجود چڱائين ۽ براين تي پردو ڏئي نه ويٺو هجي، جيڪو پنهنجي پاڻ سان اگر ڪوڙ ۽ منافقي واري رشتي ۾ جڙيل هوندو ته ٻئي سان به سندس تعلق ڪوڙ ۽ منافقي وارو هوندو، پر جيڪر ان جو پنهنجي پاڻ سان محبت، سچ ۽ ايمانداري وارو رشتو هوندو ته پوءِ ئي ٻئي سان به سندس اهڙن جذبن وارو تعلق جڙندو پوءِ اهو تعلق محبت جو هجي يا سماجي يا معاملو سياسي تعلق جو هجي. دراصل جيڪي ماڻهو ٻه يا ٽي خول چاڙهيل هجن ٿا، انهن جي اندر آهستي آهستي انسانيت مرڻ شروع ٿيو وڃي ۽ ظاهري طرح هو هلندڙ ڦرندڙ ماڻهو ته هجن ٿا، پر انهن اندر ماڻهپو فوت ٿي چڪو هجي ٿو. اگر توهان غور ڪندا ته توهان اهم ڪرسين ۽ سگهاري عهدن تي ويٺل ڪجهه ماڻهو به Mannequins (دڪانن ٻاهران ڪپڙن جي نماءَ لاءِ رکيل انساني بوتا) جيان لڳندا. جيڪي انهن عهدن يا ڪرسين جي اختيارين جو نماءُ ئي ڪندڙ هجن ٿا، پر اندران کوکلو هجڻ سبب ۽ سندن انسانيت جي فوت ٿي وڃڻ سبب هو سماج ۽ انسانيت لاءِ ڪا به چڱائي ڪرڻ کان قاصر هجن ٿا.

    تازو ڪنهن پڙهندڙ هڪ عجيب پر بي چين قسم جي اي ميل موڪلي. ان اي ميل ۾ لکندڙ شڪ ظاهر ڪندي چيو ته، منهنجن ڪالمن ۾ آئون جيڪو ڪجهه لکان ٿو، ان ۾ سچائي ناهي، بلڪه اهي ڪالم لکڻ جو مقصد ڏوڪڙ ڪمائڻ آهي!! معزز لکندڙ ان ڪاروباري گر جي وضاحت ناهي ڪئي ته ڪالم لکڻ سان واڌو ڏوڪڙ ڪيئن ٿا ڪمائي سگهجن، سو ان ڪري مون کي اها عجيب لڳي، پر بي چين ان ڪري محسوس ڪيم ته معزز لکندڙ منٿ واري انداز ۾ لکيو آهي ته، ”اگر منهنجي راءِ توهان جي باري ۾ درست ناهي ته مهرباني ڪري منهنجي سمجهڻ ۾ مدد ڪريو.“ آئون پنهنجي ان پڙهندڙ جي بي چينيءَ کي محسوس ڪندي کيس اها ئي صلاح ڏيندس ته، ”ادا هڪ دفعو پنهنجي پاڻ تان سڀ خول لاهي ڪجهه دير لاءِ ايمانداري سان ڊائلاگ ڪريو ۽ اهو سوال پنهنجي پاڻ کان ڪريو ۽ جيڪو جواب توهان کي من اندران اچي، اهو ئي صحيح هوندو“. حيدآباد مان خير الدين صاحب نالي پڙهندڙ هڪ مايوس اي ميل موڪلي آهي، جنهن ۾ موصوف لکيو آهي ته، کيس سنڌي هجڻ تي ڪو فخر ڪونهي. خير الدين صاحب 11 ”نقطا“ اٿاريا آهن، جن ۾ هن پنهنجي ان سوچ کي Justify (حقي واجبي) ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو ڇو سنڌي سڏائڻ نٿو چاهي. سندس اٿاريل نقطن ۾ انهن ڪمزورين جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر خود سنڌي آهن. مثال طور، تعليمي تباهي، ڪرپشن وغيره. معزز لکندڙ جو اهو بنيادي انساني حق آهي ته هو جيڪو وڻي پاڻ کي سڏائي پر انگريزي جي هڪ چوڻي آهي ته، Friends we choose brothers we don’t (دوستن جي ته اسان چونڊ ڪري سگهون ٿا پر ڀائرن جي نه.) سو اهو ڪنهن جي به هٿ وس نٿو هجي ته ڪهڙي ملڪ يا ڪهڙي قوم يا ڪهڙي خاندان ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو به ڪنهن جي وس ۾ ناهي هوندو ته هو پنهنجي جنم ڀومي يا مادري ٻولي تبديل ڪري وٺي. سو سنڌي سٺا آهن يا خراب آهن، خير الدين صاحب توهان به سنڌي آهيو. ها باقي اها چوائس توهان وٽ آهي ته توهان سنڌ ۾ موجود خرابين کي دور ڪرڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪريو، يا ڪنڊ وٺي ويٺا رهو، يا ڪنهن ٻئي ملڪ وڃي اتان جي قوميت وٺي اتي ئي رهي پئو، پر جيئن چئي آيس ته دوست توهان مٽائي سگهو ٿا ڀائر نه، سو آهيو ته سنڌي، پوءِ ڀلي مڃيو يا نه مڃيو. باقي رهجي ويو اهو ته بطور سنڌي توهان فخر محسوس نٿا ڪريو، ته واقعي ڪنهن به قوم کي پاڻ تي فخر محسوس ڪرڻ لاءِ ٺوس ۽ گڏيل عمل ڪرڻا پون ٿا، پر هروڀرو شرمندو ٿيڻ جهڙي به ڪا ڳالهه ناهي. توهان کي گذارش آهي ته توهان پنهنجو خول لاهي ڏسندا ته توهان کي پنهنجي اندر ۾ هڪ مثبت سوچ رکندڙ سنڌي ملندو ۽ جڏهن توهان ان کي ڳولهي لهندو ته توهان کي پنهنجي چوگرد به تمام گهڻا سٺا ۽ مثبت سوچ رکندڙ سنڌي نظر ايندا.

    اڄ کان لڳ ڀڳ ٽيهه سال اڳ جڏهن سماج سيوڪ طور عبدالستار ايڌي ڪم شروع ڪيو ته چوطرف کان شڪ ۽ الزامن جا طوفان اٿيا ته، ضرور ڪا ڳڙٻڙ هوندي نه ته ڪير ٿو انسانيت لاءِ ايترو ڪشٽ کڻي. ضرور ايڌي ان مان ڏوڪڙ ڪمائيندو هوندو. وغيره وغيره، پر اهو فقير انساني جذبي هيٺ پنهنجي ڪم ۾ مست رهيو ۽ اڄ سندس بي لوث خدمت جو شايد ئي ڪو انڪاري هجي. ڏهه ٻارنهن سال اڳ سنڌ ۾ ناصر اسلم زاهد نالي صاحب چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ طور عام ماڻهن کي رليف ڏئي هڪ نئون مثال قائم ڪيو ته ان بابت مختلف رايا ۽ شڪ اٿاريا ويا، شايد ان ڪري جو اڳ ۾ عدليه جي ڪنهن سربراهه عام ماڻهن جي ائين پرگهور نه لڌي هئي. سو اهي شڪ اٿاريا ويا ته، ”ضرور ناصر اسلم جي ڪا ايجنڊا هوندي، ڪو مفاد هوندو.“ چوڏنهن پندرهن سال اڳ جڏهن پوليس کاتي ۾ ٻن ٽن پوليس آفيسرن چڱي ڪارڪردگي سبب عوام ۾ پنهنجي ساک ٺاهي ته به اڪثر ماڻهن کي اهو اعتبار نه پئي آيو ته ڪو پوليس آفيسر چڱو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ضرور اندر ٻئي ڪا ڪهاڻي هوندي! 20 سال اڳ جڏهن سنڌي ميڊيا وڌيڪ عوام دوست ۽ عوامي اشوز سان گڏ اڀريو ته به اهو اڪثر ماڻهن کي هضم نه پئي ٿيو ۽ ٿيوريز ۽ الزامن جون مختلف فهرستون مارڪيٽ ۾ گردش ۾ آنديون ويون پر اڄ سنڌي عوام جي اڪثريت سنڌ جي مفادن ۽ حقن جي حوالي سان سنڌي ميڊيا ۾ پنهنجو عڪس ڏسن ٿا. ساڳي ريت اڄ اگر سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جي ڳالهه يا ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ان کي به شڪ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ان جي پويان وڏين سازشن جون ڳالهيون ٿين ٿيون. سياسي ڪلچر ۾ تبديلي ذريعي بهتر حڪمراني آڻڻ جي ڳالهه ڪندڙن مٿان شڪ ڪرڻ بلڪل ائين ئي آهي، جيئن سخت گرميءَ ۾ تتل ميدان ۾ بيٺل ڪجهه ماڻهن کي ڪو چئي ته اچو ته گرمي ۽ اس کان بچڻ لاءِ گڏجي هڪ ڇپر ٺاهي وٺون ته جيئن ڇانوَ ۾ ويهي سگهون، ته اهڙي صلاح ڏيندڙ کي چيو وڃي ته اهڙو ڪو اجهو يا ڇپر ٺاهڻ پويان ان جو مفاد پاڻ به ڇانوَ ۾ ويهڻ آهي ۽ اهو نه سوچجي ته ڇپر ۾ ته ٻيا به ويهندا، نه ڪي ڪو اڪيلو شخص. سو اگر سڀني لاءِ چڱائي ٿئي ٿي ته ان ۾ حرج ڪهڙو آهي!؟ اها ڪهڙي کل جوڳي روش آهي ته ماڻهو پاڻ سورن ۾ رهي يا عذاب صرف ان سبب جي ڪري برداشت ڪري جو ڪٿي ڪنهن ٻئي جا سور گهٽجي نه وڃن!! منهنجو خيال آهي ته گڏيل چڱائي لاءِ هر عمل يا ڪاوش کي ضرور همٿائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اگر گڏيل چڱائي ٿيندي ته سڄي سماج کي ان جو فائدو ٿيندو. اتي اهو به ياد رکڻ ضروري آهي ته پاڻ ڪنهن سماج سڌارڪ يا ميڊيا يا ڪجهه سرڪاري آفيسرن ۾ مثبت تبديلي جي ڳالهه نه پر سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪريون پيا، جنهن سان اسان جو اڄ ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو مستقبل جڙيل آهي. ڇاڪاڻ ته سياسي ڪلچر سڌرڻ کانسواءِ انداز حڪمراني نه سڌرندي ۽ اگر اها نٿي سڌري، ته پڪ سمجهو ڪجهه به نه سڌرندو.

    عام ماڻهن جي زندگين ۾ حقيقي قسم جي تبديلي صرف حڪومتون ئي آڻي سگهن ٿيون، پر شرط اهو آهي ته حڪومت ۾ ايندڙن وٽ اهڙو جذبو ۽ فهم به هجي. پوءِ اهڙو جذبو ۽ فهم رکندڙ خوني انقلاب ذريعي يا اليڪشن ۾ ووٽ وٺي ٻنهي صورتن ۾ حڪومت ۾ ئي اچي تبديلي آڻي سگهن ٿا. چون ٿا ته سياست ممڪنات جي راند آهي، پر اهو به چيو وڃي ٿو ته سياست ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي، سو اگر ڪنهن ووڪل ڪلاسي کي اهو لڳي ٿو ته ڀوتارن کان چونڊون کٽڻ ممڪن ڪونهي ته هو پنهنجي ”ممڪن“ ۽ ”ناممڪن“ جي تشريح مٽائي، ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪجهه نه پر ايترو ته پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته اڄ جو ناممڪن سڀاڻي جو ممڪن بڻجي سگهي ٿو. پنجن يا ڇهن مهينن کانپوءِ بلدياتي چونڊن جو اعلان ٿي چڪو آهي، ووڪل ڪلاسي ماڻهو انهن چونڊن کي هڪ ٽيسٽ ڪيس طور آزمائي ڏسن ۽ منهنجو چوڻ آهي ته اگر هر شهر ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجن روايتي خوف جو خول لاهي ٻاهر نڪري آيا ته انهن سان گڏ هزارين ٻيا ماڻهو به وچ چوڪ تي پنهنجا خول لاهي دفن ڪري ڇڏيندا ۽ ٽي ٽي خول چاڙهي گهمندڙ کوکلا ڀوتار انهن آڏو بيهي نه سگهندا.

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    تبديلي ئي آپشن هجڻ گهرجي!







    خميس 16 جولاءِ 2009ع

    گڊ گورننس ۽ حڪومتي ڪاروهنوار کي ذاتي معاملا ڪري هلائڻ واري حوالي سان مختلف الزامن هيٺ آيل هاڻوڪي حڪومت جي آئيني مدي کان اڳ رخصتي جو تجزيو ڪندڙن سان اختلاف ڪندڙ سياسي پنڊتن وٽ وڏي ۾ وڏو دليل اهو آهي ته هاڻوڪي سيٽ اپ جو سولين متبادل رڳو ميان نواز شريف آهي، جنهن جي شخصيت ۽ روين بابت واشنگٽن ۽ راولپنڊي ٻنهي کي تحفظات آهن، سو هاڻوڪي حڪومتي سيٽ اپ جي رخصت نه ٿيڻ جو وڏو سبب متبادل نه هجڻ آهي. اهڙي ئي راءِ رکندڙ ڪنهن (ظاهري طرح) غير جانبدار سياسي پنڊت سان ڪچهري دوران پڇيم: نواز شريف جي حق ۾ واشنگٽن ۽ پنڊي ڇو ناهن؟

    چيائين: ميان صاحب لاءِ تاثر اهو آهي ته هو شخصي طرح تمام ضدي به آهي ۽ خاص طور پنجاب ۾ حاصل تمام گهڻي سپورٽ هجڻ ڪري منجهس هڪ آمراڻو انداز اچي ويو آهي.

    پڇيم: ضدي ۽ آمراڻي روش ته ميان صاحب ۾ اڳ ۾ به هئي هاڻي ڪهڙي نئين ڳالهه ٿي آهي؟

    چيائين: اڳ نواز شريف جو والد ميان شريف جيئرو هيو، جيڪو اهم فيصلا نواز شريف کان مڃرائي وٺندو هو، هاڻي هو به حيات ڪونهي ۽ ٻي ڳالهه ته 90ع جي ڏهاڪي ۽ اڄوڪين حالتن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هاڻي اتي واشنگٽن جي مفادن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي بقا جي جنگ پئي هلي ۽ خدشو اهو آهي ته ميان نواز شريف اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هر ننڍي وڏي معاملي ۾ پنهنجي مرضي هلائڻ چاهيندو، جيڪو واشنگٽن ۽ پنڊيءَ لاءِ مونجهاري جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

    پڇيم: ڇا اسان جي ملڪ ۾ فوج جي سڌي اقتدار ۾ اچڻ وارو سدا بهار آپشن متبادل طور استعمال ٿي سگهي ٿو؟

    چيائين: ان آپشن بابت پير ٻڌي ڪجهه به چوڻ دانشمندي نه هوندي، پر سوات ۽ هاڻ وزيرستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف هلندڙ ويڙهه توڙي بلوچستان جي حالتن سوڌو سال ڏيڍ اڳ اقتدار مان ويل فوج کي تڪڙ ۾ واپس اقتدار ۾ آڻڻ شايد فوج کي به في الحال بحيثيت اداري جي موزون نه لڳي ۽ واشنگٽن ۽ لنڊن کي به پاڪستان ۾ ڪنهن غير جمهوري حڪومت سان سهڪار ڪرڻ ۾ ٿوري ڦڪائي ٿيندي، تنهن ڪري ان آپشن جا به امڪان گهٽ آهن.

    هڪ رٽائرڊ پر باخبر ڪاموري کان ساڳي موضوع تي ڪچهري ۾ کائنس پڇيم: خبرون گردش ۾ آهن ته ميان صاحب واشنگٽن ۽ لنڊن کي راضي ڪرڻ ۾ رڌل آهي ۽ کيس آسرو به مليو آهي ته ٿورو انتظار ڪريو؟

    چيائين: ها، اهي ڳالهيون سياسي مارڪيٽ ۾ هلندڙ آهن ۽ چيو پيو وڃي ته اولهه جي قوتن جي ”فرمائش“ تي ئي ميان صاحب في الوقت حڪومت تي هٿ هلڪو ڪيو آهي ۽ ميان صاحب عملن اهو ثابت ڪري پيو ڏيکاري ته ظاهري طرح ڀلي سندس ڏيک گهڻو سخت گير هجي پر هو ”اهم معاملن“ ۾ ”سنگت جي صلاح“ کان ٻاهر نه ويندو.

    پڇيم: ڇا ساڳيءَ ريت مالاڪنڊ آپريشن کانپوءِ اسان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ واشنگٽن وچ ۾ موجود اعتماد جو فقدان گهٽ ناهي ٿيو؟

    چيائين: يقينن، جنهن مڪمل ڪمٽمينٽ سان اهو آپريشن ٿيو آهي، ان سان واشنگٽن خوش به آهي ۽ کيس اها به خبر آهي ته ان جو ڪريڊٽ سڌي ريت پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي وڃي ٿو، نه ڪي ڪنهن ٻئي کي.

    مٿي ٻن مختلف انداز ۾ سوچيندڙ همراهن جا خيال صرف ٻن همراهن جا نه، پر مختلف حلقن ۾ موجود ٻه رايا آهن. اچو ته پاڻ تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته آخر ٻنهي راين ۾ وڌيڪ وزن ڪنهن ۾ آهي؟ پر اهو سمجهڻ لاءِ ان بنيادي سوال جو جواب ڳولهڻو پوندو ته آخر هن حڪومت اهڙو ڇا ڪيو آهي، جو ان جي رخصت ٿيڻ بابت بحث شروع ٿي ويو آهي؟ ان جا چار جواب ٿي سگهن ٿا.

    (i) خراب گورننس (i i) مالي بي قائدگين جا الزام (i i i) سياسي معاملن جي خراب مينجمينٽ (i v) يا سازشي عناصرن پاران هروڀرو جي افواهه سازي. اسان جي اقتداري سياست جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهي سبب ڪنهن حڪومت کي هٽائڻ کان اڳ جا مرحلا هوندا آهن ۽ حڪومت ڊاهڻ لاءِ Cause of Action (عمل جو سبب) ڪو ٻيو ٺهندو آهي، پر مٿي بيان ڪيل ڳالهين سان ماحول جڙڻ جي شروعات ٿيندي آهي، راءِ عامه جڙندي آهي عوام ۾ حڪومت لاءِ بيزارگي ۽ مخالفت جڙندي آهي، پوءِ ڪو اهڙو واقعو، حادثو يا ٽڪراءُ جنم وٺندو آهي، جنهن جو نتيجو حڪومتن جي رخصتي جو ڪارڻ بڻجندو آهي. اتي گهڻو کلي لکڻ کان پاسو ڪندي صرف اهو چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ 4 کان 6 مهينا حڪومت لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ ڇاڪاڻ ته پيٽرول جي مهانگي ٿيڻ سوڌو مجموعي طور مهانگائي، لوڊشيڊنگ، خراب گورننس ۽ ٻين انيڪ سببن جي ڪري عوام خفا آهي ۽ حڪومت خلاف ماحول جڙيل آهي، تنهن ڪري ايندڙ مهينن ۾ ادارن جي ٽڪراءَ يا وڏن اسڪينڊلز جي ميڊيا تي اچڻ، سترهين ترميم جي خاتمي تي ڪنهن تڪرار جي اڀري اچڻ سوڌو (خدا نه ڪري) ڪنهن ٻئي وڏي هاڃي ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت لاءِ مشڪل صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن حڪومت روايتي انداز ۾ ”جڏهن مسئلو آيو، تڏهن ڏسنداسين“ واري روش برقرار رکي ته پوءِ حڪومت جي حق ۾ موجود (جيڪڏهن آهي ته) اهو جواز ته ”ٻيو ڪو متبادل آپشن ناهي“ ڪارگر نه رهندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن حالتون بنهه خراب ٿي وڃن ته پوءِ تبديلي لاءِ ڪنهن آپشن جي ڳولا بدران خود تبديلي (پوءِ ڪهڙي به هجي) خود آپشن بڻجي وڃي ٿي.

    هر جمهوري ذهن رکندڙ ڀلي هو حڪومتي پاليسين جو وڏو نقاد هجي، پر سندس خواهش اها ئي هوندي ته سول حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري پر اقتداري سياست جا اصول وڏا بي رحم هجن ٿا ۽ حڪومتن ۾ اچڻ، حڪومتن جي برقرار رهڻ ۽ حڪومتن جي وقت کان اڳ رخصت ٿيڻ پويان حڪمرانن جون غلطيون، ڊگهي مدي واري حڪمت عملي نه هجڻ، مخالفن جون سازشون وغيره اهم فيڪٽر هجن ٿا، جنهن آڏو ڪنهن جي ۽ ڪا به خواهش ڪا اهميت نٿي رکي. ڪنهن به حڪمران کي پنهنجي حڪمراني جي آخري ڏينهن تائين ان ڳالهه تي يقين نه اچي رهيو هوندو آهي ته هو اقتدار مان فارغ ٿيڻ وارو آهي ۽ انهيءَ لاءِ هو عجيب و غريب فيصلا ڪندي نظر اچي ٿو. هاڻوڪي حڪومت جا تازا ٽي فيصلا انتهائي عجيب نوعيت جا سامهون آيا آهن، هڪ سپريم ڪورٽ پاران ڪاربن ٽيڪس کي ختم ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ يڪدم هڪ آرڊيننس ذريعي نئون ٽيڪس هڻي ٻيهر پيٽرول جو اگهه وڌايو ويو. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ان نئين حڪومتي قدم کي به رد ڪري ڇڏيو ته پوءِ حڪومت ڇا ڪندي؟ ٻيو حڪومتي فيصلو ايندڙ بلدياتي چونڊون ملڪي حالتن جي خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي ملتوي ڪرڻ ۽ پوءِ جڏهن به اهي ٿيون انهن کي غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو غير سياسي قسم جو فيصلو ائين نه ٿئي جو سڀاڻي حڪومت جي پنهنجي سامهون اچي وڃي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ ”ملڪي حالتن“ کي جواز بڻائي غير سولين حڪمران چونڊون ملتوي ڪندا آيا آهن ۽ اهو پهريون ڀيرو ڪا سولين حڪومت ڪري پئي. ساڳيءَ ريت اليڪشن هڪ سياسي عمل هجي ٿو، سو ان سياسي عمل کي غير جماعتي قرار ڏئي غير سياسي عمل قرار ڏيڻ جي خواهش ماضي ۾ فوجي حڪمرانن وٽ هجڻ ته سمجهه جوڳي ڳالهه هئي پر هڪ سياسي جماعت جي سياسي حڪومت پاران اليڪشن جي عمل کي غير سياسي بڻائڻ جي خواهش منطق کان وانجهيل نظر اچي ٿي ۽ اها ڳالهه به مستقبل ۾ انهن آڏو هڪ مهڻي طور اچي سگهي ٿي. حڪومت پاران تازو ڪيل اهو فيصلو به عجيب ۽ کل جوڳو آهي ته موبائيل فون تي ملڪ جي سولين قيادت خلاف ”غير مهذب“ ايس ايم ايس يا انٽرنيٽ تي منفي پروپيگنڊا وغيره تي ٻڌل اي ميلز ڪرڻ تي حڪومت سخت قدم کڻڻ جو ارادو ڪيو آهي!! سوچيان ٿو ته ان حڪومتي فيصلي تي دلچسپ تبصرو ڇا پيو ٿي سگهي؟ پر وري سوچيان ٿو ته اهو فيصلو پاڻ ايترو دلچسپ آهي جو ان تي ڪو ٻيو تبصرو ڪري ان جو مزو وڃائڻ نه گهرجي.

    ملڪي سطح کان هيٺ لهي سنڌ سطح تي اقتداري دنيا ۾ جهاتي پايون ٿا ته اتي به مستقبل جي اقتداري سياست جي حوالي سان مختلف بحث ۽ سرگرميون ٿيندي نظر اچن پيون. پ پ قيادت وٽ اها خواهش نما سوچ موجود نظر اچي ٿي ته سنڌ حڪومت ۾ اتحادي ڌرين سان سندس اتحاد جنم جنم تائين قائم رهي ۽ ايندڙ چونڊون جڏهن به ٿين ته پ پ، ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ، اي اين پي، وغيره هڪ ٻئي سامهون نه پر هڪ گڏيل اتحاد طور چونڊ وڙهن. اها خواهش اڄ ته ٺيڪ، پر ڪهڙي خبر چونڊون ڪهڙي ماحول ۾ ٿين ٿيون ۽ سڀاڻي اسٽيبلشمينٽ اهڙي ڪنهن چونڊ اتحاد جي ڪيتري حق ۾ هوندي، سو سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي؟ ٻئي طرف پ پ منجهه ڪنڊائتا ٿيل حضرات انتظار پيا ڪن ته ڪڏهن ٿي حڪومت رخصت ٿئي ۽ هو به پارٽي مان رخصت ٿين، سو انهن حضرات جي به پاڻ ۾ صلاح مشاورت مستقبل جي حوالي سان جاري آهي. هوڏانهن مسلم ليگ (ق) جي دٻلي ۾ هڪ ٻئي دٻلي بلڪه، ٻه ٻيون دٻليون بڻجي ويون آهن. جنهن مان هڪ جي سنڌ ۾ قيادت ارباب رحيم ۽ ٻئي جي اڳواڻي غوث بخش مهر ڪري رهيا آهن، پر اڃا ق ليگ جي ٽين دٻلي ۾ اهي صاحبان گڏ آهن، جيڪي مرڳو ق ليگ مان ئي جند ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهن، جيڪي سٺو اگهه لڳڻ جي صورت ۾ گڏيل گروپ طور پ پ ۾ به وڃڻ لاءِ تيار رهيا آهن، ۽ گڏوگڏ نواز ليگ ۾ شموليت لاءِ به ليگي قيادت سان رابطا رکيو ويٺا آهن. توهان سوچيندا هوندا ته ان سڄي اقتداري ميلي ۾ عام ماڻهو لاءِ ڇا بدلبو ته جواب بنهه سولو آهي ته عام ماڻهو لاءِ ڪجهه به نه بدلبو؟ ان اقتداري ميلي ۾ عام ماڻهو لاءِ پ پ وٽ سوچ اها آهي ته سنڌي ماڻهو وٽ پي پي کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ئي ڪونهي تنهن ڪري هو ٻيو ڪيڏانهن ويندو؟ جڏهن ته اڳ ۾ پاڻ اقتدار ۾ هوندي عام ماڻهن کي ”وڏي پڳ“ ٻڌرائيندڙ ڀوتارن جو خيال آهي ته پي پي حڪومت عوام کي مايوس ڪيو آهي، تنهن ڪري هو (ماڻهو) هاڻ پي پي بدران کين ووٽ ڏيندا!!

    ڪنهن زماني ۾ انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ ڪامريڊ چوندا هئا ته ”مهانڊا نه پر نظام مٽجڻ گهرجي“ پر سنڌ ۾ حقيقي تبديلي اچڻ ته ڇڏيو پر تياري ان ڳالهه جي ٿئي پئي ته هروڀرو مهانڊا به ڇو بدلجن!؟ ڪا حقيقي تبديلي آڻڻ جي حوالي سان ٿيندڙ بحثن ۾ جڏهن اهو چوان ٿو ته حقيقي تبديلي تيستائين ممڪن ناهي، جيستائين ووڪل ڪلاس جا ماڻهو پاڻ مڙسي نه ڪندا ته اڪثر دوست مون سان بحث ۾ اٽڪي پون ٿا ۽ چون ٿا ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ماڻهو پاڻمرادو تبديلي آڻي وٺن. ان لاءِ ڪو ليڊر يا پارٽي ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿي. ان ڏس ۾ هڪ دفعو ٻيهر ان اميد تي عرض رکان ٿو ته شايد تبديلي آڻڻ بابت منهنجو خيال چٽو ٿي سمجهه ۾ اچي سگهي. (ان ۾ ڪجهه ڳالهين جو ورجاءُ به هوندو، ڇاڪاڻ ته مختلف لفظن ۾ اهي ڳالهيون اڳ ۾ به ڪري چڪو آهيان) نقطو اهو سمجهڻ ضروري آهي ته سماج ۾ ڪا وڏي ۽ حقيقي تبديلي صرف اقتدار ۾ اچي ئي ٿي سگهي ٿي ۽ دنيا ۾ اقتدار ۾ اچڻ جا رڳو ٻه ئي رستا هجن ٿا، هڪ خوني يا فوجي انقلاب ۽ ٻيو رستو ووٽ ذريعي ۽ اسان وٽ في الحال ووٽ وارو ئي رستو ممڪن آهي ۽ ووٽ وٺڻ لاءِ هڪ سگهاري اليڪشن مشينري گهربل هجي ٿي. هن مهل هر تڪ ۾ يا ڪنهن پارٽي جي روايتي اميدوارن وٽ اها مشينري آهي يا انهن جي روايتي مخالف ڀوتارن وٽ اهڙي سگهاري مشينري آهي؟ سو يا ته ڏهاڪن کان ڪڏهن هڪڙي کي ۽ ڪڏهن ٻئي کي ووٽ ڏيڻ وارو سلسلو جاري رکجي يا پوءِ انهن ٻنهي جي مدِ مقابل هڪ ٽئين اليڪشنري مشنري وجود ۾ اچي. ظاهر آهي ته گهٽ وسيلن ۽ گهٽ تجربي تي ٻڌل ڪا ٽئين اليڪشنري مشينري اڳ ۾ ئي موجود سگهاري اليڪشن ٽيم کي ڪيئن ٿي مات ڏئي سگهي؟ ان جو صرف هڪ ئي جواب آهي ته تڪ جا ماڻهو ان اليڪشن ٽيم ۾ ڀرپور بهرو وٺن ۽ بهرو وٺڻ صرف نالي ماتر نه هجي، بلڪه تبديلي جا خواهشمند ماڻهو پنهنجي پوري سگهه ۽ ڀرپور جذبي سان جڏهن ميدان ۾ لهندا ته اها ٽئين اليڪشني ٽيم اڳ ۾ ئي موجود اليڪشني ٽيمن کي هارائي سگهندي. سو جڏهن چوان ٿو ته هر ووڪل ڪلاس جو ماڻهو جيستائين پاڻ مڙسي نه ڪندو تيستائين تبديلي نه ايندي ته ان جو مطلب اهو ئي هجي ٿو ته تبديلي اقتدار ذريعي اچي سگهي ٿي ۽ اقتدار ووٽ ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ ووٽ وٺڻ لاءِ روايتي ڀوتارن کي صرف عوامي سگهه سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. سو جيڪڏهن هاڻ بحث رڳو ان ڳالهه تي جاري رکڻو آهي ته دنيا ۾ ”بيضو پهرين آيو هيو يا مرغي“ يعني تبديلي لاءِ سياسي پارٽي پهرين ٺهي يا ووڪل ڪلاس جا ماڻهو تبديلي جي عمل ۾ بهرو وٺڻ لاءِ ذهني ۽ جسماني طرح پهرين تيار ٿين ته ڀلي اهو بحث ڪير ڪندو رهي، پر جيڪا ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي اها هيءَ ته جيڪڏهن ماڻهو تبديلي لاءِ پاڻ عملي طور حصو نه وٺندا ته هڪ بدران ڏهه پارٽيون ٺهي وڃن، ڪو خاص فرق نه پوندو ۽ جيڪڏهن ماڻهو تيار آهن ته به کين پاڻ منجهان هڪ باصلاحيت قيادت ۽ پارٽي ٺاهڻي پوندي. جيڪا تبديلي جي خواب کي منزل تائين پهچائي سگهي.

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ”ڪاوش“ اڳتي وڌڻ جي ڪاوش جو نالو آهي



    سومر 03 آگسٽ 2009ع

    اڄ کان ٺيڪ 19 سال اڳ جڏهن روزاني ڪاوش جي پهرين شماري لاءِ تياري ورتي پئي ته اهو شايد ئي اسان مان ڪنهن جي به ذهن ۾ هوندو ته هيءَ اخبار ٿوري ئي عرصي ۾ پاڪستان جي سڀني کان وڌيڪ ڇپجندڙ اخبار بڻجي ويندي. مختصر ٽيم سان شروع ٿيندڙ هيءَ اخبار هڪ اهڙو ادارو بڻجي ويندو، جنهن سان هزارين ماڻهو واڳيل هوندا. چئن صفحن تي ٻڌل اخبار اڳتي هلي 12 ۽ 16 صفحن واري اخبار ٿي ويندي. روزاني ڪاوش شروع ڪندڙ سموري ٽيم نوجوان ۽ صحافت ۾ گهٽ تجربو رکندڙن تي ٻڌل هئي ۽ ان مهل ڪاوش سٿ کي ڏسي سينئر صحافين اهو مهڻو به ڏنو ته، ”هي سب ايڊيٽرن جي اخبار آهي“ پر 19 سالن جي سفر ۾ انهيءَ ٽيم جي تربيت ۾ ڪم ڪندڙ صحافين کي ملڪي توڙي پرڏيهي ميڊيا ۾ ملازمتون مليون ۽ انهن جي وڏي ميرٽ اها هئي ته انهن روزاني ڪاوش ۾ 5 يا 10 سال ڪم ڪيو آهي. ڪو زمانو هو جڏهن چئن صفحن تي ٻڌل ڪاوش بابت ڪجهه پراڻي خيال جا ماڻهو طنز ڪندا هئا ته، ”هن اخبار ۾ صرف ٺڪاءُ هجن ٿا“ پر وقت گذرڻ کانپوءِ ۽ هاڻ جيڪا خبر ڪاوش ۾ نٿي هجي، اها ڄڻ خبر ئي نٿي هجي. 19 سال اڳ ڪاوش سٿ ان اميد سان اخبار شروع ڪئي ته ان اخبار سان سندن صحافتي ڪيريئر ۽ روشن مستقبل جڙندو پر وقت گذرڻ سان گڏ لکين ماڻهن ان اخبار سان پنهنجيون اميدون جوڙي ورتيون، پوءِ اهي ڏڪار ۾ ورتل ٿر واسي هجن يا ٻوڏ سٽيل ماڻهو هجن، ڪو سياسي ڪارڪن حڪومتي ڏاڍ جو شڪار هجي يا ڪنهن ڀوتار جي داٻي هيٺ آيل اٻوجهه ڳوٺاڻو هجي، غرض ته هر ڪنهن اميد جوڙي ته سندس دانهن ڪاوش ۾ ڇپجي، تڏهن ئي سندن مسئلا حل ٿيندا.

    انهن 19 سالن دوران هر ڏينهن ڪيترائي نوان ۽ ڏکيا موڙ به آيا ۽ چئلينجز به، رنڊڪون به آيون ته پريشانيون به، حڪومتي پريشر به آيا ته پريشر گروپس پاران حملا به ٿيا ۽ انهن جو ذڪر ڪبو ته اڻ کٽ لسٽ ٿي ويندي. سچي ڳالهه اها آهي ته انهن کي اگر ياد ڪرڻ شروع ڪريان ته دماغ به جواب ڏئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ساڳيا ۽ ڪجهه مختلف نوعيت جا مسئلا ۽ پريشر ته اڄ به آهن، سو پراڻن کي ويهي ڪهڙو ياد ڪجي، پر اتي هڪ ڳالهه هلڪي ڦلڪي انداز ۾ ٻڌائيندو هلان ته ڪاوش جي نڪرڻ کان ستن سالن تائين يعني 2555 ڏينهن کان وڌيڪ عرصو ڪاوش جا سرڪاري اشتهار مسلسل بند رهيا ۽ مون کي ياد آهي ته جڏهن 1997ع ۾ مشاهد حسين سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير ٿيو ته مون کان سوال ڪيائين ته، 7 سالن دوران وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون مٽجنديون رهيون، پهرين ميان نواز شريف جي وفاقي ۽ ڄام صادق مرحوم جي صوبائي حڪومت هئي، پوءِ مظفر حسين شاهه آيو، پوءِ وفاق ۾ محترمه بينظير ۽ سنڌ ۾ عبدالله شاهه آيو. هاڻ وري ميان نواز شريف وزير اعظم ۽ لياقت جتوئي وڏو وزير آهي ته پوءِ هر حڪومت ڪاوش جا اشتهار ڇو بند رکيا؟ موٽ ۾ پراڻو لطيفو ٻڌايو مانس ته، ڪو بادشاهه گذاري ويو ۽ سندس پٽ بادشاهه بڻجڻ کانپوءِ پنهنجي جيل جو دورو ڪيو ۽ قيدين کان حال احوال ورتا، جڏهن کيس هڪ پوڙهي قيديءَ اهو ٻڌايو ته سندس مرحوم والد (بادشاهه) ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي کيس جيل ۾ وجهي ڇڏيو ۽ پوءِ کيس وسري ويو، تڏهن کان جيل ۾ سڙان پيو. بادشاهه سندس ڳالهه غور سان ٻڌي ۽ جيلر ڏانهن ڏٺو. جيلر اڳتي وڌي بادشاهه کان پڇيو ته، ڇا ان قيدي کي رها ڪري ڇڏجي؟ ته بادشاهه وراڻيو: ”نه، وڏن جي نشاني آهي، ڀلي اتي ئي هجي.“ مشاهد لطيفو ٻڌي زور سان کليو ۽ ڪاوش جا اشتهار کلي ويا، پر ڪجهه مهينا مس گذريا ته ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت سبب وري ڪاوش جا اشتهار بند ٿي ويا.

    ڪاوش جا جيڪي 19 سال عمر وارا پڙهندڙ آهن، اهي پڪ سمجهن ته سنڌ 19 سال اڳ ائين نه هئي، جيئن اڄ آهي. اتي کوڙ سارين خرابين به جنم ورتو آهي، پر هڪ مثبت تبديلي اها آئي آهي ته 19 سال اڳ اگر هڪ سئو ماڻهن سان زيادتي ٿيندي هئي ته 95 ماڻهو ان کي نصيب جو لکيو سمجهي ماٺ رهندا هئا پر اڄ شايد ئي 10 يا 20 ماڻهو ماٺ رهندا هجن، باقي 80 کان 90 سيڪڙو ماڻهو زيادتي خلاف آواز اٿارين ٿا، انهن جو اهو آواز ڪاوش آهي ۽ ان تبديلي جو ڪريڊٽ ڪاوش کي نه ڏيڻ زيادتي هوندي. گڏو گڏ سنڌ جي اهم اشوز پاڻي، ناڻي، قدرتي وسيلن تي سنڌ جي مالڪي، بنيادي انساني حقن، سياسي ڪلچر ۾ بهتري وغيره تي سنڌي عوام کي Sensitise ڪرڻ (حساس بنائڻ) ۾ ڪاوش جي ڪردار کي سندس نقاد به تعريف جي نگاهه سان ڏسن ٿا. مون کي ياد آهي ته، پاڻي ۽ ناڻي جا اشوز جيڪي بنهه ٽڪنيڪي نوعيت جا هجن ٿا، تن بابت ڪاوش سٿ جي اڪثر دوستن ذري گهٽ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته اگر کين پاڻ سمجهه ۾ نه اچي ته هو پڙهندڙن کي ڪيئن سمجهائين ها. هڪ دفعو جنرل مشرف جي دور ۾ ڪالا باغ ڊيم ۽ پاڻي تي سندس ٽيم سان ٿيل بحث ۾ چانهه جي وقفي دوران هڪ ميجر جنرل مون کان پڇيو ته، ”توهان پاڻي جي مسئلي کي ڪافي سمجهو ٿا ۽ ان بابت گهڻا جذباتي به آهيو، توهان جي پنهنجي ڪيتري زرعي زمين آهي؟“ موٽ ۾ چيومانس ته، ”منهنجي هڪ ايڪڙ زمين به ناهي ۽ نه ئي مون ڪڏهن زمينداري ڪئي آهي.“

    چون ٿا ته ڪو هڪ شخص هوندو آهي جيڪو ڪنهن آئيڊيا جي تڪميل يا ڪنهن پراجيڪٽ جي ڪاميابي جو ذميوار هوندو آهي. روزاني ڪاوش منهنجي وڏي ڀاءُ اسلم اڪبر قاضي جو Brain Child (آئيڊيا/تصور) هو، منهنجو ڀاءُ ايوب اڪبر قاضي ان جي مئنيجمينٽ ۽ سرڪيوليشن سنڀالي ان کي پروان چڙهائيندڙ شخص آهي. نياز پنهور، يعقوب سومرو، سترام مهيشوري، بشير چانڊيو، اسلم لغاري، اسماعيل ڀائي ۽ ٻيا انيڪ ساٿي سڀ جا سڀ هڪ، هڪ فرد آهن ۽ انهن سڀني جون الڳ الڳ ڪاوشون جڏهن گڏجن ٿيون ته اهي ڪاوش اخبار بڻجن ٿيون، جيڪو هڪ ادارو به آهي ۽ اڃا به اڳتي وڌڻ جي ڪاوش جو به نالو آهي. شل رب ڌڻي ڪاميابي عطا فرمائي (آمين).

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ماڻهن سان گڏ تاريخ سان به انصاف ٿيڻ گهرجي!






    خميس 3 سيپٽمبر 2009ع



    جنرل (ر) مشرف پاران کنيل 3 نومبر جي قدمن کي ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. ڪجهه هفتا اڳ اعليٰ عدليه جنرل (ر) مشرف مٿان غداري جو ڪيس داخل ٿيڻ جو فيصلو پارليامينٽ ۾ ڪرڻ جو اشارو ڏنو هيو، پر وزير اعظم جي بيانن کي ڏسندي ۽ جنرل (ر) مشرف جي سعودي عرب ۾ پهچڻ کانپوءِ اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي ته جنرل (ر) مشرف تي غداري جو ڪيس داخل ٿيڻ وارو فيصلو شايد ئي پارليامينٽ ۾ ٿي سگهي، باقي سپريم ڪورٽ اهڙو ڪو حڪم جاري ڪيو ته ٻي ڳالهه هوندي. 1973ع جي آئين جي شق 6 موجب آئين کي ٽوڙيندڙ، هٿ چراند ڪندڙ ۽ اهڙي ڪنهن ڪم جي پٺڀرائي ڪرڻ يا مدد ڪرڻ وارا غداري جي الزام هيٺ اچن ٿا. اسان وٽ 1973ع جي آئين کي ٽوڙڻ وارو ڪم صرف جنرل (ر) پرويز مشرف نه ڪيو پر ان کان اڳ جنرل (ر) ضياءُ الحق به ساڳيو ڪم ڪيو هيو ۽ ان کان به اڳ ۾ جڙيل مختلف آئينن سان اسڪندر مرزا، جنرل (ر) ايوب خان ۽ جنرل (ر) يحيٰ خان به اهڙو عمل ڪري چڪا آهن، سو جيڪڏهن هاڻ پارليامينٽ ۾ آئين ٽوڙڻ خلاف غداري جو ڪيس هلائڻ جو ٺهراءُ پاس ٿيو ته ڇا ان ۾ صرف جنرل (ر) پرويز مشرف خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويندو ۽ ماضي واري آمرن جو ذڪر نه هوندو؟ جيڪڏهن اسڪندر مرزا، ايوب خان ۽ يحيٰ خان خلاف ڪارروائي جو مطالبو نه ڪرڻ پويان اهو دليل آهي ته ان مهل 1973ع جو آئين نه هيو، جنهن آئين تحت هاڻوڪي پارليامينٽ وجود ۾ آيل آهي ۽ جنهن آئين ۾ شق 6 موجود آهي ته پوءِ ٻيو سوال اهو ٿو اڀري ته جنرل (ر) ضياءُ الحق ته 1973ع جي ئي آئين کي ٽوڙيو هيو، ان جي خلاف مقدمو ڇو نه هلڻ گهرجي؟ اتي اهو چوڻ ته ضياءُ الحق ڇاڪاڻ ته مري چڪو آهي، تنهن ڪري ان جي خلاف مقدمو هلائڻ مان ڇا ورندو، هڪ غير معقول قسم جي ڳالهه هوندي، ڇاڪاڻ ته ان قسم جا ڪيس ۽ فيصلا تاريخ لاءِ ڪيا ويندا. نواز ليگ ۽ ٻيون پارٽيون اهو به مطالبو ڪنديون رهيون آهن ته پرويز مشرف تي اڪبر بگٽي جي قتل ۽ لال مسجد ۾ ٿيندڙ ڪوس ۽ ٻين ڪيترن ئي ڏوهن هيٺ پڻ ڪيس داخل ڪيو وڃي. اهو مطالبو غلط ڪونهي پر اهو مطالبو ڪير ڪندو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪرڻ جي سازش ۽ سنڌ ۾ 1983ع ۽ 1986ع ۾ ايم آر ڊي جي شهيد ٿيندڙن کان وٺي شهيد نذير عباسي سوڌو ڪيترن ئي ٻين سياسي ڪارڪنن جي قتل جو ڪيس جنرل (ر) ضياءُ الحق مٿان هلايو وڃي؟ اسان پنهنجي سياسي ڪلچر ۾ وزير اعظمن بابت ته لاهور ۽ لاڙڪاڻي جو هجڻ ٻڌو آهي، پر جنرلز بابت به لاهور ۽ ڪراچي هوندو آهي ڇا؟ ڇا ضياءُ الحق ان مهل جيڪي هاڃا ڪيا، اهي پرويز مشرف پاران ڪيل هاڃن کان ان ڪري گهٽ هئا، جو ضياءُ الحق جو تعلق پنجاب سان هيو؟ هن ڳالهه ڪرڻ جو مقصد ٻولي يا علائقي جي بنياد تي ڪنهن آمر کي گهٽ ۽ ڪنهن کي وڌيڪ قرار ڏيڻ هرگز ڪونهي، پر اصولي ڳالهه اها آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 1973ع جي آئين سان ۽ ان ملڪ جي بنيادن کي لوڏڻ جو ڏوهه ڪندڙن ٻنهي آمرن کي پارليامينٽ ۾ هڪ نظر سان ڏٺو وڃي. اهو ٺيڪ آهي ته هاڻوڪي سياسي قيادت (خاص طرح نواز شريف) توڙي اعليٰ عدليه جنرل (ر) مشرف هٿان متاثر ٿي، تنهن جي ڪري ان مٿان سندن باهيون به فطري آهن، پر اهو به صحيح آهي ته ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ سماجي طرح وڏو ڌڪ ڏيندڙ ضياءُ الحق هيو. سو پارليامينٽ اڄوڪي سيٽ اپ ۾ موجود ماڻهن ۽ ادارن سان انصاف ضرور ڪري، پر تاريخ سان انصاف ڪرڻ به سندس ذميواري آهي.

    شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي شهادت کان 20 يا 22 ڏينهن اڳ ڇهه يا ست صحافين سان پوڻا ٽي ڪلاڪ ڪچهري ڪئي هئي، جنهن ۾ آئون به موجود هيس. ان ڪچهري جو ڳچ حصو آف دي رڪارڊ يعني ڇپڻ يا نشر ڪرڻ لاءِ نه هيو. بلاول هائوس ۾ ٿيل اها ڪچهري پرويز مشرف پاران 3 نومبر جي ايمرجنسي کانپوءِ ٿي هئي، جنهن ۾ محترمه ڏاڍي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي ۽ صحافين جا تبصرا به ٻڌا. ان ڪچهري دوران محترمه جو چيل هڪ جملو مون کي هر ان مهل ياد اچي ٿو، جڏهن تحريڪِ طالبان پاڪستان جي مارجي ويل سربراهه بيت الله محسود جو ذڪر اچي ٿو. محترمه جي شهادت جي 24 ڪلاڪن گذرڻ کانپوءِ ئي ان مهل جي سرڪاري ترجمان دعويٰ ڪئي هئي ته محترمه جي شهادت جو ذميوار بيت الله محسود آهي. محترمه جو جيڪو جملو مون کي هر هر ياد ٿو اچي، اهو محترمه پنهنجي مخصوص طريقي جي اردو ۾ ڪجهه هن ريت چيو هيو” يي لوگ ايڪ بيت الله محسود بنائين هين، پهر اسڪو ڪام سي لگائين هين، پهر ايڪ بيت الله کٿم هو جائيگا، پهر دوسرا بيت الله بنائين گي.“ بيت الله محسود ڪنهن جو ماڻهو هيو؟ بعد ۾ ڇا هن پنهنجيون وفاداريون مٽائي ورتيون هيون؟ کيس مارڻ جي پويان ڇا وڏين طاقتن وچ ۾ ڪو ٺاهه فيڪٽر آهي؟ ڇا هاڻ آمريڪا، افغانستان مان 25-30 سال رهڻ وارو خواب ڇڏي سال، ٻن ۾ رخصت ٿيڻ جو سوچي ورتو آهي؟ اهي سڀ اهڙا سوال آهن، جنهن جا مڪمل جواب ڪير به پير ٻڌي نٿو ڏئي سگهي، پر ڇا بيت الله جي مرڻ کانپوءِ هاڻ اسان کي ان ڳالهه جو ڪڏهن به مڪمل جواب نه ملي سگهندو ته محترمه بينظير جي شهادت جو اصل جوابدار ڪير هيو؟ ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو ته جيڪڏهن محترمه پنهنجي شهادت بابت عالمِ ارواح مان ڪا پريس ڪانفرنس ڪري ڇڏي ها ته ڇا چئي ها؟ ظاهر آهي ته اهڙي سوچ مان ڪو معقول جواب ته ملڻو ناهي، پر محترمه جي حياتي ۾ چيل اهو جملو وري ذهن ۾ ڦرڻ شروع ڪندو آهي ته، ”يي لوگ ايڪ بيت الله محسود بنائين هين....“

    توهان سمنڊ کي ڇوليون هڻندي ساحل ڏي ايندي ضرور ڏٺو هوندو. سمنڊ انهن ڇولين سان پنهنجي اندر جو گند ٻاهر اڇلائي پنهنجو پاڻي واپس اندر وٺي وڃي ٿو، پر اهو تصور ئي ڪيترو ڀيانڪ ٿو لڳي ته توهان ساحل تي بيٺا هجو ۽ سمنڊ جون ڇوليون ساحل ڏي اچي سمورو گند پاڻ سان کڻي اونڌي رخ ڏانهن واپس وڃي رهيون هجن!! اسان جي اقتداري سياسي ڪلچر جو سمنڊ ان ئي غير فطري عمل جو شڪار آهي جو هڪ ڊگهي پراسس ۾ هلڻ باوجود پنهنجي اندر جو گند وقت گذرڻ سان ٻاهر اڇلائڻ بدران ويتر ٻاهريون گند به اندر وٺندو پيو وڃي ۽ وقت گذرڻ سان اقتداري ڪلچر مان ايندڙ ڌپ هاڻ ساهه منجهائي ڇڏيو آهي. آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو ته ڪو به ماڻهو ڪو ڪم ڇو ٿو ڪري؟ ان جو ڪارڻ اڄ يا سڀاڻي خوش ۽ مطمئن رهڻ، پنهنجي پونئيرن کي خوش مطمئن رکڻ يا آخرت ۾ ان جي جزا ملڻ جي اميد هجي ٿي، پر سوچي سوچي دنگ ٿي وڃان ٿو، جڏهن اقتداري ڪلچر جي اڪثر معزز صاحبان کي ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻي جي زمان کان آجو ڏسان ٿو. اهي نه گذريل وقت کان ڪا چڱي ڳالهه سکيا هجن ٿا، نه ئي اڄ ۾ فضيلت سان رهن ٿا ۽ نه ئي کين سڀاڻي جي ڪا پرواهه هجي ٿي! اهڙي عجيب مخلوق سوسائيٽي جي ٻين شعبن ۾ به هوندي آهي، پر انهن جي اهڙي شخصيت کي ته صرف هو پاڻ، يا سندن گهر ڀاتي ۽ ويجها رهندڙ ڀوڳين ٿا، پر اقتداري سياست ڪندڙ اهڙن ”معززين“ کي ته سڄو معاشرو ڀوڳي ٿو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي ”معزز“ ائين ڇو آهن؟ ڇا ان جو سبب پئسو ۽ طاقت آهن؟ پر جيڪڏهن پيسو ۽ طاقت به سبب آهن ته سوال اهو آهي ته پيسو ڪيترو؟ آخر ايترو پيسو ڇا ڪبو؟ اها بک آهي يا ڪا بيماري، جيڪا انهن کي پنهنجي عزتِ نفس ماري، چڱن ماڻهن ۾ پنهنجي ڳڻپ هجڻ جي شوق کان پاسيرو ڪري، تاريخ ۾ سٺي نالي سان ياد ٿيڻ جي فڪر کان آجو ڪري ڏينهن رات، صبح شام رڳو ڏوڪڙ ٺاهڻ ۽ اقتدار ۾ اچڻ يا اقتدار برقرار رکڻ جي جنون ۾ انهن کي مبتلا رکي ٿي!؟ ائين ته زندگي رب ڌڻي جي وس آهي، پر چون ٿا ته پاڪستان ۾ ماڻهو جي سراسري عمر 55 سال آهي، هلو 10 يا 15 سال بونس به ٻڌي وٺون ته 65 يا 70 سالن ۾ مٽي ۾ ملي وڃڻو آهي، سو سمجهه ۾ نٿو اچي ته عمر جي آخري 10 کان 20 سالن ۾ انهن ”معززين“ کي ”منرل واٽر“ پيئندي سينواريل پاڻي مٽن ۾ ڀريندڙ ڪي اهي ڳوٺاڻيون عورتون ۽ ٻار ڇو نٿا ياد پون؟ ڪروڙين رپين جون گاڏيون خريد ڪرڻ مهل کين اهي ٻار ڇو نٿا ياد پون جيڪي شديد گرمي يا سرديءَ ۾ ميلن جا ميل پيرين پنڌ اسڪول وڃن ٿا، يا ڳورهاري عورت کي ڊگهي گاڏي ۾ وجهي ڪنهن اسپتال کڻائي وڃن ٿا. پرڏيهه مان هر ڇهن مهينن کانپوءِ طبعي چڪاس لاءِ ويندڙن کي اسان جي سرڪاري اسپتالن جي حالت زار جو خيال ڇو نٿو اچي، جنهن ۾ علاج کانسواءِ باقي سڀ ڪجهه آهي. هڪڙي دعوت، هڪڙي محفل ۾ لکين رپيا خرچ ڪندڙن کي ڇا اهو ياد به هوندو آهي ته ايترن پيسن ۾ 3 کان 5 خاندان سڄو سال ماني کائي سگهن ٿا؟ اتي اهو چوڻ نٿو چاهيان ته اهي ”معزز“ مهانگيون گاڏيون نه وٺن يا پرڏيهه مان علاج نه ڪرائين يا سٺا کاڌا نه کائين، پر ظاهر آهي ته اهي ڪروڙين، اربين رپيا انهن سياستدانن يا ڪامورن يا رٽائرڊ فوجين جي اڪثريت کي ابن ڏاڏن وٽان وراثت ۾ ته ناهن مليا. اهي ڏوڪڙ انهن ”عوام جي خدمت“ جي نالي ۾ ئي ٺاهيا آهن، سو ڇا ائين ممڪن ناهي ته هاڻ بس ڪجي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اڄ به اهي صاحبان بس ڪري وڃن ته انهن جون ست نه به ته ٽي يا چار پيڙهيون عيش ۽ آرام سان زندگي گهاري سگهنديون.

    اڄڪلهه وڏو بحث اهو هلي رهيو آهي ته پراڻن قصن جو پنڊورا باڪس ڇو کلي ويو آهي؟ برگيڊيئر (ر) امتياز بلا ڪٿان ٻاهر اچي ويو آهي؟ ڇو 1992ع جو آپريشن، سياستدانن منجهه ڏوڪڙ ورهائڻ وارا قصا وغيره ٻيهر منظر تي اچي رهيا آهن؟ ان ڏس ۾ عام خيال اهو آهي ته ”ٿيلهي مان ٻاهر نڪتل ٻلي“ جي پويان ڪنهن جي چرچ آهي. نواز ليگ اهو الزام صدر آصف زرداري مٿان لڳايو آهي، جڏهن ته ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته ان سڀ جي پويان اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي. هڪ ٽيون خيال اهو به آهي ته ڇاڪاڻ ته ميڊيا جي اشوز جي حوالي سان Appetite (بک/طلب) ايتري وڌي وئي آهي جو ان کي جيڪڏهن ڪو ڪرنٽ اشو نٿو ملي ته اها ماضي مان ئي ڪو اشو ڪڍي اچي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته مٿي ڄاڻايل ٽنهي ڳالهين مان ڪا هڪ صحيح هجي ۽ ممڪن آهي ته ٽئي ڳالهيون گڏيل هجن، پر جيڪا مثبت ڳالهه ٿئي پئي اها هيءَ ته ماضي ۾ فوجي توڙي سول حڪومتن ۾ ٿيل گند سامهون اچن پيا ۽ اقتداري سياست جا جيڪي صاحبان انهن ڳالهين کي اهو چئي بند ڪرائڻ چاهين ٿا ته، ”ماضي کي وساري ڇڏيو“ يا ”اڄ عوام جا مسئلا ٻيا آهن، تنهن ڪري اهو بحث فضول آهي“ وغيره. انهن صاحبان کي لڳي ٿو ته ڊپ اهو آهي ته ڳالهيون کلنديون ويون ته متان ماضي ۾ ٿيل سندن ڪارناما به ڪٿي سامهون نه اچي وڃن. جيڪي اڄ ڪارناما ٿين پيا، اهي سڀاڻي ڪو نئون برگيڊيئر امتياز اچي نه کولي ڇڏي، پر فطرت جا پنهنجا قانون هجن ٿا، سو ڪو به ٻلي يا ٻلو سدائين ٿيلهي ۾ بند ناهي رهي سگهندو.

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ ڏانهن اسٽيبلشمينٽ

    ۽ نواز شريف جي روش!



    آچر 13 سيپٽمبر 2009ع

    اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان جڙندڙ ڄام صادق علي مرحوم حڪومت کان ويندي ارباب غلام رحيم حڪومت ۾ سدائين شامل رهندڙ سنڌ جي مختلف ”صاحبن“ منجهه هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي ”خدمت“ جو جذبو جاڳيو آهي ۽ ان جذبي هيٺ انهن صاحبن ”سنڌ عوامي اتحاد“ نالي هڪ گروپ ٺاهيو آهي. ان بابت عوامي سطح تي جيڪا راءِ هوندي آهي ان جي خبر پاڻ سڀني کي آهي ۽ اهو به درست آهي ته ان ”عوامي“ اتحاد کي هروڀرو عوامي سطح جي ڪنهن راءِ جي پرواهه به نه هجڻ کپي، پر جيڪا راءِ ڊرائنگ رومن واري جهان ۾ ٻڌڻ ۾ اچي پئي، اها ڪافي دلچسپ آهي. هڪ سياستدان جنهن جو پڻ تعلق ڪنهن دور ۾ جڙيل سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس (ايس ڊي اي) سان هيو، جو چوڻ هيو ته ”هي نئون اتحاد ايس ڊي اي 2009ع آهي“. هڪ ٻئي صاحب ان اتحاد کي ايس ڊي اي جي فوٽو ڪاپي قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته جڏهن اصل يعني ايس ڊي اي ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ جٽادار نه ٿيو ته ان جي فوٽو ڪاپي ڇا ڪندي؟ ڊرائنگ رومن جي جهان واري سياست سان گهڻي واقفيت ۽ تجربو رکندڙن وٽ ان نئين اتحاد جي پسمنظر ۾ ٿيل ڪيترائي دلچسپ قصا به ٻڌائڻ لاءِ آهن ته ڪيئن ان اتحاد ۾ شامل ڪجهه ”صاحبن“ اڳ ۾ انفرادي طور نواز شريف سان رابطا ڪري منٿن جي حد تائين نواز ليگ ۾ شموليت جي ڪوشش ڪئي، اهو اتحاد جوڙڻ لاءِ جن اڳ ۾ اڳڀرائي ڪئي، اهي ڇو ان اتحاد ۾ شامل نه ٿيا، ڪيئن ڪجهه ڀوتار حڪومت پاران ڏيکاريل هلڪي دٻ تي صفا آخر ۾ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪري ويا. ڪيئن اتحاد ۾ شامل هڪ ڀوتار اتحاد جو سربراهه ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻين ان ڪوشش کي ناڪام بڻايو، پر انهن قصن کان هٽي ڪري جيڪو نقطو وڌيڪ دلچسپ ۽ ان اتحاد وارن لاءِ خفت جو سبب بڻيل آهي ته ان اتحاد جو مقصد نواز شريف يا اسٽيبلشمينٽ مان ڪنهن هڪ يا ٻنهي کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ هيو، پر باخبر حلقن چواڻي اهو اتحاد في الحال ٻنهي جو پاڻ ڏانهن ڌيان ناهي ڇڪرائي سگهيو. سنڌ جي ”خدمت“ جو عزم کڻي اهي صاحب لوگ سنڌ جي جهڙي خدمت ڪندا، اها ڄام صادق، مظفر شاهه، لياقت جتوئي، علي محمد مهر ۽ ارباب رحيم حڪومتن جي صورت ۾ سنڌ واسين کي چڱيءَ ريت سجهي ٿي پر اهو اتحاد خود اتحادي صاحبن جي مقصدن لاءِ ڪيترو لاڀائتو ٿيندو، ان بابت ڪيترائي سوال موجود آهن ۽ اهڙي اتحاد ۾ سليم جان مزاري، ٺٽي جي شيرازي برادرز، گهوٽڪي جي مهر برادرز سوڌو ٻين ڪجهه ”فطري اتحادين“ جي عدم شموليت مان به اهو واضح اشارو ملي ٿو ته شايد هي هڪ Pre mature (وقت کان اڳ) ڪم ٿي ويو آهي. ماضي ۾ اهڙن اعلانيل يا اڻ اعلانيل اتحادن ۾ شامل رهندڙ هڪ همراهه جو چوڻ هو ته ”ماضي ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ڪري انهن کي هلائڻ جو ڪم اسٽيبلشمينٽ ڪندي رهي آهي، پر جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ هن ڀيري اها زحمت نه ڪري رهي آهي ته اهي صاحب پنهنجي سر ائين ڪرڻ جو نه تجربو رکن ٿا ۽ نه ئي انهن وٽ پ پ مخالف هجڻ کانسواءِ گڏ هلڻ لاءِ ڪو به ڪامن فيڪٽر آهي.“ ان همراهه جو خيال هيو ته سڀاڻي جيڪڏهن نواز ليگ ان اتحاد مان ڪجهه ماڻهن کي پاڻ وٽ اچڻ جي اين او سي ڏني ته اهي اتحاد کي خير آباد چوڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. ساڳئي ريت جيڪڏهن سڀاڻي اسٽيبلشمينٽ ڪو نئون گروپ يا اتحاد يا پارٽي ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ته به ان هاڻوڪي اتحاد ۾ شايد ئي ڪو پويان بچي.

    2002ع جي چونڊن کانپوءِ سنڌ ۾ حڪومت سازي واري عمل بابت سنئين سڌي ڳالهه اها آهي ته ان مهل فوجي اسٽيبلشمينٽ جو سربراهه جنرل پرويز مشرف ملڪ جو به سربراهه هيو، تنهن ڪري فطري طور سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به اسٽيبلشمينٽ جي مرضي موجب ئي حڪومت جڙي، جنهن جو وڏو وزير علي محمد مهر ٿيو. علي محمد مهر جي وڏ وزارت سنڀالڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪنهن هنڌ تڏهوڪي مخالف ڌر جي اڳواڻ نثار احمد کهڙو سان ملاقات ٿي، کيس چيم ته، توهان پ پ جا اٺ يا ڏهه سينئر ماڻهن جو وفد ٺاهي وڃي جنرل مشرف سان ملاقات ڪيو ۽ جڏهن هو توهان کان اچڻ جو سبب پڇي ته توهان باجماعت کيس سليوٽ هڻي چئجو “Thank you very much” (توهان جي وڏي مهرباني). نثار کهڙو منهنجي ڳالهه تي حيران ٿيندي پڇيو ته ”ڇو؟“ چيومانس ته ”جهڙي سنڌ حڪومت مشرف صاحب ٺاهي آهي، اها جيڪي ڪارناما ڪندي ته فطري طور ان جو سڌو سنئون فائدو پ پ کي ٿيندو ۽ پارٽي عوام ۾ وڌيڪ مقبول ٿيندي، سو اهڙي مهرباني ڪرڻ تي پ پ کي مشرف جا ٿورا مڃڻ گهرجن. منهنجي ڳالهه ٻڌي نثار کهڙو ته ٽهڪ ڏئي کلي پيو، پر منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال اڪثر اچي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سنڌ ۾ پ پ کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي، يا ڪمزور ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي يا مورڳو مضبوط رکڻ ٿي چاهي؟ عام تاثر اهو آهي ته ڀٽو مرحوم کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ کي جنهن پارٽي کان چڙ رهي آهي، اها صرف پ پ آهي. ان ڏس ۾ پنجاب ۾ ميان نواز شريف جي صورت ۾ ضياءُ الحق جي ڏينهن ۾ هڪ متبادل قيادت کي همٿايو ويو ۽ اسٽيبلشمينٽ وس ڪري وڃي کيس وزارتِ عظميٰ تائين پهچايو، پر سنڌ ۾ پ پ پ جي متبادل طور ڄام صادق مرحوم کان ويندي ارباب رحيم تائين فردن کي لاٿو ويو، جنهن سرڪاري ڏنڊي وسيلي پ پ پ جي ڪجهه ماڻهن کي لوٽو بڻائڻ کانسواءِ بطور مقبول پارٽي جي پي پي کي وڌيڪ سگهارو ڪيو. سو سوال اهو آهي ته ڇا اسٽيبلشمينٽ جي اها ٿنڪ ٽينڪ جيڪا پي پي مخالفت ۾ سوچيندي ۽ حڪمت عملي جوڙيندي هئي/آهي، ان منجهه فهم جي گهٽتائي چئجي جو هتي پي پي مخالفت ۾ آندل سيٽ اپ ۾ اهڙا فرد آڻيندي رهي، جن وٽ صوبي جي مجموعي حقن، هتان جي عوام جي خوشحالي، گڊ گورننس جا نقطا ايجنڊا تي هجڻ بدران صرف پي پي مٿان ڏنڊي جو وسڪارو ڪرڻ ۽ موج ڪري گهر هليو وڃڻ هوندو هيو. جنهن سان پي پي جو گراف سدائين ڪرڻ بدران مٿي ويو يا اسٽيبلشمينٽ جو ارادو پي پي کي صرف ڪمزور ڪرڻ رهيو آهي. جيئن سنڌ ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي هٿ ٺوڪيل ڀوتارن وسيلي ڪجهه وقت سڌي ريت حڪمراني ڪري ۽ ڪجهه وقت پي پي کي اقتدار ڏئي ان سان اقتدار ۾ ڀائيواري تي گذارو ڪري!؟ هتي مقصد اقتداري سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي جسٽيفاءِ ڪرڻ ناهي، پر پاڻ جائزو اهو پيا وٺون ته پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پي پي جي متبادل طور نواز ليگ کي هڪ جٽادار ۽ پنجاب دوست قوت طور اڀاريو ۽ بعد ۾ جڏهن اسٽيبلشمينٽ ان مان به بيزار ٿي ته ق ليگ طور پنجاب جي ڀوتارن کي گڏ ڪيو، پر انهن به پنجاب کي ترقي وٺرائي، ته ڇا سنڌ کي ڪا ڪالوني سمجهيو پئي ويو، جتي ڪڏهن ڪمپني بهادر سڌي ريت ۽ ڪڏهن پنهنجن نامزد مهاراجائن معرفت حڪومت ڪندي رهي؟

    سال کن اڳ اهو چيو ويندو هيو ته ميان نواز شريف ان ڪري سنڌ يا بلوچستان نٿو اچي يا اتي نواز ليگ ڪي سياسي سرگرميون نٿي ڪري، ڇاڪاڻ ته سندن پي پي سان اتحاد ٿيل آهي ۽ هو پي پي پي جي سياسي Base (بنياد) سنڌ ۾ اچي پي پي کي ناراض نٿا ڪرڻ چاهين، پر بعد ۾ جڏهن پي پي ۽ نواز ليگ ۾ رنجشون وڌي ويون ته به ميان نواز شريف ننڍن صوبن جو رخ نه ڪيو ۽ پوءِ جواز اهو ڄاڻايو ويو ته ميان صاحب سيڪيورٽي جي ڪري ننڍن صوبن ڏانهن نه پيو وڃي!! پنجاب مان ٻاهر نه نڪرڻ جا ٻئي جواز کل جوڳا چئبا، ڇاڪاڻ ته پي پي سان اتحاد جو مطلب سنڌ پي پي کي، ۽ پنجاب نواز ليگ کي پٽي تي لکي ڏيڻ ته نه هيو ۽ جيڪڏهن نواز ليگ پاڻ کي وفاقي پارٽي قرار ڏي ٿي ته سڄي ملڪ ۾ سياسي سرگرمين کان ان مهل جي سندس اتحادي پارٽي پي پي کيس ڇو روڪي ها؟ ۽ هاڻ اهو چوڻ ته ميان صاحب کي ننڍن صوبن جو دورو ڪرڻ مهل خطرو آهي، ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا کيس ننڍن صوبن جي ڪنهن گروهه يا فرد مان خطرو آهي، يا سڄي ملڪ ۾ انتهاپسندن پاران ٿيندڙ دهشتگردي مان؟ جيڪڏهن ڊپ انتهاپسندن مان آهي ته انهن لاءِ پنجاب پري آهي ۽ ننڍا صوبا ويجهو آهن ڇا؟ جيتوڻيڪ ميان نواز شريف جي ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪو خاص ووٽ بينڪ به ناهي، جو سندس اچڻ يا نه اچڻ سان ڪو گهڻو فرق پئجي ويندو، پر حيرت ان روش تي ٿئي ٿي ته ميان صاحب کي ملڪ واپس آئي ڏيڍ سال کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي ۽ هو ملڪي سطح جو اڳواڻ قرار ڏنو وڃي ٿو، پر الائي ڇو ملڪي سرحدون پنجاب کان اڳتي وڌن ئي نٿيون. سنڌ جي سنجيده سياسي حلقن ۾ اهو نقطو بحث هيٺ آهي ته سڀاڻي جڏهن به عام چونڊون ٿيون ته پنجاب ۾ ميان نواز شريف کي هاڻوڪي ڀيري کان وڏي اڪثريت حاصل ٿيندي، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ کيس نمبر گيم جي حوالي سان ڪا ڳڻتي نه رهندي. باقي مڙئي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ڀوتار سنڌ ۽ بلوچستان مان پاڻ سان ملائي ”ملڪي سطح“ جي پارٽي هجڻ وارو تاثر ٺاهبو. اهڙي امڪاني صورتحال ۾ ان مهل جي وفاقي سرڪار جو سنڌ سان ڪهڙو رويو هوندو، نواز ليگ جي سنڌ سان اڄ اپوزيشن ۾ هجڻ دوران جاري روش ڏسڻ کانپوءِ اهو سمجهڻ ڪا مشڪل ڳالهه ناهي.

    ضرور مون جيان ٻيا ماڻهو به اهو سوچيندا هوندا ته سنڌ جنهن جي آبادي چار ڪروڙ کان مٿي آهي، جنهن وٽ مين پاور کان ويندي معدني وسيلا آهن، ان جي اهڙي حالت ڇو آهي؟ دنيا جي ڪيترن ئي امير ملڪن کان آبادي، ايراضي توڙي وسيلن جي اعتبار کان شاهوڪار اسان جي سنڌ جا ماڻهو ايترا پوئتي پيل ڇو آهن؟ پر وري سوچيان ٿو ته قدرتي وسيلن جي اعتبار کان اسان کان به شاهوڪار آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ اسان کان به بدتر حالت ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ به سياسي افراتفري آهي، انهن وٽ به مفادن خاطر پنهنجي ڌرتي سان غداري ورهين کان جاري و ساري آهي، انهن وٽ به ڪو سنجيده ۽ فهم ڀريو سياسي نيوڪلس ناهي ۽ اسان به ان کان محروم آهيون. خدا ڪري اسان وٽ ڪڏهن جمهوريت ۽ قومپرستي جي نالي ۾ ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي افراتفري ختم ٿئي، خدا ڪري جمهوريت جو مطلب صرف ڪجهه ڀوتارن جو چونڊجي اسيمبلين ۾ پهچڻ، پوءِ ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ بعد ۾ وري ٻين ڀوتارن کي وارو ڏيڻ نه رهجي وڃي، خدا ڪري قومپرستي جو نالو صرف تنگ نظري، ٺيڪا وٺڻ ۽ نه ختم ٿيندڙ ۽ حاصلات کان خالي جاکوڙ جو نالو نه رهجي وڃي.

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا اسان اڃا وڌيڪ ڏکائيندڙ منظرن جا منتظر آهيون؟



    آچر 27 سيپٽمبر 2009ع

    ڪجهه عرصو اڳ لکيل منهنجي مضمون ”سنڌ ڏانهن اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز ليگ جي روش“ بابت لنڊن جي ڪنهن ڪمپني ۾ پراجيڪٽ انجنيئر طور ڪم ڪندڙ محمد علي شيخ نالي پڙهندڙ پنهنجي موڪليل مختصر اي ميل ۾ مضمون کي ساراهيندي صلاح ڏني آهي ته آئون ان صورتحال (سنڌ کي درپيش حالتن) جو ڪو حل به ٻڌايان. آئون شيخ صاحب وانگر انجنيئر ته ناهيان، پر ايترو ڄاڻان ٿو ته ڪنهن بلڊنگ يا پل يا ڪنهن به اسٽرڪچر جي جيڪڏهن بنيادي ڊزائننگ صحيح ٿيل ناهي هوندي ته اهو اسٽرڪچر ڪنهن انجنيئرنگ جگاڙ ذريعي وقتي طرح ته شايد بيٺو رهي، پر ڪڏهن به جٽادار نٿو ٿي سگهي. ساڳيءَ ريت ڪنهن به سماج جو بنياد ان جي سياسي ڪلچر تي بيٺل هجي ٿو ۽ جيڪڏهن ان سياسي ڪلچر جي ڊزائننگ جگاڙ، مفاد پرستي ۽ نااهلي واري ٺهيل هجي ته ان سماج جي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن نٿي ٿي سگهي. اهو ورجاءُ ڪرڻ ۾ حرج ڪونهي ته آئون ان مثبت سياست جي خواهش ظاهر ڪندو رهيو آهيان، جيڪا عوام کي حڪومت ۾ شرڪت جو احساس ڏياري ۽ حڪومت جيڪا عوام آڏو جوابده هجي. اتي ان ڳالهه جي به وضاحت ڪرڻ هروڀرو ضروري ناهي ته جيڪي فرد يا ڌريون اسان جي جگاڙي سياست مان ڏهاڪن کان مستفيض ٿي رهيون آهن، ظاهر آهي ته هو ان ۾ ڪا تبديلي ڇو چاهينديون. باقي جيڪي تبديلي چاهين ٿا، اهي جنهن ڏينهن ان لاءِ سندرا ٻڌي عملي ميدان ۾ لٿا ته تبديلي نه صرف ايندي، بلڪه نظر به ايندي ۽ عام ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ان کي محسوس به ڪري سگهندو. سياسي ڪلچر ۾ ڪا ڪارائتي تبديلي ڪيئن ممڪن آهي، ان بابت ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکي چڪو آهيان، سو ٻيهر انهن جي تفصيل ۾ وڃڻ کان في الحال پاسو ٿا ڪريون، باقي اهو طئي آهي ته هاڻوڪي سياسي ڪلچر جي هوندي تبديلي ممڪن ناهي ۽ ان ڪلچر سان جنهن جا مفاد جڙيل آهن، اهي تبديلي نه آڻيندا.

    چون ٿا ته جڏهن ٻه جسم هڪ جان ٿي وڃن ٿا ته اهو محبت جو معراج هجي ٿو. قدرت ان ڳالهه جو انتهائي خوبصورت مثال هڪ ماءُ ۽ ٻار جي رشتي ۾ ظاهر ڪيو آهي ته جڏهن هڪ ماءُ جي ڪک ۾ ٻار پلجي رهيو هجي ٿو ته اهي هڪ الڳ جسم ۽ الڳ روح هجن ٿا، پر ٻئي الڳ الڳ هوندي به هڪ هجن ٿا. 9 مهينا تڪليفون ۽ سور سهي پنهنجي ٻار کي جنم ڏيندڙ ماءُ جي ڪک مان جڏهن ٻار ٻاهر به اچي وڃي ٿو ۽ وڏو به ٿي وڃي ٿو ته به پنهنجي ان وجود جي حصي سان ماءُ جي محبت اها ئي رهي ٿي، يعني ٻه جسم ۽ هڪ جان واري، پر جڏهن وقت، حالات، حادثو يا ڪو رهزن ڪنهن ماءُ کان سندس ٻچڙي کي ڇني وڃي ٿو ته اها ماءُ اندران وڍجي وڃي ٿي ۽ اهو اهڙو وڍ هجي ٿو، جنهن جي ڪري هوءَ سڄي عمر تڙپندي رهي ٿي. پوءِ اها ماءُ بيگم نصرت ڀٽو هجي، جنهن جي سامهون سندس ٽي ٻار مٽي هيٺ دفن ٿيا هجن، يا اها ماءُ جيڪب آباد جي فضيلا سرڪي جي ماءُ سڪينه سرڪي هجي، جنهن جي پنجن سالن جي ڌيءَ فضيلا کي اڍائي سال اڳ ماڻهپي کان آجا، پر ظاهري طرح ماڻهن جيان نظر ايندڙ ڪجهه جانور اغوا ڪري ويا. ائين ته ”اڍائي سال“ لکڻ ۾ اڍائي سيڪنڊ به نٿا لڳن پر اڍائي سالن جو مطلب 912 ڏينهن ۽ راتيون، 21888 ڪلاڪ ۽ 1313280منٽ ۽ الائي ڪيترا ڪروڙ سيڪنڊ هجي ٿو، ۽ ظاهر آهي فضيلا جي ماءُ هر سيڪنڊ، هر پل پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ جي ياد ۾ رت جا ڳوڙها وهايا هوندا. فضيلا جي ماءُ جي اکين مان وهندڙ لڙڪ ٽي وي تي ڏسي حساس دل رکندڙ هر شخص جي اک آلي ٿي وئي هوندي، پر ان ماءُ ۽ سندس درد محسوس ڪندڙ ماڻهن جي اکين مان وهندڙ لڙڪ ڌرتي تي ڪري جذب ٿي ويا هوندا، جن جو اثر نه پوليس ۽ نه ئي ڀوتارن تي پيو هوندو، پر ان ماءُ جا سڏڪا ۽ آهون اڃان ڪنن ۾ گونجن پيون ۽ سوچي سوچي دماغ ٿو ڦاٽي ته اها سنڌ ڄائي، اها سنڌ جي نياڻي، ان ماءُ جي فضيلا ڪيئن واپس ايندي؟ عقل ۽ فهم ۾ اها ڳالهه نٿي اچي ته جيڪڏهن سرڪاري مشينري پنهنجي تي لهي اچي ته اڍائي سال اڳ اغوا ٿيل فضيلا اڍائي ڏينهن ۾ نه به، ته اڍائي هفتن ۾ ڪيئن بازياب نه ٿيندي؟ يقينن فضيلا بازياب ٿي سگهي ٿي، پر مسئلو سرڪاري مشينري جي ترجيحات جو آهي، پر جيڪڏهن انهن جي ترجيحات جي فهرست ۾ ”پنهنجا آفيسر“ لڳرائڻ ۽ انهن وسيلي مخالفن تي داٻا ۽ دهمان ڪرائڻ، ڏينهن جو اقتدار ۽ رات جو ڳاڙهي بوتل جي نشي ۾ رهڻ هجي ته پوءِ سڌي ريت عوام سان جڙيل مسئلا ڪيئن حل پيا ٿي سگهن؟

    دل ته ڪنهن شيءِ لاءِ فقط خواهش ڪري سگهي ٿي، پر ان خواهش/خواب جي تڪميل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جو ڪم دماغ جو هجي ٿو. ساڳيءَ ريت چئوطرف ٿيندڙ ڏاڍ، بي انصافي ۽ منافقي وارو جهان اک ڇنڀ ۾ مٽجڻ واري خواهش ته سوسائيٽي ۾ موجود هر اهلِ دل وٽ هوندي، پر سوسائيٽي جو دماغ سڏجندڙ طبقو جنهن کي آئون ووڪل ڪلاس سڏيان ٿو، اڃا ان ڏس ۾ گڏيل حڪمت عملي ناهي جوڙي سگهيو. شايد ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته ڪنهن وقت ۾ ٿيندڙ نظرياتي سياست جو اڄ مطلب هڪ مذاق ۽ ٺٺولي کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي رهيو. ڪو زمانو هيو ته سياسي ڪيڊرز وٽ پنهنجي نظريي يا سوچ سان ڪميٽمينٽ هوندي هئي، پوءِ اها سوچ منطقي هئي يا غير منطقي، پر قيادت توڙي ڪارڪن ان سوچ کي ذهن توڙي دل سان قبولي ان سان جذباتي حد تائين جڙيل هوندا هئا، پر بدقسمتي سان اڄ سياسي ڪلچر جا ويليوز (قدر) ايترا هيٺ اچي ويا آهن، جو جيڪڏهن ڪير سياست ۾ ايمانداري، اصول يا نظريي جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان کي ائين ڏسجي ٿو ڄڻ ڪو ديوانو پنهنجي ديوانگي ۾ ڪنهن ٻيءَ دنيا جي ٻولي ڳالهائي رهيو هجي! سياسي ڪلچر ۾ تبديلي ذريعي سوسائيٽي ۾ تبديلي واري نظريي سان اتفاق ڪندڙن جو انگ يقينن تمام وڏو ٿي ويو آهي، پر ان نظريي سان سندن ڪميٽمينٽ جي ليول اڃا ان حد تي شايد ناهي پهتي، جو هو ان نظريي سان جذباتي حد تائين سلهاڙجي وڃن. ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي پيا سگهن. مثال طور قيادت جي کوٽ، اعتبار جي کوٽ، پنهنجين صلاحيتن تي ڀروسي جي کوٽ وغيره. پر آئون سمجهان ٿو ته اسان جي چئوطرف ۽ اسان سان سڌي ريت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، سڀ فيڪٽرز تبديلي جي نظريي تي عمل ڪرڻ لاءِ ويتر اتساهين ٿا، نه ڪي انهن کي ڏسي سرد مهري واري روش اختيارڪرڻ لاءِ. ڇا ڇا نه ٿي رهيو آهي اسان جي چئوگرد، جيڪو تبديلي جو گهرجائو ناهي؟ اين ايف سي تي سنڌ جو ڪيس هجي يا ڪنهن ڏڪار سٽيل آفريڪي ملڪ جيان اٽي جي لپ لاءِ لٺيون کائيندڙ ماڻهن جا منظر، خاموشي سان خاموش موت جا منتظر ڪاري ڪامڻ جا مريض صحت کاتي جي ڪارڪردگي ۾ تبديلي جا منتظر آهن، بنا ڏوهه جي سالن کان جيلن ۾ سڙندڙ عدل و قانون جي نظام ۾ بنيادي تبديلي اچڻ جا منتظر آهن، اکين آڏو پنهنجي زرخيز زمين کي ڪلر جي ور چڙهندي ڏسي هزارين، لکين اکيون پنهنجي زمين ٻيهر آباد ٿيڻ جون منتظر آهن. فضيلا سرڪي جي ماءُ جيان ڪيتريون مائرون پنهنجن ٻچن جي ڌاڙيلن وٽان واپسي جي واٽ نهاري رهيون آهن، روينيو، ايريگيشن، پوليس، جيلز غرض ته هر کاتي جي نظام ۾ موثر تبديلي جا اسان سڀ منتظر آهيون. ورهين کان هلندڙ اندازِ حڪمراني مان اسان سڀ بيزار آهيون، ناراض آهيون، ڪاوڙ ۾ آهيون، تڪليف ۾ آهيون، پر پوءِ به اسان تبديلي جي فلسفي/سوچ بابت الائي ڇو جذباتي نٿا ٿيون، الائي ڇو!؟

    سنڌ سان جذباتي تعلق رکندڙ ۽ پنهنجي شاعري ۾ ان جو اظهار ڪندڙ شيخ اياز جي لاڏاڻي کانپوءِ ان جي شاعري ۾ موجود جذباتي روح به اسان دفن ڪري ڇڏيو آهي. ڇا سندس شعر ۾ ڪيل دعويٰ ته ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو“ اڄ صرف هڪ اهڙي هام رهجي وئي آهي، جنهن ۾ هاڻ ڪير يقين نٿو رکي؟ ڇا اڄ اياز جي ان شعر کي ترميم ڪري ان ريت پڙهيو وڃي ته،

    سنڌڙي تي سر ڪير (به) نه ڏيندو،

    سهندو (هر ڪو) ميار او، يار.

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پنڊي ۽ واشنگٽن ۾ وڌندڙ ويڇا ۽ ڪيري لوگر بل!

    اڱارو 13 آڪٽوبر 2009ع

    فيلڊ مارشل ايوب خان جي زماني کان اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيو ويندڙ ناميارو قانوندان ۽ سياستدان ايس ايم ظفر ۽ ضياءُ الحق جي زماني کان اسٽيبلشمينٽ کي ويجهو کان ڏسندڙ اڳوڻي صحافي ۽ هاڻوڪي سياستدان مشاهد حسين سيد سان ٻه مهينا اڳ ڪراچي ۾ ڪچهري ٿي ۽ ٻنهي صاحبن سان ٿيل الڳ الڳ ڪچهرين ۾ مون انهن کان پڇيو ته ”ڇا واشنگٽن ۽ راولپنڊي ۾ ويڇا وڌي رهيا آهن؟“ ڪيري لوگر بل جي پاس ٿيڻ کان اڳ ٿيل انهن ڪچهرين ۾ منهنجي سوال جي جواب ۾ ٻنهي صاحبن جو تجزيو اهو هيو ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ في الوقت ان پوزيشن ۾ ناهي ته اها واشنگٽن سان ويڇا وڌائي سگهي. باوجود انهن ٻنهي صاحبن جي تجربي ۽ ٺوس معلومات جي مون کي اها ڳالهه ان مهل به سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ هاڻ جڏهن آمريڪي ڪانگريس پاران پاس ڪيل ڪيري لوگر بل سامهون اچي چڪو آهي ۽ ان تي ”اسلام آباد“ ۽ ”راولپنڊي“ جا الڳ موقف به سامهون اچي ويا آهن ته اهو سمجهڻ ڪا عربي فارسي ناهي ته ”راولپنڊي“ جو مسئلو صرف ”اسلام آباد“ ناهي، بلڪه واشنگٽن جيڪو اسلام آباد جي معرفت راولپنڊي جي مفادات کي ڌڪ رسائڻ جي ڪوشش پيو ڪري، مسئلو ان ڳالهه جو آهي ۽ واشنگٽن جي اها ڪوشش رڳو ڪيري لوگر بل جي صورت ۾ ناهي ٿي، بلڪه اهي ڪوششون ٻن سالن کان جاري و ساري آهن.

    ظاهري طرح ڏٺو وڃي ته ڪيري لوگر بل ۾ اهڙو ڇا آهي، يا اهڙو ڪهڙو مطالبو آهي، جيڪو آمريڪا بهادر ورهين کان پاڪستان کان ناهي ڪندو آيو؟ مثال طور ان بل ۾ آهي ته فوج سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري، ٻين لفظن ۾ جمهوريت هلڻ ڏني وڃي. سو پاڪستان ۾ جمهوريت هجڻ جي خواهش جو اظهار آمريڪا بهادر بل ڪلنٽن جي زماني کان ڪندو آيو آهي؟ ان بل ۾ ٻي تڪراري شق ايٽمي ڦهلاءَ جي آهي. اها ڳالهه به بش انتظاميا جي دور کان عبدالقدير خان نيٽ ورڪ جي حوالي سان آمريڪا شد و مد سان ڪندو آيو آهي. آمريڪا، پاڪستان مٿان پاڙيسري ملڪ ڀارت ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ جوڳا اپاءَ نه وٺڻ جا سڌي ۽ اڻ سڌي طرح الزام به يارنهن سيپٽمبر واري واقعي کان پوءِ لڳائيندو رهيو آهي، جيڪا ڳالهه هن ٻئي انداز سان هڪ ڀيرو وري ڪيري لوگر بل ۾ ڪئي آهي. سو اهي ۽ اهڙا ٻيا مطالبا آمريڪا پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کان ورهين کان ڪندو پيو اچي، سو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هاڻ اهي ڳالهيون بل ۾ آڻي ۽ گڏوگڏ ڏيڍ ارب ڊالر امداد ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ کانپوءِ اهو ايترو وڏو اشو ڇو ٿي ويو آهي؟ ان ڳالهه جا ٽي ڪارڻ ٿي پيا سگهن. (i) اهي ڳالهيون اڳ ۾ صرف بند ڪمرن يا وڌ ۾ وڌ اخباري بيانن ۾ ڪيون وينديون هيون، نه ڪي ڪنهن ڪانگريس جي بل جي صورت ۾، جنهن سان پاڪستان جي ملڪي معاملن ۾ سڌي مداخلت ۽ جڳ کي کلائڻ جو جواز جڙي ٿو. (i i) ان بل بابت جيتوڻيڪ اسان جي فوجي قيادت جو چوڻ آهي ته حڪومت کين اعتماد ۾ نه ورتو، پر ظاهر آهي ته واشنگٽن ۾ جڏهن ان بل جي تياري ٿي رهي هوندي ته ان جي ذري پرزي جي خبر راولپنڊي تائين پهچي رهي هوندي، سو امڪان اهو آهي ته راولپنڊي وٽ اهڙيون خبرون هجن ته واشنگٽن ۾ موجود پاڪستاني نمائندا پاڪستاني فوج جي حوالي سان شامل شقون پاڻ وجهرائڻ جا حامي هئا، يا انهن اهڙين شقن جي شامل ٿيڻ تي ڪو اعتراض نه واريو، ڇاڪاڻ جو اهو فطري آهي، ته اهو بل ڀلي آمريڪي ڪانگريس پاس ڪيو هجي، پر ان بل جي تفصيلات ۽ پارٽين بابت آمريڪي ذميوارن بل پاس ٿيڻ کان اڳ پاڪستاني ذميوارن سان مشاورت ضرور ڪئي هوندي، ڇاڪاڻ جو ان بل جو ظاهري ڏيکاءُ پاڪستان کي خوش ڪرڻ هيو، نه ڪي ناراض ڪرڻ. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ان بل جي پاس ٿيڻ سان پاڪستان جي سولين حڪومت ته خوش ٿي، پر پاڪستان جي فوج کي ان بل تي شديد تحفظات آهن. (i i i) اهم مسئلو ڏوڪڙن ۽ وسيلن جو آهي ۽ ڳالهه سمجهڻ ايڏي ڏکي به ڪونهي، يعني آمريڪا بهادر فرمائي ٿو ته سڀ ڪم ڇڏي دهشتگردن/طالبان/القائده سان وڙهو. ظاهر آهي اها ويڙهه پوليس يا رينجرز ته وڙهندي ڪونه، بلڪه اها ويڙهه فوج ئي ڪري سگهي ٿي ۽ ڪري پئي، پر ان لاءِ آمريڪا بهادر نه صرف فوج کي گهربل ٽيڪنالاجي ۽ اوزار ڏيڻ لاءِ راضي نه پيو ٿئي، بلڪه ڪيري لوگر بل جي صورت ۾ جيڪي ڏوڪڙ (ساليانو ڏيڍ ارب ڊالرز) ڏيڻا ڪيا اٿس، اهي به هو حڪومت پاڪستان کي ڏيڻ بدران پاڻ اسلام آباد واري ايمبيسيءَ ۾ ويهي اين جي اوز معرفت ورهائڻ جو ارادو رکي ٿو. معنيٰ ماضي جيان آمريڪا پنهنجا ڊالرز اڻ سڌي طرح فوج وٽ وڃڻ جي حق ۾ ناهي ۽ نه ئي کيس پاڪستان جي سولين سرشتي تي اعتبار آهي. هو ان ڏيڍ ارب ڊالرز مان پندرنهن يا ويهه ملين ڊالرز جي خرچ سان پنهنجن ماڻهن تي ٻڌل سرشتي وسيلي باقي سوا ارب ڊالرز خرچ ڪندو. ڳالهه اصولي طور صحيح آهي، يا غلط ان بحث کي هڪ پاسي رکندي خالص تجزيي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته ”واشنگٽن-راولپنڊي“ جيڪي هڪ ٻئي کي تمام گهڻو ويجهو به رهيا آهن، هڪ ٻئي کي ڊگهي عرصي کان چڱيءَ ريت سڃاڻين به ٿا، منجهن اهي ويڇا مفادن جي وقتي ٽڪراءَ سبب پيدا ٿي ويا آهن، يا مفادن جو ٽڪراءُ ڊيگهه وٺي ويندو؟ ڇاڪاڻ ته سوات هجي يا جي ايڇ ڪيو تي حملو يا وري دهشتگرديءَ جون ٻيون ڪارروايون هجن، ان ۾ جاني توڙي وسيلن جو نقصان فوج جو ٿي رهيو آهي ۽ واشنگٽن ڏوڪڙ اين جي اوز جي ذريعي خرچ ڪرڻ چاهي ٿو. ساڳيءَ ريت واشنگٽن جون فوج کان فرمائشون تمام گهڻيون آهن، پر ڪيري لوگر بل ۾ جنهن ريت فوج لاءِ شرط رکيا ويا آهن، فوج جو جيڪو اميج ٺاهيو ويو آهي، اهو فوج کي هڪ اداري طور ڪيئن هضم ٿيندو؟ هڪ پاسي واشنگٽن جي خواهش آهي ته فوج وزيرستان ۾ مڪمل طور آپريشن شروع ڪري جنگ جوٽي وٺي، پر ٻئي پاسي واشنگٽن جي پاڪستان جي ايٽمي طاقت تي نظر به ڪو راز ڪونهي. واشنگٽن آءِ ايس آءِ جو سائيز ۽ رول به گهٽائڻ چاهي ٿو، پر افغانستان ذريعي ڀارت جي پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪاررواين تي ڪجهه ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. ان صورتحال کي ڪو سولين ڀلي ڪنهن به ريت ڏسي، پر خالص فوجي نقطهءِ نظر کان اها صورتحال راولپنڊي کي واشنگٽن جي ويجهو نٿي آڻي سگهي. اهو به ناهي ته اهي دوريون ڪو پهريون ڀيرو ٿيون آهن. اڳ ايوب خان جي دور، بعد ۾ ضياءُالحق جي مرڻ ۽ جنرل (ر) مشرف جي حڪومت ۾ اچڻ وارا دور جيڪڏهن ياد ڪجن ته انهن وقتن ۾ به واشنگٽن ۽ پنڊي ۾ ويڇا پيدا ٿيل هئا.

    ڪجهه اخباري خبرن مان اهو تاثر ملي پيو ته ڪيري لوگر بل ۾ قابلِ اعتراض شقن (خاص طرح فوج سان لاڳاپيل) ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ آمريڪي صدر اوباما ڪانگريس کي گذارش ڪندو ۽ اهي خبرون به آهن ته واشنگٽن ۾ موجود پاڪستاني سفير حسين حقاني ۽ اسان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي به ايندڙ ڏينهن ۾ فارغ ڪيو ويندو. جيڪڏهن اهي ٻئي ڳالهيون ايندڙ ڏينهن ۾ صحيح ثابت ٿيون ته پوءِ اهو سمجهبو ته اسلام آباد ته ظاهر آهي، پر خود واشنگٽن به في الحال پنڊي کي گهڻو ناراض نٿو ڪرڻ چاهي. هتي اسلام آباد ۽ واشنگٽن کي ڇڏي پاڻ پاڪستاني سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ٻين سياسي ڌرين جو به جائزو وٺندا هلون، جن مان اڪثر بابت تاثر آهي ته هو آمريڪا سان ويجهڙائپ رکن ٿيون. مثال طور نواز ليگ، جنهن جو سربراهه ميان نواز شريف جيڪو ڳچ عرصي کان آمريڪا جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي، پر ڪيري لوگر بل جي اشو جي موقعي ته پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهيو آهي ۽ سندس پارٽي شد و مد سان ان بل جي مخالفت پئي ڪري. هوڏانهن اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم ان آمريڪي بل جي فوج پاران مخالفت کانپوءِ ان بل جي حمايت يا مخالفت کان پاسو ڪري ويٺيون آهن. خود پ پ جي سربراهه صدر آصف زرداري جي شروعات ۾ ان بل جي کليل حمايت باوجود وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ان اشو کي پارليامينٽ حوالي ڪري پاڻ ڌر ٿيڻ کان پاسو ڪيو ۽ لڳي اهو ئي ٿو ته پارليامينٽ جي ان بل بابت راءِ واشنگٽن بدران ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کانپوءِ جاري ٿيندڙ آءِ ايس پي آر جي پريس پڌرائي جي وڌيڪ ويجهو هوندي، ڇاڪاڻ ته وزير اعظم هائوس هجي يا پارليامينٽ اهي سڀ اسلام آباد ۾ واقع آهن ۽ اسلام آباد، واشنگٽن کان تمام پري ۽ راولپنڊي کان تمام ويجهو آهي.

    جي ايڇ ڪيو تي دهشتگردن جي حملي جي وٺ پڪڙ باوجود ٿوري وقت جي تبديلي سان ئي سهي، پر صدر، وزير اعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان اعلان سان واشنگٽن روانو ٿي ويو آهي ته ملڪ جي سول توڙي عسڪري (فوجي) قيادت ۾ ڪيري لوگر بل تي خيالن جي هڪجهڙائي پيدا ٿي وئي آهي ۽ هو واشنگٽن پهچي آمريڪي قيادت کي پاڪستاني قيادت جي خيالن کان آگاهي ڏيندو. اتي هڪ دلچسپ سوال اهو به اڀري ٿو، سو هيءُ ته قريشي صاحب واشنگٽن کي ڇا اهو وڃي چوندو ته سندس ملڪ جي فوجي قيادت کي ان بل تي تحفظات آهن؟ ڇاڪاڻ ته هو اهو ڪيئن چئي سگهندو ته سول قيادت کي به تحفظات آهن، ڇاڪاڻ ته جنهن مهل اهو بل آمريڪي ڪانگريس ۾ پاس ٿيو، ان مهل صدر پاڪستان آصف زرداري ۽ خود شاهه محمود قريشي آمريڪا ۾ موجود هئا ۽ ان بل جي پاس ٿيڻ کانپوءِ شروعاتي ٽن ڏينهن تائين هن بل کي تمام شاندار قرار ڏئي رهيا هئا، سو واشنگٽن وارا قريشي صاحب کي اهو چئي ڏيڻ ۾ ڇا دير ڪندا ته توهان شروع ۾ ان بل جي ڇو پئي حمايت ڪئي، ڇا بل پڙهيو نه هيو ڇا؟ ان سان جڙيل اهو سوال به اڀري ٿو ته ٻه ڏينهن اڳ ”ٽرائيڪا“ جي گڏجاڻي ۾ ڇا ملڪ جي سولين قيادت يعني صدر ۽ وزير اعظم ان بل جي حوالي سان آرمي چيف کي اعتماد ۾ وٺي سندس تحفظات دور ڪيا، يا اهي ٻئي صاحبان آرمي چيف جي اعتماد ۾ اچي ان جي راءِ سان سهمت ٿي ويا؟ ان سوال جو جواب پڙهندڙ پاڻ به سمجهي سگهن ٿا، تنهن ڪري ان جو جواب لکڻ جي زحمت نٿو ڪريان، پر جيڪو سوال منهنجي ذهن ۾ ڦري پيو، اهو هيءُ آهي ته واشنگٽن جيڪو پاڻ به ڏاڍو آهي، بل جي ڪجهه شقن ۾ ترميم ڪري ڪجهه ٻيا ”معاملا“ ڪري پنڊي سان ويڇا گهٽائڻ چاهيندو ته هروڀرو ان لاءِ ايڏو مسئلو نه هوندو، پر ڪنهن هڪ اڌ سفير يا وزير کي هٽائڻ (سو به جيڪڏهن هٽايو ويو) سان ڇا جيڪي ويڇا پنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پيدا ٿيا آهن، اهي ختم ٿي سگهندا؟؟

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هلندڙ پاور گيم ۽ سنڌ جو سياسي مستقبل!





    اڱارو 17 نومبر 2009ع

    بنيادي ڳالهه اها آهي ته توهان پاڙي ۾ ويٺل ڪنهن سگهاري پاڙيسري سان پري ويٺل ڪنهن ٻئي طاقتور جي ڏڍ تي نٿا وڙهي سگهو، سو معاملو صفا سولو آهي ته ايوانِ صدر اسلام آباد ۾ آهي ۽ سندس ويجها پاڙيسري پنڊي وارا آهن ۽ اوباما يا هليري ڪلنٽن واشنگٽن ۾ آهن، جيڪو اسلام آباد کان هزارين ميل پري آهي. ٻي ڳالهه، جيڪي وڏا چئي ويا ان ۾ به وزن آهي ته ڪنهن سان اٽڪڻ کان اڳ ماڻهو کي پنهنجي ۽ مخالف جي سگهه ۽ صلاحيت جي سار لهڻ گهرجي. اهو ان ڪري چوان پيو ته پاڪستان سوڌو دنيا ۾ سويلين قوتون تڏهن فوج سان اٽڪي ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهيون آهن، جڏهن سويلين قوتن کي بي پناهه عوامي حمايت حاصل هجي، ڇاڪاڻ ته فوج وٽ هٿيار هجن ٿا، ڊسيپلين ۾ رهندڙ ٽرينڊ مين پاور هجي ٿو، جنهن سان صرف تڏهن ڪا سويلين قوت هٿ اٽڪائي سوڀ ماڻي سگهي ٿي، جڏهن کيس حقيقي طور عوامي حمايت جي سگهه حاصل هجي، جيڪا ملڪي سطح تي ايوانِ صدر کي حاصل نظر نٿي اچي. سو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايوانِ صدر ڪهڙي سگهه جي آڌار ”پاڙيسرين“ سان تلخي ۾ اچي ويو آهي؟ ايوانِ صدر سان نه هِن مهل مبينا طور مڪمل طرح سندس پارٽي گڏ آهي، نه عوام گهڻو خوش آهي، اتحادي به ڌڪ ڪڍڻ ۾ دير نه پيا ڪن، نه جوڊيشري ۾آسرو، نه ميڊيا ۾ حمايت. غرض ته ڪا غيبي قوت هجي ته ٻي ڳالهه باقي ظاهري طرح ڪا قوت نظر نه پئي اچي، جنهن جي آسري تي صدر صاحب اها جنگ جوٽي هجي. جيستائين معاملو واشنگٽن جو آهي ته ماضي جيان هِن ڀيري به اهو چئي ته ”اهو پاڪستان جو ”اندروني معاملو آهي،“ هو ايوانِ صدر جي معاملي کان پاسيرو ٿيڻ ۾ شايد ئي ڪيٻائين. جن ماڻهن ايوانِ صدر کي اندران ڏٺو آهي، اهي مون سان اتفاق ڪندا ته ان بلڊنگ جي ڊزائين ۽ بيهڪ هڪ بند باڪس جيان آهي، جنهن ۾ گهڙندي ئي ٻوساٽجڻ جو احساس ٿئي ٿو ۽ گڏوگڏ هڪ عجيب قسم جي اڪيلائپ جو احساس به ٿئي ٿو. چون ٿا ته ماڻهو جٿي رهي ٿو، ان بلڊنگ جي ڊزائين، چئوگرد موجود فرنيچر ۽ ماحول به ماڻهو جي سوچڻ ۽ سمجهڻ تي اثرانداز ٿئي ٿو.

    اسلام آباد جي ٿڌي موسم ۾ آيل سياسي گرمي ظاهري طرح پاور گيم جي هلندڙ رائونڊ کي ڪنهن نتيجي جي ويجهو آڻي بيهاريو آهي. پاور گيم جي ان رائونڊ ۾ زرداري مخالف رانديگرن جي خواهش/ڪوشش ايوان صدر ٻاهران لڳل نالي واري تختي تبديل ڪرڻ آهي، جڏهن ته زرداري صاحب پنهنجا ڪجهه اختيار گهٽائي ڪجهه پنهنجن ”ويجهن“ کي اقتدار کان پري ڪرڻ واري آپشنز کي ٽيبل تي رکي پاور گيم جي ان رائونڊ ۾ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ چاهي پيو، پر سياسي تجزيه نگارن جي دعويٰ آهي ته اقتداري بيلنس جيڪو اڳ ٽڪنڊو عرفِ عام ۾ ٽرائيڪا تي ٻڌل هوندو هيو ۽ جيڪو هاڻ چوڪنڊو يعني ايوانِ صدر، وزير اعظم هائوس، جي ايڇ ڪيو ۽ جوڊيشري تي ٻڌل آهي ۾ گيم لاڪ ٿي وئي آهي ۽ ايوانِ صدر پاران ان لاڪ کي ٽوڙڻ جون هن مهل تائين ڪوششون گهڻيون اثرائتيون ثابت نه پيون ٿين، بهرحال پاڻ پير ٻڌي ڪا اڳڪٿي ڪرڻ کان پاسو ڪيون ٿا ۽ امڪاني طرح ايندڙ هفتن ۽ مهينن جي جيڪا منظرڪشي ڪئي پئي وڃي، ان مان اڀرندڙ ملين ڊالرز جي ان اهم سوال جي جواب کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته جيڪڏهن حالتون مائنس ون واري نقطي تي پهتيون ته ڇا زرداري صاحب ان کي پاور گيم ۾ پنهنجو نصيب سمجهي خاموشي سان قبول ڪري وٺندو يا ان کي Resist (مزاحمت) ڪندو؟ انهيءَ سوال مان اڀرندڙ ضمني سوال اهي به آهن ته جيڪڏهن هو ان کي خاموشي سان قبولي وٺندو ته مطلب اهو ٿيندو ته هو اقتدار کان ٻاهر ۽ سندس پارٽي پي پي اقتدار ۾ ئي رهندي ته پوءِ اقتدار مٿان گرفت ختم ٿيڻ کانپوءِ پارٽي (جنهن منجهه اڳ ۾ ئي خاموش بغاوت نظر اچي پئي) تي گرفت برقرار ڪيئن ممڪن رهي سگهندي؟ ٻين لفظن ۾ پوءِ زرداري صاحب جو سياسي مستقبل ڇا رهجي ويندو؟ پر جيڪڏهن زرداري صاحب پنهنجي ذاتي روانگي جي فارمولي کي Resist (مزاحمت) ڪيو ته ڇا يوسف رضا گيلاني صاحب جي سربراهي ۾ موجوده پي پي حڪومت پاڻ به پنهنجي پارٽي اڳواڻ سان گڏ حڪومت کي خير آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي؟ اگر ها ته پوءِ سڄي پي پي اپوزيشن ۾ اچي ويندي، پر جيڪڏهن ايوانِ صدر جي خالي ٿيڻ کانپوءِ به گيلاني صاحب وزير اعظم هائوس خالي نه ڪيو ته ڇا پوءِ زرداري صاحب اپوزيشن ۾ ۽ پيپلز پارٽي حڪومت ۾ هوندي؟ واضح رهي ته اهي سڀ سوال اقتداري حلقن ۾ هلندڙ ان ٿيوري سان جڙيل آهن ته ايندڙ هفتن يا مهينن ۾ ”ڪجهه ٿيڻ وارو آهي“ پر جيڪڏهن حڪومتي وزيرن کي ٻڌون ٿا ته اهي چون ٿا ته ”خير آهي ڪجهه نه ٿيندو.“ سو پاڻ به پير ٻڌي اها صلاح ڇو ڏيون ته ”ڀائي صاحب جيڪڏهن هوشياري نه ورتي ته ڪم لهي ويندو.“

    اقتداري حلقن جي ويجهو رهندڙ هاڻ سرٻاٽن ۾ نه پر وڏي واڪ اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته اقتداري گيم جو هلندڙ اهو رائونڊ هلندڙ سال جي ختم ٿيڻ کان اڳ ختم ٿي ويندو، پر ڪجهه سياسي پنڊت تاريخ ۾ توسيع ڪندي مارچ جون تاريخون ٻڌائي رهيا آهن. ڪي ماڻهو اڃا نوان اسڪينڊلز سامهون اچڻ، ته ڪي وري ڪجهه عدالتي فيصلن جي اچڻ جون خبرون ٻڌائين پيا. ڪجهه وقت لاءِ سياسي ڪچهرين مان گم ٿي ويل ”ڍاڪا فارمولا“ به ٻيهر ذڪر و فڪر هيٺ اچي ويو آهي. ڪو چوي ٿو ته ميان نواز شريف مڊ-ٽرم چونڊن کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن ڳالهه تي راضي نه ٿيندو، ته وري ٻيا چون ٿا ته پنجاب ۾ صرف ٻن تڪن تي ننڍي چونڊ ٿيڻ خلاف خود پنجاب ۾ موجود نواز ليگ حڪومت عدالت ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ته امن و امان جي صورتحال ٺيڪ ناهي، تنهن ڪري چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي، ته سڀاڻي جيڪڏهن حڪومتي بحران سبب اهڙو ڪو مرحلو آيو ته نواز ليگ ڪيئن سڄي ملڪ ۾ ٻيهر عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي؟ سو جيڪڏهن اڄ عدالت سڳوري کي پنجاب حڪومت جو ننڍي چونڊ نه ڪرائڻ جي حوالي سان امن و امان وارو جواز ٺيڪ لڳو ته سڀاڻي ساڳي گذارش کڻي ڪا نگران حڪومت به عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ عدالت وڃي سگهي ٿي! ڳالهه صرف اتي کٽي نٿي، بلڪه اهم سوال اهو به آهي ته پارليامينٽ جي رخصتي جا آئين ۾ في الحال صرف ٻه طريقا آهن، هڪ صدر جا 58 (ٽو) بي وارا اختيار، ٻيو اهو ته وزير اعظم پاڻ پارليامينٽ ٽوڙڻ جي سفارش ڪري. پر موجوده صورتحال ۾ صدر يا وزير اعظم ائين ڇو ڪرڻ چاهيندا؟ (مجبوري ٻي شيءِ آهي) سو باقي رهجي ويو غير آئيني آپشن، جنهن کي ماضي ۾ اعليٰ عدليه پاران نظريهءِ ضرورت هيٺ جائز قرار ڏنو ويو آهي، پر غير آئيني آپشن استعمال ڪرڻ جو جيڪڏهن اڄ ڪو سوچيندو ته ڇا هو هاڻوڪي عدليه مان نظريهءِ ضرورت جي اميد ڪري سگهندو؟ سو معاملو ايڏو سولو به ڪونهي، پر جنهن غير يقيني ۽ محلاتي سازشن جو في الحال ماحول جڙيل آهي، ان ريت اهو قصو ڊگهو هلڻ به غير فطري آهي، پر منهنجي لاءِ هلندڙ ان اقتداري گيم جو منجهيل سُٽ ايترو مٿي جو سور ناهي، بلڪه ان سان جڙيل سنڌ جو سياسي مستقبل اهم آهي، جنهن بابت پنهنجن خدشن کي سال کن کان لکندو به رهيو آهيان ۽ انهن بابت ٽي وي شوز ۾ ڳالهائيندو به رهيو آهيان ۽ وري ان جي ورجاءَ ۾ به حرج ڪونهي. ڏسو، ڳالهه چٽي نظر اچي پئي ته پي پي ۽ اسٽيبلشمينٽ منجهه اقتداري رساڪشي ۾ جيڪڏهن حڪومت وئي ته ظاهر آهي اسٽيبلشمينٽ جو هٿ پي پي مان نڪرندڙ پي پي (حقيقي) يعني ٻئي گروپ ۽ اسٽيبلشمينٽ جا سدا آزمايل ڀوتار اينڊ ڪمپني مٿان هوندو. ٻئي طرف پي پي جي حڪومتي ڪارڪردگي مان ڪنهن حد تائين ناراض سنڌ جو عام ماڻهو پي پي جو ڪو گهڻو مددگار شايد ئي بڻجي ۽ سنڌ ۾ جيڪو سياسي ويڪيوم هينئر به نظر اچي پيو، اهو شايد سوايو ٿي وڃي، جنهن کي ٻين سوڌو قومپرست ڌريون به ڀرڻ جي ڪوشش ڪنديون، پر اسٽيبلشمينٽ ان سياسي ويڪيوم کي ڪنهن پنهنجي ”هم خيال“ قومپرست يا پوءِ آزمايل ڀوتارن سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪندي، جيڪا غير فطري ڪوشش سنڌ ۾ هڪ سياسي انارڪي کي جنم ڏئي سگهي ٿي ۽ جنهن جي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ ڏکيو ناهي. ويجهي ماضي جي تجربي جي روشني ۾ اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ جڏهن پنجاب ۾ پنهنجو من پسند سيٽ اپ آندو آهي ته اهو اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ضرور ڏي ٿو، پر هو گهٽ ۾ گهٽ پنجاب دوست ضرور هجي ٿو. جنهن جو مثال بطور وزير اعليٰ پنجاب نواز شريف کان ويندي چوڌري پرويز الاهي جا نالا رکي سگهجن ٿا، پر جڏهن سنڌ جو وارو اچي ٿو ته ان جي کاتي ۾ ڄام صادق مرحوم کان ويندي ارباب غلام رحيم اچن ٿا، جيڪي ڪيترا ”عوامي“ هئا، ان جو اندازو سنڌ واسين کي چڱيءَ ريت آهي، سو ان تجربي جي آڌار تي اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي ته هِن ڀيري به اسٽيبلشمينٽ ڪنهن امڪاني نگران سيٽ اپ يا امڪاني مڊم-ٽرم چونڊن ۾ اهڙا ئي عوام جا ”هڏ ڏوکي“ سنڌ مٿان مڙهندي ۽ ظاهر آهي ته ماضي جيان ايم ڪيو ايم ان سيٽ اپ ۾ گڏ هوندي، پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي ته ماضي ۾ ان سيٽ اپ جي اڳواڻي ڪنهن ڀوتار کي ملندي هئي ۽ هِن ڀيري اهو تڪلف به پاسي ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻي ۾ ڀوتارن کي گڏ ڪيو وڃي. اسٽيبلشمينٽ سان ويجهڙائپ رکندڙ هڪ سياستدان کان هڪ ڪچهري دوران پڇيم ته ”اسٽيبلشمينٽ پاران سدائين سنڌ ۾ پي پي مخالف ڳولهي ڳولهي سامهون آڻڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو، پر انهن همراهن ۾ عوام دوست نه هجڻ ۽ سنڌ جي حقن تان دستبرداري واري ڪئاليفڪيشن هجڻ اسٽيبلشمينٽ وٽ ڇو ضروري هجي ٿي؟“ ان موصوف جواب ۾ چيو ته ”اسٽيبلشمينٽ پاران ڪو مضبوط ڪردار ۽ عوام دوست ماڻهو کي نه آڻڻ جو ڪارڻ اهو خدشو آهي ته اهڙو ماڻهو متان سڀاڻي مقبول ٿي وڃي ۽ هو پي پي جو متبادل ٿي وڃي.“ پڇيومانس، ”ته پوءِ ان ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ڪهڙي پريشاني ٿيندي؟“ چيائين ته، ”سڀاڻي هو به اسٽيبلشمينٽ جي ٻڌڻ کان انڪار نه ڪري ڇڏيندو ان ڳالهه جي ڪهڙي گارنٽي آهي؟“

    پي پي جي سنجيده حلقن ۾ به پارٽي جي مستقبل بابت خدشا ۽ انومان آهن، پر انهن حلقن ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ هو ان ڳالهه کي سوچي ڪنهن حد تائين مطمعين ٿي وڃن ٿا ته اڃا انهن وٽ بلاول ڀٽو زرداري جي صورت ۾ هڪ طاقتور ڪارڊ موجود آهي، جيڪو ٻيهر پارٽي جو گراف مٿي کڻي وڃي سگهي ٿو.آئون ان ڳالهه جي حق يا مخالفت ۾ ڪو تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندي ڪجهه زميني حقيقتن کي سامهون رکڻ چاهيندس. هڪ اهو ته سنڌ ۾ پ پ پ جي ڪيڊرز/ووٽرز سدائين پنهنجي پارٽي قائد لاءِ ”وزير اعظم پاڪستان“ ٿيڻ جا نعرا هنيا آهن، نه ڪي وزير اعليٰ ٿيڻ جا. پر هن مهل پنجاب کي نواز ليگ جي صورت ۾ سندن پنهنجي قيادت مليل آهي، سو ويجهي مستقبل ۾ نواز ليگ جي پنجاب ۾ گراف جي گهٽجڻ جو امڪان تمام گهٽ آهي، باقي پنهنجي گهر يعني سنڌ ۾ موجود ووٽ بينڪ کي مضبوط رکڻ لاءِ پ پ پ کي سنڌ جي اشوز تي وڌيڪ Vocal (بي باڪ)ٿيڻو پوندو، پر بدقسمتي سان پ پ پ هِن مهل وفاق ۾ هجڻ جي باوجود سنڌ کي پاڻي، ناڻي، قدرتي وسيلن تي مالڪي ۽ صوبائي خودمختياري جهڙن ٻرندڙ اشوز تي ڪجهه وٺي ڏيڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهي، تنهن ڪري اپوزيشن ۾ يا اليڪشن مهم دوران انهن اشوز تي سنڌ جي پاپولر موڊ کي پاڻ سان رکڻ ۾ کين ڏکيائي ٿيندي، ان سان گڏوگڏ بلاول ڀٽو زرداري آڏو ڪجهه ٻيا اهم اشوز به ايندا، جنهن ۾ سندس چئوگرد موجود ٽيم جي چونڊ، مطلب اهو ته سندس ويجهو ڇا اهي هوندا، جيڪي اڄ زرداري صاحب جي ويجهو آهن يا اهي جيڪي سندس والده جي ويجهو هئا؟ يا مدد لاءِ ڪا نئين ٽيم ٺاهيندو؟ ساڳي ريت سندس سيڪيورٽي به اهم اشو هوندو، تنهن ڪري هو عوام ۾ شايد ئي ائين رلي ملي سگهي، جيئن سندس والده پنهنجي سياسي ڪيريئر جي آغاز ۾ ڪندي هئي. بهرحال ايندڙ ڏينهن ۾ پي پي پنهنجي مستقبل لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي ٿي، اهو هو پاڻ بهتر طور سمجهندا هوندا، پر ان پاور گيم جي رانديگرن مان ڪنهن جي به ايجنڊا تي سنڌ جو بهتر مستقبل في الحال ڪنهن ترجيح تي نظر نٿو اچي ۽ ظاهري طرح پاور گيم مان ٻاهر نظر ايندڙ رانديگرن مان ڪجهه کي ڇڏي باقي گهڻائي اهڙن ماڻهن جي آهي، جيڪي اخبار ۾ ڇپجندڙ ڊبل ڪالم يا ٽي ڪالم بيان ذريعي سنڌ جي بهتر مستقبل لاءِ ”طويل، اڻ کٽ، مسلسل جدوجهد“ جي سوچ تي روان دوان آهن.

    سال کن اڳ هڪ مضمون ”جاڳندا رهجو“ ۾ لکيو هيم ته چوڪيدار جو ڪم هوڪو ڏئي پاڙي وارن کي خبردار رکڻو هوندو آهي ته جيئن هو ڪنهن خطري لاءِ هوشيار رهن ۽ سنڌي ميڊيا به اهو ئي ڪم ڪري پئي جيئن سنڌ واسي ايندڙ خطرن بابت باخبر رهن، سو سنڌ لاءِ جيڪا ايندڙ وقتن ۾ صورتحال جڙندي نظر اچي پئي، ان لاءِ وڏي واڪ زور سان هوڪو ڏيان پيو ته ”جاڳندا رهجو“ اهو هوڪو صرف ڪنهن ڌر يا فرد لاءِ نه، پر سنڌ جي اجتماعي سياسي فهم لاءِ آهي، جنهن مان گهٽ ۾ گهٽ آئون مايوس ناهيان.

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پيار ڀريل سياسي ڪلچر جو خواب ڏسندڙ نئين سنڌ!




    آچر 31 جنوري 2010ع



    ڏيڻ ۽ وٺڻ هڪ اهڙو فلسفو آهي، جنهن تي سڄي دنيا هلي ٿي، ڪاروبار هجي، تعلقات هجن، محبت هجي غرض ته دنيا جي هر تعلق جو دارومدار ڏي وٽ تي جڙيل هجي ٿو. جيڪڏهن ڪاروبار ۾ ڪو پنهنجو ناڻو، وقت ۽ صلاحيت جي سيڙپ ڪري ٿو ته کيس سندس سيڙپ منافعي سوڌو واپس ملي ٿي، جيڪڏهن ڪا ماءُ پنهنجي پيٽ ۾ 9 مهينا سور برداشت ڪري تڪليفن سان ٻار کي ڄڻي، راتين جا اوجاڳا ڪري ان کي نپائي وڏو ڪري ٿي ته کيس موٽ ۾ سندس ممتا جي تسڪين ملي ٿي، جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي محبوب جي محبت ۾ پنهنجي پاڻ کي وساري ڇڏي ٿو ته موٽ ۾ کيس پنهنجو اصل پاڻ مان ئي ملي وڃي ٿو. ضروري ناهي ته هر ماڻهو ملڻ جي لالچ ۾ ڏي يا ڏيڻ پويان وٺڻ جي غرض هجي، پر اهو قدرت جو قانون آهي ته غرض يا لالچ نه به هجي تڏهن به جيڪڏهن ڪجهه ڏجي ٿو ته دير سوير، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ واپس ضرور ملي ٿو. پر ڏي ۽ وٺ جي فلسفي ۾ ڏيڻ واري عمل ۾ جيڪڏهن ڪو مفاد يا لالچ ناهي ته ان سان ڪمال روحاني تسڪين ملي ٿي، پوءِ ضروري ناهي ته صرف ماڻهو ڪنهن ٻئي کي پيسا ئي ڏئي سگهي ٿو. بلڪه ڪنهن کي پنهنجي محبت ڏيڻ، پنهنجي دعا ڏيڻ، پنهنجو وقت ڏيڻ، همدردي ڏيڻ، مشورو ڏيڻ، ساٿ ڏيڻ وغيره سڀ اهڙا عمل آهن، جيڪي ڏيڻ جي زمري ۾ اچن ٿا.

    گذريل 15 سالن کان پنهنجن ڪالمن ذريعي سنڌ ۾ هڪ مثبت تبديلي جي صلاح يا ڪوٺ ڏئي رهيو هوس ته مون کي ڄاڻ نه هئي ته ان جي موٽ 6 ڊسمبر 2009ع ۽ 24 جنوري 2010ع تي سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو ان ريت ڏيندا جو دنيا دنگ رهجي ويندي. 9 مهينا اڳ 4 مئي 2009ع تي ”سنڌ ۽ نئين جاڳرتا جو دور“ جي عنوان هيٺ هڪ مضمون لکيو هيم، جنهن ۾ هڪ ٽڪڙو ان ريت هيو ته ”ڪي ٽي اين نيوز ۽ مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ساٿي اصغر سومرو هڪ ڪچهري دوران مون کي چيو ته ”توهان جي مضمونن سان ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه ٿئي، پر جيڪڏهن 30 يا 40 سالن کانپوءِ سنڌ جي تاريخ تي ڪو ريسرچ ڪندو ته کيس اهو سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملندي ته هاڻوڪي سنڌ ڇا سوچي رهي هئي.“ سندس ڳالهه جي موٽ ۾ چيم ته ”ڪو تاريخ جو شاگرد (خدا نه ڪري) تباهه ٿي ويل سنڌ مٿان ريسرچ ڪرڻ لاءِ منهنجا مضمون پڙهي، پر منهنجي خواهش اها آهي ته هو هڪ خوشحال سنڌ تي ريسرچ خاطر منهنجا مضمون ڪتب آڻي ۽ هاڻوڪي دور کي سنڌ جو Renaissance (نئين جاڳرتا) جو دور ڪري تاريخ ۾ ياد ڪيو وڃي.“

    6 ڊسمبر ۽ پوءِ 24 جنوري تي سنڌ ۾ موجود جاڳرتا جو جيڪو واضح اظهار ٿيو، اهو اڪثر ماڻهن لاءِ ناقابل يقين ۽ سمجهه کان مٿانهون هيو، ڇاڪاڻ ته هو صرف ذهن سان سوچي رهيا هئا، پر هي معاملو دل جو هيو، جنهن کي دل سان ئي سمجهي پيو سگهجي. لڳ ڀڳ 12 مهينا اڳ 13 جنوري 2009ع تي پنهنجي هڪ مضمون ۾ ”اچو ته دل جي به ٻڌون“ ۾ لکيو هيم ته،

    ” محبت انسان پنهنجي پاڻ سان ئي ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته محبت انسان جي اندر ئي هجي ٿي، پر ان جو Reflection (عڪس) کيس پنهنجي محبوب جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ محبتي تعلق يعني ماءُ ۽ اولاد ۾ به ماءُ کي پنهنجي مامتا واري جذبي سان ايتري Pure (خالص) محبت هجي ٿي، جو کيس پنهنجي اولاد کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر نٿو اچي. صوفي بزرگ به اهو پرچار ڪندا رهيا ته خدا کي پنهنجي اندر ڳوليو، تڏهن ئي توهان کي ٻاهر خدا جي خدائي نظر ايندي. ڏاها به اهو چئي ويا ته جيڪڏهن انسان پاڻ خراب نه هجي ته کيس ٻئي ۾ به برائي نظر نه ايندي. جيتوڻيڪ ميڊيڪل سائنس اهو چئي ٿي ته انسان جي دل صرف جسم ۾ رت پمپ ڪندڙ هڪ عضوو آهي ۽ انسان جو دماغ ئي هر ڪم هلائيندڙ هجي ٿو، پر ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته اها دل جيڪڏهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي، يعني خراب ٿي وڃي ته انسان فورن مري ٿو وڃي، پر دنيا ۾ هزارين بلڪه لکين ماڻهو دماغ خراب هجڻ باوجود سالن جا سال جيئرا رهن ٿا! صرف سنڌي، اردو يا پنجابي ۾ نه پر انگريزي سوڌو دنيا جي هر ٻولي ۾ ڪنهن ماڻهو جي تعريف ڪرڻ مهل اهو چيو وڃي ٿو ته ”فلاڻو دل جو تمام سٺو آهي.“ He is good/soft at heart يا ائين نه چئبو ته فلاڻو”رحم دماغ“آهي، بلڪه”رحم دل“چئبو. معنيٰ ته محبت هجي، بهادري هجي يا ڪو ٻيو سٺو يا خراب جذبو، ان کي دل سان جوڙيو وڃي ٿو. منهنجو خيال آهي ته جڏهن انسان جي دل ۾ Purity (شفافيت) اچي ٿي ته هو دماغ کي رت سپلاءِ ڪرڻ سان گڏ Purity (شفافيت) جا سگنلز به موڪلي ٿي، جيئن انسان جو دماغ مثبت سوچي ۽ سندس عمل ۾ گدلاڻ کان پاڪ جذبو به هجي. (منهنجي انهن ڳالهين ۾ سائنسي اعتبار کان ڪا منطق ڳولڻ کان پاسو ڪرڻ جي گذارش ڪندي انهن ڳالهين کي منهنجي stream of consciences (خيالن جي وهڪري) ۾ لکيل ڳالهيون سمجهيون وڃن ته مهرباني ٿيندي.) مونکي ياد آهي ته ستين ڪلاس ۾ سوشل اسٽڊيز جي استاد سان اڪثر منهنجو سياست تي بحث ٿيندو هو، اهو جنرل ضياءُ الحق جو دور هيو ۽ ان استاد منهنجو نالو ”مسٽر جمهوريت“ رکي ڇڏيو هو. اڄ سوچيان ٿو ته ڇا ان عمر ۾ مون کي جمهوريت جي فلسفي جي ذهني طور سمجهه هئي، يا اهو دل جو جذبو هو؟ جيئن انساني حياتي جو دارومدار دل جي هلڻ سان مشروط آهي، تيئن خالص جذبا ئي انسان کي روحاني طور جيئرو رکن ٿا. جذبو خالص ناهي ته سوچ به مثبت نه ٿيندي. اهي ماڻهو خوشنصيب هجن ٿا، جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ هڪ خوبصورت توازن هجي ٿو، جيڪي پنهنجي دماغ جي چئوطرف دل مان ايندڙ Pure جذبن جو فلٽر لڳائي رکن ٿا.

    ڪجهه ماهرين جو خيال آهي ته انسان جي دل جي دڙڪن جو آواز ”لب ڊب، لب ڊب“ هجي ٿو، جڏهن ته ان آواز تي ميڊيڪل سائنس جي ماڻهن وڌيڪ کوجنا ڪئي ته اڪثريت جو خيال اهو بيٺو ته دل جي دڙڪن جو آواز ”لب ڊب لب ڊب“ نه پر ”رب رب، رب رب“ آهي. انسان جي دماغ ۾ ته تمام خراب خيال، خواهشون ۽ برائي جا ارادا اچن ٿا، پر دل مان ته صرف پاڪيزه آواز ئي اچي ٿو. (۽ ظاهر آهي ته رب صرف مسلمان يا عيسائي يا هندو جو نه، پر تمام عالم جو آهي.)

    ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته 6 ڊسمبر جي ڏهاڙي جو پي پي کي پاور گيم ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيو. آئون چوان ٿو ته چلو مڃي ٿا وٺون ته فائدو ٿيو! ٻيا حلقا چون ٿا ته ان جو ڊگهي مدي ۾ گهڻو فائدو قومپرستن کي ٿيندو. آئون وري چوان ٿو ته چلو اهو به مڃي ٿا وٺون پر ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته جنهن به ڌر کي ان جو فائدو رسيو آهي، يا اڃا رسندو ته ان ڌر مان سنڌ کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ سنڌ ڪو ڪارڊ ناهي بلڪه چار ڪروڙ ماڻهن جو ديس آهي، جن ماڻهن جا انيڪ مسئلا ۽ پريشانيون آهن، جيڪي پاور گيم جي خفن ۾ ان ڪري ئي پون ٿا ته جيئن کين سندن جائز حق ۽ انصاف ڀريو حصو ملي سگهي، پر بدقسمتي چئجي ته پنهنجا ۽ ڌاريا ٻئي پنهنجي پنهنجي مفاد ۾ انهن 4 ڪروڙ ماڻهن کي هڪ ڪارڊ تصور ڪري اقتداري راند ۾ بار بار ٽيبل تي ان کي صرف هڪ پتو سمجهي بي رحمي سان استعمال ڪندا رهن ٿا!! اتي ڪجهه سوال کليل انداز ۾ ڪرڻ چاهيان ٿو. من دل جو بار ڪجهه هلڪو ٿئي. (1) پ پ پ اڳواڻ چون ٿا ته جيڪڏهن آصف زرداري صاحب کي هٽايو ويو ته سنڌ جي ڌرتي ٽامو ٿي ويندي، پر جڏهن مسئلو پاڻي يا ناڻي جي ورڇ جو اچي ٿو ته پ پ اڳواڻ چون ٿا ته پ پ رڳو سنڌ نه، پر چئن صوبن جي پارٽي آهي ته پوءِ صدر زرداري صاحب لاءِ چئن ئي صوبن جي ڌرتي ڇو نه ٽامو ٿيندي، رڳو سنڌ جي ڌرتي ڇو؟ (2) جيڪڏهن سنڌي ماڻهن پ پ کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ پهچايو ۽ هاڻ اقتداري راند ۾ به پ پ قيادت سنڌي ماڻهن جي امڪاني ردِعمل کي پنهنجي سگهه طور ڪتب آڻي پئي ته پوءِ سوال اهو آهي ته سنڌ جي عوام کي پ پ حڪومت موٽ ۾ ڇا پئي ڏي؟ (3) جيڪڏهن بلوچستان سان ٿيل هاڃن ۽ ناانصافين جي عيوض بلوچستان لاءِ پيڪيج جو اعلان ٿي سگهي ٿو ته پوءِ سنڌ لاءِ خاص پيڪيج لاءِ سنڌ جو عوام ڪنهن ڏانهن واجهائي؟ (4) ڇا پ پ ۽ سنڌي عوام وچ ۾ سڄو بار عوام تي آهي ته هو ووٽ به قرض ۽ فرض سمجهي ڏي. پوءِ پ پ حڪومت جي ڊهڻ جي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ آڏو پنهنجي ڪاوڙ به ظاهر ڪري ۽ بعد ۾ پ پ جي کاتي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪاوڙ جو نشانو به بڻجي پر جيڪڏهن موٽ ۾ سنڌ پنهنجا بنيادي حق گهري ته پ پ فوري طور وفاقي پارٽي هجڻ جو نعرو هڻي پاسيري ٿي بيهي رهي؟ وڻي ته وفاق جي علامت بڻجي وڃي ۽ پوءِ وڻي ته سنڌي پارٽي بڻجي وڃي؟ (5) ڇا اها غلط فهمي/خوش فهمي ختم نه ٿيڻ گهرجي ته سنڌ جو مطلب پ پ ۽ پ پ معنيٰ سنڌ؟

    پ پ پ جي ٿنڪ ٽينڪس کي ان نقطي تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ وقت ۾ پنجاب ۾ نواز ليگ، سرحد ۾ دهشتگردي واري صورتحال ۽ بلوچستان جي مخصوص ماحول ڪري انهن ٽنهي صوبن کان وڌيڪ کين سنڌ مان ئي آسرو هوندو ۽ هاڻوڪي هلندڙ اقتداري بحران ۾ به سنڌ جي ڪري کين هڪ سگهه حاصل آهي، پر ڇا اها وقت جي گهرج ناهي ته سنڌ جي ماڻهن کي far granted (غير اهم) وٺڻ وارو رويو مٽائڻ گهرجي ته ”سنڌي ماڻهو ته پنهنجا آهن هي ٻيو ڪٿي ويندا؟“ اها ”ڪٿي ويندا“ واري روش تبديل ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪا سوچ سنڌي ماڻهن جي گڏيل فهم کي چيلينج ڪرڻ جي مترادف آهي.

    سنڌي ماڻهن پ پ پ کي تمام گهڻو ڏنو آهي، پر هاڻي ڏيڻ جو وارو پ پ جو آهي. 24 جنوري تي سنڌ جي ماڻهن پنهنجي سنڌو درياءَ سان جنهن جوش ۽ جذبي سان محبت جو اظهار ڪيو، ان کانپوءِ به جيڪڏهن پ پ حڪومت 1991ع جي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ کان لنوائيندي سنڌ کي پاڻي جو سندس جائز ۽ حقي حصو وٺي نٿي ڏي، يا چشما-جهلم لنڪ تي بجلي ٺاهڻ واري پراجيڪٽ جهڙيون مشڪريون بند نٿي ڪرائي ته ان جا ٽي سبب ٿي سگهن ٿا. (1) پاڻي جو معاملو حڪومتي ترجيح تي ناهي. (2) حڪومت مسئلو حل ڪرڻ چاهي ٿي پر لاچار آهي. (3) حڪومتي اڪابر اهو سمجهن ٿا ته پاڻي جو مسئلو برقرار رهندو ته سنڌ ۾ قومپرستي وارو رجحان وڌندو ۽ ان رجحان کي ڪا قومپرست ڌر نه، پر وري ووٽ جي صورت ۾ پ پ پ Ultimately (آخرڪار) ڪيش ڪري وٺندي!!

    انهن ٽنهي سببن مان جيڪڏهن سبب نمبر هڪ يعني حڪومتي ترجيحن جو آهي ۽ جيڪڏهن 24 جنوري کانپوءِ به پاڻي جو مسئلو حڪومتي ترجيح نه بڻجي سگهيو آهي ته حڪومتي ٿنڪ ٽينڪس کي اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته هو سنڌ واسين جي اخلاقي حمايت ۽ اليڪشنز مهل ووٽ جي حمايت کان موڪلائڻ واري ڊگر تي هلن پيا. پر جيڪڏهن معاملو لاچاري ۽ بي وسي جو آهي ته پوءِ هاڻ ئي ٻڌايو ته پاڻي جو معاملو توهان کان زور آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت کي ٻه سال ٿي چڪا آهن ۽ جيڪڏهن اها حڪومت مدو پورو نه ڪري سگهي ته سڀاڻي اهو جواز قابلِ قبول نه هوندو ته جيڪڏهن حڪومت کي 5 سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ها ته حڪومت سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي وٺي ڏي ها. باقي جيستائين ان سوچ جو تعلق آهي ته سنڌ ۾ ڪو مضبوط متبادل نه هجڻ ڪري سنڌ جي محرومين جو آخرڪار فائدو پ پ کي ئي پهچندو ته بهتر ٿيندو ته اها سوچ پ پ جا ٿنڪ ٽينڪس جيترو جلدي ٿئي مٽائي وٺن، ڇاڪاڻ ته اسين هڪ نئين سنڌ ۾ رهون پيا، جنهن سنڌ ۾ روايتي سياست واري طريقيڪار جي گنجائش گهٽجندي پئي وڃي. ڏسو ڳالهه چٽي لڳي پئي آهي، جيڪا ڳالهه هاڻ هر ماڻهو جي چپن تي به آهي، سا اها ته ملڪ جو صدر پ پ جو، ملڪ جو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير راجا پرويز اشرف جو تعلق به پ پ سان، پنجاب حڪومت جو اريگيشن جو وزير راجا رياض به پ پ جو، پوءِ به جيڪڏهن پاڻي جي ٺاهه تي عمل نه ٿئي يا چشما-جهلم لنڪ ڪينال تي پاور پلانٽ هڻڻ جهڙا ڌنڌا ٿيندا رهن ته پوءِ سنڌ جي ”ڀرپور نمائندگي“ واري پ پ پ جي دعويٰ ۾ ڇا وزن رهجي ويندو!؟

    سياست ڇا رڳو ٺڳي ڪرڻ ۽ ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جو نالو آهي؟ ڇا سياست صرف ان ڪري ڪجي ته حرام جا ڏوڪڙ ٺاهي، اوڙي پاڙي تي داٻو ڪجي؟ ڇا سياست عوام سان رومانس جو نالو نٿو ٿي سگهي، جنهن ۾ پنهنجائپ هجي، جذبا هجن، جنهن ۾ ڪجهه ملڻ جي خواهش کان بغير ڏيڻ جو خيال سدائين حاوي رهي. اهڙي سياست جنهن ۾ صرف دماغ نه، پر دل به هجي، جنهن ۾ ڪمٽمينٽ هجي، فهم هجي، جنهن ۾ کوڙ ساري محبت هجي. ائين به ناهي ته اهڙي سياست ڪندڙ اسان وٽ يا دنيا ۾ ناهن رهيا. پر اڄ ان نئين سنڌ کي، ان پيار ڀرئي سنڌ کي پيار ڀريل سياسي ڪلچر جي ڳولا آهي، جنهن ۾ سياست ڪندڙن ۽ عوام وچ ۾ داٻي يا لالچ نه، پر پيار جو تعلق هجي. جنهن ۾ سياست ڪندڙن جون اکيون ڪنهن هڪ سنڌ واسي جي اکين ۾ آيل ڳوڙها ڏسي آليون ٿي وڃن پر جڏهن سنڌ واسين جي اکين ۾ خوشحالي جي چمڪ ڏسي ته به خوشي وچان سندس اکيون ڀرجي اچن.....منهنجو خواب آهي ته اهڙا سياست ڪندڙ سامهون اچن، جن کي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، پنهنجي سنڌو، پنهنجي ماڻهن سان عشق هجي، پوءِ ڀلي ڪو کين ديوانو چئي يا مجنون پر هو سنڌ سان عشق جي هڪ نئين شروعات ڪن ۽ سياسي ڪلچر ۾ تبديلي لاءِ سندرو ٻڌي ٻاهر اچن.....منهنجي دل ٿي چوي ته 14 فيبروري تي جيڪو محبت جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو، ان ڏينهن اسان پنهنجي محبوب سان محبت جو اظهار ڪري کيس گل يا ڪو ٻيو تحفو ڀلي ڏيون، پر پنهنجي سنڌ سان به محبت جو اظهار ڪريون ۽ جيڪڏهن وڏي واڪي چئي سگهون، ته به ٺيڪ، نه ته هڪ دفعو اڪيلي ۾ ئي ويهي اهو ضرور چئون تهI love you Sindh (سنڌ! مان توسان پيار ڪريان ٿو). پنهنجي ڌرتي، جنهن کي سم ۽ ڪلر کائي پيو، جيڪا ماحولياتي گدلاڻ جي ور چڙهيل آهي، ان کي ان ڏينهن هڪ وڻ جو ٻوٽو پوکي پنهنجي ڌرتي کي محبت جو تحفو ڏيون. اهو ٻوٽو اسين پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ پوکيون يا پاڙي، يا ڪٿي به، پر پوءِ ان جي وڏي ٿي وڻ ٿيڻ تائين سار به لهون، جيئن اهي لکين ٻوٽا جڏهن وڏا درخت ٿي وڃن ته اسين ايندڙ سال محبت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پوکيل وڻ تي وڃي لکي اچي سگهون. I love you Sindh

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عوام ئي ”مائنس عوام“ سياست کي شڪست ڏئي سگهي ٿو!





    اربع 10 فيبروري 2010ع



    ”ڀائو مون سان سياست نه ڪر،“ اهو جملو اڪثر اسان جي سماج ۾ تڏهن چيو ۽ ٻڌو وڃي ٿو، جڏهن ڪنهن همراهه کي ٻئي پاران ڪوڙ يا ٺڳي ڪرڻ جو گمان هجي ٿو، ته هو اهو چوڻ بدران ته ٺڳي نه ڪر، چوي ٿو ته سياست نه ڪر. اسان کي اڪثر عام ۽ خاص ماڻهن جي ڪچهرين دوران اهو به ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو ته ماڻهن جو اسان جي سياست تان ويساهه کڄي ويو آهي. يا اهو ته هر سياستدان پنهنجي مفادن پويان آهي، عوام سان ڪير به سچو ڪونهي. سوسائٽي جي وڏي حصي ۾ اهڙي رجحان کي ڏسي پريشاني ٿئي ٿي ته جيڪڏهن ماڻهن جو سياست تان ويساهه کڄي ويو ته پوءِ تبديلي ڪيئن ايندي؟ ڇاڪاڻ ته دنيا جي مختلف سماجن ۾ مثبت بنيادي تبديليون سياست ذريعي ئي آيون آهن، پوءِ ڪٿي اها تبديلي انقلاب ذريعي آئي هجي، يا اليڪشن ۾ عوام جي ووٽن جي ذريعي، پر چوڻ جو مقصد اهو آهي ته انقلاب هجي يا اليڪشنز، ٻنهي جو مطلب سياست ئي آهي، پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسين پنهنجي سماج ۾ مثبت بنيادي تبديلي ته آڻڻ چاهيون، پر ان لاءِ موجود واحد گس سياست کان منهن موڙي ويٺا هجون؟

    6 ڊسمبر ۽ 24 جنوري تي جنهن ريت سنڌ پنهنجو نئون تعارف ڪرايو، ان کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ذهن ان ڳالهه تي صفا واضح آهي ته انهن ڏهاڙن تي سنڌ چٽن لفظن ۾ مثبت بنيادي تبديلي لاءِ پنهنجي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو، پر اها تبديلي حقيقي روپ ۾ ڪيئن ايندي، ان لاءِ شايد ڪجهه حلقن ۾ اڃا ابهام آهي، بلڪل ائين جيئن ڪو ماڻهو شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ يا گاڏي هلائڻ لاءِ لائسنس يا بينڪ ۾ اڪائونٽ کولرائڻ لاءِ فارم ته ڀري ڇڏي، پر هو ان ڳالهه تي ڪنفيوزڊ هجي ته اهو فارم جمع ڪٿي ڪرائڻو آهي ۽ کيس شناختي ڪارڊ يا لائسنس وغيره ملندو ڪٿان؟ آئون گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ذهن ۾ سئو سيڪڙو واضح آهيان ته تبديلي لاءِ اهو فارم يا خواهش يا جاکوڙ سياست، سياست ۽ سياست ۾ ئي ٿيندي، تڏهن ئي ڪا تبديلي عمل ۾ اچي سگهي ٿي. ها باقي اهو صحيح آهي ته هاڻوڪي سياسي ڪلچر جي هوندي ڪنهن بنيادي تبديلي جي خواهش ٻٻرن کان ٻير گهرڻ مترادف آهي، پر اهو به طئي آهي ته جيڪر منفي سياسي ڪلچر مثبت سياسي ڪلچر ۾ تبديل ٿي ويو ته پوءِ عوام جي زندگين ۾ مثبت تبديلي اچڻ کي ڪير روڪي نه سگهندو. جيئن هر شيءِ سٺي يا خراب ٿي سگهي ٿي، تيئن ئي اسان ورهين کان خراب سياست کي ڀوڳي رهيا آهيون، پر سياست خود ڪا خراب شيءِ ناهي، بلڪه عوام جي نالي ۾ جيڪا ”مائنس عوام“ سياست ٿيندي آئي آهي، اها خراب آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ واسي جن جون دليون تبديلي آڻڻ جي جذبي سان ڀريل آهن، جيڪڏهن پنهنجو رخ سياست کي سڌارڻ ڏانهن رکن ته يقين رکو اهو ناممڪن ناهي، بلڪه اهو بلڪل ممڪن آهي. اڄ کان ڪجهه سال اڳ ڪنهن همراهه سان سماج ۾ بنيادي تبديلي جي حوالي سان بحث جي آخر ۾ ان همراهه مون کي چيو ته ”توهان جي ڳالهين ۾ وزن آهي ۽ آئون هاڻ توهان سان متفق به آهيان ته حقيقي تبديلي اچي سگهي ٿي، پر لکين، ڪروڙين ماڻهو پنهنجي سوچ تبديل ڪيئن ڪندا؟“ موٽ ۾ چيو هيو مانس ته ”ڪو وقت هيو جو منهنجي پنهنجي سوچ اها هئي ته شايد حقيقي تبديلي نٿي اچي سگهي، پر I have changed my thoughts, today you have changed and there will come a time when millions will change (مون پنهنجي سوچ تبديل ڪئي، اڄ توهان تبديل ٿيا آهيو، ۽ اهو وقت به ايندو، جڏهن لکين ماڻهن جي سوچ تبديل ٿيندي.)

    هاڻي سوال اهو آهي ته سياست وسيلي سماج ۾ مثبت ۽ حقيقي تبديلي ڪيئن اچي ۽ ڪير آڻي؟ ان سوال تي بحث ڪرڻ کان اڳ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته سنڌ کي ٻن قسمن جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو پوي. هڪ اهي جيڪي اسلام آباد سان جڙيل آهن، جهڙوڪ پاڻي، ناڻي، قدرتي وسيلن تي سنڌ جي مالڪي، وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ جي ڪوٽا، صوبائي خودمختياري وغيره. مسئلن جو ٻيو قسم اسان جي صوبائي حڪومت جي گورننس سان جڙيل آهي. مثال طور امن و امان، تعليم، صحت، بيروزگاري، آبپاشي ۽ روينيو کاتي ۾ بدانتظامي، ڪرپشن، ميرٽ کي نظرانداز ڪرڻ، ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن لاءِ تعليمي ادارن ۾ بندش وغيره. سو سنڌ کي اسلام آباد سان جڙيل مسئلا هجن يا خراب گورننس جي ڪري جيڪي عذاب ڀوڳڻا پيا پون، انهن کي ظاهر آهي ته ڪو ليڪچر ڏئي يا ڀاشڻ ڏئي ته ٺيڪ ڪري نٿو سگهي، ظاهر آهي انهيءَ لاءِ سنڌ ۾ حڪومتي سطح تي ڪا اهڙي ڪميٽيڊ ۽ باصلاحيت قيادت ضروري آهي، جيڪا سنڌ جو ڪيس اسلام آباد ۾ به وڙهي سگهڻ جو حوصلو رکندڙ هجي ۽ جيڪا صوبي اندر به مصلحتن کي پاسيرو رکندي مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هجي. ظاهر آهي ته حڪومتي سطح تي اهڙي تبديلي اليڪشنز يعني عوام جي ووٽن يعني سياست ذريعي ئي ممڪن آهي ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ ان سوال ته اها تبديلي ڪير آڻيندو؟ جو به چٽي نموني جواب ملي وڃي ٿو ته اها تبديلي ڪو هڪ ماڻهو نه، لکين ڪروڙين ماڻهو ئي ووٽن ذريعي آڻي سگهن ٿا. آئون ان ڳالهه سان ڪڏهن به سهمت ناهيان رهيو ته اليڪشنز ۾ ڀوتارن کي هارائي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته لکين ڪروڙين ماڻهن جي اجتماعي سگهه کان ڪو ڀوتار وڌيڪ سگهارو ناهي هوندو. ان ڳالهه کي انگن اکرن سان ائين به سمجهي سگهجي ٿو ته اسان وٽ عام چونڊن ۾ سراسري طور 35 کان 38 سيڪڙو ووٽرز جو ٽرن آئوٽ ٿئي ٿو، معنيٰ 60 کان 65 سيڪڙو ووٽر ووٽ ڏيڻ ئي نٿا وڃن. هڪ اندازي موجب 4 کان 5 سيڪڙو جعلي ووٽ وڌا وڃن ٿا. معنيٰ حقيقت ۾ 30 کان 32 سيڪڙو ووٽر چونڊن ۾ بهرو وٺن ٿا ۽ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ماڻهو چونڊ عمل کان پاسيرو رهن ٿا. سو ان ريت جيڪڏهن ڪو ڀوتار 30 سيڪڙو ووٽ مان 16 يا 17 سيڪڙو ووٽ وٺي ڪامياب ٿئي ٿو، معنيٰ 100 سيڪڙو ووٽرن مان سندس داٻو يا اثر رسوخ هيٺ 17 سيڪڙو ووٽر هجن ٿا، پر جيڪڏهن پاڻ چئون ته اڪثر هنڌن تي کائنس هارائيندڙ به ڀوتار ئي هجي ٿو ته به ٻنهي جا حقيقي ووٽ 30 سيڪڙو کان مٿي نٿا ٿين، جڏهن ته 70 سيڪڙو خاموش اڪثريت اڻ ڄاڻائي يا سياست ذريعي تبديلي مان مايوسي سبب يا ٻين سببن جي ڪري پاسيري رهي ٿي، پر ان فرسوده سياسي ڪلچر سبب عذاب جيان بڻجي ويل مسئلن کي ڀوڳيندي رهي ٿي، اتي اها وضاحت ڪندو هلان ته سنڌ ۾ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ يا هارائيندڙ سئو سيڪڙو اميدوار ڀوتار نٿا هجن ۽ نه ئي کين ووٽ ڏيندڙ سمورا ووٽر سندن داٻي ۾ هجن ٿا. مٿيون مثال ان خيال کي رد ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي ته ڀوتارن کي چونڊن ۾ هارائي نٿو سگهجي.

    هتي پاڻ کي سمجهڻو اهو پوندو ته جيڪڏهن تبديلي جي توقع غير معمولي سطح جي گهربل آهي ته پوءِ پهرين پنهنجي ذهنن ۾ لفظ تبديلي ايندي، شرط اهو آهي ته لفظ ”ناممڪن“ مٽائي لفظ ”ممڪن“ ڳنڍڻو پوندو ۽ پنهنجي اندر غير معمولي نوعيت جو حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو ۽ اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ووٽ تي سنڌ جو حق آهي، ان کي فرض سمجهي سنڌ جو قرض لاهڻو آهي ۽ صرف ان کي ووٽ ڏجي، جيڪو سنڌ ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ جي سوچ سان سچو به هجي ۽ منجهس اها صلاحيت به هجي. اتي شايد ڪجهه پڙهندڙن جي ذهنن ۾ اهو سوال اڀريو هوندو ته اهڙا ماڻهو ڪٿان آڻجن، جنهن کي ووٽ ڏئي تبديلي کي ممڪن بڻايو وڃي ته ان ڏس ۾ سمجهڻ جي ضرورت اها آهي ته جيڪي ماڻهو حقيقي طور تبديلي آڻڻ چاهيندا هوندا، اهي پاڻ روايتي انداز ۾ ڪنهن کي ايلاز ۽ منٿون نه ڪندا ته مهرباني ڪري ساٿ ڏيو يا ووٽ ڏيو، ڇاڪاڻ ته انهن جو مقصد ووٽ وٺي وڃي ڏوڪڙ ڪمائڻ يا وڏن عهدن تي وڃي موج مستيون ڪرڻ ته هوندو ڪونه، جو هو اچي ڪنهن کي منٿون ڪن، سو اهڙن ماڻهن کي پنهنجي اندران پاڻ ڳولهي سامهون آڻڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جيئن آئون هميشه چوندو آهيان ته مسئلا به ماڻهن جا آهن ۽ انهن کي حل به ماڻهن کي پاڻ ڪرڻو پوندو ۽ يقين رکو ته هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ اهڙا ماڻهو هوندا، جيڪي تبديلي جي فلسفي سان ڪميٽيڊ به هوندا ۽ تبديلي آڻڻ جي صلاحيت به رکندا هوندا، پر هو پنهنجي سر ڪجهه به نه ڪري سگهندا، جيستائين عوام جي سگهه انهن سان گڏ نه هوندي.

    اڪثر ماڻهن يا قومن کي حالتون ۽ واقعا پنهنجي رخ ۾ وهائي ويندا آهن، پر غير معمولي ماڻهو ۽ قومون اهي هجن ٿيون، جن جو عزم ۽ فهم حالتن جو رخ پنهنجي مرضي موجب موڙي وٺندو آهي. سنڌي قوم بابت آئون روايتي عظيم ۽ قديم وارين اصطلاحن کان پاسو ڪندي ايترو ضرور چوندس ته اسان جي سوسائٽي جو گڏيل سياسي فهم قابلِ رشڪ آهي ۽ بنيادي طرح زرعي سوسائٽي هجڻ سبب ماضيءَ ۾ گڏيل عملي ردِعمل گهٽ ظاهر ڪندڙ اسان جي سوسائٽي 1980ع جي ڏهاڪي کان پنهنجي ٽرينڊ ۾ هِن مهل تائين مختلف موقعن تي گڏيل عمل جا جيڪي مظاهرا ڪيا، انهن مان ڪجهه اهم وڏا مثال 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ بعد ۾ 27 ڊسمبر 2007ع جي محترمه بينظير جي شهادت جي ردِ عمل ظاهر ڪيو ته سنڌ واسي گڏيل طور مزاحمت به ڄاڻين، پر وري 6 ڊسمبر تي پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب تي ٿيل چٿر خلاف لکين ڪروڙين سنڌ واسين پنهنجو احتجاج انتهائي پرامن انداز ۾ ظاهر ڪيو، وري 24 جنوري تي سنڌ واسين ٻيهر لکن جي تعداد ۾ سنڌو سان محبت جو ڏهاڙو ملهائي پنهنجي حقن بابت سجاڳي جو جيڪو گڏيل اظهار ڪيو، ان دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيو. ساڳي ريت آڪٽوبر 1988ع ۾ سنڌ واسين ووٽن جي صورت ۾ جيڪو گڏيل عملي اظهار ڪيو هيو، جنهن ۾ ڪيترائي ڀوتار گڏيل عوامي سگهه آڏو نه بيهي سگهيا هئا، ان کي به نه وسارڻ گهرجي. سو مٿين واقعن جي ذڪر جو مقصد اهو هيو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ هر قسم جي اجتماعي اظهار جو فهم آهي ۽ ان حقيقت کي ٻين کي به سمجهڻ گهرجي ۽ پاڻ کي به سمجهڻ گهرجي.

    آئون اهو نٿو چوان ته سنڌ واسين کي احساسِ برتري جو شڪار ٿيڻ کپي پر منهنجو مقصد اهو آهي ته سنڌ واسين کي احساسِ محرومي جي ور به نه چڙهڻ کپي ۽ ان ڳالهه ۾ يقين رکڻ کپي ته جنهن ڏينهن به حقيقي تبديلي لاءِ سندرو ٻڌو سنڌ واسي نڪري آيا ته سندن گڏيل فهم ۽ سگهه آڏو ڀوتار ڇا، پر ڪا ٻي طاقت به بيهي نه سگهندي، آخر ۾ صرف اهو لکندس ته،

    Let’s have faith that we can and we shall bring a qualitative change in our society through peaceful process of politics.

    (اچو اهو ايمان آڻيون ته اسان پرامن سياسي عمل ذريعي پنهنجي سماج ۾ معياري تبديلي آڻي سگهون ٿا، ۽ آڻينداسين.)

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اچو ته پنهنجي پاڻ ڏانهن سفر جي شروعات ڪريون




    خميس 4 مارچ 2010ع



    اڪثر منهنجي دل چوي ٿي ته آئون سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڃي ماڻهن سان ڊگهيون ڪچهريون ڪريان، ڪڏهن ٿر جي ڪنهن ڏورانهن علائقي ۾، ته ڪڏهن ڪاڇي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ يا وري ڪنهن ڇاٻڙا چانهه جي هوٽل تي يا ڪنهن ڪچين سرن سان جڙيل اوطاق تي ويٺل ماڻهن سان ويهي حال احوال ڪريان. گهڻي انهن جي ٻڌان ۽ ڪجهه پنهنجي ٻڌايان پر اِهڙي خواهش پوري ٿيڻ آڏو ڪڏهن وقت ۽ ڪڏهن حالتون اچيو وڃن ۽ اگر اڃا سچ پڇو ته هڪ ٻيو سوال به مونکي اهڙين ڪچهرين کان روڪي ٿو. اهو سوال، جيڪو مونکان جتي ڪٿي ڪيو وڃي ٿو ته، آئون عملي طرح سياست ۾ ڪڏهن پيو اچان؟ يا اهو ته، ڪڏهن پيو نئين پارٽي ٺاهيان؟ ان سوال جو اگر جواب گول مول ڪرڻ چاهيان ٿو ته سوال ڪندڙ چٽي جواب لاءِ بضد ٿيو وڃن ۽ اگر چوان ٿو ته سرِدست اهڙو ڪو ارادو ناهي ته ڪجهه ماڻهن جي اکين ۾ مايوسي ۽ ٻين کي چڙ وٺيو وڃي. تازو بينظير آباد (نوابشاهه) ۾ به ائين ئي ٿيو، جو ڪچهري ۾ موجود هڪ سڪرنڊ واسي جذباتي ٿي پيو ۽ مونکي سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪرڻ لاءِ ائين حجائتي انداز ۾ زور ڀرڻ لڳو ۽ ائين ميارون ڏيڻ لڳو، ڄڻ مون ڪجهه عرصو اڳ سياست ۾ اچڻ جو واعدو ڪيو هجي ۽ هاڻ ڦري ويو هجان!! سو آئون ماڻهن سان ڪچهرين واري خواهش کي دٻائي ان ڪري به ويٺو آهيان ته مون وٽ ان سوال جو شايد ڪو واضح جواب ناهي يا ان سوال جو جيڪو جواب مون وٽ آهي، اهو جواب، سوال ڪندڙن کي قابل قبول ناهي يا شايد، ان سوال منجهه ئي جواب به موجود آهي ۽ شايد اهو جواب مونکي يا سوال ڪندڙن کي وقت سان گڏ ئي سمجهه ۾ اچي پر اُن وقت تائين ماڻهن سان ڪچهرين واري خواهش جو ڇا ڪجي؟

    جڏهن به سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڃڻ ٿئي ٿو ته اتي موجود چوطرف مسئلن جا انبار ڏسي هڪ شديد ذهني اذيت محسوس ٿئي ٿي پر جڏهن اتي جا ماڻهو پنهنجن مسئلن ۽ ڏکن سورن جا داستان کولين ٿا ته پنهنجي من اندر هڪ عجيب قسم جي بيوسي ۽ لاچاريءَ جي ڪيفيت جو شڪار ٿيو پوان ته ڪاش! انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ها، پر آئون ڄاڻان ٿو ته اِنهن جي سورن ۽ زخمن جي دوا صرف حڪومت وٽ آهي ۽ اهو به ڄاڻان ٿو ته دردن جو درمان ڪندڙ اهڙي حڪومت ٻيو ڪو به نه، پر عام ماڻهو پاڻ ئي آڻي سگهن ٿا، ڇو ته ماڻهو ئي مريض آهن ۽ اهي ئي طبيب به آهن. سو هڪ اهڙي حڪومت، جيڪا عوام کي پنهنجي اولاد جيان سمجهي، سا ٻيو ڪير به نٿو آڻي سگهي، بلڪه صرف ۽ صرف عوام پاڻ ئي آڻي ٿو سگهي. فيض احمد فيض چواڻي:

    گيت نشتر تو نهين مرهمِ آزار سهي

    تيري آزار ڪا چاره نهين، نشتر ڪي سوا

    اور يه سفاڪ مسيحا ميري قبضي مين نهين

    اس جهان ڪي ڪسي ذي روح ڪي قبضي مين نهين

    هان مگر تيري سوا، تيري سوا، تيري سوا

    مون ٻڌو آهي ته اڄڪلهه هڪ گانو ”عاشق مجبور آ، ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي“ ڏاڍو مقبول ٿيو آهي. آئون ان گاني جي ٻولن کي اگر ترميم ڪري ائين لکان ته، ”ڀوتار عوام آڏو مجبور آ، ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي“ ته اُن سياسي سوچ جي تشريح سولي سنڌي ۾ اها وڃي ٿي بيهي ته اسانجو ڀوتارڪو سياسي ڪلچر ان ڪري قائم ۽ دائم ناهي جو ڀوتار ڪي خلق خدا کان ڏاڍا آهن پر مسئلو اهو آهي ته عوام اڃا ان ڪلچر کي بدلائڻ لاءِ اڳتي ناهي وڌيو، جيڪر عوام تبديلي لاءِ عملي قدم کنيو ته سڀ ڪجهه بدلجي ويندو. اها ڳالهه آئون ڏهه هزار دفعا اڳ به ڪري چڪو آهيان ته عام ماڻهوءَ جي زندگي ۾ بهتري/ تبديلي حڪومت ئي آڻي سگهي ٿي ۽ حڪومتون اليڪشنز ذريعي جڙنديون آهن ۽ اليڪشنز ۾ عوام ووٽ ڏيندو آهي پر بدقسمتي اها آهي ته اسان وٽ عام چونڊن ۾ 30 کان 35 سيڪڙو ووٽ مس پون ٿا، جنهن مان سراسري طور 5 سيڪڙو جعلي ووٽ ڪاسٽ ٿين ٿا، باقي 30 سيڪڙو پوندڙ حقيقي ووٽن مان 15 کان 20 سيڪڙو ووٽر ڀوتار جي نام نهاد داٻي ۾ هجن ٿا ۽ 10 سيڪڙو ووٽر آزاد هجڻ جي باوجود پنهنجن ذاتي نوعيت جي ڪمن، تعلقات،وغيره جي چڪر ۾ ووٽ ڏين ٿا. سو سمجهڻ اهو گهرجي ته 100 سيڪڙي مان رڳو 15 سيڪڙو ووٽر ڀوتار جي داٻي ۾ هجي ٿو، باقي 80 کان 85 سيڪڙو ووٽر پنهنجي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ واري هٿيار يعني ووٽ کي يا ته صحيح استعمال نٿو ڪري يا پوءِ مورڳو ان مان نااميد ٿي اِن جو استعمال ڪرڻ ۾ ئي دلچسپي نٿو وٺي. توهان سوچيو ته 70 سيڪڙو ووٽر، جنهن کي خاموش اڪثريت چئجي، اها اڪثريت اليڪشن ۾ بهرو ئي نٿي وٺي پر جيڪر اِها اڪثريت تبديلي جو عَلم کڻي اليڪشنز ۾ بيهندڙ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪري اچي ته ان کي ڪهڙو ڪنڌار ڀوتار روڪي سگهندو؟

    ڪجهه مهينن کان پوءِ سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ٿيڻ واريون آهن. جيتوڻيڪ اهي يوسي، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي ٺهندڙ حڪومتون سنڌ سطح جي مسئلن جي حل جو اختيار نه رکنديون پر بهرحال اگر سماج ۾ تبديلي آڻڻ جا خواهشمند يوسي، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي Panel For Change (تبديلي لاءِ پئنل) ٺاهي چونڊ وڙهن ۽ ووٽرن جي خاموش اڪثريت انهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ته ان سان نه صرف عوام پنهنجي سگهه کي پاڻ ڏسي سگهندو، بلڪه مقامي سطح تي ئي سهي پر سٺي حڪمراني جي شروعات ٿي سگهندي ۽ اگر ائين ٿيو ته ورهين کان هلندڙ هن ڀوتارڪي سياسي ڪلچر ۾ وڏا ڏار پئجي ويندا ۽ خوشحال ۽ تبديل ٿيل سنڌ ڏانهن اهو هڪ فيصلائتو قدم ٿي ويندو. سنڌ ۾ يونين ڪائونسلون ننڍيون به آهن ته وڏيون به. ڪن ۾ ووٽرن جو تعداد 6 هزار به آهي ته ڪٿي 13 کان 14 هزار به آهي پر اگر پاڻ مثال طور ڪنهن يوسي ۾ ووٽرن جو انگ 10 هزار ٻَڌون ٿا ۽ هر يوسي ۾ يارنهن ڪائونسلر ۽ هڪ ناظم ۽ هڪ نائب ناظم چونڊبا. سو اگر 10 هزار ووٽرن مان 5 هزار کان مٿي ماڻهو تبديليءَ لاءِ جڙيل پينل کي ووٽ ڏين ته ائين ٿيڻ ڇا ناممڪن آهي؟ يقينن اهو سئو سيڪڙو ممڪن آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته تعلقي جي يوسيز جي اڪثريت ۾ تبديلي جا اهي پانڌيئڙا ڪامياب ٿي تعلقي سطح تي پنهنجو ناظم چونڊرائي وٺن ۽ اگر تبديلي ۾ ويساهه رکندڙن کي تعلقي سطح تي ائين ٿيڻ ممڪن لڳي ته پوءِ هو اهو به يقين رکن ته ضلعي سطح تي به ائين ٿيڻ بلڪل ممڪن آهي.

    جيڪي ماڻهو تبديلي اچڻ بابت اهو سوچي مايوس يا نااميد ٿين ٿا ته سماج ۾ موجود ان اسٽيٽسڪو (جمود) جا حامي فرد يا ڌريون تمام سگهاريون آهن، انهن کي گذارش آهي ته هو اُنهن فردن/ڌرين جي سگهه کان متاثر نه ٿين، بلڪه پنهنجي اندر موجود بي پناهه طاقت کي محسوس ڪن. هو ڀوتارن جي ڪروڌ يا داٻي جي طلسم ۾ رهڻ بدران پنهنجي اندر موجود محبت جي جذبي جي قوت ۾ ايمان رکن. اچو ته پنهنجي پاڻ کي چئون ته اسين ڏهاڪن کان موجود فرسوده واٽ تي هلڻ بند ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اسان پنهنجي پاڻ ڏانهن سفر ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا ۽ اگر اسان پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ، پنهنجي پاڻ سان ملڻ، پنهنجي پاڻ کي پرکڻ لاءِ پنهنجي پاڻ ڏانهن سفر جو آغاز ڪيو ته اِنهيءَ سفر ۾ اسانکي بدليل خوشحال سنڌ به ملي ويندي. منهنجي خواهش آهي ته اسين پنهنجي ان هڻ وٺ ۽ نفسا نفسي واري زندگي ۾ هر ڏينهن 24 ڪلاڪن مان وڌيڪ نه ته به اگر 5 منٽ صرف ۽ صرف سنڌ لاءِ سوچيون ته ان ڌرتيءَ سان هاڻ گهڻي ويڌن ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ اهو سڀ ڪجهه تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ اها تبديلي ٻيو ڪير نه، پر اسين پاڻ ئي آڻي سگهون ٿا ۽ ضرور آڻينداسين. اگر روزانو 5 منٽ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي پاڻ ڏانهن سفر ڪرڻ شروع ڪجي، ته يقين رکو اهو سفر اڻ کٽ نه هوندو ۽ رب ڌڻي ڪندو اهو پنڌ اسانکي اسانجي منزل تائين ضرور پهچائيندو ۽ اها منزل آهي بدليل خوشحال سنڌ جي.

    feedback_kawish@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو