سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهي جا خاموش ڪارڪن۔۔۔۔۔ منوج ڪمار

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ عبدالعزيز منڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    اهي هڪ نئين سنڌ جا نوجوان آهن. اهي نون روايتن ۽ نون ريتن جا امين آهن ۽ سندن پراڻين روايتن سا ڪوبه واسطو ڪونهي. انهن کي نه ته شهرت جي بک آهي ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا جي خواهش. اهي نه ته ڪنهن ايوارڊ جا متلاشي آهن ۽ نه ئي کين ڪنهن معاوضي جي تمنا. نه کين اسٽيجن تي ڪرسين تي ويهڻ جي آرزو آهي ۽ نه وري کين وڏين وڏين تقريرن ڪرڻ جي ضرورت. انهن جي نه ڪا تنظيم آهي نه ڪو وٽن اليڪشنون ٿين ۽ نه وري اهي عهدن تي هڪ ٻئي سان وڙهن. نه کين اها لالچ آهي ته کين ڪنهن اداري جو سربراهه بنايو ويندو ۽ نه ئي کين انهي جو شوق ته کين ڪو ٽوئر تي ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. انهي نئين سنڌ جا اهي نوجوان انهن سڀني شين کان مٿانهان ٿي سنڌي ٻولي جي لاءِ اهو ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو اسان جا عالم، اديب، ماهر ۽ ٻولي جا گھڻ گهرا اڃان نه ڪري سگھيا آهن. پر انهن گمنام ڪارڪنن جو ذڪر توهان کي اخبارن، مئگزينن ۽ ڪتابن ۾ به ڪونه ملندو. اسان مان کين رڳو اهي سڃاڻن جيڪي نئين دنيا جي بدليل ضرورتن ۽ نون رجحانن سان لاڳاپيل آهن. انهن نوجوانن جي ڪم جي رڳو انهن کي خبر آهي جيڪي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا سان ڳنڍيل آهن ۽ جيڪي انهي ڳالهه کان واقف آهن ته ايندڙ ويجهي مستقبل ۾ رڳو سندن ئي ڪيل ڪم هوندو جيڪو سنڌي ٻولي کي جيئدان ڏيندو. اهي سنڌي ٻولي جي سڀاڻي جا امين آهن.
    سنڌي ٻولي جي انهن خاموش ڪارڪن ۾ بدين جا ننڍڙا آفتاب ٽالپر ۽ اشفاق ٽالپر به آهن، جن جي وائس آف سنڌ جي نالي واري ويب سائيٽ تي سنڌي ادب، تاريخ ۽ سياست تي ايترا ته ڪتاب ڊجيٽل فارميٽ ۾ لکيل آهن، جيترا ٻولي ۽ ادب سان جڙيل ڪنهن به سرڪاري اداري جي ويب سائيٽ تي نه آهن. انهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو استاد احسان عرساڻي به آهي، جنهن ڄاڻ ۽ علم جي حوالي سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ انٽرنيٽ انسائيڪلو پيڊيا وڪي پيڊيا جو سنڌي ۾ اجراءُ ڪيو آهي ۽ سنڌي ٻولي ۾ معياري مواد مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. انهن ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪارڪنن ۾ رابطي جي پل بڻيل علي حسن ملاح به آهي. انهن ۾ سنڌي ٻولي کي يونيڪوڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سافٽويئر ٺاهيندڙ لطيف ساگر شيخ آهي به آهي ته عبدالرحيم نظاماڻي به. انهن ۾ ڊاڪٽر گل آغا،حبيب ساجد، اڪبر لاکو، عبدالعزيز منگريو، عبدالطيف انصاري، غلام قادر ڄاموٽ، خليق جمالي، احمد سومرو به آهن، جيڪي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جا مختلف فورم جوڙي ۽ ويب سائيٽون يا بلاگ ٺاهي اڄ جي نوجوانن کي پنمهنجي ٻولي سان جوڙي ويٺاآهن. هتي ٽنڊي باگي جو ڪرشن لوهاڻو به آهي، جنهن ڪمپيوٽر لاءِ سافٽويئر ۽ سنڌي انگريزي ۽ انگريزي سنڌي ڊڪشنريون نه فقط سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ اتساهه آهن پر جنهنجو دماغ نون نون خيالن سان ڀريل آهي. سنڌي ٻولي جي گمنام ڪارڪنن ۾ شبير پرين ڪنڀار، عبدالستار سمون، ثناءُالله مڱڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن، جن سنڌي ٻولي جي سونهن وڌائڻ لاءِ پنهنجي پيار جي پورهئئ تحت سوين نوان ۽ خوبصورت فانٽ تخليق ڪيا آهن. انهي لسٽ ۾ شاهنواز سومرو، حبيب سنائي، فقير اسلح علي قلباڻي به آهن، جن جي محنتن سان لطيف ۽ سچل جا رسالا ۽ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو انٽرنيٽ تي اچي سگهيو. اهڙا بيا به کوڙ سارا نوجوان آهن، جيڪي پنهنجي نوڪرين ۽ مصروفيتن جي باوجود پنهنجي ٻولي جي لاءِ وقت ڪڍيو سنڌي کي جديد ٻولين جي صف ۾ بيهارڻ جي عمل ۾ رڌل آهن. پر انهن سڀني نوجوانن کي جنهن اتساه ڏنو آهي ۽ جيڪو موجوده وقت ۾ سنڌي ٻولي جو صحيح معنيٰ ۾ محسن آهي، سو آهي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي. سائين جي جوڙيل ايم بي ڀرڳڙي پروگرام تحت اسان نه رڳو ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ لکي پڙهي سگون ٿا پر اسان سنڌي ٻولي جو ويب سائيٽون ٺاهي، بلاگ جوڙي، انٽرنيٽ چيٽ ڪري، پنهنجيون پريزنٽيشن ڏئي ۽ ٻين سافٽويئرن ۾ ڪم ڪري سگهون ٿا. سائين ماجد ڀرڳڙي جي انهي انقلاب جو پاڻ پهرين به هنن ڪالمن ۾ ذڪر ڪندا آيا آهيون ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر سان واسطو رکندڙن تقريبن سڀني دوستن کي سائين ڀرڳڙي جي سنڌي ٻولي تي ڪيل احسان جي خبر آهي. اڄ آئون پنهنجي ڪالم ۾ سندس هڪ ٻئي ڪم جو ذڪرڻ ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن جي پوري ٿيڻ سان سنڌي ٻولي ۾ هڪ ٻيو انقلاب اچي ويندو.
    ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ سڀني ماڻهن کي خبر آهي ته ڪمپيوٽر هلائڻ لاءِ هڪ آپريٽنگ سسٽم جي ضرورت هوندي آهي. اسان وٽ عام طور ونڊو ايڪس پي يا نئون آيل ونڊو وسٽا يا ونڊوز سيون استعمال ٿيندا آهن. پر اهي آپريٽنگ سسٽم اهي ئي استعمال ڪري سگهندا آهن، جيڪي انگريزي کان واقف هجن ڇاڪاڻ ته انهن کي هلائڻ ورو نظام انگريزي ٻولي ۾ هوندو آهي. اهي سسٽم ڇاڪاڻ ته پرائيويٽ ڪمپنين يعني مائڪرو سافٽ جي ملڪيت آهن، تنهن ڪري اهي مهانگا به آهن، ۽ انهن ۾ اسان تبديليون به ڪري نه ٿا سگهون. پر ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ انهن وڏين فرمن جي هڪ هٽي ٽوڙڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ ڪمپيوٽر ماهر مفت آپريٽنگ سسٽم جوڙي رهيا آهن. اهي جيئن ته اوپن سورس جي تحت آهن، تنهن ڪري انهن ۾ ڪير به پنهنجي ضرورتن تحت تبديليون ڪري سگهي ٿو. سائين ماجدڀرڳڙي هن وقت لينڪس (Linux) جي هڪ مشهور آپريٽنگ سسٽم ابنٽو (Ubuntu) جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ رڌل آهي. انهن سسٽم جي ٺهڻ سان اهو ٿيندو ته انگريزي سان واقفيت نه هئڻ باوجود به هر ماڻهو ڪمپيوٽر استعمال ڪري سگهندو. انهن سسٽم سافٽيوئر جي سنڌي ۾ اچڻ سان روينو ڊپارٽمينٽ جهڙن کاتن ۾ ڍل يا زمين جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ رڳو سنڌي پڙهيل به درج ڪري سگهندو. تپيدارن ۽ ٻين ننڍن اهلڪارن پاران سنڌي ۾ ورتل انگ اکرن کي سڌو سنئون ڪمپيوٽر ۾ رکي سگهبو. ۽ کين انهي رڪارڊ کي انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. نه فقط روينيو پر آبپاشي، پوليس، تعليم کاتو، عدالتن ۾ به سنڌي ۾ موجود رڪارڊ کي ڪمپيوٽر تي محفوظ ڪري سگھبو. نه رڳو ايترو پر ڦٽين جي ڪارخانن کان وٺي پيڊين ۽ ننڍڙن ڪاروبار ڪندڙ دڪاندارن کان وٺي زمينداري حساب کي به ڪمپيوٽر تي ڪرڻ لاءِ ڪنهن اضافي پورهئي يا مهارت جي ضرورت نه پوندي ۽ هر ماڻهو جنهن کي صرف سنڌي ٻولي ايندي سو به دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي سگهندو.
    پر هڪ پوري آپريٽنگ سسٽم کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. انهي ۾ سوين ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي ڪم کي ورهائي کڻن. سولي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن پنج ماڻهو ايڏو وڏو ڪم ڪندا ته کين پنج سال لڳندا. پر جيڪڏهن پنج س‍‍ؤ ماڻهو هجن ته ساڳيو ڪم پنجن مهينن ۾ به ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪمپيوٽر جي شاگردن ۽ استادن کي گذارش آهي ته اهي انهي ڪم ۾ سائين ماجد ڀرڳڙي جو هٿ ونڊائين. انهي سان نه رڳو کين پنهن جي ڪم جو تجربو به ٿيندو پر انهي سان گڏ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ واري اعزاز سان به نوازبا. انهي لاءِ توهان هن لنڪ تي وڃي ڪم لاءِ جوڙيل گروپ جو حصو ٿي سگهو ٿا. https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
    اسان کي اهو ڪم پنهنجي هٿ ۾ انهي ڪري به کڻڻو پئي پيو جو اسان جي ادارن جو حال پورو سارو آهي. سواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي، ڪنهن ٻئي اداري جي ڪا مڪمل ويب سائيٽ سنڌي ۾ ڪانهي. ايتري قدر جو سنڌي ٻولي کي بااختيار بنائڻ واري اداري جي به سنڌي ويب سائيٽ به مڪمل طور تي سنڌي ۾ ڪونهي.
    اسان جي ٻولي جي بي حسي جو توهان کي هڪڙو مثال ڏيان ته ٻه سنڌي انگريزي ڊڪشنريون آن لائين آهن. آن لائين ڊڪشنري مان مراد ته اهي انٽرنيٽ تي موجود آهن ۽ انهن ۾ توهان ڪو لفظ سنڌي ۾ داخل ڪندو ته انگريزي ۾ انهي جي معنيٰ ملندي يا انگريزي لفظ جي سنڌي ۾ معنيٰ ملندي. پر ٻنهي ڊڪشنرين مان ڪا هڪڙي به سنڌ جي ڪنهن ادري يايونيورسٽي طرفان نه جوڙي ويئي آهي. هڪڙي آمريڪا جي شڪاگو يونيورسٽي پاران جوڙي ويئي آهي جنهن جي نگراني ڊاڪٽر جينيفر ڪول ڪئي آهي. اها ڊڪشنري هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿي.
    http://dsal.uchicago.edu/dictionaries/mewaram
    جڏهن ته ٻي ڊڪشنري لاهور جي هڪ پرائيوٽ يونيورسٽي پاران قائم ڪيل ڪمپيوٽر تي ادرو ٻولي جي واڌاري واري اداري پاران جوڙيل آهي، جنهن کي هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿو: www.crulp.org/sed
    جيڪو ڪم اسان جي ٻولي جي اٿارٽي يا سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين کي ڪرڻ گهربو هو، اهو شڪاگو ۽ لاهور جا ادارا ڪري رهيا آهن.
    سنڌي ڪمپيوٽنگ کي اڃان به اڳتي وٺي وڃڻو آهي. انهي جي ٽڙيل پکڙيل ڪارڪنن کي هڪ هنڌ آڻڻو آهي. ڪم جي دهرائجڻ بجاءِ نئين ڪم تي توجه ڏيڻي آهي. مستقبل جي ٽيڪنالاجين ۽ خاص طور تي موبائيل فون جي لاءِ سنڌي سافٽويئرن کي جوڙن تي توجه ڏيڻي آهي. اسان اميد ڪنداسين ته حڪومت ۽ ٻولي جي ترقي لاءِ جوڙيل ادارا ۽ سنڌ جون يونيورسٽيون انهي ڏس ۾ به نظر ڪندا ۽ سنڌي ٻولي کي ايندڙ نسل جي گهرجن مطابق ترقي وٺرائيندا.

    manojhalai@yahoo.com
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهي جا خاموش ڪارڪن۔۔۔۔۔ منوج ڪمار

    ادا عبدالعزيز۔۔۔ منوج صاحب جو هي ليک تمام همٿائيندڙ آهي ۽ توهان جهڙي جاکوڙي دوستن جي محنتن کي دنيا آڏو آڻڻ جي هڪ ڪوشش آهي۔۔ الله سنڌي ٻوليءَ‌جي لاءِ ڪم ڪندڙ دوستن جي همٿ ۾ اڃان اضافو فرماءِ ۽ انهن جو ساٿ وسيع فرماءِ۔۔
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهي جا خاموش ڪارڪن۔۔۔۔۔ منوج ڪمار

    ادا تمام بهترين
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهي جا خاموش ڪارڪن۔۔۔۔۔ منوج ڪمار

    ادا انشاءَ الله اهو آپريٽنگ سسٽم جلد ئي ڊيلوپ ٿيندو ۽ ڪيترائي سنڌي انهي مان لاڀ حاصل ڪندا
     
  5. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهي جا خاموش ڪارڪن۔۔۔۔۔ منوج ڪمار

    واه سائين واه
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهي جا خاموش ڪارڪن۔۔۔۔۔ منوج ڪمار

    واه سائين واه ادا تمام زبردست .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو