اسان ڇو سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ احساس ڪمتري ٿا محسوس ڪريون ؟

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرو

    هيءَ 1895ع جي ڳالهه آهي.
    کپري ۾ ڇهون سنڌي پيو پڙهان. ليوڪس صاحب هجي ٿو جو ڊپٽي ڪمشنر، هڪ لڱا مختيارڪار سان گڏ اسڪول ۾ لنگھي آيو.
    شاگردن کان هڪڙو زباني حساب پڇيائين: ”روپيا به سو ورايو. چوڪرا 5 ۽ چوڪريون 4. پر هڪ چوڪريءَ کي 5 روپيا جا ستي ڊيو. ٻڌايو هڪ هڪ چوڪر کي ڪيٽرو ملدو؟“
    مون امالڪ، واٽ لڳائي، جواب ڏنو: ”ٽُئنٽي سَر!“
    پر مون کي ڄڻ ٻُڌائين ڪونه. ٻئي ڪنهن شاگرد چيو: ”سائين ويهه“؛ ته پنج روپيا انعام اُن کي ڏنائين ۽ نه مون کي.
    وري ٻيو حساب مليوسين. اُنهيءَ جو جواب ۾ مون صحيح ڪڍيو. پر چيم: ”سيون سر“؛ ۽ هن منهنجي ڪلاسيءَ چيو: ”سائين ست.“
    اُنهيءَ ڀيري به انعام جي عنايت هُن تي ٿي ۽ مان وانجھيو رهجي ويس.
    ائين ٻين ٽن حسابن جا جواب به مون صحيح ڏنا، پر وري به جھڙو جھڙو جواب هو سو انگريزيءَ ۾ ڏنم. انعام مون کي ڪونه جُڙيا، سو مان وائڙو ٿي ويس ته صاحب هي ڪري ڇا ٿو!
    اُتي ئي حڪم ٿيو: ”سمجھيو ٽه بابا اوانجو گوٽ آهي. بابا ڊي کٽ لکو ته اوان لاءِ اُٽان چا چا وٽي اچي.“
    مان خط پٽ لکڻ ۾ به ٻين مڙني کان هوشيار هوس. مون مٿان خذمت ۾ فيض واري مربي صاحب وغيره لکي، گھڻن ادبن ۽ رام رامن بعد عرض ته اهڙيءَ ريت ٻيو خير سک جو حال درج ڪري، پڇاڙيءَ ۾ عرض گذاريو ته ”مربي صاحب، هن طرف اچو ته حيدرآباد مان منهنجي لاءِ راضو درزيءَ کان هڪ انگريزي پتلون ۽ گاگن مل جي ڇاپ تان 7 نمبر جو ڊاسن بُوٽ وٺي اچجو.“
    ڪلاس ۾ ڪل ست شاگرد هئاسين.
    منهنجي خط جو نوع ٻين سڀني جي نوع کان هو به عمدو، ته به صاحب اُنهيءَ ڀيري به مون کي اورانگھي انعام هڪ ٻئي کي ڏيڻ فرمايو.
    مون کان اِتي رهيو نه ٿيو! مون خفي ٿي، صاحب کي چئي ڏنو: ”سر، هيءُ ڇا.....؟“
    ليوڪس صاحب پنهنجون نيليون اکيون منهنجي منهن ۾ کپائي چيو: ”چوڪرا، ڊس، هي اوان جو مُڪٽيارڪار صاحب آهي. هن کي سِنڊي سُٽڻ ۽ سِنڊي جتي پيو آهي، پوءِ ولاتي بوٽ ۽ انگريزي پٽلون چا ڪندين؟“
    ”پر سر! حسابن جا جواب ته اول اول صحيح مون ئي ڏنا.“
    ”هائو، پر ٽو جواب سِنڊي ۾ نه ڊنا.“

    [ڪتاب ”لالچند امر ڏَنومل جڳتياڻي“، مصنف: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ساهتيه اڪيڊمي دهلي، 1995ع، 95-96، ۾ آيل لالچند جي لکڻين مان اقتباس.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسان ڇو سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ احساس ڪمتري ٿا محسوس ڪريون ؟

    ادا وساڻ! ان کي چوندا آهن سمجهدار قومون، انگريز جيتوڻيڪ لک برا ۽ سازشي آهن پر تنهن هوندي به هو پنهنجن غلامن ۾ به انصاف جا ڪم ڪرائي ويندا آهن ۔۔۔

    هن ننڍڙي نثري ٽڪري مان خبر پوي ٿي ته ۔۔۔ سنڌ ۾ رهڻو آهي ته سنڌي ٿي رهڻو آهي ۔۔۔ ۽ جي ڪو سنڌي ٿي نه رهي ته انکي ڪجهه ملڻو ناهي ۔۔۔

    الله ڪري ته اسين سنڌي پنهنجي ڌرتي تي اهڙو نظام رائج ڪري سگهون ۔۔۔ باقي موجوده پاڪستان ۾ ته اهڙي ڪا به ڳالهه ٿيندي نظر نٿي اچي ۽ نه وري ڪري سگهبي ۔۔۔

    الله واهي آهي ۔۔۔

    لک ٿورا وساڻ صاحب، اکيون کوليندڙ نثري ٽڪرو ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: اسان ڇو سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ احساس ڪمتري ٿا محسوس ڪريون ؟

    ادا وساڻ تمام بهترين ونڊ ڪيو آهي توهان۔ جنهن جي اندر مزاح ڀريل آهي
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اسان ڇو سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ احساس ڪمتري ٿا محسوس ڪريون ؟

    ادا تمام بهترين شيئرنگآهي اوهان جي.
     
  5. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    جواب: اسان ڇو سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ احساس ڪمتري ٿا محسوس ڪريون ؟

    فقير به سو فيصد سائين نثار احمد ابڙو سان متفق آهي۔ اڄڪلهه اسان جا نوجوان ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ بدران انگريزي کي جهاد في سبيل الله سمجهي ڪري ان کي شوق ۽ ذوق سان پڙهي رهيا آهن۔ سدا پڙهن پر سنڌي ۾ ملاوٽ ڪرڻ‌کان پاسو ڪن ته بهتر آهي۔
    نه ته اهيو سنڌي زبان سان غداري ڪرڻ جي برابر آهي ۽ منهنجي سمجهه ۾ ڪو سنڌي ٿي ڪري سنڌ ۽ سنڌي زبان سان غداري جو تصور ۽ سوچ به نٿو ڪري سگهي۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اسان ڇو سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ احساس ڪمتري ٿا محسوس ڪريون ؟

    مان به سائين نثار سان متفق آهيان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو