سنڌي ٻولي اختياري هڪ تعارف

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻولي اختياري هڪ تعارف ​

    [​IMG]

    1 تعارف
    2 مقصد
    3 ڪم
    4 اٿارٽيءَ جي جوڙجڪ
    5 چيئرمين، سيڪريٽري ۽ خزانچيءَ جي مقرري
    6 اداري جا اختيار
    7 اڳواڻ ڪميٽي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي


    1 تعارف
    سنڌي ٻولي اختياري هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. اختياريءَ جو هڪ بورڊ آف گورنرس آهي، جيڪو اختياريءَ جي ڪم ڪار جي نگراني ڪرڻ سان گڏ، اختياريءَ جي مقصدن لاءِ پاليسيون جوڙيندو رهندو آهي. هن اداري جو پهريون بورڊ آف گورنرس، سنڌ جي نامياري عالم ۽اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيو ويو هو اختياريءَ جي قيام واري وقت کان وٺي، مختلف عالم اديب هن اداري جا چيئرمئن مقرر ڪيا ويا، جن وقت بوقت پنهنجي علمي ۽ ادبي قابليت ۽ استعداد سان سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪم ڪيو. موجوده نشستمان ڊاڪٽر فهميده حسين تاريخ 2008-05-28 کان هن اداري جي نشستمان طور چارج ورتي آهي
    مقصد
    جيئن ته اسلامي جمھوري پاڪستان جي ١٩٧٣ع واري آئين جي قلم ٢٥١ (٣) ھيٺ ڄاڻايل آھي ته،”قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي ڪابه صوبائي اسيمبلي قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اپاءَ وٺي سگھي ٿي. تنھن ڪري آئين جي ان قلم کي مدنظر رکندي ۽ ان جي تعميل ڪندي، سنڌ جي صوبائي اسيمبلي اھڙو گھربل قانون، ”سنڌ ايڪٽ ١٩٧٢ع“ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) ۽ ”سنڌ ترميمي ايڪٽ ١٩٩٠ع“ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) جي صورت ۾ منظور ڪيو، جنھن موجب قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي سنڌ ۾ لازمي طور سنڌي ٻوليءَ جو استعمال صوبائي ٻوليءَ طور ٿيندو، ۽ وڌيڪ جيئن ان ايڪٽ جو مقصد آھي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ ”بورڊ“، ”اڪيڊميون“ ۽ ”اختياري“ قائم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ اثرائتا انتظام ڪندي ۽ قاعدا بحال ڪندي ته جيئن صوبي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال وڌندو رھي مٿين مقصدن مطابق فيصلو ڪيو ويو آھي ته فوري طور تي اھڙو ھڪ خودمختيار ادارو ھيٺئين طور قائم ڪيو وڃي نالو: اداري جو نالو ”سنڌي ٻولي اختياري“ (انگريزيءَ ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي Sindhi Language Authority)ھوندو آفيس: اختياريءَ جو مکيه دفتر ڪراچي/ حيدرآباد ۾ ھوندو
    ڪم
    اٿارٽيءَ جا مقصد ۽ ڪم ھيٺئين طور ھوندا الف - سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ طريقا ۽ ذريعا سوچڻ؛ صوبائي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ سنڌيءَ ۾ تعليم ۽ سنڌيءَ جي ترقيءَ ۽ استعمال لاءِ ضروري قدم کڻڻ؛ ۽ قومي ايڪي ۽ اتفاق واري لساني ترقي ۽ قومي مفاھمت ۽ اتحاد وارا مقصد حاصل ڪرڻ ب - سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي ھر سطح تي صوبائي حڪومت جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري دفترن توڙي ٻين خودمختيار ادارن ۽ مڪاني ادارن جي دفترن ۽ لکپڙھه ۾ برقرار رکڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ج - ھيٺين سطحن تي، موافقت ذريعي، سنڌي ٻوليءَ جي صحيح استعمال کي يقيني بنائڻ؛ (١) صوبائي ۽ مڪاني ادارن جي لکپڙھه، پڌرنامن، ڪتابڙن ۽ اشاعتن ۾، (٢) تعليمي نصاب جي ڪتاب ۾، (٣) دفتري لکپڙھه جي دائمي دستاويزن، رفاھه- عام جي يادگارن ۽ ٻين سلسلن جھڙوڪ: بنيادي پٿرن، نقشن، نالي وارين تختين، رستن جي فاصلو ڏيکاريندڙ پٿرن، جاين ۽ ماڳن جي نالن وغيره ۾ د - سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تعاون سان مقابلي جي امتحانن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال لاءِ راھه ھموار ڪرڻ هه - ٽي. وي، ريڊيو، اخبارن ۽ ٻين مدي – وار اشاعتن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صحيح استعمال کي منظم ڪرڻ ۽ ترقي وٺائڻ و - ”مقتدره قومي زبان“ جي تعاون ۽ ھمراھيءَ سان ڪن خاص وفاقي دستاويزن ۽ اشاعتن کي سنڌيءَ ۾ شايع ڪرڻ لاءِ راھه ھموار ڪرڻ ز - لغاتن (ڊڪشنرين)، موساعتن (انسائيڪلوپيڊيائن) حوالن وارن ڪتابن، سائنسي ڪتابن ۽ رسالن کي تيار ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ ح - سائنسي ۽ سماجي علمن سان واسطو رکندڙ فني اصطلاحن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ ط - سنڌيءَ ۾ ڪمپيوٽر جي فني استعمال، ٽائپ جي نون طريقن ۽ مختصر نويسي سيکارڻ لاءِ تعليمي، تربيتي رٿائون عمل ۾ آڻڻ. ي - قومي ٻولي ۽ پاڪستاني ٻولين کي ويجھو آڻڻ واري مقصد ھيٺ تاريخ ۽ ادب جي اھم سنڌي ڪتابن کي اردو، پشتو، بلوچي، پنجابي ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ. ڪ - بين الاقوامي سطح تي مفاھمت، فائدي ۽ قدرداني خاطر عالمن ۽ اديبن جي معياري سنڌي تصنيفن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ. ل - مٿين مقصدن کي پوري ڪرڻ لاءِ انعامن جو سلسلو قائم ڪرڻ، سيمينار سڏائڻ، ليڪچر ڪرائڻ ۽ ٻيا مناسب قدم کڻڻ. م - ”اٿارٽي“ جي منظوريءَ ۽ فيصلن مطابق ڪي به ٻيا قدم کڻڻ


    اٿارٽيءَ جي جوڙجڪ
    اٿارٽيءَ جي انتظام جي ذميداري خود سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ تي ئي ھوندي (ھن بعد اٿارٽيءَ کي ”ادارو“ ڪري ڄاڻائبو). اداري جي جوڙجڪ ھيٺين ريت ھوندي الف - سربراھه (چيئرمين): ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ب - ٻارھن غير سرڪاري ميمبر اھڙين مشھور علمي شخصيتن مان جن جون ھن سلسلي ۾ خدمتون ڪيل ھجن. ج - ھيٺيان پنج سرڪاري ميمبر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين سنڌ بورڊ آف روينيو جو سينئر ميمبر سنڌ حڪومت جو مالياتي سيڪريٽري يا سندس عيوضي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جو سيڪريٽري سنڌ جو وزيراعليٰ ڪنھن به ٻئي شخص يا شخصن کي اداري جا ميمبر مقرر ڪري سگھي ٿو؛ مگر ميمبرن جو جملي تعداد ارڙھن رھندو اداري جو ڪوبه فيصلو يا ان جو کنيل قدم رڳو ان ڪري رد نه ٿيندو ته اداري جي ميمبرن مان ڪا جاءِ خالي ھئي، يا ان جي جوڙجڪ ۾ ڪو نقص ھو شروع ۾ مقرر ڪيل سرڪاري ميمبر ٽن سالن تائين قائم رھندا


    چيئرمين، سيڪريٽري ۽ خزانچيءَ جي مقرري
    - چيئرمين جي مقرري سنڌ جو وزيراعليٰ ڪندو - سيڪريٽري ۽ خزانچي کي اداري جي سفارش تي وزيراعليٰ مقرر ڪندو. ھنن جي پگھار ۽ نوڪريءَ جا شرط انھن قاعدن مطابق ھوندا جيڪي صوبائي حڪومت جي اڳواٽ منظوريءَ سان بااختيار ادارو جوڙيندو



    اداري جا اختيار
    اداري کي اختيار حاصل ھوندو ته اھي سڀ قدم کڻي جيڪي ان جي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري ھجن، خاص ڪري الف - بجيٽ منظور ڪرڻ، جنھن لاءِ سنڌ حڪومت جي مال کاتي جي آخري منظوري ضروري ھوندي. ب - ملڪيت حاصل ڪرڻ. ج - سڀني صوبائي کاتن ۽ ٻين بااختيار ادارن ۽ تنظيمن جو تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽيون مقرر ڪرڻ. د - اداري جي مقصدن حاصل ڪرڻ خاطر صوبائي حڪومت جي منظوريءَ سان خاص ڪري ھيٺين لاءِ قاعدا ٺاھڻ: اداري جي آفيسرن ۽ ٻئي عملي جي مقرري، انھن جي پگھارن جا اسڪيل ۽ نوڪريءَ جا ٻيا شرط اداري جون ڪارروايون ھلائڻ جيڪڏھن ڪي ڪميٽيون مقرر ڪيون وڃن ته انھن جي جوڙجڪ ۽ ڪارروائين جا قاعدا. خرچ، حساب ڪتاب ۽ لکپڙھ جي سنڀال ميمبرن جي سفر خرچ ۽ روزاني ڀتي جي منظوري. ۽ ٻيا اھي ڪم جن لاءِ وقت بوقت اداري جي فيصلي جي ضرورت پوي.
    اڳواڻ ڪميٽي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي
    الف - اداري جي ھڪ اڳواڻ ڪميٽي ھوندي، جنھن کي اختيار حاصل ھوندو ته اداري جي ميمبرن جي گڏجاڻي نه ٿيڻ جي صورت ۾ اداري طرفان انتظامي ۽ مالي فيصلا ڪري، پر آخري منظوريءَ لاءِ اھي فيصلا اداري جي آئينده گڏجاڻيءَ ۾ رکيا ويندا. ب - اڳواڻ ڪميٽيءَ جا ھيٺيان ميمبر ھوندا: اداري جو چيئرمين اداري جو سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتي جو عيوضي مالي کاتي جو عيوضي ٻيا اھي ميمبر جيڪي چيئرمين مقرر ڪندو. چيئرمين جا اختيار چيئرمين اداري جو اعليٰ منتظم ھوندو ۽ کيس ان جي عملي ۽ انتظام، ماليات ۽ ٻين سڀني شعبن تي اختيار حاصل ھوندو سيڪريٽريءَ جون ذميواريون چيئرمين جي نظرداريءَ ھيٺ سيڪريٽري، اداري جي آفيس جو ڪم سنڀاليندو ۽اٿارٽي ۽ اڳواڻ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻين جون ڪارروايون قلمبند ڪري محفوظ ڪندو ۽ اٿارٽي ۽ اڳواڻ ڪميٽيءَ جي انھن فيصلن کي جيڪي چيئرمين منظور ڪندو تن کي عمل ۾ آڻيندو ميمبريءَ جي مدت سرڪاري ميمبرن کان سواءِ اداري جا باقي ميمبر ٽن سالن تائين بحال رھندا. سرڪاري ميمبرن کان سواءِ جيڪڏھن ڪنھن ٻئي ميمبر جي جاءِ مدي پوري ٿيڻ يا ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري خالي ٿيندي ته ان خالي جاءِ تي وزيراعليٰ ٻئي ڪنھن شخص کي مقرر ڪري سگھندو. ماليات اداري جي سرمايي ۾ ھيٺيون رقمون شامل ھونديون: سرڪاري گرانٽون، خانگي عطيا، ڪتابن جي وڪري يا ڪنھن ٻئي اسم مان حاصل ٿيندڙ آمدني. حساب ڪتاب اداري جو فنڊ ان جي طرفان مقرر ڪيل بئنڪ ۾ رکيو ويندو ۽ اداري جو حساب ڪتاب ھيٺين مان ڪي به ٻه ڄڻا گڏجي ھلائيندا. الف - چيئرمين ب - سيڪريٽري ج - ڪوبه ٻيو شخص جنھن کي ان ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو ھوندو. حساب ڪتاب جي جاچ پڙتال اداري جي حساب ڪتاب جي جانچ پڙتال، سنڌ حڪومت جو مقرر ڪيل ”“آڊيٽر“ ڪندو. سالياني رپورٽ اداري جي سرگرمين ۾ ڪيل ڪم جي سالياني رپورٽ ھر مالي سال جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٽن مھينن اندر شايع ڪئي ويندي. حڪمناما سنڌ جو وزيراعليٰ ڪنھن به مسئلي بابت ڪوبه عام يا خاص حڪمنامو اداري ڏانھن جاري ڪري ڪن خاص ڪمن ڪرڻ جي ھدايت ڪري سگھندو ۽ پڻ اداري جي مقصدن مطابق ان جي ڪمن ۽ ذميدارين کي وڌائي يا گھٽائي سگھندا

    حڪومت سنڌ جو ثقافت ۽ سياحت وارو کاتو اداري جي سڀني سلسلن ۾ ”انتظامي کاتي“ جي حيثيت رکندو ۽ صوبائي حڪومت توڙي وزيراعليٰ سان سموري لکپڙھ ان کاتي جي معرفت ڪئي ويندي

    سائيٽ ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
    بشڪريه وڪيپيڊيه
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ٻولي اختياري هڪ تعارف

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي۔۔۔۔۔بهترين ونڊ سائين
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي اختياري هڪ تعارف

    مهرباني ڀاء
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو