ڇا ڌيئرن جو پيءُ جنت جو حقدار آهي ..؟

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو! هيءَ مشهور حديث ته اوهان ۽ اسان ٻڌي آهي ته؛ الله جي رسول ڌيئرن جي والدين کي جنت جي بشارت ڏني آهي، شرط اهو رکيو ويو ته پنهنجي ڌيءَ جي سٺي پرورش ڪئي وڃي؛

    سوال هي آهي ته ڪهڙي سٺي پرورش آهي ۽ والدين ان لاءِ ڇا ڪن جو هو رب جي انعام جا حقدار ٿي سگهن ...؟ سڀ کان پهريان ته ظاهر آهي لطيف سرڪار جي چواڻي ته چڱا ڪن چڱايون، جي والدين پاڻ چڱا ۽ سمجهدار هوندا ته بيشڪ اولاد کي چڱو ۽ سمجهدار ڏسڻ چاهيندا پر جي هو به برا ۽ شيطان جا ساٿي هوندا ته پوءِ ڌيئرن يا باقي اولاد کي ڪهڙي تربيت ڏيندا ... انڪري ماڻهونءَ کي پاڻ بدلائي نيڪ ۽ سٺو ٻانهو ٿيڻو آهي ...

    نيڪ ۽ سٺي ٻانهي هجڻ کانپوءِ اچو ته هي هيٺ ڪجهه نقطا آهن جي اوهان پنهنجي اولاد خاص ڪري ڌيئرن تي ڌيان ڏئي مڪمل ڪندا ته جنت جو حصول پڻ ممڪن ٿي سگهندو؛

    1. دنيا جي خلقيندڙ ، ذات حقيقي ” الله“ جي ڄاڻ ۽ ان سان پيار، الله جي رسول صلعم جي ڄاڻ ۽ ان سان پيار، دين جي ڄاڻ ۽ ان جي پوئواري ڪرڻ جي تلقين.

    2. قرآن شريف جي ڄاڻ ۽ انجي قرآت ڪرڻ تي زور ڀرڻ، ان ۾ ڪا ڳالهه ناهي ته اوهان پاڻ ڪيترو ياد ڪيو آهي يا قرآت ڪري سگهو ٿا پر پنهنجي اولاد خاص ڪري ڌيءُ کي ان تي آماده ڪيو، قرآن شريف جي ڄاڻ ۽ علم کيس هن دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ڪندو ۽ انجو اجر اوهانکي پڻ ملندو ...

    3. سٺين ۽ نيڪ مسلمان عورتن جي ڪردارن جي تعليم، گهڻيون ڇوڪريون پنهنجي ماءُ کي پنهنجو تصوراتي هيرو سمجهنديون آهن، انڪري مائرن کي نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ طرف توجهه ڏيڻو پوندو ته جيئن سندن ڌيئرن تي به اثر ٿئي ۽ هو ان جي تتبع تي هلي سگهن.

    4. خود اعتمادي ۽ باغيرت زندگيءَ طرف رهنمائي ڪرڻ؛ پنهنجي اولاد ۾ خوداعتمادي پئدا ڪريو، سندن موجود صلاحيتن کي وڌيڪ اڀاريو ۽ همٿ افزائي ڪري سندن شخصيت ۾ نکار آڻيو. کين پنهنجي سڃاڻ پئدا ڪرڻ لئه همٿايو ۽ ان ۾ سندن آفيت محسوس ڪرايو ۽ سندن واڌو ڪمن جي تعريف ڪريو ۽ مٿن پنهنجو خلوص ۽ پيار جتايو. ان ڪرڻ سان سندن مٿان هڪ واڌو قسم جو اثر پوندو ۽ مستقبل هو پنهنجا رشتا نڀائڻ جي قابل ٿي پوندا ۽ دنيا ۾ چڱائيءَ کي ڳولهي لهندا..

    5. غيرتمند زندگيءَ جو فهم پئدا ڪرڻ؛ ڌيئرن کي حجاب ۽ شرم واري زندگيءَ جي اهميت سمجهايو، پردي داري سندن ڪيتري فائدي ۾ آهي ۽ انجو ڪهڙو ڪارج آهي انجي تعليم ڏيڻ پڻ اوهانجي هٿ وس آهي ...

    6. ٻوليءَ ۾ ادب ۽ شائستگيءَ جو هجڻ؛ عام ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ سٺي ٻولي ڳالهائڻ ۽ ان جا آداب سکڻ ۽ چاهي اها تعليم هجي يا ڪار وهنوار ان ۾ اوهانجي زبان اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، پنهنجي اولاد کي سٺي ٻوليءَ سان آشنا ڪريو ۽ کين ٻوليءَ جا آداب سيکاريو ته جيئن دنيا جي هر ڪم ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي سگهن ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ سٺن اخلاقن سان سڃاتا وڃن.

    7. ڪم ۾ مهارت جو هجڻ؛ اوهان وٽ رب پاران ڪا اهڙي ڏات مليل آهي ته انکي پنهنجي اولاد ۾ منتقل ڪريو، اوهان سلائي ڪري سگهوٿا يا مصوري ڪري سگهوٿا يا اڃان به ڪا فضيلت ڀري مهارت رکوٿا ته انکي پنهنجي اولاد طرف منتقل ڪريو ته جيئن هو به پنهنجي زندگيءَ کي سنواري سگهن ۽ پاڻ مڃائي سگهن.

    8. کاڌن پچائڻ ۽ کائڻ جو هنر؛ پنهنجي اولاد کي سٺن کاڌن پچائڻ جي تربيت ڏيو، پنهنجي گهر جون امڙيون يا ڏاڏيون يا نانيون جيڪي سٺا کاڌا پچائي ڄاڻن انهن جو فرض آهي ته هو پنهنجي گهر جي نياڻين کي ان هنر کان آشنا ڪن ته جيئن هو به پنهنجن گهرن ۾ اهڙن کاڌن جي پچائڻ ۾ ڀڙ ٿي سگهن.

    9. گهريلو ڪار وهنوار؛ پنهنجي اولاد ۾ گهريلو آداب ۽ گهر جي صفائي سٿرائيءَ جو علم ڏيو ته جيئن هو پنهنجا گهر صاف ۽ پاڪ رکي سگهن.

    10. پنهنجي خاندان جي تاريخ ۽ ڄاڻ؛ ان علم سان پڻ اوهانجي اولاد واقف هوندي ته زندگيءَ جي ڪيترين هيٺاهين ۽ چاڙهين کان پار پئجي سگهندا ... پنهنجي خاندان جون ڪهاڻيون گهر ۾ عام ڪريو، سٺين ۽ ڪارائتن ڪهاڻين سان اوهانجي اولاد پڻ پنهنجي ايندڙ نسل کي خبردار ڪري سگهندا ۽ سٺين عادتن جو رواج عام ٿيندو. انشاء الله

    دوستو! هي ڪجهه نقطا آهن جن سان اوهين پنهنجي اولاد ۽ خاص ڪري ڌيئرن کي سنواري سگهوٿا ۽ معاشري کي بهترين روايتن سان آراسته ڪٽنب ڏئي سگهندا ... اچو ته چڱائيءَ طرف پير وڌايون ۽ ڇوٽڪاري واري راهه هموار ڪريون ...

    همٿ مردان مدد خدا ...

    رب زدني علماَ ..... اي رب اسانجي علم ۾ اضافو فرماءِ ... آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڇا ڌيئرن جو پيءُ جنت جو حقدار آهي ..؟

    سائين اوهان جو ليک ڪارائتو ۽ اسلامي آهي۔۔۔۔تمام سٺو سر۔۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڇا ڌيئرن جو پيءُ جنت جو حقدار آهي ..؟

    تمام بهترين ونڊ آهي سائين جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا ڌيئرن جو پيءُ جنت جو حقدار آهي ..؟

    سائين بهترين، اهڙا ڪارائتا ۽ اصلاحي مضمو ن ونڊ ڪندا رهندا۔ جزاڪ الله
     
  5. HAFIZ NISAR OTHO

    HAFIZ NISAR OTHO
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين
     
  6. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
  7. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    تمام بهترين موضوع انتخاب ٿيل آهي
     
  8. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه

هن صفحي کي مشهور ڪريو