تلخ حقيقت ۔ ۔ ۔۔ ۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2010۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    [​IMG]



    تلخ حقيقت

    انسان جي سوچ پئسن جي باري ۾ ڪيڏي نه عجيب آهي..
    فقير سامهون ايندو آهي ته کيسي ۾ هڻي گهٽ ۾ گهٽ ملهه رکندڙ پيسن (يعني هڪ يا ٻه روپين جي سڪي) جي ڳولا شروع ڪندا آهيون جيڪڏهن هوندو ته ڪڍي ڏينداسين جيڪڏهن نه ته روايتي راڳ ورجائينداسين ته ”معاف ڪر“
    ان جي بلڪل ابتڙ جيڪڏهن ڪو گناه جو ڪم (يعني فحاش عورتن جو ناچ، شراب پيئڻ ) هجي ۽ ان ۾ رقم جو وڏو استعمال ٿئي ته کيسي ۾ هٿ هڻي ان وڏي ۾ وڏي رقم کي ڳولڻ شروع ڪندا سين جي هوندي ته ٺيڪ جيڪڏهن نه هوندي ته اوڌر کڻي به اهو ڪم پورو ڪنداسين . تحرير عمران درويش سومرو
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تلخ حقيقت ۔ ۔ ۔۔ ۔

    [justify]درويشن جون ڳالهيون به درويشن جهڙيون ۔۔۔ سنڌ اندر هڪ درويش هوندو هو ” وتايو فقير“ اوهان جيئان هن به پئسي جي حقيقت تي هڪ تجربو ڪيو هو ۔۔۔ ممڪن اوهان ٻڌو هجي پر پو به ونڊ ڪري ٿو ڇڏيان ۔۔۔

    هڪ دفعي وتايو ويو بازار ۾ ۽ هڪ گدرن واري کي چيائين ته بابا الله جي نالي ۾ گدرو ته ڏي، پهريان ته گدري واري معافي ورتي پر وتائي جي نه ڇڏڻ تي مجبور ٿي گدري جي واپاري کوڙ مان هڪ ڪنو ڦٿل گدرو ڪڍي وتائي کي ڏنو ۔۔۔

    وتائي گدرو ڏسي، کيسي مان ٽڪو ڪڍي واپاري کي ڏنو ته کيس ٽڪي جو گدرو ڏي ۔۔۔ واپاري کوڙ مان هڪ سٺو تازو خوشبو وارو گدرو ڳولهي وتائي جي هٿ تي رکيو ۔۔۔

    وتايو اهي ٻئي گدرا ٻنهي هٿن ۾ کڻي بازار مان نڪري ٻاهر آيو ۽ منهن مٿي ڪري چيائين ته اي منهنجا رب هي آهي تنهنجي نالي جو گدرو ۽ هي آهي ٽڪي جو گدرو ۔۔۔ ڇا انسان وٽ تنهنجي اهميت هن ٽڪي کان به گهٽ آهي ۔۔۔۔!!!

    منهنجا دوست، اها آهي دنيا ۽ اهي آهن انسان، پر اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي ۔۔۔ ڪٿي ڪٿي اهڙا انسان اڄ به آهن جي پنهنجي پيٽ کي ته بکايل رکنٿا پر ضرورت مند جي ضرورت پوري ڪنٿا ۔۔۔ بيشڪ گهٽ پر آهن ضرور جو دنيا هلي پئي ۔۔۔

    رب اسانکي پنهنجي سڃاڻ جون اکيون عطا ڪري ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تلخ حقيقت ۔ ۔ ۔۔ ۔

    ادا عمران!
    يار چوين ته بلڪل سچ پيو، اها هڪ ڪڙي يعني تلخ حقيقت آهي، بلڪل اهڙي طرح هڪ ٻي حقيقت اها به‌آهي ته جڏهن اسان ڪنهن نيڪيءَ‌جي ٻئي ڪم جيئن مسجد جي چندي وغيره ۾ پئسا ڏيون ٿا ته رپئي رپئي جو حساب ڏيون ٿا، جڏهن ته بيحيائي جي ڪمن يعني ڪيبل وغيره جا مهيني جا پئسا اسان کي ٿورا لڳن ٿا۔۔
    نماز ۾ ٻه گهڙيون بيهون ٿا ته اسان ٿڪجي پئون ٿا پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ ناچ ڪندي اسان نه ٿا ٿڪجون۔۔
    ٻه گهڙيون قرآن پاڪ پڙهون ٿا ته اسان کي ننڊ وٺيو ٿي وڃي ۽‌ سڄي رات فلمن ۽‌ بيحيائي جي پروگرامن ۾‌وات ڦاڙيو ويٺا هوندا آهيون​
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: تلخ حقيقت ۔ ۔ ۔۔ ۔

    ادا عمران سائين نثار جو مثال ۽ توهان جي اٿاريل تلخ حقيقت سچ پچ معاشري جي عادت بڻجي چڪي آهي پر اهڙي معاشري مان مايوسي ڪڏهن به نه ٿيندي جو توهان جهڙا خوبصورت نوجوان پنهنجي اندر ۾ اهڙين تلخ حقيقتن کي سمجهن ٿا۔۔۔ ۽ ضمير کي جهنجهوڙڻ لاءِ چهنڊڙيون لڳائيندا رهن ٿا۔۔۔ ۽ جڏهن ضمير جاڳيو ته قسمت به ستل نه رهندي۔۔۔
    جاري رکجو۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تلخ حقيقت ۔ ۔ ۔۔ ۔

    ادا بهترين ونڊ لاءِ ٿورا۔
     
  6. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: تلخ حقيقت ۔ ۔ ۔۔ ۔


    بلڪل سائين دنيا ۾ اڃان به اهڙا ماڻهون آهن جن جي ڪري هي دنيا هلي پئي۔۔۔۔۔۔۔

    اسان جي به دعا آهي ته رب اسانکي پنهنجي سڃاڻ جون اکيون عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: تلخ حقيقت ۔ ۔ ۔۔ ۔

    ادا مست بلڪل ايئن ئي آهي ۔ ۔ ۔ پر صرف افسوس ڪرڻ ڪجه به بهتر نه ٿي سگهندو آهي ڪنهن به غلطي يا بري عادت کي ٺيڪ ڪرڻ جي لا سڀ کان پهريان ان کي سمجهڻ ضروري هوندو آهي اميد ته الله اسان گنهگارن کي پنهنجي ضمير سان مقابلو ڪرڻ جي طاقت عطا فرمائي آمين۔




    پيارا ڀا رشيد جيڪڏهن انسان پنهنجي گندي عادتن ۽ گناهن کي پرکڻ شروع ڪري ته انشا الله الله تعالي انکي پنهنجي نفس سان وڙهڻ جي توفيق ڏيندو۔۔ اوهان دوستن ڀائرن جون دعائون گڏ هونديون ته الله پاڪ به راحمين آهي نيٺ ته دعا پوري ڪندو۔۔۔۔ آمين ۔۔۔۔


    ادا طاهر پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تلخ حقيقت ۔ ۔ ۔۔ ۔

    ادا عمران مهرباني

    جنهن کي اوهان تلخ حقيقت ٿا چئو اها سچي حقيقت آهي ۔ اهو سچ آهي پر ان ۾ ڪجه اهڙيون ڳالهيون به آهن جو اسان اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ۔ اها خبر ناهي ته اسان ڪنهن حقيقي سوالي ۽ مجبور کي پيا ڏيون يا ۔۔۔۔۔۔۔ ڇو ته هتي ڪوڙ ڪاهي پيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان حقيقي ماڻهن کي به ٺڳ ۽ فريبي سمجهڻ لڳا آهيون۔۔۔

    دعا آهي ته هي ملڪ ان قابل ٿئي جو اعتبار بحال ٿئي۔۔
     
  9. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تلخ حقيقت ۔ ۔ ۔۔ ۔

    تمام ڪوڙو سچ۔۔۔
    ذبردست۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو