سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

'تعارف' فورم ۾ راحيلا علي طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2010۔

  1. راحيلا علي

    راحيلا علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [justify]سڀ کان پهرين ته پنهنجو تعارف ڪرايان ٿي، منهنجو نالو جيئن توهان مٿي پڙهي آيا هوندا، ته مونکي منهنجا امي ابو راحيلا جي نالي سان سڏيندا آهن ۔ ڇو جو هُنن ئي منهنجو نالو منهنجي اسڪول جي داخلا مهل راحيلا ئي لکرايو هو، ۽ جڏهن مان ڪجهه سمجهه ڀري ٿيس ته مون پنهنجي والدين کان انهي  نالي جي معنى پُڇي ته منهنجي امي مونکي ٻُڌايو ته راحيلا جي معنى آهي راهه ڏيکارڻ وارو مطلب واٽ جو سُونهون، ان کان علاوه منهنجو جنم ڀومي مهراڻ واديءَ جو خوبصورت علائقو ٽنڊو محمدخان آهي، ان شهر کي آئون پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو سمجهان ٿِي ۔اهو به ٻڌائيندي هلان تي مان گُذريل سال کان مسلسل توهان جي سنڌ سلامت جو ڀيرو مهمان جي حيثيت سان ڀريندي رهي آهيان۔ انهي خوبصورت سنڌ سلامت جو ڏس پتو، ٽنڊو محمد خان جي شاعر، محترم نثاراحمد ناز ڏنو، ان کان علاوه مونکي تمام خوشي ان وقت ٿِي جڏهن منهنجي آرگنائيزيشن مومل ڊيولپمينٽ هڪڙو ايڪتا ڏينهن جو پروگرام ڪيو هو، نثار ناز کي ان جي شرڪت جي دعوت پڻ ڏني هُئم جنهن بلڪل پنهنجي خلوص سان اهو پروگرام سنڌ سلامت تي اپ لوڊ ڪيو۔ جيئن ته منهنجي سنڌي ڪمپيوٽر ايتري اپ ٽو دي مارڪ ڪانهي ان هوندي به مان سنڌ امڙ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت واسطي سنڌي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ضرور به ضرور سکي پنهنجون سموريون صلاحيتون سنڌ سلامت تي ونڊ ڪنديس، منهنجي تعليم ايم اي سوشالاجي آهي۔ ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙي عورتن جي تنظيم مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي سرپرست آهيان۔جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان جي غريب سنڌي نياڻين لاءِ ڪمپوٽر سينٽر هلائي رهيا آهيون ۽ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون۔ ان کان علاوه انساني حقن جي لتاڙ خلاف پڻ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۔ مونکي سنڌي شاعري ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري، شيخ اياز مرحوم جي شاعري، اردو ادب ۾ وصي شاهه پنجابي ۾ بابا بلي شاهه جي شاعري تمام گهڻي پسند آهي۔ جڏهن ته نثر ۾ امر جليل به ڏاڍو وڻندو اٿم۔ انشاالله وڌيڪ پنهنجا مضمون توهان سان ضرور شيئر ڪندس تيستائين يا علي مدد سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادي وعليڪم السلام مولا علي مدد۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت کي توهان جهڙن سنڌي سرتين ڀينرن جي ضرورت آهي جيڪي سنڌ سلامت تي ٻين سيڪشنن سان گڏ سنڌي سرتيون سيڪشن کي به آباد رکي سگهن۔۔ اميد ته سنڌ سلامت جو پيغام ٻين تائين به پهچائيندا۔۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادي وعليڪم السلام مولا علي مدد توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار .
     
  4. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ڀلي ڪري آيا ادي اميد ته پاڻ جو سٺو سفر گزرندو ڪجه توهان سکائيجو ڪجه اسان سکائينداسين

    [​IMG]
    ڪجه گلن جا تحفا قبول پون
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    وعليڪم السلام مولا علي مدد۔۔۔۔۔


    ۔ سنڌ سلامت جي پر رونق اڱڻ تي اسان اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا

    [​IMG]
     
  6. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ڀلي ڪري آيا............
     
  7. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    سنڌ سلامت تي ڀليڪار
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادي راحيلا سنڌ سلامت جي خالص سنڌي پليٽ فارم تي توهان کي ڀليڪار۔۔۔
    پنهنجي مڪمل تعارف سان شروعات ڪرڻ تي سرهائي ٿي۔۔۔ توهان سنڌ جي سنڌياڻين جي حقن لاءِ پتوڙي رهيون آهيو ۽ ان لاءِ هڪ خاص آرگنائيزيشن جوڙي آهي۔۔۔ نه صرف ايترو پر سنڌياڻين کي علم سو به ڪمپيوٽر بابت ڏيارڻ تي تمام گهڻو سرهائي ٿي۔۔۔ يقين ڪريو اسان جون سنڌياڻيون انتهائي قابل ۽ محنتي آهن سندن علم سان چاهه به گهڻو آهي۔۔۔ ڪمپيوٽر کي سکي هو دنيا جي علمن کان روشناس ٿينديون۔۔۔ ساڳيو مقصد سنڌ سلامت جو به آهي جتي سنڌياڻين لاءِ هڪ خاص سيڪشن صرف ان ڪري بڻايو ويو آهي ته هتي اسان جون اهي قابل ڀينر اچي پنهنجي وڌيڪ ڀينرن لاءِ مواد سهيڙن۔۔۔ پر افسوس آهي ته سنڌ سلامت تي مهمان يا وري رڪن جي صورت ۾ موجود سنڌياڻين جو تعداد تمام گهٽ آهي۔۔ ان جا ڪئي سبب آهن۔۔۔ جن ۾ معاشرتي رڪاوٽون۔۔۔ ڪمپيوٽر سمجهڻ جي کوٽ۔۔ ۽ سنڌي نه لکي سگهڻ۔۔ پر توهان جي لکائي ڪنهن قابل استاد وانگر لڳي۔۔۔ تمام گهڻي سرهائي ٿي توهان جهڙيون مان واريون سنڌياڻيون جيڪي نه صرف خود ڪمپيوٽر ڄاڻن ٿيون پر وڌيڪ سنڌياڻين کي پڻ راغب ڪري رهيو آهن۔۔۔
    مان سائين نثار ناز جو به ٿورائتو آهيان جن توهان کي سنڌ سلامت بابت آگاهي ڏني۔۔۔ توهان سنڌ سلامت جا سمورا سيڪشن ڏسو جتي کل ڀوڳ ۾ جتي قابل ڪمپيوٽر ڄاڻندڙن لاءِ به مواد آهي ته سيکڙاٽن لاءِ به هتي نون رڪنن کان وٺي قابل ۽ محنتي رڪنن جي پڻ هر وقت موجودگي آهي ۔۔۔ ان ڪري ڪمپيوٽر بابت سموري سکيا هتي پنهنجي مٺڙي ٻولي ۾ موجود آهي ۔۔۔
    توهان کي دعوت ڏجي ٿي ته نه صرف خود سنڌ سلامت تي فعال رهو پر پنهنجي سنڌي شاگردياڻين کي فعال رکي هتان سکيا ڏياريو۔۔۔ توهان جي هر سوال جو جواب تڪڙي انداز سان ڏنو ويندو۔۔۔
    اميد ته ساٿ هر دم سلامت رهندو۔۔۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادي راحيلا اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار

    سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ۾ مشغول سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل ٿي اوهان قومي ٻڌيء جو ثبوت ڏنو آهي۔ سنڌ سلامت پنهنجي طرفان هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي مسئلن ، سنڌ جي ڄاڻ ۽ سنڌيت کي انٽرنيٽ تي عام ڪجي۔

    اوهان جو سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پير پائڻ اسان لاء خوشيء جو سبب بڻيو آهي۔ اوهان اڳ ۾ ئي سنڌ جي نياڻين لاء عملي ڪم ڪري رهيا آهيو جنهن لاء اوهان کيرون لهڻيون. اميد ڪنداسين ته اوهان سنڌ سلامت جي سرتين واري سيڪشن کي نواڻ ڏئي پنهنجي خيالن ۽ پنهنجي ڪوششن سان آباد ڪنديون۔

    سائين نثار ناز جي مهرباني جو پاڻ هر هنڌ هر وقت سنڌ سلامت جي پرچارڪ پيا ڪن۔
     
  10. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادي اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار۔۔۔
    اوهان جهڙيون اديون سنڌ سلامت تي رجسٽرڊ ٿيون آهن، اها اسان جي سنڌ سلامت جي ڪاميابي آهي۔۔
    مهربانيون۔۔۔
     
  11. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادي اوهانکي اسان طرفان ڀليڪار
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    [justify]
    ڀيڻ راحيلا، (راهه ڏيکارڻ واري) اسانجي خوشنصيبي جو سنڌ ۽ سنڌيت جي هن اوطاق تي اسانجي وچ ۾ راهه ڏيکارڻ واري رهنما ڀيڻ اچي پهتي آهي ۔۔۔ چوندا آهن ته نالي جو اثر انسان جي شخصيت تي ضرور ٿيندو آهي، انڪري اوهانجو سنڌ جي نياڻين لا پاڻ پتوڙڻ مان محسوس ٿيو ته اوهانتي به نالي جو اثر ٿيو آهي ۔۔۔ هون ته سنڌ جو هر نوجوان چاهي مذڪر هجي يا مونث موجوده پاڪستان جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جت نت نون طريقن سان سنڌين کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۔۔۔ ان اونداهي واري دور ۾ سنڌ جي نياڻين لا ڪم ڪرڻ پڻ طوفان ۾ لالٽين ٻارڻ جي برابر آهي ۔۔۔ ان لا اوهانکي لک شاباسون هجن ۔۔۔

    ٽنڊي مٍحمد خان جا ماڻهون سهڻا، ڏاها ۽ سنڌ دوست آهن جنهنجو مثال آهي اسانجو پيارو دوست نثار ناز ۔۔۔ سنڌ لا محبت ۽ سنڌ جي ڏتڙيل عورت جي هڏ ڏوکي هجڻ واري فطرت سان نروار آهي ۔۔۔ اڄ اوهانکي پنهنجي وچ ۾ ڏسي همٿ ۽ سگهه ۾ واڌارو محسوس ٿئي ٿو ۔۔۔

    اميد ته اوهان اسانجي هن اوطاق تي ڀيرو ڪندا رهندا ۽ سنڌ جي نياڻين واري ڌاڳي ۾ پنهنجي ڏاهپ سان سنڌيت جي پرچار ۽ ترقي واري عمل ۾ ساٿ نڀائيندا ۔۔۔

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
     
  13. راحيلا علي

    راحيلا علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادا مست صرف عورتن وارو سيڪشن ڇو؟ اسان سنڌي ڀيڻن جو سنڌ سلامت جي سڀني سيڪشنن تي ايترو ئي حق آهي جيترو توهان سنڌي ڀائرن جو ۔ ادا توهان جون مهربانيون جو مون ڀيڻ کي توهان خلوص سان ڀليڪار چئي۔
     
  14. راحيلا علي

    راحيلا علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادا رياض توهان جون مهربانيون ۔
     
  15. راحيلا علي

    راحيلا علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادا محمد رمضان منڌرا توهان جا احسان جو توهان سنڌي ڀا جي حيثيت سان مون ڀيڻ کي گُلدستا ارپيا، ادا اهي گُلدستا توهان جا مون تي قرض رهيا جيئن ته شهيدن جي ڏيهاڙا هلن پيا، آئون به ان ڪري پوري ڪائنات شهيدن جي ڏُک ۾ شامل آهي انشاالله جڏهن عاشور وارا ڏينهن مڪمل ٿي ويندا آئون به توهان کي گُلدستا ضرور اماڻينديس۔ يا علي مدد۔
     
  16. راحيلا علي

    راحيلا علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادا علي علي هڪ ڀيرو توهان کي منهنجي طرفان ٻيهر ياعلي مدد، ڀا ڇو توهان منهنجي ڀليڪار انگريزي واري تصوير ويلڪم موڪلي ڪئي آهي، ڇو ڀلا پنهنجي مٺي سنڌي ٻولي ۾ ڀليڪار نه لکي سگهيا، مهرباني ڪري آئنده اسان ڀيڻن کي سنڌي ۾ ڀليڪار چوندا ڪريو ته جيئن اسان ڀينرون توهان ڀائرن جي وڏي عمرن جون دعائون ڪري توهان کي ڀلايون جو جواب ڏيو۔ مولا توهان کي خوش رکي آمين
     
  17. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    مهرباني ادي
     
  18. عبدالحڪيم راڄڙ

    عبدالحڪيم راڄڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    238
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Sachal Goth, Karachi
    جواب: سنڌ سلامت جي ساري سٿ کي السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد

    ادي راحيلا اسلام عليه ڪم مولي علي مدد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان کي ڀليڪار چوان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ٿو۔۔۔۔۔
    http://i54.tinypic.com/dxcnf9.gif
    شال سدائين توهان ائين سنڌي قوم جي نياڻين جي خدمت ڪنديو رهو،،،،،،،،،،،،،
    مولي توهان جي ان نيڪ ڪم ۾ اوهان جي رهنمائي فرمائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو