هين ۽ 20 هين گريڊ جي آفيسرن جي ترقي جي جائزي لاءِ سڀاڻي اجلاس طلب

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هين ۽ 20 هين گريڊ جي آفيسرن جي ترقي جي جائزي لاءِ سڀاڻي اجلاس طلب Print E-mail

    اسلام آباد(آن لائن) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سينٽرل سليڪشن بورڊ جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس 31 ڊسمبر تي ٿيندو، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) راڻا ڀڳوانداس جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ 19 هين ۽ 20 هين گريڊ جي آفيسرن جي ترقي جي حوالي سان معاملا غور هيٺ ايندا، بورڊ جي اجلاس ۾ پوليس سروس جي 15 آفيسرن سميت 50 آفيسرن جي گريڊ 20 هين ۾ ترقي جا معاملا اڪلايا ويندا، سپريم ڪورٽ پاران وزيراعظم پاران 54 آفيسرن جي گريڊ 22 ۾ ترقي رد ٿيڻ بعد هي اجلاس گهرايو ويو آهي، اجلاس ۾ آفيسرن جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ ۽ اعليٰ انتظامي ڪورسن جي بنياد تي آفيسرن جي ترقي جو فيصلو ڪيو ويندو، ڪميٽي جي اجلاس جي انهيءَ ڪري به وڏي اهميت آهي، جو ان ۾ ڪيترن ئي آفيسرن جون ترقيون غور هيـٺ اينديون.

    وزيراعظم جي تبديلي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، سياسي قيادت کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا:وفاقي ڪابينا Print E-mail

    اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ سميت سموري سياسي قيادت کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ رپورٽ ڪجهه ڏينهن اندر پڌري ڪبي، وزيراعظم جي تبديلي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي جڏهن ته وفاقي ڪابينا ريلوي، پيپڪو ۽ اسٽيل ملز جو بنيادي ڍانچو تبديل ڪرڻ جي لاءِ 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ خوراڪ زراعت، پرڏيهي، صحت، هائوسنگ، صنعتن ۽ پيداوار واري وزارتن جي گذريل فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم سمورين وزارتن کي هدايت ڪئي ته جن به پرڏيهي ملڪن سان جيڪي به ايم او يوز صحيح ڪيا ويا آهن انهن تي وقت اندر عملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن انهن جو عوام کي فائدو پهچي سگهي. جڏهن ته وزيراعظم ڪابينا کي اها به هدايت ڪئي ته ريلوي، پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پيپڪو جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ لاءِ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي ت
    Read more...http://www.rahinews.com/sindhi-news

    حڪومت جي تبديلي جون ڳالهيون ڪندڙ عوام ۽ جمهوريت جا دشمن آهن:شرميلا Print E-mail

    ڪراچي (بيورو رپورٽ): سُڌ سماءَ بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار شرميلا فاروقي چيو آهي ته حڪومت جي تبديليءَ جون ڳالهيون ڪندڙ ۽ افواهن جي بازار گرم ڪندڙ جمهوريت ۽ عوام جا دشمن آهن ۽ اُهي پنهنجي غلط مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ويندا ۽ موجوده جمهوري حڪومت عوام جي سهڪار سان پنهنجو مدو پورو ڪندي اهي ڳالهيون هن پنهنجي آفيس ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان آيل پ پ ڪارڪنن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيون.صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي چيو ته حڪومت جي تبديليءَ جا افواهه اهي عنصر پکيڙي رهيا آهن جن کي عوام رد ڪري ڇڏيو هو
    Read more...
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هين ۽ 20 هين گريڊ جي آفيسرن جي ترقي جي جائزي لاءِ سڀاڻي اجلاس طلب

    ادا انهن آفيسرن ۾ سنڌي ڪيترا آهن؟
    اهو ڪم قمبراڻي کان وٺي سگهجي ٿو!
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هين ۽ 20 هين گريڊ جي آفيسرن جي ترقي جي جائزي لاءِ سڀاڻي اجلاس طلب

    ادا 2 کان 3 هوندا ٻيو ڇا .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو