”انقلابي شاعري“ مايوس ڪٿي ٿيو آهيان، بس راز لڪايان ٿو، آ دور سجاڳي جو، سمهندي به ڪنايان ٿو. هي ڪنهن به ڏني آهي، پر گهر کي لڳي آهي، لڙڪن جي ڦڻنگن سان، مان باهه وسايان ٿو. مَن ڀڀڙ پوي ڀڙڪي، اوندهه نه رهي جڳ ۾، مان ڇار ڇنڊي ڇَڄَ سان، ٽانڊن کي گڏايان ٿو. مَن هٿ جي اشاري تي، مسرور هو يان يان ڪَن مان گونگن ٻوڙن کي، هي شعر ٻُڌايان ٿو.
ادا مخدومي يار اوهان جا لکين قرب جو اوهان محترم مسرور پنائي جي انقلابي شاعري هتي شيئر ڪئي۔ تمام پياري شيئرنگ ادا۔۔۔۔۔۔
اسلام عليڪم ادا زاهد ادا تمام بهترين شاعري آهي سائين مسرور پنائي جي پر ادا ڏيو ته خبر اڄ ڪلهه ڀلا شاعري جي ڪڍ باه ٻاري ڇڏي اٿئو خير ته آهي نه مٺا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا مخدومي زاهد الجميي تمام بهترين شاعري لکي اٿئو۔ asul matt lajwab-sharing hall chari hatt-pare shal judy hujeen suhnan saan khil sahi sindhsalamatsaathsal
يار فقير ڳاله ته مونکي به سمجهه ۾ نه ٿي اچي ڪجي ته آخر ڇا ڪجي۔ مٺا ڪا ڳالهه ضرور آهي لڳي ٿو اسان واري الجميلي کي عشق ٿي ويو آهي۔
فقير سائين اوهان جي مهرباني جو اوهان سائين مسرور پنائي جي شاعري کي پسند ڪيو، سائين مسرور پنائي جي شاعري کي مان تمام گهڻو شوق سان پڙهندو آهيان۔۔۔۔ مسرور پنائي جي شاعري مونکي تقريبا استاد بخاري جي شاعري سان ملندڙ جلندڙ لڳندي آهي۔۔۔۔ باقي شاعري جي پويان باهه ان ڪري ٻاري ڏني اٿم جو مون کي ٿورڙو عشق لڳي ويو آهي۔۔۔ عشق جو مطلب توهان سمجهي ويا هوندا۔۔۔۔۔ هي فقيري رنگ آهي۔۔
ادا وهاب اوهان کي ڳالهه سمجهه ايندي پر ٿورڙو دير سان جيستائين اوهان فقير ڦلپوٽي کان فيض حاصل نه ڪندو تيستائين اوهان جي عقل کي مات هوندي۔۔۔ هي فقيري ڳالهيون صرف فقير ئي ڄاڻن۔۔۔۔۔۔۔
الجميلي اسان کي به ته خبر پوي ته ڦلپوٽي فقير وٽ ڪهڙو فيض آهي، اسان به فقيري راز ڄاڻڻ چاهيون ٿاshal judy hujeen