ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ اهم ميچ ۾ اڄ ڪولمبو ۾ پاڪستان ڪئناڊا جي ڪمزور ٽيم اڳيان پهريان بئٽنگ ڪندي 184 رنسن تي ڍير ٿي وئي۔ ڪرڪيٽ جا ماهر اها اميد رکيو ويٺا هئا ته اڄ ٻيهر اپسيٽ ٿيندو ۽ پاڪستان کي شڪست ملندي۔

    پاڪستاني ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي بهترين بالنگ ذريعي پاڪستان کي ٻيهر ڪاميابي ڏياري ۽ ڪئناڊا جي پوري ٽيم 138 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ ڪپتان شاهد آفريدي هڪ دفعو ٻيهر ميچ ۾ 5 وڪيٽون ورتيون ۽ هن وقت هو ٽن مئچن ۾ 14 وڪيٽون وٺي ٽورنامينٽ جو ٽاپ بالر آهي۔ جيتوڻيڪ آفريدي جي بئٽنگ تي گهڻي تنقيد ٿي آهي پر هن بالنگ ذريعي ناقدين جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن
    [/JUSTIFY]


    اڄوڪي ميچ جو هيرو پاڪستاني ڪپتان شاهد خان آفريدي

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو

    هن ورلڊ ڪپ ۾ جتي انڊيا 338 ۽ انگلينڊ 327 رنس ٺاهي به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي۔ اتي اڄوڪي ميچ ۾ پاڪستان اهو ثابت ڪيو آهي ته ننڍڙي اسڪور جو دفاع ڪيئن ڪبو آهي، ماهرن کي پهرين ئي اها اُميد هئي ڇو ته پاڪستان جي بالنگ اٽيڪ کي دنيا جو مضبوط بالنگ اٽيڪ ان ڪري ئي چيو وڃي ٿو جو هو ڪنهن مهل به راند جو پاسو مٽائي سگهن ٿا۔۔ سلام آهي لالا شاهد آفريدي کي جنهن هن ورلڊ ڪپ ۾‌ڪپتانيءَ‌جو فرض سٺي نموني نڀايو آهي
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو

    آفريدي هن ميچ ۾ 23 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون۔۔۔ ان طرح ورلڊ ڪپ ۾ سندس وڪيٽن جو تعداد 14 ٿي ويو ۔۔۔ ان طرح اڃان تائين آفريدي بالرس ۾ ٽاپ تي آهي۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=mDtGp3a1oMc
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو

    ادا سليمان اميد ته پاڪستان جي هر ميچ جو اوهان اهڙو خوشخبري وارو موضوع موڪليندا رهندا
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو

    ادا سليمان اسلام عليڪم۔پاڪستان ٽيم جو اهو رڪارڊ رهيو آهي ته وڏي اسڪور تي هرائي به سگهي ٿي ۽ ننڍي اسڪور تي کٽي سگهي ٿي۔پاڪستاني ٽيم سان هر پاڪستاني جون دعائون هونديون آهن۔جيڪڏهن توهان ڪينڊا جي ٽيم تي نظر وجهندا ته معلوم ٿيندو ته اها هن ورلڊ ڪپ جي ڪمزور ۾ ڪمزور ٽيم آهي۔ان جي بالرن جي هٿان پاڪستان جي بهترين بيٽنگ سائيڊ جو 200 کان به گهٽ اسڪور ڪرڻ يا پنجاه آور ڪمپليٽ نه کيڏڻ ۽ آڳ ۾ ئي آوٽ ٿيڻ لمحه فڪر آهي۔اڃان ته مضبوط ٽيمون سان آسانجي ٽيم کي ميچون کڏڻيون آهن۔جن وٽ دنيا جا بهترين بالر ۽ بيٽسمن آهن۔آڄ جهڙيطرح ڪينڊا جا آوپنر کيڏي رهيا هئا جيڪڏنهن ٿوري دير هو وڌيڪ پيچ تي رهن هان ته ميچ جو فيصلو شايد مختلف هجي هان۔الله سائين جا لک احسان آهن جو پاڪستان هيئ ميچ کٽي ۔نه ته ايندڙ ميچن ۾ پاڪستاني ٽيم انڊر پريشر هجي هان۔هي اسان جو نماڻو تجزيو آهي ۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو

    ادا واحد هڪ اهم نڪتي طرف اشارو ڪيو آهي۔۔۔ واقعي به جيڪڏهن ٽيم اهڙي طرح کيڏي ته ايندڙ اهم ميچز ۾ فرق واضح نظر اچي سگهي ٿو۔۔۔ بحرحال دوستن جي فرمائش تي هن ميچ جون مڪمل جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=G1bVNaXJpr8
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو

    مهرباني ادا
    هڪ وقت ۾ ته بلڪل ايئن پئي لڳو ته پاڪستان هن ميچ ته هٿ ڌوئي ويٺو پر قوم جي دعائن کانپو آفريدي جي بالنگ ميچ کي هڪ نئون موڙ ڏنو۔۔ جنهن سان فتح پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي حوالي ٿي۔۔۔۔

    دوستن کي دعا جي اپيل آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔




     

هن صفحي کي مشهور ڪريو