ڌنڌلي تصويرن کي بهتر بڻايو

'فوٽو شاپ' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2011۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    السلام عليڪم!
    دوستؤ! ڪنهن به فوٽوءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ هونئن ته اسان Image جي مينيو ۾ وڃي، Adjustments ۾ اچي، Levels (Ctrl+L جي شارٽ ڪٽ ڪي) جي ذريعي تصويرن کي صاف ڪندا آهيون يا وري Curves (Ctrl+M جي شارٽ ڪٽ ڪي) ۾ وڃي تصويرن جا رنگ تبديل ڪندا آهيون. اڄ آئون اوهان کي اوهان کي تصويرن جي صفائيءَ جا ٻه طريقا بيان ڪندس، جيڪي شايد اوهان لاءِ نوان هجن.

    طريقو 1
    سڀ کان پهريائين اوهان ڪو به اميج کوليو. پوءِ Image جي مينيو ۾ وڃي Apply Image کي سليڪٽ ڪريو. نموني خاطر هيءَ تصوير ڏسو:

    [​IMG]


    هاڻي اوهان Blending جي سب مينيو کي سليڪٽ ڪري Multiply کي تبديل ڪري Screen کي سليڪٽ ڪري OK ڪندا. اوهان ڏسندا ته اوهان جو اميج قدري حال بهتر پوزيشن ۾ آيل هوندو. تصوير ڏسو:

    [​IMG]


    پر جيڪڏهن اڃا به اوهان جي تصوير ڪليئر نه ٿي هجي ته اوهان ٻيو ڀيرو ساڳيو عمل ورجائي سگهو ٿا.

    طريقو-2​

    ڪا به اُها تصوير کڻو، جنهن کي اوهان واضح ڪرڻ گهرو ٿا. هاڻي اوهان Filter جي مينيو ۾ اچو، ان کان پوءِ Blur جي سب مينيو ۾ اچي Gaussian Blur کي سليڪٽ ڪريو. وضاحت لاءِ هيءَ تصوير ڏسو:

    [​IMG]

    هاڻي اوهان Radius ۾ اچي اُتي ڏنل پگزل وڌايو. مثال طور 15 يا 20 يا 25 رکي OK ڪريو. اوهان ڏسندا ته اوهان جو Radius جا پگزل وڌائڻ سان اوهان جي تصوير ايتري قدر ڌنڌلي ٿي چڪي هوندي، جو اوهان کي سڃاڻڻ ۾ به نه ايندي. اوهان پريشان بالڪل نه ٿيو. هاڻي اوهان Edit جي مينيو ۾ اچو ۽ Fade Gaussian Blur کي سليڪٽ ڪريو. نموني خاطر تصوير ڏسو:

    [​IMG]

    هاڻي اوهان Mode جي سب مينيو ۾ اچي Normal جي جاءِ تي Screen کي سليڪٽ ڪندا. هي اسڪرين شاٽ ڏسو:

    [​IMG]

    اهو عمل ورجائڻ ‌سان اوهان جي تصوير جو نمونو هن طرح نظر ايندو:

    [​IMG]
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڌنڌلي تصويرن کي بهتر بڻايو

    سائين تمام خوبصورت سمجهاڻي سان اوهان سمجهايو آهي الله تعالى توهان جي علم ۾ مزيد اضافو فرمائي شال سدائين شاد هجو.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڌنڌلي تصويرن کي بهتر بڻايو

    سائين ابو واصف مهربانيون

    اوهان تمام سهڻي نموني ۽ آسان طريقي سان سمجهائي اسان جهڙن سيکڙاٽن لاء آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي۔ اميد ته اوهان هن سلسلي کي جاري رکندا ۽ اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڌنڌلي تصويرن کي بهتر بڻايو

    سر۔۔تمام گهڻي مهرباني هي مشقون منهنجون ٿيل آهن۔۔يقينن هن ونڊ مان دوستن کي فائدو ضرور ٿيندو۔۔۽ سائين اهڙيون ٽپ وقت سان شيئر ڪندا رهندا ته سائين جن جي مهرباني ٿيندي۔
     
  5. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: ڌنڌلي تصويرن کي بهتر بڻايو

    واه ادا زبردست ڪم صفا آسان ٿي ويو۔بهترين شيئرنگ
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڌنڌلي تصويرن کي بهتر بڻايو

    سائين تمام خوبصورت سمجهاڻي ڏيڻ جي مهرباني
    سٺو ونڊ آهي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    واھ سائين توھان ته ڪافي مشڪلات حل ڪري ڇڏي اميد ته اھڙي رھنمائي ڪندا رھندا.
     
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا اوهانجي مهرباني لک لائق
     
  9. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه سائين زبردست
    هاڻي مان توهان کي فوٽو شاپ سيکاريندس دوستو
    پر ٽائيم ناهي پو به ڪجھ ته سيکاريندس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو