ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي
    هر روز ظلم جي نئين داستان آهي
    هتي جيئڻ کان مرڻ آسان آهي
    زنده لاشن جو قبرستان آهي
    هي اسانجو پاڪستان آهي
    جيڪو چور آهي سو زور آهي
    ڪانءُ چوي ٿو هو مور آهي
    بربريت ۽ ظلم جو دور آهي
    جيئڻ کان مرڻ وڌيڪ آسان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    هر مقام تي ٿئي ٿي ناانصافي
    ڪري ناانصافي گهرن ٿا معافي
    گهُري معافي ظلم ڪن اضافي
    ستايل هن جو سنڌ بلوچستان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    هرهڪ ادارو برباد آهي
    پُڇُ ته ڄڻ ڪو مسلو ناهي
    ڳجهه ٿي پئي مردار کائي
    هر چور حڪمران آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    گهر کان نڪرون ٿا چئي الله بچائي
    اوپرو ڪري سلام ته دل گهٻرائي
    چُپ چڱي ڪير نه ڪنهن کي سمجهائي
    هتي مسلمان جو قاتل مسلمان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    بچڻ جي ڪهڙي ڪجي اميد
    قتل کي قاتل سمجهي عيد
    انسانيت رُڃ، نفرت شديد
    ٻڪري جو شينهن پاسبان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    قبر کوٽي انسان کي ٿو کائي انسان
    اهڙو ڪم نه ڪيو ڪو ڪنهن حيوان
    ڏسي اسان کي ڀڳو توبه ڪري شيطان
    پوءِ به چوي پڪو اصلي مسلمان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي

    ان گُلستان جو ڇا حال هوندو
    اتي ٻوٽو ڪيئن جوان ٿيندو
    گل ڦٽڻ کان پهريان پٽجي ويندو
    هتي باغ جو دشمن باغبان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    قاتل کي ندامت نه شرم آهي
    ماڻهون مارڻ به ڪو جرم آهي
    نه خدا و رسول جو ڪو ڀرم آهي
    سڌو سادو هتي پريشان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    وڏيرو سردار چوڌري ۽ خان
    وس کان وڏا ظالم سي آهن
    هر روز ظلم پيا ٿا وڌائن
    سچ چوڻ وارو نادان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    ڏاڍي کي ڪير نه ٿو سمجهائي
    ان لاءِ نور ٿو پيو مور سڏائي
    هر ڪو هن جي ها ۾ ٿو ها ملائي
    گدڙ شينهن ، اسانجو اعلان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    ڪمززور هر روز ڪمزور آهي
    زوراور هر روز زور آهي
    جيڪو چوڪيدار سو چور آهي
    انسانيت تي ترس کاڌو حيوان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    خودڪشي ۽ خود سوزي عام آهي
    عفت فروش و گرده فروش جام آهي
    حڪمرانن جي رنگين صبح و شام آهي
    دنيا ۾ ٻني هي اسان جي پهچان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    روئي هتڙي ڪهڙا سور روئجن
    ڏاڏل سمجهو سڀ ڪجه ٿا سمجهن
    اچو ٻوڙن کي هي ٻول ٻڌائجن
    ڪنن وارو ته پهريان پريشان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي

     
  2. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    ادا ڏاڏل تمام بهترين
    مخصوصا هي سٽ انتهائي خوبصورت

    هر مقام تي ٿئي ٿي ناانصافي
    ڪري ناانصافي گهرن ٿا معافي
    گهُري معافي ظلم ڪن اضافي
    ستايل هن جو سنڌ بلوچستان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي

    سائين سدا آباد رهو
    وسندا رهو
    کلندا رهو
    ۽ مهڪندا رهو آمين
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    سائين هي اسان جي ملڪ جي حقيقت آهي جنهن ملڪ ۾ اسان رهون ٿا ان ۾ اسان ننڍن صوبن سان اهي زيادتيون ٿين ٿيون
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    بهترين سائين
     
  5. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    ڪمززور هر روز ڪمزور آهي
    زوراور هر روز زور آهي
    جيڪو چوڪيدار سو چور آهي
    انسانيت تي ترس کاڌو حيوان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
    تمام بهترين ادا ڏاڏل
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني
    وسلام
     
  7. مظهر شاه

    مظهر شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    ادا ڏکن پٺيان سک ايندا ادا الله پاڪ ۾ اميد آهي
     
  8. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    ادا ڏاڏل حقيقت وارا خيال تمام بهترين

    روئي هتڙي ڪهڙا سور روئجن

    ڏاڏل سمجهو سڀ ڪجه ٿا سمجهن
    اچو ٻوڙن کي هي ٻول ٻڌائجن
    ڪنن وارو ته پهريان پريشان آهي
    هي اسان جو پاڪستان آهي
     
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  10. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    واه ادا واه تمام بهترين آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    سائين پسند ڪرڻجي مهرباني
     
  12. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    ادا ڏاڏل صاحب توهانجي شاعري ۾ بلڪل صداقت آهي اهيا حقيقت جنهن ملڪ کي اسلامي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو پر ان هر شئي جي هتي ابتڙ آهي ڪجه هي سيٽون توهانجون مونکي تمام گهڻيون دل سا لڳيون
    قبر کوٽي انسان کي ٿو کائي انسان
    اهڙو ڪم نه ڪيو ڪو ڪنهن حيوان
    ڏسي اسان کي ڀڳو توبه ڪري شيطان
    پوءِ به چوي پڪو اصلي مسلمان آهي
     
  13. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني
    وسلام
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    هيءَ تصوير آهي پاڪستان جي،

    ڳالهائڻ لاءِ ته گهڻو ئي ڳالهائجي پر ڏاڏل جي ڇڪيل تصوير ئي ڪافي آهي ۔۔۔۔ ٿورن لفظن ۾ گهڻا داستان بيان ٿيل آهن

    آءُ صرف اهو چوندس ته؛

    ٻاهر ٻولي هنج جي اندر ڪارو ڪانءُ
    اهڙو ٺلهو ٿانءُ ڀنڃي ڇونه ڀورا ڪجي۔

    ٻي سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني ۔۔۔

    مٿي چيل ٻنهي ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو، ڪوڙ کي ختم ڪرڻو هجي ته انجي پاڙ پٽڻ ضروري هوندو آهي، ٻي صورت ۾ ڪوڙ ايترو زورآور ٿي ويندو آهي جو سچ جا پانڌيئڙا هر روز مرندا ۽ شهيد ٿيندا ۔۔۔۔ جي جسماني نه مرندا ته روحاني مرڻ يقيني آهي ۔۔۔

    سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ۔۔۔

    ڏاڏل جي اندر جو آواز اسانجو به آهي ۔۔۔
     
  15. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    سائين مهرباني جو اوهان اسنا جي آواز کي پنه جي آواز سان تشبيح ڏني وس آهر هر ڪو جي ظلم جي خلاف بغاوت ڪري ته شايد ڪو ٻوٽو ٻري پوي ۔
    وسلام
     
  16. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    سائين مهرباني جو اوهان اسنا جي آواز کي پنه جي آواز سان تشبيح ڏني وس آهر هر ڪو جي ظلم جي خلاف بغاوت ڪري ته شايد ڪو ٻوٽو ٻري پوي ۔
    وسلام
     
  17. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    واه ادا واه تمام بهترين ڏاڏل سائين مولا اوهان کي خوش رکي آمين
     
  18. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي

    سائين علي علي صاحب اوهان جا لک ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو