تنوير عباسي لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]دوستو سلام

    شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪندي سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن جي لازوال شاعري پڙهڻ لاء ملندي رهي آهي۔ اڄ مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسيء جي ڪتاب ”ساجن سونهن سُرت“ پڙهندي هيء شاعري وڻي جيڪا سوچيم ته سهڻي ڊزائن ۾ آڻيان، پر ڪوششن باوجود من پسند رنگ ڏئي نه سگهيس۔پوء به حال پريان نال ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔[/JUSTIFY]

    لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي،
    پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    نهاري ۽ نظرن کي ڦيري ڇڏيئي،
    ٻنهي جي انهيء ۾ چڱائي هئي۔

    هئا وار، چَپ، ڳل سڀ هڪ طرف،
    طرف ٻئي غزل گيت وائي هئي۔


    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    تنوير عباسي جي واردات آهي،
    جذبن جو بي اختيار اظهار آهي۔

    ننڍڙي لاءِ هڪ گيت لاڙڪاڻي جي هوٽلن تي هلندو هو جيڪو ايترا دفعا ٻڌو جو اصل ذهن نشين ٿي ويو هو ته ” جب پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا، پيار ڪيا ڪوئي چوري نهي ڪي، ڇپ ڇپ آهين ڀرنا ڪيا“ سو ادا نه لڪائڻ جي گنجائش نه ڊڄڻ جي، سڀ جا تجربا مختلف

    اوهانجي چترڪاري به موهيندڙ آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    سائين نثار مهرباني

    تنوير عباسي کي سنڌيء جو وليم ورڊس ورٿ به سڏيو ويندو آهي
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    جڏهن هي ڊزائين توهان طرفان فيس بوڪ تي به لڳل ڏٺم جتي رايا به ڪافي تعداد ۾ مليا۔۔۔ ته سوچيم تنوير عباسي جي سموري شاعري ڪيڏي نه گهرائي واري آهي۔۔۔ سمجهڻ شروع ڪري ته ڪنهن وقت اکين اکين ۾ تصور ويهاريندي ڪو اوچو غوطو کائي ڏور هليو وڃجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    پوءِ جڏهن انهي غوطي مان واپسي ٿي ته سوچيم ڀلا سموري سوني ڪتاب منجهان ادا سليمان طرفان صرف هي سٽون ڇو چونڊيون ويون۔۔۔
    پر دير نه لڳي جڏهن سائين نثار راز فاش ڪري وڌو۔۔۔
    ” جب پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا، پيار ڪيا ڪوئي چوري نهي ڪي، ڇپ ڇپ آهين ڀرنا ڪيا“​
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    واه واه واه واه

    ڇا ته ڊزائين ۾ سمايل شاعري آهي

    لاجواب
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    سائين باقي مايون الائي ڪٿان ڳولي ٿا آڻيو ويچاري شاعر بيشڪ اهڙيون نينگريون ڪڏهن قيامت ۾ به ڏسڻ جو نه سوچيو هوندو ۔
    واو سائين وسان صاحب واه ۔ الائي ڪنهنجي دل ٺري پئي
    وسلام
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    مهرباني سائين

    سچ ته ڪتاب اپلود ڪندي انهن جا ڪجهه حوالا پڙهڻا پيا ۽ ڪتاب ڪيڏو ٺاڻ وارا ۽ دلچسپي وارا آهن اهو ڪتاب پڙهڻ وقت خبر پوي ٿي ۔۔۔۔۔ عشق جي خبر ته عاشقن کي هوندي ۔۔۔۔۔۔ باقي راز ته راز ئي هوندا آهن۔

    تنوير جا ڪتاب ۽ تنوير جي شاعري به لاجواب آهي
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    مطلب ته راز فاش پيو ڪري سائين نثار ، اهو به مڪي ۾ ويهي ۽ هتي لوڪل فقيرن ۽ جادوگرن کي خبر ئي ناهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    شاعري ان ساڳي ڪتاب جي جڏهن پڙهڻ ويٺس ته هر بند ٻئي کان سٺو پئي لڳو ۽ پڙهندي پڙهندي اڌ ڪتاب پڙهي ويس۔۔۔۔۔۔۔ پوء ويهي هي ڊزائن ڪيم

    اهو به سٺو جو اوهان غوطو ڊگهو نه هنيو نه ته اڃان الائي ڪهڙا خواب ڏسو ها
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    بلڪل صحيح پيا چئو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعري بهترين آهي ۔۔۔۔۔۔ اسان ته بس ان کي رنگ ڏنا آهن باقي غضب جي شاعري ڪيل آهي۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    يار ڏاڏل دل ته گهڻن جي ٺري هوندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي يار ڪمپيوٽر تي خوبصورت ماين جو انتخاب ڪرڻ بلڪل آسان ٿي ويو آهي۔ گوگل تي وڃو ۽ سرچ ڪيو ته انيڪ تصويرون سامهون۔۔۔
     
  11. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    واھ ڇا ته شاعري آهي...تمام بهترين چونڊ سان گڏ اوهان جي چترڪاري.
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي، پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟

    مهرباني عاشق

    بلڪل سچ ٿا چئو غضب جي شاعري آهي ۔۔۔۔۔۔۔

    مرحوم ڊاڪٽر تنوير سنڌي شاعريء جو هڪ وڏو نالو رهيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو