تاج جويو - سنڌي ادب جو جاکوڙي ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [justify]سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاعر تاج جويي جو پورو نالو، تاج محمد ولد حاجي جويو آهي. هن 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلقي سڪرنڊ (هاڻي دولتپور) ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’پير ڪولاچيءَ‘ ۾ جنم ورتو. پهريون ڪلاس گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن (تعلقي ڪوٽڙي، اڳوڻي ضلعي دادو) مان پاس ڪري، باقي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ’پير شاهنواز‘ (پير ڪولاچيءَ) مان حاصل ڪيائين. ڇهين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين ڊي سي (ناز باغ) هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ پڙهيو، جتان مڊل اسٽئنڊرڊ جو امتحان موري سينٽر تي ڏنائين ۽ ضلعي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اسڪالرشپ کٽيائين. مئٽرڪ جو امتحان وري اباڻي شهر سن (تعلقي ڪوٽڙيءَ) مان 1970ع ۾، ڪوٽڙي سينٽر تان ڏنائين.

    هن جو ارادو ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو، پر مائٽ غريب هئڻ ڪري سندس خرچ ڀري نه سگهيا، ۽ هن 1971ع ۾ سڪرنڊ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾، اسڪالرشپ وارن پئسن مان، ايس. وي (سينيئر ورنيڪيولر) جي ٽريننگ حاصل ڪري، فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. بي. اي گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان ۽ ايم. اي (سنڌي) خانگي طرح سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ پاس ڪري، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران چانسلر ۽ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ خانگي طرح اديب سنڌي، عالم ۽ فاضل ۾ پڻ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشنون حاصل ڪيائين.

    تاج جويو 22 آڪٽوبر 1972ع کان پرائمري استاد طور پرائمري اسڪول طيب لاکي، تعلقي سڪرنڊ ۾ مقرر ٿيو. مختلف اسڪولن (الهه بخش مري، امام بخش مري، مجيد ڪيرئي ۽ مشائخ مڊل اسڪولن) ۾ پڙهائڻ بعد، ڪجهه عرصو گورنمينٽ اڳوڻي ڊي. سي هاءِ اسڪول ۽ هاڻي ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور پڙهايائين ۽ هڪ سال ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول سوسائٽي نوابشاهه (خانگي) ۾ 16 گريڊ ۾ استاد طور پڻ پڙهايائين ۽ ان اسڪول جي باني استادن مان آهي. تاج جويو 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ جنوري 1984ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج مٺيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. اتان 1986ع ۾ گورنمينٽ سائنس ڪاليج سڪرنڊ، ان بعد 1988ع کان گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي ۽ بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ليڪچرر ٿي رهيو. 1996ع جي آگسٽ مهيني ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سندس ترقي ٿي ۽ سيپٽمبر 1997ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پنج سال سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ ٽن چيئرمنن- حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي سان گڏ ڪم ڪيائين. سندس چواڻي: کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا سان گڏ ٻوليءَ جي خدمت جي ڪم ڪرڻ جو فخر حاصل آهي. ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي سان ڇهه مهينا ڪم ڪرڻ بعد واپس گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور درس تدريس ۾ مشغول رهيو ۽ تازو ڊاڪٽر فهميده حسين جي دور ۾ کيس ٻيو ڀيرو 10 نومبر 2008ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. عجيب اتفاق آهي ته سندس رُڪيل پروموشن وري به اٿارٽيءَ جي دور ۾ 13 نومبر 2008ع کان ٿيو ۽ هن وقت هو ائسوسيئيٽ پروفيسر آهي ۽ ڊيپوٽيشن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري جون BPS-19 ۾ ذميواريون سنڀالي رهيو آهي.

    تاج جويي جو نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾، پر سنڌي نثري ادب، تنقيد، لطيفيات ۽ سنڌ جي تاريخ جي ميدان ۾ به ڪافي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ٿيل آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ (اياز گل سان گڏ) 1978ع ۾ ڇپيو، جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، سال جو شاعريءَ جو بهترين ڪتاب قرار ڏيندي، انعام ڏنو. ان کان پوءِ سندس ڇپيل ڪتابن (طبعزاد ۽ ترتيب) جو تفصيل هن ريت آهي:

    (1) ’دنيا جون انقلابي عورتون‘ (ترجمو)
    (2) ’سنڌي گيت‘ (ايم. اي سنڌيءَ جو مونو گراف: 1978ع)
    (3) ’قوم چوي ٿي ٻول‘، (استاد بخاري: شخصيت ۽ شاعري)
    (4) ’نيڻ مهٽي خيال جاڳيا‘ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس-1)
    (5) ”باهيون بيراڳين جون‘ (ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اڀياس)
    (6) ’تلسين جي سرهاڻ‘ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس- ii)
    (7) ’جر ۾ ٿو جرڪان‘ (شيخ اياز جي لطيف کي ڀيٽا: 1998ع)
    (8) ’سنڌ جي تاريخ جو مطالعو‘،
    (9) ’اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي‘ (اخباري ڪالم)،
    (10) ’مان ورڻو هان مان ورڻو هان‘ (شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت جو اڀياس)،
    (11) ’آسمان جيڏو ڌرتيءَ جو شاعر‘ (شيخ اياز بابت مضمونن جي ترتيب)،
    (12) ’قليچ بيگ‘ (ترتيب)،
    (13) ’ساميءَ تي هڪ نئين نظر‘ (ترتيب)،
    (14) ’ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مثالي انسان‘ (2 ڀاڱا ترتيب)،
    (15) ’عالمن جو آفتاب- علامه غلام مصطفيٰ قاسمي‘ (ترتيب)،
    (16) ’انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي- محمد عثمان ڏيپلائي‘ (ترتيب)،
    (17) ’سٻاجهو ساڃهه وند- محمد ابراهيم جويو‘ (ترتيب)،
    (18) ’موحد شاعر- حاجي احمد ملاح‘ (ترتيب)،
    (19) ’ساميءَ ويس سلوڪڙا‘ (شيخ اياز جو ساميءَ کي خراج)،
    (20) ’وڏو ڪهاڻيڪار، وڏو انسان- نسيم کرل‘ (ترتيب)،
    (21) ’آءُ درازا هل‘ (شيخ اياز جو سچل سرمست کي خراج)،
    (22) ’سُڪل وڻ آءٌ صحرا جو‘ (احسن الهاشميءَ جو ڪلام: ترتيب)،
    (23) ’سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ‘ (هند جي اديبن جو تعارف:2004ع)،
    (24). سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (2009ع)،
    (25) ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘ (نياز همايونيءَ جي شاعري: ترتيب-2009ع)،
    (26) استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر.

    ان کان سواءِ تاج جويي، شاهه عبداللطيف جي مختلف سُرن تي تحقيقي مقالن جا هيٺيان ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جيڪي ثقافت کاتي سنڌ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن:

    (1) ’سُر رپ‘،
    (2) ’شاهه لطيف؛ تحرڪ ۽ تحريڪ‘،
    (3) ’ديسي سيڻ ڪجن‘،
    (4) ’سر سورٺ‘،
    (5) ’حسينيءَ جي هاڪ‘،
    (6) ’سر مومل راڻو‘.

    ان کان سواءِ تاج جويو سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي سموري شعر ۽ نثر کي ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ طرفان 22 جلدن ۾ ترتيب ڏئي رهيو آهي، جنهن ڏس ۾ هن وقت تائين سندس ترتيب ڏنل شيخ اياز جي شاعريءَ جا پنج جلد ڇپجي چڪا آهن، ان کان سواءِ سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل وِيهارو ڪتاب ڇپائيءَ جا منتظر آهن.

    ان علمي ۽ تحقيقي پورهئي کان سواءِ تاج جويي جو اهم ڪم ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي تنظيم ڪاري آهي. پاڻ اٺ سال (چار ڀيرا) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي، تنهن کان سواءِ مختلف سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ ادبي تنظيمن: سنڌ گرئجويئٽس ائسوسيئيشن شاخ سڪرنڊ جو سيڪريٽري (6 سال)، سگا مرڪز جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري، پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن نوابشاهه جو سيڪريٽري ۽ خزانچي، سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ائسوسيئيشن جو مرڪزي پريس ۽ ثقافتي سيڪريٽري، سنڌ اشاعت گهر سڪرنڊ جو سيڪريٽري، لوڪ ورثي اسلام آباد ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي صلاحڪار بورڊن جو ٽن سالن لاءِ ميمبر، ’شيخ اياز چيئر‘ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو ٽي سال ميمبر، آغا خان يونيورسٽي جي سنڌي ٻولي پئنل جو ميمبر، سنڌالاجيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر (6 سال)، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ڪميٽيءَ جو مستقل ميمبر آهي.

    کيس علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي اوارڊ (بهترين شاعري: ”سوچون سرها گل“)، سنگت اوارڊ 1997ع، ۽ 1999ع، (تنقيد ۽ تحقيق)، شاهه لطيف آرٽ سرڪل موري ۽ سڪندر آرٽ گئلري، نواب شاهه طرفان اوارڊ، اسٽوڊنٽس زون اوارڊ، (ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران ادبي خدمتن تي)، ع. ق. شيخ اوارڊ، ڪاروانِ ادب سنڌ پاران ٻه ڀيرا اوارڊ (تحقيقي ادب)، سچل سرمست اوارڊ، شاهه لطيف ايڪسيلنس اوارڊ، حمل فقير اوارڊ، شيخ اياز مڃتا شيلڊ، تنوير عباسي اوارڊ، اُستاد بخاري اوارڊ، بيدل اوارڊ، انيس انصاري اوارڊ، اڏيرو لال اوارڊ ۽ ٻيا ڪئين اوارڊ ملي چڪا آهن.

    سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ کي فعال ڪرڻ ۾ تاج جويي جي محنتن کي وساري نٿو سگهجي. هن وقت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ايڊيٽر ۽ نگران آهي ۽ اٿارٽيءَ جي اشاعتي، ادبي ۽ تنظيمي ڪم ڪار ۾ اڳڀرو آهي.
    [/justify]

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان
    ڪمپوزنگ : محمد سليمان وساڻ

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تاج جويو - سنڌي ادب جو جاکوڙي ڪردار

    سهڻو، ماٺيڻو، محبتي، سنڌيت جي جذبي سان ٽمٽار، جت به سنڌ ۽ سنڌ جو نالو هوندو ات تاج جويي جو نالو ضرور ايندو آهي ۔۔۔ هي ڏاهو شخص سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي ادب جي واڌا ويجهه لاءِ ائين هلندو رهي ٿو جيئن سسئي پنهونءَ لاءِ جر جبل جهاڳيا ۔۔۔

    جهڙو سهڻو انسان، اهڙو ئي ڪارائتو اديب ۽ ليکڪ، مٿان وري انجهڙي ئي سهڻي ڀيٽا ادي سليمان پاران ۔۔۔ واه سهڻا سليمان تنهنجا اهي قرب اصل ڳائي ڳائبا ڪيترو ۔۔۔

    سلام سنڌ جي سڄڻن کي ۔۔۔۔ لک سلام
     
  3. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: تاج جويو - سنڌي ادب جو جاکوڙي ڪردار

    تاج جويو جنهن چيو
    ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ
    گيت سنگيت جي مات ٿيڻي نه آ

    پيارا محمد سليمان اوهان سائين تاج جويي جي حوالي سان انتهائي ڀرپور ۽ سندس شخصيت بابت ڄاڻ جي کاڻ ڏيڻ وارو ڪارائتو مضمون شيئر ڪيو آهي جيڪا ڳالهه يقينن قابلِ تعريف آهي۔۔۔ هن طرح اوهان مختلف شخصيتن جي حوالي سان کين سهڻي ڀيٽا ڏئي رهيا آهيو۔۔ اهو ڪم جاري رهڻ گهرجي۔۔۔۔۔
    جو اونڌهه جي چاڌر تاڻي
    حسن پرهه جو سو ڇا ڄاڻي
    ڏات رُٺي کي سال ٿيا ها
    ڦول کڻي آئي آ هاڻي
    (تاج جويو)
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تاج جويو - سنڌي ادب جو جاکوڙي ڪردار

    مهرباني سائين نثار

    تاج جويو سنڌي ادب جو جاکوڙي ڪردار رهيو آهي۔

    دعا آهي ته سنڌ جا ڏات ڌڻي خوش هجن
     
  5. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    تاج جويو سنڌي ادب ۾ جدو جهد جي علامت
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ کي اهو شرف حاصل آهي ته هن سر زمين پنهنجي سر سبز سيني تي ڪيترن ئي ڏاهن ، علم جي اڪابرن ، شاعرن ،درويشن ،دانشورن ، اديبن کي هميشه پنهنجي سيني تي پالي نپايو جن پنهنجي حصي جو ڪيل ڪمنن ،ڪردارن ۽ فن وسيلي ملڪان ملڪ پنهنجو نالو جرڪائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڪئي

    اهڙو شرف ڳوٺ پير ڪولاچي تعلقي دولتپور ضلعي نوابشاه جي معزز شخصيت محترم حاجي خان جويي کي 6سيپٽمبر سال 1954ع سومر جي ڀلاري ڏينهن گهر جي اڱڻ تي خوشي نصيب ٿي جنهن جي ڪا حد ئي نه رهي جو الله تعالي کيس هڪ حسين جميل ڏاهي پٽ( تاج جويو )جهڙي نعمت سان نوازيو .تاج جويو صاحب جا والدين ايتر پڙهيل لکيل ته نه هئا مڱر تنهن هوندي به هن پنهنجي پٽ جي ڇٺي ڏينهن( تاج محمد نالو ) رکي سهڻي نموني ننڍ پڻ جي تربيت ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي ،تاج جويو جي والد صا حب کي اهيا سڌ نه هي ته اڳتي هلي منهنجي اکين جو ٺار پٽ سنڌ ڌرتي جو مهان اديب ۽ شاعر واري رمز سان رنگجي ويندو ، سندس والد حاجي خان جويو سڄو ڏينهن ٻهراڙي واري زندگي ،مال جي گاهه پٺي ڪندي ۽ هارپي واري زندگي پئي گهاريند ي گذاري ، مڱر هن پنهنجي پٽ سنڌ جي نامور ڏاهي اديب جي هٿن ۾ ڦرهي ڏئي تعليم جهڙي زيور سان آراستا ڪرڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻائيو تاج جويو صاحب اسڪول پڙهڻ واري عمر جي لائق بڻيو ته سندس والد صاحب گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن ۾ داخل ڪرايو جتان هن پهريون درجو جو امتحان پاس ڪري باقي پرائمري تعليم جا پنج درجا ڳوٺ پير ڪولاچي جي پرائمري اسڪول منجهان پاس ڪري ورتا ،سندس والدين هارپي واري زندگي گذارڻ سبب هو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين لڏپلاڻ ڪندا رهيا جنهن سبب جي ڪري هن ڏاهي عظيم انسان جي تعليم به متاثر پڻ ٿيندي رهي آخر ڪار سندس والد صاحب پير ڪولاچي ڳوٺ کي خير آباد چئي ڳوٺ مجيد ڪيريو اچي وسايو ۽ پوءِ اتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪيائون تاج جويو صاحب تعليم جهڙي زيور منجهان هث نه ڪڍيا هن مسلسل محنت ڪندي ڇهين درجي کان نائين درجي تائين ڊي _ سي (ناز باغ )هاءِ اسڪول قاضي احمد منجهان پاس ڪيائين مڊل ڪاسن دوران تاج جويو صاحب رات ڏينهن محنت ڪرڻ سبب ميڊل اسٽينڊر جو امتحان موري سينٽر ڏئي سڄي ضلعي نوابشاهه (بينظير آباد ) جي سمورن شاگردن کان گوءِ کڻي (پهريون نمبر ) پڻ حاصل ڪري پنهنجو پنهنجي والد جو نالو روشن ڪيائين ۽ ان زماني ۾ اسڪارشپ پڻ کٽيائين تنهن بعد هن ڏاهي سلڇڻي اديب مئٽرڪ جو امتحان وري سن منجهان سال 1970ع ڌاري ڪوٽڙي سينٽر مان پاس ڪيو ، تاجھ جويو صاحب جي ننڍ پڻ زندگي جو مقصد غريب بي سهارن انسانن جي (ڊاڪٽر ) ٿي مدد ڪرڻ پيو گهري مڱر قسمت هن جي والدين جي غربت سبب خواب هميشه لاءِ چڪنا چور ڪري ڇڏيو تاج صاحب جي ڊاڪٽر ٿيڻ واري اميدن پوري نه ٿي سگهي تاج جويو صاحب تعليم جي واڌاري لاءِ خاموش ٿي نه ويٺو هن سال 1971ع ڌاري سڪرنڊ ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج منجهان اسڪالرشپ وارن ڏوڪڙن مان ايس وي (سينئر ورنيڪولر) واري ٽرينگ مڪمل ڪري پهريون نمبر کڻڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو تنهن بعد هن انٽر ۽ پوءِ بي _ اي جو امتحان سچل سرمت ڪاليج نواب شاهه مان ڪيائين ٿوري عرصي بعد تاج جويو صاحب پوسٽ گريجوئيٽ ايم _ اي سنڌي ادب سال 1978ع ڌاري خانگي (پرائيويٽ ) طور سنڌ يونيورسٽي منجهان پهريون نمبر ۽ اول ڪلاس ۾ سند حاصل ڪري چانسلر ءِ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل پنهنجي ناءَ ڪيو ان کان علاوه ان زماني جا مختلف امتحان اديب سنڌي ، عالم ۽ فاضل پڻ اول نمبرن ۾ پاس ڪري ڊگريون خانگي طور حاصل ڪيائين اڳتي هلي تاج جويو صاحب درس تدريس واري شعبي تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر طور 22 آڪٽوبر سال 1972ع اسڪول طيب لاکو کان سرڪاري ملازمت اختيار سلهاڙجي ويو .سال 1979ع کان وٺي سال 1981ع تائين ڊي _ سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ پڻ سيڪنڊري استاد واري عهدي تي محنت سان پڙهائيندو رهيو ،تنهن بعد هو سال 1982ع ڌاري پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ٻه سال اتي پڙهائي سال 1984ع ڌاري سنڌ پبلڪ سروس ڪميش جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ مٺي ڪاليج ۾ ليڪچرار واري منصب تي ڪم ڪندو رهيو وقت به وقت تاج جويو صاحب جي بدلي ٿيندي رهي هو مختلف ڪاليج جهڙوڪ سائنس ڪاليج سڪرنڊ ، سٽي ڪاليج حيدرآباد ، گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي ۽ گورنمينٽ ڪاليج قسم آباد حيدرآباد ۾ ليڪچرار طور فرض سرانجام ڏيندو رهيو .اهڙي طرح سال 1996ع آگسٽ مهيني ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻي ورتائين ۽ سال 1997ع کان 2000ع تائين سنڌي ٻولي جي وڌاري واري اداري سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي سيڪريٽري واري اهم منصب تي وڏي ايمانداري سان پنهنجو فرض نڀائيندو رهيو سنڌ حڪومت سندس ٻيو ڀيرو 10 نومبر 2008ع ڌاري سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو تاج جويو صاحب اسڪول واري زماني يعني 14 سالن جي عمر جو مس هو ته هن شاعري وسيلي من اندر لڪيل آواز کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جو سال 1966ع ڌاري اظهار ڪيو ،سندس ادبي ۽ علمي رهنمائي سنڌ جو نالي وارو اديب خاڪي جويو صاحب جيڪو رشتي ۾ سندس ڀاءَ به هو ۽ ان کان علاوه موري شهر سان تعلق رکندڙ سنڌ ڌرتي جو سهڻو شاعر راشد مورائي پڻ وقت به وقت شاگردي جا گر سيکاريندا رهيا .اهڙي طرح تاج جويو صاحب سال 1968ع کان لکڻ جي باقاعده لکڻ جي ابتدا ڪئي سندس پهرين لکڻي اديون رسالي منجهه هڪ غزل عنوان (بهار آيو گلستان جي فضا ٿي خوشگوار )ڇپجي پڌرو ٿيو .تاج جويو صاحب سنڌي شاعري جي مڙني صنفن ۾ پنهنجو خيال اعلي نموني سان پيش ڪيو آهي مڱر تاج جويو صاحب بيت ، گيت ، وائي غزل تي بهتر طريقي سان طبع آزمائي ڪئي آهي هو پنهنجي زبان سان چئي ٻڌائي ٿو ته

    سچ سندرتا سٽ ۾ جي تون سمائين ،

    مات ڏمر ڏهڪاءَ کان مور نه تون کائين ،

    ٽڪو نه لائين ڪڏهن پنهنجي ڪڙم کي.

    تاج جويو صاحب رڳو شاعري واري صنفن ۾ مشهوري ناهي ماڻي هي نثر لکڻ جو پڻ ڪوڏيو اديب آهي سندس ادبي سفر اڄ تائين جاري ساري آهي پاڻ سنڌي ادب جي ڪيترائي ڪتاب لکي سنڌي ادب جي سونهن ۽ زينت م هميشه اضافو ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿڪو هو سنڌي ادب کي پنهنجي پورهي وسيلي مالامال ڪري ادبي کيتر ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪا به ڪمي ناهي ڇڏي تاج جويو صاحب جي شاعري جو پهريو ڪتاب (سوچون سرها گل )اياز گل سان گڏ ترتيب ڏئي پڌرو ڪرايائين . سنڌي ادب جي جذبي سان ٽمٽار محبتي انسان تاج جو پنهنجي ڏات جو ظهار هن طرح ڪري ٻڌائي ٿو ته

    ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ ،

    گيت سنگيت جي مات ٿيڻي نه آ .

    هو شاعري ۾ سنڌرتا لفظن جي ڀيٺا ڏئي ڏيهه ۽ عام خلق کي شاعري جي روپ ۾ چئي ٻڌائي ٿو ته

    جو اونڌهه جي چاڌر تاڻي

    حسن پرهه جو سو ڇا ڄاڻي

    ڏات رٺي کي سال ٿيا ها

    ڦول کڻي آئي آ هاڻي .

    سنڌ جي هن ڪارائتي اديب ليکڪ ،شاعر سنڌي ادب جي هنج ۾ جهجها ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي سونهن ۾ چوڏهن چنڊ لڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي سندس ادبي پورهي منجهان ( دنيا جون انقلابي عورتون (ترجمو)، قوم چوي ٿي ٻول ، نيڻ مهٽي خيال جاڳيا ، باهيون بيراڳين جون ، تلسين جي سرهاڻ ، سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ،اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي ، مان ورڻو هان مان ورڻو هان ، آسمان جيڏو ڌرتي جو جو شاعر ، قليچ بيگ ، جر ۾ ٿو جرڪان ، عالمن جو آفتاب ، ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي انسان ، سامي تي هڪ نئين نظر ، موحد، شاعر، وڏو ڪهڻيڪار وڏو انسان ، آءَ درازا هل ، سڪل وڻ آءَ صحرا جو ، سٻاجهو ساڃهه وند ، سنڌي ٻولي جو درست استعمال ، دل ۽ ڌرتي جا گيت ، ان کان علاوه لطيف سرڪار جي سرن بابت پڻ ڪتاب لکي پاڻ ملهايو آهي . ۽ هن سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي سموري شعر ۽ نثر کي ثقافت۽ سياحت کاتي جي تعاون سان 22 جلدن تي ترتيب ڏئي رهيو آهي ۽ پنج جلد ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن تنهن کان سواءِ سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل 20 کن ڪتاب ڇپائي جي انتظار جا منتظر آهن ان کان علاوه تاج جويو صاحب سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن ، ليکڪن جي ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا آهن ان علمي تحقيقي ادبي پورهئي کان سواءِ تاج جويو صاحب سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي تنظيم سازي ۾ پاڻ (اٺ سال) (چار دفعا ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي هن نامور اديب ،شاعر کي سندس علمي ادبي خدمتن عيوضن ڪيترن ئي انعامن ،اعزازن ، ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي ۽ نوازيو وڃي ٿو سنڌ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ايوارڊ ، (بهترين شاعري سوچون سرها گل )سال 1997ع ،شيخ اياز ايوارڊ ، شاهه لطيف ايڪسيلنس ايوارڊ ،سچل سرمت ايوارڊ ، تنوير عباسي ايوارڊ ، استاد بخاري ايوارڊ ، حمل فقير ايوارڊ ،انيس انصاري ايوارڊ ، ۽ ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن سان پڻ وقت به وقت نوازيو پيو وڃي ، منهنجي هن عظيم انسان ،سهڻي اديب ،ليکڪ لاءِ ڌڻي در دعا آهي ته هي پنهنجي ادبي پورهئي سان هميشه نوازيندو رهي پنهنجي قلم جي نوڪ سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندو رهي سندس ادبي ڪم هميشه ياد رهندو تاج جويو صاحب جو سنڌي ادب لاءِ ڪيل ڪم ڪنهن تعريف کان گهٽ ڪيئن نه آهي .سنڌ جو هي ڏاهو اديب اڄ 6 سيپٽمبر 2017ع تي 63 هين جنم ڏينهن ملهائيندو ۽ پنهنجي سالگهره جو ڪيڪ پنهنجي گهر ڀاتين ۽ اديبن سان گڏ ڪٽيندو اڄ ادبي کيتر جا ساٿي سندس جنم ڏينهن جون وڌايون پڻ چوندا ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو