غزل ۔ مجيب سنڌي ڇـا جـي چاهت ڇـا جي ياري هر ڪـنهن وٽ آ دنيـا داري رشـتن جـو ڪو مان نه آهي سـڀ کي پيـاري نـامـا چـاري هرڪو ساڙ سڙيو ٿو ڏسجي هر ڪنهن وٽ آ مارا ماري مفـلـس مـاڻهـو سـورن ۾ آ آهـي تمـاشـو دنيـا سـاري نـيٺ “مجـيب“ اڀـرڻـو آهـي مون جنهن سج جي راه نهاري
جواب: ڇا جي چاهت ڇا جي ياري ، غزل ۔ مجيب سنڌي ادا مجيب واھ۔۔۔۔۔۔واھ بلڪل حقيقت آھي ته پيار سڀ کان اعلى آھي۔
جواب: ڇا جي چاهت ڇا جي ياري ، غزل ۔ مجيب سنڌي ادا تمام بهترين ًغزل آهي سائين جاري رکجو ان ٍغزل ۾ حقيقت کي وائکو ڪيو ويو آهي سدائين گڏ
جواب: ڇا جي چاهت ڇا جي ياري ، غزل ۔ مجيب سنڌي مفـلـس مـاڻهـو سـورن ۾ آ آهـي تمـاشـو دنيـا سـاري ادا تمام بهترين ًغزل آهي سائين
جواب: ڇا جي چاهت ڇا جي ياري ، غزل ۔ مجيب سنڌي حق سچ آ سائين ۔۔۔ سماج ۾ موجود ڪوڙ ۽ ڪپت کي وائکو ڪيل آهي ۔۔۔ پر اڃان به ڪي سهڻا ماڻهون آهن، اڃان به رڃ مان رڙ اچي ٿي ۔۔۔ اڃان ٿر جي وارياسي تي مور ٽلن ٿا ۔۔۔ اڃان به سچ پنهنجي کل بچائي ڪٿ نه ڪٿ موجود آهي ۔۔۔ سچ جي ٻيڙي لڏڻي آهي پر ٻڏڻي ناهي ۔۔۔ اميدن تي جهان قائم آهي سهڻو ونڊ ڪورائي صاحب جو ۔۔۔
جواب: ڇا جي چاهت ڇا جي ياري ، غزل ۔ مجيب سنڌي ڦلپوٽو فقير ، عبدالواحد سومرو ، نثار ابڙو ، ٽنهي محترم دوستن طرفان غزل پسند ڪرڻ جون مهربانيون
جواب: ڇا جي چاهت ڇا جي ياري ، غزل ۔ مجيب سنڌي ڦلپوٽو فقير ، عبدالواحد سومرو ، نثار ابڙو ، ٽنهي محترم دوستن طرفان غزل پسند ڪرڻ جون مهربانيون
جواب: ڇا جي چاهت ڇا جي ياري ، غزل ۔ مجيب سنڌي سائين ڦلپوٽو فقير ،،، سائين عبدالواحد سومرو ،،، ۽ سائين نثار ابڙو صاحب شاعري پسند ڪرڻ جون مهربانيون