شاعري انسان جي ذهن ۾ پيدا ٿيل پيڙها جو نالو آهيشاعري حق ۽ سچ جو آواز آهي شاعري مظلوم قومن جو ڏاج آهي شاعري بس شاعري بس تواريخ جي گذريل باب هلندڙ وقت ۽ ايندڙ اندهي طوفان سان ٽڪر کائيڻ جو نالو آهي (افضل قادري)
ادب ۽ خاص ڪري شاعري لا انگريز ڏاهي وليم ورڊس ورٿ چيو هو ته ” اندر جي طاقتور اڌمن جو بيساخته اظهار آهي“ ۽ وري اهو به چيو ويندو آهي ته ادب سماج ۽ شخص جو آئينو هوندو آهي، جهڙيو سماج اهڙو ادب پئدا ٿيندو آهي ۽ جهڙي ڪنهن شخص جي حالت هوندي آهي سا ئي بيان ڪندو آهي ۔۔۔۔ انڪري ادب هڪ اهڙو اوزار آهي جنهن سان سماج جون ڪيتريون ئي بيماريون تشخيص ڪري انجو علاج ڳولهيو ويندو آهي ۔۔ هڪ ڏاهي اديب چيو هو ته اسانجا اديب جڏهن اسانجي قوم جي شين کي ڳائڻ شروع ڪندا اهن ته اسين انهن شين جي حفاظت ڪرڻ شروع ڪندا آهيون ۔۔۔ شاعري ۽ ادب قومن جا گهنڊ هوندا آهن ۔۔۔
واهه ۔۔۔ خوبصورت سٽون۔ شيخ اياز شاعريء لاء چيو ته * اي شاعري! مون اکين جي ساري ننڊ توکي ڏني. مون کان ٻيو ڇا ٿي گهرين؟ * اي خدا! مون ته فقط شاعري ڪئي آهي. ماڻهن مون کي پيغمبرن واري سزا ڇو ڏني آهي؟ * ڇا مون شاعري پنهنجيءَ محنت سان حاصل ڪئي آهي يا خدا کان زڪوات ۾ وتي آهي؟ سنڌي ادب جا پڙهندڙ اهو ڄاڻن ٿا ته سنڌي شاعري ڇا ٿيندي آهي! ڇو ته سنڌ آهي ئي شاعريءَ جو ديس۔
جڏهن خوبصورت عورت مرندي آهيتڏهن، ڌرتي پنهنجو توازن وڃائي ويهندي آهي.چنڊ سئو سالن جي سوڳ جو اعلان ڪندو آهي.۽ شاعري بي روزگار بڻجي ويندي آهي. نزار قاباني
هو چون ٿا شاعري نه ڪر شاعر نه ٿي پر پوءِ به مان ڀڳل ٽٽل لفظ ڳنڍڻ چاهيان ٿو مان ڪو نئون ڳيت لکڻ چاهيان ٿو