ڪمپيوٽر بابت بنيادي معلومات جا ڪتابچه هجڻ سان هي سائيد نون دوست لا ضروري آهي

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ جمشيد جوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2012۔

  1. جمشيد جوکيو

    جمشيد جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 نومبر 2012
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت روزاني سنڌ ضلعو ٺٽو
    ماڳ:
    ٺٽو
    ادا ڪمپيوٽر بابت بنيادي معلومات جا ڪتابچه هجڻ سان نون دوستن کي ڪپميوٽر بابت معلومات ملي سگهندي، اها تجويز مون کي هڪ فروٽ جو گاڏو هلائيندڙ سنڌي دوست ڏني ۽ آئون هن دوست جي ڳاله اوهان دوستن آڏو عرض رکان ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    صلاح ته سڄڻائپ واري آهي پر اهو ڪم حڪومتي ادارن کي جڳائي يا وري ڪي اهڙا پبلشر جيڪي ان جو خرچ برداشت ڪن ۽ موٽ ۾ سستي اگهه سان اهي مهيا ڪن ۔۔۔ پر اهو ڪندو ڪير ۔۔۔؟؟؟؟ في الوقت ته سنڌي تعليمي اڳواڻن کي اهڙي ڪنهن تجويز ڏيڻ ڄڻ آسمان ۾ پٿر اڇلائڻ جي برابر آهي ۔۔۔ ها هڪ ڪم ٿي سگهي ٿو ته روزانه ڇپجندڙ اخبارون اهو ڪم ڪري سگهن ٿيون ۔۔۔ رورانه بنيادن تي اخبارون ڪمپيوٽر جي آگاهي جا ليک ڏئي سگهن ٿيون ۔۔۔

    لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    الائي ڇو يقين آهي ته اهڙو ڪم به سنڌسلامت تي ٿيڻ وارو آهي جنهن جو ذڪر فروٽ جو گاڏو هلائيندڙ سنڌي ڪري ٿو ۽ ان جي اهيا تمنا يا دعا ضرور رنگ لائيندي ،۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ان جي شروعات ٿيڻ واري آهي ۽ اهڙو اشارو سائين محترم نثار ابڙو صاحب جن به ڏنو آهي ،برابر وقت جا وزير وڏيون دعوائون ڪن پيا پر سوا تباهي جي ٻيو ڪو عنصر پيدا نه ڪري سگهيا آهن۽ پانهجي مدد پاڻ تحت جيئن قدرتي ٻوڏن مان تري وياسين ايئن هاڻي به هٿُ هٿَ ۾ ڏئي منزل ماڻينداسين ،هر سينگار جو سامان سنڌ سلامت تي موجود هوندو پوء اڄ نه ته سڀاڻي ،
    جتي ماروئڙن جي زينت جو عمل رٿيو وڃي ٿو اتي پروانه پنهجو پاڻ نڀائڻ ۾ سڀ کان اڳرا نظر اچڻ لڳاآهن ،سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ انيڪ دودا ۽ دوله دشمن کي دنگ ڪرڻ لاء ميدان ۾ لٿل آهن جيڪي ڏينهن رات هڪ ڪيو سنڌسلامت کي اعلي ا اداري ۾ تبديل ڪرڻ ۾ جنبيل آهن انهن جي فڪرن ۾ شل ڪا ڪنڊ خالي نظر ٿي اچين همٿ ڀريا دوست هڪدم دم ڀري ان ۾ سونهن ۽ ساڀيان ڀري ٿا ڇڏين، ۽ سچ ته حيرت ۽ خوشيء مان اکيون نم ٿي ٿيون وڃن ته اسان جي جياپي جو اونو اڃان جوڌن ۾ آهي ،جيڪي هن قوم ۽ ٻولي کي زنده رکڻ لاء پنهجو فرض نڀائن پيا ،سنڌ جي لڄ نوٽن عيوض ڪو نه ٿا کپائن پر هڙان وڙان ڏيئي اجاگر ڪرڻ ۾ مصروف آهن،سلام آ سنڌ سلامت جي انتظاميه کي ،جيڪي خوابن جي تعبير پيش ڪري رهيا آهن،
    اميد ته هي خواب به جلد پورو ٿيندو جيڪو هڪ مسڪين فروٽ کپائڻ واري جو آهي
    سنڌسلامت ساٿ سلامت
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا جمشيد ڀاء ڪمپيوٽر جي متعلق ڪجهه ڪتاب ته مارڪيٽ ۾ موجود آهن ڪجهه ڪتاب سنڌ سلامت جي لائبريري ۾ به موجود آهن ليڪن بنيادي سکيا لاء انشآء الله تعالى سائين عتيق الرحمان جن جي خواب جي تعبير صحيح ثابت ٿيندي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو