انتظار جون گهڙيون ختم... سنڌ سلامت طرفان پهرين سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ سنڌسلامت ايڊيٽر ساڻ...

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2012۔

?

توهان کي هي سنڌي ٽيمپليٽ ڪيئن لڳي؟

  1. تمام ڀلي

    35 ووٽ
    92.1%
  2. چڱي

    3 ووٽ
    7.9%
  3. گذاري لائق

    0 ووٽ
    0.0%
  4. خراب

    0 ووٽ
    0.0%
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو بلاگنگ هڪ اونهو مضمون آهي۔۔ جنهن کي سکڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن کان وڌيڪ جي ضرورت آهي۔۔ خالص ايڇ ٽي ايم ايل ۽ پي ايڇ پي جهڙي خشڪ مضمون سان لڳاتار سمجهڻ هڪ ٿڪائيندڙ ڪم پڻ آهي... ان کان وڌيڪ مشڪل ان کي سمجهائڻ ۽ سيکارڻ آهي...
    مان نه صرف پنهنجي طرفان پر پوري سنڌ سلامت ٽيم طرفان ادا سجاد علي چنا جو مشڪور آهيان جو پاڻ ان جستجو ۾ رڌل آهي۔۔ سندس سمجهائڻ جي طريقي دوستن کي مجبور ڪري وڌو ته هو به پنهنجا بلاگ ٺاهين ۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر انتهائي محنت سان تيار ڪيل سندس مواد کي تڪڙو ياد ڪري به ورتو آهي۔۔۔ ۽ پنهنجي پنهنجي بلاگز تي ان جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو آهي۔۔۔
    جنهن کان پوءِ دوستن جو بار بار اسرار رهيو آهي ته ڪم کي تڪڙو اڪلايو وڃي ۽ کين بنيادي ڳالهين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ بجاءِ عملي ڳالهين ڏانهن آندو وڃي۔۔۔ يا وري ڪو شارٽ طريقو ڏسيو وڃي جنهن تي عمل ڪندي هو پنهنجا بلاگ بهتر بڻائين ۔۔۔
    هوئن ته ادا سجاد علي چنا سان ڪيل مشوري تحت تڪڙو تڪڙو ڪم اڪلائڻ سان گهڻيون ڳالهيون سمجهائڻ کان رهجي وڃڻ جو خدشو آهي جنهن سان سنڌي بلاگنگ کي اڳتي وڌائڻ جي هن پروجيڪٽ کي نقصان جو انديشو پڻ آهي۔۔ پر دوستن جي بار بار اسرار کان پوءِ ڪافي ڪم کي باء پاس ڪندي سنڌي بلاگنگ جي پهرين ٽيمپليٽ کي رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔۔۔
    حاضر آهي سنڌ سلامت بلاگر ٽيمپليٽ 0۔1
    هي ٽيمپليٽ بلاگر جي بلٽ ان سٽور تان کنيل آهي۔۔ جيڪو دوستن وڌيڪ پسند هجڻ کي نظر ۾ رکندي سنڌي ترجمي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔۔ هن ٽيمپليٽ جي انگريزي ورجن کي اڳ ئي محترم احمد علي مڱريو پنهنجي بلاگ ۽ محترم عبدالحفيظ لغاري پنهنجي بلاگ جي زينت بڻايو آهي۔۔۔
    هن جي خصوصيتن ۾ شامل آهن۔۔۔۔
    مڪمل بلاگ بشمول سموريون تحريرون ۽ تبصرا جو ساڄي کان کاٻي هجڻ۔۔
    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي فونٽ ايم بي لطيفي جو ڊيفالٽ طور هجڻ۔۔۔
    تبصرن لاءِ سنڌ سلامت ايڊيٽر جو بلٽ ان رکڻ۔۔۔

    انسٽاليشن جو طريقي ڪار۔۔۔
    موضوع سان منسلڪ زپ فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪري ايڪس ايم ايل فائيل حاصل ڪريو۔۔۔
    ڊيش بورڊ تي سائن ان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو بلاگ چونڊيو۔۔۔ ۽ کاٻي پاسي موجود انگريزي لفظ Template تي ڪلڪ ڪريو۔۔ هاڻي ساڄي پاسي موجود Backup / Restore لفظن تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔


    هاڻي چاهيو ته پنهنجي موجوده ٽيمپليٽ جو بيڪ اپ وٺي رکو ۔۔ ان کانپوءِ برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ايڪسٽريڪٽ ڪيل ايڪس ايم ايل فائيل جي لوڪيشن ڏيو ۽ اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔


    ۽ ڪم مڪمل ٿيو۔۔۔

    نوٽ:
    • ٽيمپليٽ کي 90 سيڪڙو سنڌي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔ باقي 10 سيڪڙو اهو حصو آهي جتي انگريزي هجڻ ضروري آهي۔۔ ها البته البته توهان جي طرفان بلاگ تي سجايل گڊگيٽ جي سيٽنگ ۾ موجود لفظن کي سنڌي بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔
    • جن دوستن کي بيڪ گرائونڊ تصوير پسند نه اچي اهي ۔۔ ٽيمپليٽ جي ڪسٽمائيزيشن سيڪشن منجهان تبديل ڪري سگهن ٿا۔۔۔
    • ٽيمپليٽ جي پسنديدگي بابت پنهنجي راءِ ڊيمو صفحي تي ووٽ طور پڻ موڪلي سگهجي ٿي۔۔۔
    • ٽيمپليٽ جي فوٽر ايريا ۾ (سنڌ سلامت سان لنڪ ٿيل ترجمو: رشيد سمون) کي اخلاقي تقاضو سمجهي چاهيو ته لڳايو نه ته پابندي نه آهي۔۔
    جيئن ته هي پهرين سنڌي ٽيمپليٽ آهي ۔۔ جنهن کي ڪنهن به اصول کانسواءِ تيار ڪيو ويو آهي۔۔ ان ڪري توهان طرفان آندل صلاحن کي واڌو نظر سان ڏٺو ويندو۔۔
     
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    [​IMG]۔
    انتهائي پيار سان ۽ محنت سان ٺاهيو آهي اوهان هن سانچي کي۔ سنڌي شاعري بلاگ تي لڳايو اٿم۔۔۔
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    وقت وارن جا وار سهبا پر
    دوستن جو سلوڪ ماري ٿو

    ڪا تمنا ڪا آرزو ڪانهي
    زندگي ايئن به ڪو گذاري ٿو
    ادا ڪڏنهن ايئن به ٿيندو آهي ته ٻار پنهنجي پيءُ سان ڪا شئي وٺي ڏيڻ لاءِ ايترو ضد ڪندا آهن جو جڏنهن شئي ملندي آهي ته کائڻ تان ارواح کڄي ويندا آهن۔ ڇو جو کين پوءِ خبر پوندي آهي ته اها شئي وٺڻ لاءِ والد ڪيتري قرباني ڏني۔
    سو الاءِ ڇو اها فائل ڳنڍڻ جي همت نه پئي ٿئي۔ جيئن آهي جهڙو آهي هلڻ ڏبو​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوست رشيد اوهان کي جس هجي ۔۔۔۔۔ اميد ته بلاگ سيکارڻ وارو عمل به جاري رهندو ۽ ان سان گڏ اوهان پاران تيار ڪيل ترجمو به هڻي ٿا وٺون۔ آفيس ۾ مصروفيت آهي، گهر پهچي اهو ڪم ڪبو۔ لک ٿورا اهڙي سهڻي سجاوٽ پيش ڪرڻ تي سنڌ سلامت سٿ اوهان کي واڌايون پيش ڪري ٿو۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اهو ڊيش بورڊ ڪهڙي هنڌ موجود آهي، ايڪز ايم ايل فائيل ته ملي وئي آهي ان کي اپلوڊ ڪٿان ڪجي ۽ پنهنجو بلاگ ڪٿان چونڊجي، رهنما۔ي ڪندا۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مون وٽ سنڌ سلامت تي ڪو به اهڙو آپشن نٿونظر اچي جتان پنهنجو بلاگ چونڊ ڪجي۔ ڪٿي ائين ته نه آهي مان گوگل ڪروم استعمال ڪري رهيو آهيان ته ان تي نظر نه ايندو هجي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مان پنهنجي ڪيل ڪم مان مطمئن ناهيان۔۔۔ توهان پنهنجي گهري نظر سان ٽيمپليٽ کي ڏسندا رهجو ڪا خامي نظر اچي ته ضرور ڏسجو ته جئين موجوده ورجن کي اپڊيٽ ڪري سگهجي۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌي ايڊيٽر ۾ هڪ خامي آهي۔۔ تبصرو لکڻ کان پوءِ سنڌي ايڊيٽر غائب ٿي ٿو وڃي۔ ۔۔ اڄ سليمان جي بلاگ تي ويس۔۔ ايڊيٽر ڳوليندو رهيس۔۔۔۔ هههه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اهڙي ضدي ٻار کي پوءِ به احساس جي درست خبر نه پئجي سگهجندي آهي۔۔۔ جو کيس اها خبر ئي نه هوندي آهي ته سندس والد ايتري قرباني صرف کيس راضي رکڻ لاءِ ڏني آهي ۽ سندس والد جي ڏنل قرباني ان وقت قبول ٿيندي آهي جڏهن اهو ضدي ٻار ڏنل شي کائي وٺندو آهي۔۔۔
    همت ڪريو هي سڀ ڪجهه توهان لاءِ آهي۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا منظور توهان کي گهرجي ته سڀ کان پهريان سنڌ بلاگنگ جي سمورن سبقن کي پڙهي وٺو
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ها مون به نوٽ ڪري ورتو آهي۔۔۔ مون کي لڳي ٿو ٽيمپليٽ جي جاوا فائيل ۽ سنڌ سلامت جي جاوا فائيل ڪنفلڪٽ پيون ڪن۔۔۔ خير وقت ملندي ئي ان تي ڪم ڪري هن ٽيمپليٽ جو اپڊيٽ ورجن آڻبو۔۔ نشاندهي لاءِ مهرباني
     
  12. احمد علي مڱريو

    احمد علي مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 مئي 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    85
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    مونکي يقين نٿو اچي ته اسان سنڌي بلاگنگ ۾ ايترو تيزي سان سفر ڪرڻ شروع ڪنداسين۔ لک احسان ادا رشيد جا جنهن بلاگ اگريگيٽر ٺاهڻ سان گڏوگڏ بلاگنگ سيکارڻ لاءِ دوستن کي همٿايو ۽ هن ٽيمپليٽ جهڙو بهترين تحفو سنڌي بلاگنگ کي ڏنو۔ لک احسان ادا سجاد چني جا جنهن سيکاريا سبق بلاگنگ جا۔ ۽ لک احسان سوال ڪندڙ دوستن جا جنجي سوالن جي ڪري ايندڙن جون مشڪلون آسان ٿيون۔
    بلاگ ايگريگيٽر جي اهميت ۽ ٺاهڻ بابت ناقص صلاحون سنڌي ڪمپيوٽنگ جي فيسبوڪ گروپ تي لکندي اڄ صرف 25 ڏينهن گذريا آهن پر لڳي ايئن ٿو ته هڪ چڻنگ جي ضرورت هئي پر ڪاٺيون ڄڻ ڀڀڙ ٿيڻ لاءَ هڪدم تيار هيون۔
    مون هي ٽيمپليٽ پنهنجي بلاگ تي لڳائي ڇڏي آهي۔ جنهن لاءَ آئون ۽ سنڌي بلاگر سائين رشيد جا ٿورائتا آهيون۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    واهه واهه، وڏي محنت کان پو مون به پنهنجو بلاگ جوڙي ورتو آهي، رهنمائي ڪندا۔۔
    ڪينجهر..سڪ، سونهن ۽ سندرتا جو نانءُ

    http://ayeshman.blogspot.com/
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    We were unable to save your template.
    Your template could not be parsed as it is not well-formed. Please make sure all XML elements are closed properly. XML error message:
    (SyntaxError) : Unexpected token <
    مون وٽ هي غلطي وارو ميسيج اچي رهيو آهي ان جو حل ٻڌائيندا۔
     
  15. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اوهان شايد بلاگ جي ايڊريس تبديل ڪري ڇڏي آهي۔۔ مهرباني ڪري نئين بلاگ ايڊريس کان آگاه ڪجو۔
     
  16. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو اسان لا
    لک قرب سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جي ايندڙ ڪمن واري فهرست ۾ سنڌي بلاگنگ جي سکيا به شامل هئي پر ان لاءِ وقت ۽ حالات جو انتظار پئي ڪيو ويو۔۔۔ ڪجهه وقت اڳ ان فهرست تي هڪ دفعو وري ويهي دوستن سان صلاحون ٿيون هيون۔۔۔ پر اهو سوچي ته اڃان دوست انٽرنيٽ تي اڃان ڪچا آهن۔۔۔ ۽ کين بلاگنگ سمجهائڻ سولو نه هوندو۔۔ ڪجهه اهي به خدشا هيا ته سنڌ سلامت تي رونق دوستن جي اچڻ سان آهي۔۔۔ کين ٻيو دڳ مليو ته اصل رستو ڀلجي نه وڃن۔۔۔۔
    پر جڏهن توهان سنڌي بلاگنگ جي کوٽ کي پنهنجي ڀرپور ڏک جي اظهار سان ظاهر ڪيو ته سڀ خدشا ختم ڪندي ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔۔۔ جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪاميابي ملڻ لڳي آهي ته اهو مڪمل ڪريڊٽ توهان جي نانء آهي۔۔۔
    اميد ته پنهنجا خيال ڏسيندا رهندو۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بلاگ نه مليو ۔۔۔ پر پڪ اٿم ته توهان جي محنت ضايع نه وئي هوندي۔۔ ان لاء درست لنڪ جو انتظار رهندو۔۔۔
     
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇا توهان ايڪس ايم ايل فائيل کي ايڊٽ يا اوپن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي۔۔۔ ؟
    توهان هڪ دفعو وري فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ ۽ بغير کوليندي ڏسيل طريقي مطابق ايڪسٽريڪٽ ڪريو ۽ اپلوڊ ڪريو۔۔۔ اميد ته ٻيهر اهڙو ايرر نه ايندو۔۔۔ توهان جي جواب جو انتظار رهندو۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڏسندا وڃو ادا فاروق۔۔۔
    سنگت ساٿ ڏنو ته اڃان کوڙ ساريون ڳالهيون سلجهائبيون۔۔۔ توهان جي بلاگ جي لنڪ جو انتظار رهندو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو