اوهان جي شاعري کي مون هن ريت جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔۔ ڪير چوي ٿو عشق وارن کي نِنڊ ايندي آ عشق جي جهان ۾ ڏينهن نه ئي ڪا رات ٿيندي آ دلين منجهه هڪ پاسي پور ته ٻئي پاسي سرور هوندو آ اِها برهه جي بيماري به عاشقن کي راحت ڏئي ويندي آ حُسن جو دلرُباڻو احساس ۽ وري ان مٿا پيار جي اُساٽ مُرڪ، سُرڪ، سڪ ۽ ڇڪ جو جام پياري ويندي آ هڪ ته ڪنواري بدن جو هُڳا ٻيو لبن جو ڇُها خوشبو خوشبو بڻجي واءُ ۾ وِکرجي ويندي آ ڪئين لڳو: را جو انتظار رهندو۔
اصل ماري وِڌئي _ تمام گهڻيون پسند آيون اوهان جون سون ورنيون سِٽون ادا اسان مِڙئي شاعري جي ڪوشش ڪيون پيا _ اوهان جو ساٿ رهيو ته هڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ٿينداسين
ههههههههههههها۔۔ابول صفا ڪي نازڪڙا عاشق آهيو۔۔ڀاءِ منهنجو مقصد اوهان کي مارڻ ته ڪونهي۔۔۔اميد ته لفظن جو جڙاءَ سهڻي ريت ڪندا رهندا۔۔ ان لاءِ وڌ ۾ وڌ مطالعو ڪيو۔۔
اڄ صبح جو ڪجهه بوندون پيونبوندون بي بَهار جي برسات جونبرسات جي ڪَڻي ڪَڻي۾ هُئي محبت مَڻيمِٺيون محبتون مِليون مولائي ڪائينات جونڪائينات جي ڪڇ تيسِنڌهڙي سونهيسَر سبزي جو سِج اُڀريوراحتون مِليون رات جونرات بي سوغات آ جانپوءِ رونقون پِرڀات جون شاعر ”” محمد جان زريناڻي20_2_2013
صنم سڏي چيو سڄي شاعري مونتي لکجانءِگزريل گھڙيون وسار کڻي نئين ڊائيري مونتي لکجانءِ منهنجي حسن تي لک ، ادا تي لک ، شباب تي لکجانءِمنهنجي ڇڪ تي لک ، سڪ تي لک ، شراب تي لکجانءِ لکجانءِ تـ جواني جا وڻ اڀري پيا اٿسلکجانءِ تـ باغ بدن جا گل نکري پيا اٿس لکجانءِ تـ مونکي آرس هاڻ روز ايندي آلکجانءِ تـ ڪا اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي آ لک تـ منهنجي اکين کي ڪري مشهور لکلک تـ منهنجي بدن جي خوشبوءِ کي ڀرپور لک گھٽ ۾ گھٽ هيل جي ڊائيري مونتي لکجانءِ شاعر .. محمد جان زريناڻي
ورق ڊائيري جا رنگ شاعري جا قلم سان راندعشق ڪيو قابو پلاند روز جي اڻ تڻ ماڻهن ۾ ڀڻ ڀڻ هي بـ ويو ڪم کانکاڌائين چوٽ غم کان محبوب بـ ڪري انڪار ويئسڏيندو نـ قرب اقرار ويئس کاڌو اٿس دوکوهاڻي جيئڻ نـ هوندس سوکو جئيي تان ڀلي جئييڏسون هاڻ ڪنهن جو ٿو ٿئي جواني جان وڃائي ويٺو ڪوڙو قرب ڪمائي ويٺو ڇا لکي ڇا لکان سوچان ويٺو سنگت کان سکان دل تـ اڃان ٻار آهيرهندي بِـ هاڻ غمسار آهي پڙهي ڏس جملالکيل محمد جان جا خبر ويندي پئجي جيڪي فسانا ٿيا ارمان جا شاعر محمد جان زريناڻي
تون هڪ ڀيرو ياد آيئن وري عيد تي خوشيون ڪرڻ آباد آيئن وري عيد تي _______________________ يادون تنهنجون روز جا نشا زندگي اسانجي کڻي دارونءِ ڏيڻ داد آيئن وري عيد تي _______________________ سکن نڀايو ناهي ، ڏکن ڇڏيو اجايو ناهي غمن جا اٺ آڻي ڏيڻ امداد آيئن وري عيد تي _______________________ عمر گزاريم ڪندي نوڪري در تنهنجي جي توڏي منهنجو حساب آ کڻي فرياد آيئن وري عيد تي ________________________ ________________________ شاعر محمد جان زريناڻي ________________________ ________________________ تاريخ 19.10.2007 _
تمام بهترين شاعري پر سائين اکرن جو رنگ ٿورو تيز رکو نهايت هلڪو آهي پڙهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي۔۔ باقي بهترين ڪم جاري رکو۔
مهرباني دوستن جي اوهان جهڙن دوستن جي نگهباني جي ضرورت هُئي جيڪا هاڻي پوري ٿيندي نظر پئي اچي _ماشاءِالله
مان ڏِسان ٿو هوءِ ڏِسي ٿيمان لُڇان ٿو هوءِ لُڇي ٿي ماڻهُن کان وَڃي مُنهنجو پُڇي ٿيڪو ڪيئن چَوي پَر ڪانه ڪُڇي ٿي اَنڌ مان ٿي روز اِشارا ڪَريمِلڻ لئه مونسان وارا وارا ڪَري اَڃان تائين آ ڪوري ڪُونواريلَڳي جي دِل نه ڇِنبي ياري جَڏَنهن ٿي هوءِ خُماريل نيڻ کَڻيهَر اداءَ سان ٿي واه جو وَڻي چَويءَ دِل پَئي ڀاڪُر ڀَرِيانسعُمِر سَڄي لَئه پَنهنجو ڪَرِيانس سامهُون ويهاري روز ڏِسانسپَر ۾ ويهيءِ پيار جو پُڇانس چَوانس هاءُ هاڻ تون ٻُڌائياُهو ڪَهڙو هو جادو اَلائي جَنهن توکي بيتاب ڪَيونَه تو دُنيا جو حِساب ڪَيو يا شايَد مون هو ڪو ثَواب ڪَيوجَنهن جو مالِڪ واپَس جَواب ڪَيو بَس رَهُه راضيءِ تون جانيءِ جَهان تيآ رَکيل هوندو سارو حِساب آسمان تي محمد جان زريناڻي 15.5.2003
ڏِسو ڏِسو هوءِ بيٺي نِهاري ٿينِهارَڻ سان ٿي مونکي ماري هوءِ ٿي ڪَري مَٿي پوتي جو پاندلَڳي آ آخر هُن کي ڪَهڙي راند هوءِ پَنهنجا پَئي صَدورا وار ٺاهيڏِسي مونڏي ٻانهُن جا هار ٺاهي هوءِ ڏِس هاڻ آرَس به ڀَڳي اَٿَسآخِر سِڪ ڪَنهن جي ته لَڳي اَٿَس هُن جو چَهِرو چُمَڻ جَهڙو آمِٺي سَندو مُنهن مَکڻ جَهڙو آ ماکيءِ وانگُر آ مَحبوب جي باتشَل ٿِيئِس مُحمد جان سان مُلاقات هُن جي سيني ۾ مُنهنجو ساهُ ڀَڙڪيجيتَرو سوچان اوتَرو ٿي دِل ڌَڙڪي هُن کي چَئجو يار حِساب ڪَريدُنيان دو رَنگي جو حِجاب ڪَري ڇَڏِي نه مونکي مُحِب وِساريهُوءِ ڏِسو اَڃا به بيٺي نِهاري شاعر ____ محمد جان زريناڻيتاريخ ____ 15.5.2003
جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي آ ميڪڻ مِٺا مَهمان ٿيسي ميڏي جِند ميڏي جان ٿيسي پئي دِلڙي ول ول قُربان ٿيسي ٻَهه آئيني دي اَڳو وال ڇَنڊيسي نال ميڏي وَل حال وَنڊيسي ميڏي مُحبت بيمِثال سَنڍيسي روز پيا قيد ٿيوڻ دا اعلان ٿيسي جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي سَڄڻ هي سُنهڻا گُلاب دا گُل جِسم جاني دا ميڏي ڪائينات ڪُل جان جاني دي پاڙي اِچ رَهسون ڄُل نه وَڌ اِنهي ڪَنون ذاڪِر ميڏي زِبان ٿيسي جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي مُنهن مُبارڪ مَهتاب هُوسي سَچي مُحبت دي پاڪ ڪِتاب هوسي هِڪ ٻي ڪون پئي چُمسون نَڪو حِساب هوسي سَوا جاني دي نه ول ٻيا جو جَهان ٿيسي جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي سِڪ ڪنون جو آ سيني مِلسي مِل ميئن نل خوش ٿي کِلسي کِل کِل پيا وَل رَلسي ڏيکَڻ والا پيا حيران ٿيسي جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي آ ميڪڻ مِٺا مهمان ٿيسي ميڏي جِند ميڏي جان ٿيسي پئي دِلڙي ول ول قُربان ٿيسي جَڏان جاني ميڏا جوان ٿيسي شاعر .... محمد جان زريناڻي تارخ .... 25.3.2003
هِڪ ماهِ لَڪا کي مان ويٺو ڏِسان ڏِسي اُن کي پيو ليک لِکان جيئن يادگيريون ياد رَکان ڊائيري کولي جيئن پين کَنيم اکڙيون ڦيري تيئن ڏِٺم هوءُ اچي ٿي ايڏي ادا سان ڄڻ مِلي ڪري واپس ٿي خُدا سان سرنهن جا گل ٿي چمي ڏيکائي بوڇڻ کڻي پئي هوا ۾ اوڏائي پئي هٿڙا کڻي دعاون گهري تنهن کانسوا ڀلا ڪيئن سري ڪونج واري ڳچي ڦيرائي ويٺي عاشقن کي هوءُ هيرائي ويٺي رومال کي ڇنڊي گهمائي وري چپڙن سان چمي ڏيکائي غذب آهي هُن جي هلڻ جو انداز اڃا وڌ مٺو ملڻ جو انداز ان جي ناز انداز تان قربان ٿيان هيڪر هن جي جواني جو مهمان ٿيان ڀري ڀاڪر ۾ پوءَ ڪلام ڪيان ان جي سونهن کي سڪ ڀريو سلام ڪيان ويهاري هوءِ مونکي وارن جي ڇانءُ ۾ مان جاءِ ڏيان جاني کي هانءُ ۾ جيءُ ۾ ويهي مونکي جيءُ ڪري وڃي نه ساه نڪري پريت جو پيالو پيءُ ڪري مٺي کي پيو مٺيون ڏيان مٺيون به مان سٺيون ڏيان بس مان هجان هن ۾ هوءُ هجي جان سي سڀ ڳڻجو منهنجي مالڪ جا احسان شاعر .... محمد جان زريناڻي تاريخ .... 25.5.2003
باغ بدن تنهنجو مٿان جاڙا گل جواني جاچهرو چانڊاڻ جهڙو ويو آ وڻي ڪجھ ڏي ته سهي بره واريون باتيون ڏي راتين جون راتيون ڏيٻه ٽي ڀاڪر ٻه ٽي مٺيون کڻي ڪجھ ڏي ته سهي لاش پروڪو پيو آ دلبر در تنهنجي تيڪپڙو نه سهي پيرين پڻي ڪجھ ڏي ته سهي زندگي ۾ عيش ٿيئي يا موت موئي ڪيئش ٿيئيبره ۾ جيڪا بازي بڻي ڪجھ ڏي ته سهي مٺي محمد جان کي محبت ڏي سهنڻي ڪا صحبت ڏيآهين تون دل جو ڌڻي ڪجھ ڏي ته سهي شاعرمحمد جان لنڊ زريناڻي4_6_2003
ادا محترم توهان جي شاعري بحر و وزن تي پوري نٿي اچي سو ان کي ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو،۽ ادا ڪلهوڙا صاحب ٿورو تنقيد ڪندي مٺي زبان استعمال ڪريو ته جيئن اڳيون ڳالهه دل ۾ نه ڪري، سنڌ سلامت محبت جو اڱڻ آهي هتي اهڙي تيز ٻولي استعمال ڪرڻ مناسب نه آهي
مهرباني ادا جو اوهان اسان جي شاعري پڙهي ڪري صلاحون ڏيندا رهو ٿا . اميد ته اوهان جون صلاحون اسان جي فائدي ۾ رهنديون . لک ٿورا ڀيرو ڀڃڻ جا
سائين واهه واهه ۔۔اها جيڪا جاني وڏي ٿيوڻ والي ڳالهه هه، اها ڏاڍي ڏُکي اي۔۔۔اهو جاني ڀلا ڪڏهن جوان ٿيسين؟؟؟