قبيلائي علائقن ۾ سجاڳي: عورت به چونڊ وڙهندي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    قبيلائي علائقن ۾ سجاڳي: عورت به چونڊ وڙهندي
    2510 اٽيچمينٽ ڏسو
    پاڪستان جا قبيلائي علائقا جيڪي امن امان جي صورتحال ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي خبرن جي وڪڙ ۾ رهن ٿا، اتي به هاڻي شعور منهن ڪڍيو آهي، جتان پهريون ڀيرو هڪ عورت اميدوار چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري نئين تاريخ لکي ورتي آهي.
    باجوڙ ايجنسي جي رهندڙ بادام زري يارنهن مئي تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 44 تان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائي ورتا آهن پاڪستان جي قبيلائي علائقن ۾ ڪٽر پڻي ۽ قدامت پسند روايتن سبب چونڊن ۾ عورتن کي ووٽ وجهڻ جي اجازت به ناهي ڏني ويندي.
    باجوش سان تعلق رکندڙ مقامي صحافي بهاءُ الدين بي بي سيءَ کي ٻڌايو ته بادام زري جو تعلق باجوڙ ايجنسي جي هڪ ننڍڙي ۽ پٺتي پيل ڳوٺ آرمگ سان آهي. هن جو مڙس اتان جي هڪ مقامي اسڪول جو پرنسپال آهي. نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد بادام زري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ چاهي ٿي عورتون هر ميدان ۾ ترقي ڪن ۽ اڳتي اچن.
    هن وڌيڪ ٻڌايو ته علائقي ۾ امن امان جي خراب صورتحال باوجود هوءَ ڀرپور تحريڪ هلائيندي ۽ مقامي ماڻهن کي سندن مسئلن بابت آگاهه ڪندي. هن باجوڙ ايجنسين جي رهندڙ ماڻهن جي تعريف ڪندي چيو ته اهي عورت جو تمام گهڻو خيال ڪندا آهن. هن چيو منهنجي خيال ۾ مقامي ماڻهو منهنجي حمايت ڪندا. بادام زري جو مقابلو ڄاڻايل تڪ تان اڳوڻي ايم اين اي اخوانزاد چٽان سان ٿيندو.
    قبيلائي علائقن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ پوليٽيڪل پارٽي ايڪٽ 2011ع لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو اميدوار ڪنهن سياسي پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندا. اهڙي سياسي آزادي جي باوجود ڪٽر معاشري ۽ شدت پسندي جي ڪري سيڪيولر سياسي پارٽيون هتي کلي عام سياسي سرگرميون نه ٿيون ڪري سگهن. تنهن هوندي به مذهبي پارٽيون خاص ڪري جي يو آءِ (ف) جون سياسي سرگرميون زور شور سان جاري آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها هڪ نئين ڊولپمينٽ آهي، جنهن کي همٿايو وڃي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو