اڄوڪو ڏينهن 28 مئي تاريخ جي دريءَ مان

'مئي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 28 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
    جنم ڏينهن:
    28 مئي 1918ع ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    28 مئي 1926ع شاعر قيمت ڪمال (لاڙڪاڻو / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    28 مئي 1950ع سماج سڌارڪ غلام نبي قريشي (خدا آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    28 مئي 1953ع شاعر الهيار اُلفت جو جنم ڏينهن آهي.
    28 مئي 1955ع اداڪار نرنجان آسراڻي (ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    28 مئي 1957ع شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو جنم ڏينهن آهي.
    28 مئي 1957ع ڪرڪيٽر مصباح الحق جو جنم ڏينهن آهي.
    وڇوڙو:
    28 مئي 1905ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام صديق (شهداد ڪوٽ) جو انتقال ٿيو.
    28 مئي 1924ع فريڊم فائيٽر خانچند پرتاب (حيدر آباد) ديهانت ڪري ويو.
    28 مئي 1955ع شاعر عالم شاهه عالم جو لاڏاڻو ٿيو.
    28 مئي 1962ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماج سڌارڪ حاجي خان محمد عباسي جو انتقال ٿيو.
    28 مئي 1967ع شاعره ۽ شاهه جي رسالي جي انگريزي مترجم بيگم ايلسا قاضي جو لاڏاڻو ٿيو.
    28 مئي 2008ع بيوروڪريٽ امداد الله انڙ جي وفات ٿي.
    28 مئي 2013ع ناليواري شاعر نذير احمد جوش ٻرڙو جو لاڏاڻو ٿيو۔
    _______
    اڄوڪي ڏينهن 28 مئي جا ڪجهه اهم واقعا
    [​IMG]
    حواله:
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه
    وڪيپيڊيه
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    _______
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    28 مئي 2013ع ناليواري شاعر جوش ٻرڙو جو لاڏاڻو ٿيو۔

    نذير احمد ولد عبدالواسع ٻرڙو 3 جنوري 1940ع تي، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ”سنڌي فائينل“ ۽ ”اردو اديب“ جو امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. هُن مختلف اسڪولن ۾ تدريسي خدمتون نڀائيندي 30 اپريل 1996ع تي، هيڊ ماستر طور پرائمري اسڪول گھٽهڙ مان رٽائرمينٽ ورتي.
    ’جوش‘ ٻرڙو 1956ع ۾ شاعري شروع ڪئي. کيس ادبي ماحول گھر ۾ ئي مليو. مشهور شاعر غلام نبي ’گل‘ سندس وڏو ڀاءُ آهي، جنهن جو سندس ادبي اوسر ۾ اهم ڪردار آهي. ’جوش‘ ٻرڙي جو هڪ شعري مجموعو ”عشق اُلا اُڇلايا“ مئي 2002ع ۾ ڇپيل آهي ۽ سندس غزلن جي هڪ آڊيو ڪئسيٽ پڻ جاري ٿيل آهي.
    سائين نذير احمد ’جوش‘ ٻرڙو غزليه شاعري سرجيندڙ پيار ۽ محبت جو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ انڊلٺي رنگ سندر لفظن جي صورت ۾ چِٽيل آهن:
    چوڏهينءَ جو ته چنڊ پورو آ،
    چاندني تو بنا اڌوري آ.

    ’جوش‘ ٻرڙو به، پنهنجي شاعر ڀاءُ غلام نبي گل وانگر، غزل جو شاعر آهي. سندس غزلن جي ٻوليءَ ۾ سمايل سادگي احساسن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪندڙ ۽ وڻندڙ آهي:
    نه جنهن کي ’جوش‘ مون سمجھيو،
    ســـا مـنــهـنـــجـــي ئـي حـيــاتـــي آ.

    *
    اڄ اچڻ جو آ تو ڪيو اقرار،
    اڄ اکين کي آ انتظار وري.

    ’جوش‘ وٽ پيار جي روايتي اظهار جا ٻول ته آهن، پر وٽس محبوب جي اڻ مَئي سونهن لاءِ سجدا، لفظن جو سهڻو لباس اوڍي اچن ٿا:
    حق عبادت جو ٿي ادا ويو ’جوش‘!
    هن جي چائنٺ ۽ هيءَ جبين هئي.

    سندس شاعريءَ ۾ اصلاحي انداز پڻ نظر اچي ٿو، جنهن وسيلي هُو سماج ۾ چڱائين جي پرچار ڪري ٿو:
    چڙهندڙ سج جي پوڄاريءَ کان پاسو ڪر،
    ڪينسر جهڙي بيماريءَ کان پاسو ڪر.

    ’جوش‘ جي شاعري جيتوڻيڪ روايتي شاعريءَ جو تسلسل آهي، پر ان ۾ ڪجھ ڪرڻا نئين شاعريءَ جا به اظهاريل آهن:
    دک ڇڙهڻ جي مشين سيني ۾،
    جنهن وڌايو آ دل جي ڌڙڪن کي.

    ’جوش‘ ٻرڙي کي ٻه دل جا دَورا 1992ع ۽ 1995ع ۾ پيا، پر هُو باهمت ٿِي، زندگيءَ ۽ شاعريءَ سان نڀائيندو رهيو. کيس ڪجهه ڏينهن اڳ بُڪين ۾ تڪليف ٿي ۽ سندس بڪين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته کيس ڪراچيءَ نِيو ويو جتي هن ڊائلاسز (Dialysis) ڪرايو. علاج دوران کيس 28 مئي 2013ع تي، اڱاري ڏينهن، دل جو دورو (هرٽ اٽئڪ) پيو جنهن ۾ سندس وفات منجهند جو 12 وڳي ڌاري ٿي. کيس ساڳئي تاريخ تي رات جو 11 وڳي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

    رياضت ٻرڙي جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو