عورت ۽ ان جي تعليم و تربيت

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سيد اياز علي شاه طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2013۔

  1. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    عورت ڇا آهي؟ ڪاش اسين سمجھي سگھؤن ته عورت ڇا آهي. عورت به مرد وانگر هڪ انسان ئي آهي. جسماني عضوا ۽ انهن مان ڪم وٺڻ ۾، احساسن ۾ ۽ غور و فڪر ڪرڻ ۾ ۽ انهن سڀني شين ۾ جيڪي انسان لاءِ انسان جي حيثيت ۾ ضروري هونديون آهن، مرد کان عورت ڪنهن به طرح مختلف ناهي. رهي ڳالهه صنفي نوعيت جي فرضن جي، ته انهن ۾ عورت مرد کان برابر مختلف آهي.
    هي جيڪو اسان پارين قومن جو الميو آهي ته جسماني طاقت ۽ عقلي صلاحيت ۾ مرد کي عورت تي فوقيت حاصل آهي ته ان جو ڪارڻ اهو آهي ته مرد صدين لاڪون پنهنجي جسم ۽ دماغ مان ڪم وٺندو رهيو آهي ان جي برعڪس عورت کي جسم ۽ عقل مان ڪم وٺڻ جا موقعا ئي نه ڏنا ويا آهن، بلڪه عورت کي زبردستيءَ پستين ۽ ذلتن ۾ رکيو ويو آهي. ها، عورت جي اها ذلت ۽ پستي مختلف دؤرن ۽ مختلف ملڪن ۾ ڪٿي وڌ ته ڪٿي گھٽ رهي آهي، باقي اها به اٽل حقيقت آهي ته اسان وٽ عورت کي پنهنجين فطري صلاحيتن مان ڪم وٺڻ جو ڪو اطمينان جوڳو موقعو ئي نه ڏنو ويو آهي. ٻيو ته ٺهيو، اسان وٽ اڄ به اهڙا گٺل پٺل دماغن وارا ماڻهو موجود آهن، جن جي خيال مطابق عورت جي لاءِ اعليٰ تعليم ۽ تربيت غير ضروري شيون آهن.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا سيد اياز۔۔۔ توهان تمام سُٺي سوچ، متاثر ڪندڙ خيال هڪ اهڙي موضوع تي پيش ڪيا آهن جنهن بابت درست نظريو رکڻ جي ضرورت هميشه کان رهي آهي۔۔ اڪثر ماڻهو عورت کي پير جي جُتي سمجهي ان سان ناروا سلوڪ ڪرڻ جائز سمجهندا آهن۔ اسان جي معاشري ۾ عورت هميشه کان مظلوم رهي آهي۔ کيس اهو رتبو ۽ اهو صحيح مقام ڪڏهن به نه ملي سگهيو آهي جيڪو سندس حق آهي۔
    عورت جي تاريخي حيثيت، اسلام ۾ ۽ مختلف مذهبن ۾ سندس عظمت ۽ مختلف دورن ۾ ساڻس ٿيندڙ ناانصافين تي گهڻو ڪجهه لکڻ جي ضرورت آهي۔ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي عرض آهي ته هن اهم موضوع تي به قلم کي جنبش ڏين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين شاھ صاحب اوهان جون سٽون تمام قيمتي موتي داڻا آهن، ڪاش انهن ۾ دليل طور اوهان ان ڪتاب ڪلام پاڪ جو حوالو به ڏيو ها جيڪو اوهان جي ناني حضرت محمد عربي صلي الله عليه وآله وسلم جن تي ڌڻي تعالي حضرت جبريل امين عليه السلام سان وحي ذريعي نازل ڪيو، جنهن ۾ عورت جي باري تمام ڳالهيون موجود آهن، ۽ ان کان پو پنهنجي ناني محمد عربي جن جي قيمتي ٻولن مان پڻ دليل پيش ڪريو ها جنهن ۾ مڪمل رهنمائي موجود آهي، ته اوهان جي هن قيمتي ليک کي لکين چنڊ لڳي وڃن ها، اميد آهي ته ضرور غور ڪندا ۽ انٽرنيت تي اسان جي هن پياري پهرين سنڌي فورم تي اسان جي رهنمائي جاري رکندا، ٿورا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    سڀني دوستن جي ڪرم نوازي جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي تحرير تي نظر احسن ڪرڻ فرمايو، قبلا سائين اسان جي ڪوشش آهي ته دوستن جا هٿ وٺي ڪري هن دريا مان گذرون ان لا ساڃاه وند سوچ ۽ فڪر کي هٿي وٺرائڻ جي ڪشمڪش ۾ آهيون اميد ته رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا۔
     
  5. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    هاڻ اچو ته ڪجهه تعليم ۽ تربيت تي ڳالهه ٻولهه ڪيون!!!!
    مطلب ته جن به فردن تي اولاد يعني پٽن خواهه نياڻين يا کڻي ڪهڙن به نوخيز رشتن جي تربيت جي ذميداري عائد ٿئي ٿي، انهن تي بهرحال لازم آهي ته هو نه رڳو پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم، مثالي اخلاق ۽ انمول تربيت سان نوازين بلڪه هنن لاءِ پاڻ کي انهن نوخيز نياڻين جي لاءِ هڪ مثالي نمونو بنائڻ به نهايت نهايت ضروري آهي. تربيت ۽ تعليم ئي اهي حقيقتون آهن جن جو اڳتي هلي قومي زندگيءَ جي نظام تي اوس اثر پوڻو هوندو آهي. اهڙي ئي تربيت ۽ تعليم هر قوم جي نياڻين لاءِ تمام ضروري آهي. مان سمجھان ٿو ته اهڙي تعليم ۽ تربيت کان سواءِ ڪنهن به عورت جي لاءِ ممڪن ئي ڪونهي جو اها خاندان يا سوسائٽيءَ لاءِ پنهنجا فطري فرائض پورا ڪري سگھي.
    هر قوم ۾ لڳ ڀڳ اڌ آبادي عورتن جي هوندي آهي. جيڪڏهن عورتن کي تعليم ۽ تربيت کان محروم رکجي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته پوري اڌ آبادي بنهه بيڪار بلڪه سوسائٽي لاءِ روڳ بنجي سامهون ايندي. اهڙن ڪلورن جو جيڪو نزلو قوم تي ڳڙندو رهندو ۽ قوم کي جيڪو ڪجھه ڀوڳڻو پوندو اهو ڪنهن کان ڳجھو ٿي سگھي ٿو؟!
    منهنجو مطلب آهي ته عورت لاءِ تعليم بهرحال نهايت ضروري آهي، ڇو؟ هن لاءِ ته جيئن هوءَ به هڪ مڪمل انسان بڻجي سگھي، جيڪو انسان سوچي ۽ سمجھي سگھندو آهي، پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪري سگھندو آهي. پر اسان وٽ عورت کي پستيءَ جي ان حد تائين ڌوڪيو ويو آهي جو جڏهن به عورت جو تصور ڪيو ويندو آهي ته امالڪ ذهن ۾ اهو لازمي شرط اڀري ايندو آهي ته ان جو ڪونه ڪو ڌڻي هوندو. جيڪو ان جي رکوالي ڪندو هوندو، جيڪو ان جي ڪفالت ڪندو هوندو. مطلب ته اسان وٽ ڪنهن به عورت لاءِ ان جي ڌڻيءَ کانسواءِ ان جو وجود ممڪن ئي ڪونهي. ڀلا سوسائٽيءَ ۾، ڇا اهڙيون عورتون ناهن هونديون جن جو ڪو به ڌڻي ناهي هوندو، جيڪو انهن جي پرگھور يا سنڀال ڪندو هجي. مثال طور هڪ ڇوڪري آهي جنهن جا ڪل مٽ مائٽ مري چڪا آهن ۽ هوءَ آهي به ڪنواري، يا هڪ عورت آهي، جنهن کي طلاق اچي چڪي آهي، يا ڪا بيواه آهي جنهن جو مڙس مري چڪو آهي، يا هڪ اهڙي ماءُ آهي جنهن کي پٽ جي اولاد آهي ئي ڪونه، يا جيڪڏهن آهي به ته اها صغير آهي. فرض ڪريو: جيڪڏهن اهڙيون عورتون تعليم کان وانجھيون هونديون ته انهن لاءِ زندگي گذارڻ ۽ ٻارن جي پالنا ڪرڻ ڪيڏو نه اڻانگو پنڌ هوندو؟ اسان وٽ عام طور تي ڇاڪاڻ جو عورت کي تعليم کان وانجھو رکيو وڃي ٿو. تنهنڪري مٿي ڄاڻايل نوبتن منجھان ڪنهن به هڪ نوبت ڪڙڪڻ تي ويچاريون ڳڀي ٽڪر ماڻڻ لاءِ اهڙي واٽ وٺڻ تي مجبور ٿينديون آهن جيڪا واٽ اخلاق کي نهوڙي ڇڏيندڙ هوندي آهي... يا وري جيڪڏهن عورت پنهنجي عصمت کي چيهاڙڻ کان بچائي وٺندي آهي يا وري ويچاري جسماني طور عياش ذهنن لاءِ قابل قبول ناهي هوندي ته، يا ته ان کي ڪنهن سيٺ، وڏيري يا پير جي گھر ۾ ماسي بڻجي گھٽيا ڪمن ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو آهي يا وري ويچاريءَ جو ساهه هميشه خيرات ۽ زڪواة ۾ اٽڪيل رهندو آهي. ڪجھه دوستن جو چوڻ آهي ته جنسيات جو شڪار، عورتون محض جسماني لذت لاءِ ٿينديون آهن. مگر تحقيقي رپورٽن اها ڳالهه ثابت ڪري سامهون آندي آهي ته جسماني لذت خاطر جنسيات جو شڪار فقط خوشحال گھراڻن جون عورتون ٿين ٿيون، نه ته گھڻي ڀاڱي جيڪا به عورت پنهنجو پاڻُ ڪنهن عياش جي حوالي ڪندي آهي ته ان کي صرف ۽ صرف ڪجھه ڏوڪڙ گھربل هوندا آهن... چند روپين خاطر عورت کي پنهنجي جسم فروشيءَ تي مجبور ٿيڻو پوي، صرف ان لاءِ ته هوءَ تعليم يافته نه آهي، اها عورت جي ڪيڏي نه تذليل چئبي؟!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    ادا سائين اوهان جا قرب اوهان جي ڳاله ڏاڍي مبهم آهي انجي منطق تي سوچ مهور ۾ آهي، پر سمجهائڻ ۽ قائل ڪرڻ لا قرآني دليل پڇاڙي جو حصو ٿوسمجهان۔ جي عقل ۽ فهم ۾ منطقي انجام تي پهچجي ته ان کي اوليت ڏجي نه ته پو احاديث ۽ قرآن جا دلائل ڪتب آڻبا، اميد ته ڪوشش ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مهرباني شاھ صاحب! پر منهنجي نظر ۾ قرآن وحديث کي عقل ۽ منطق کان وڌيڪ فوقيت ڏيڻ گهرجي ۽ عقل و منطق کان قرآن وحديث کي مقدم رکڻ گهرجي، ڇو ته عقل ۽ منطق ذريعي اسان فضول بحثن ۾ وقت ضائع ڪندا سون، جڏهن ته اسان اهو چوندي ٿڪندا ئي نه آهيون ته قرآن ۽ حديث دستور حيات آهن، جڏهن خالق ڪائنات هن ڪائنات جي نظام هلائڻ لا هڪ جامع دستور عطا ڪيو آهي ته اسان کي اجايو منطق ۽ عقل طرف نه وڃڻ گهرجي۔
    اوهان جي رهنمائي جو منتظر۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
     
  9. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    عورت کي غلام بنائي رکڻ واري سوچ تمام قديم آهي۔ عورت تي حڪم هلائڻ پنهنجي شآن سمجهيو ويندو آهي۔ اڄ جو انسان پنهنجو پاڻ کي مهذب، سڌريل انسان سمجهڻ جي باوجود اهڙن ڪڌن خيالن کان نڪري ڪو نه سگهيو آهي۔ ڇا عورت جو رتبو مرد کان گهٽ آهي؟ ڇا عورت جو عقل مرد کان گهٽ آهي۔؟ ڇا عورت صرف ٻار ڄڻڻ لا پيدا ڪئي وئي آهي۔؟ ڇا عورت صرف ۽ صرف مرد جي عياشي لا پيدا ڪئي وئي آهي؟ ڇا عورت مردن جهڙا ڪارناما انجام ڏئي نه ٿي سگهي۔؟ ڇا الله پاڪ عورت کي مرد جي برابر حق ڪو نه ڏنا آهن۔۔؟ ڇا عورت مرد جي محڪوم آهي۔؟
    شڪر الحمدُلله ۔۔۔الله پاڪ پنهنجي پياري نبي محمد مصطفى صلي الله عليه وآليه وسلم کي هن دنيا ۾ موڪلي اهڙي جهالت کي ختم ڪيونه ته اڄ به ڪنهن نياڻي جي ڄمڻ کي وڏو گناهه سمجهيو وڃي ها ۽ جيئري دفن ڪرڻ واري روايت به اڄ موجود هجي ها۔۔!!
    بحرحآل عورت اڄ به مظلوم آهي۔ دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ پيڙهجي رهي آهي۔ ڪٿي ڪارو ڪاري جي زد ۾، ڪٿي تحفي جي شڪل ۾، ڪٿي بازارن جي رونق، ڪٿي راهبه ٺاهي شادي جي بنيادي حق کان محروم ۽ ڪٿي ستي جهڙي فضول رسم جي ور چاڙهي وڃي ٿي۔ اهڙيون ڪئين رسمون آهن جن جو نشانو صرف ۽ صرف عورت ئي بنجي ٿي۔ هر روز دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ عورت جي عزت سان کيڏيو وڃي ٿو۔ عجب جو مقام ته اهو آهي ته مرد کي سزا ڏيڻ بدران آخر ۾ عورت کي سڄو الزام ڏنو وڃي ٿو۔ مرد کي معاشرو فورن قبول ڪندو آهي پر عورت سڄي زندگي پنهنجو گهر آباد ڪرڻ جي خواهش کنيو گهٽجي گهٽجي مريو وڃي ۔۔! ڪير اهڙي عورت کي قبول ڪري به ٿو ته سڄي زندگي کيس طعنا ۽ مهڻا برداشت ڪرڻا پون ٿا۔ هو روز جيئندي ۽ روز مرندي آهي۔ ڇا اهو ظلم ناهي ته اسان جو معاشرو هڪ گناهگار کي ته قبول ڪري ڇڏي ٿو پر ٻئي کي نه۔صرف انڪري جو هو عورت آهي۔ ڇا عورت سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو صحيح آهي۔؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو