روزمره جي استعمال ۾ ڪتب ايندڙ انگريزي جملا

'اچو ته انگريزي سکون' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2014۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    انگرريزي جا جملا سنڌي معنيٰ سان گڏ ونڊيان ٿو. جيڪڏهن ڪارائتا لڳن ته پنهنجي دوستن سان ضرور ونڊ ڪجو. يا هتي پنهنجي دوستن کي ٽيگ / مينشن پڻ ڪريو.

    سجاد

    ***********
    There's no accounting for the tastes.
    شوق جو ڪو ملهه ناهي.
    -----
    God forbid!
    خدا نخواسته، خدا نه ڪري.
    -----
    I am afraid. I couldn't get you.
    معاف ڪجو، مون سمجهيم ڪونه.
    -----
    You're beyond me.
    تون منهنجي سمجه کان چڙهيل آهين.
    -----
    He's forced.
    هو مجبور آهي.
    -----
    He's a glutton.
    هو وڏو ڪو پيٽي آهي (ڏاڍو کائُو آهي)
    -----
    So be it!
    آمين!
    -----
    Don't you dare!
    خبردار!
    -----
    Mind your business!
    پنهنجي ڪم سان ڪم رک.
    -----
    You must be joking!
    مذاق ڪندو هوندين!
    -----
    I didn't mean that.
    منهنجو مطلب اهو ڪونه هئو.
    -----
    Did you fall in love with anybody?
    ڪڏهن ڪنهن سان عشق ٿيو اٿئي؟
    -----
    No such luck!
    اسان جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي!
    -----
    Keep your fingers crossed;
    اميد رک..
    -----
    You don't know where the shoe pinches.
    جنهن سان ويڌن آ، انهي کي ئي خبر آ.
    -----
    It serves you right.
    ڀلي ته هجئي. (تون انهي جو ئي حقدار آهين)
    -----
    It's no use.
    بيڪار (ڪو فائدو ناهي)
    -----
    Tell me another
    ڪا ٻي ڳالهه ڪر يار.
    -----
    What a shame
    ڪيڏي شرم جي ڳالهه آهي.
    -----
    So far, so good
    اڃا تائين ته خير لڳو پيو آ.
    -----
    That comes to me as no surprise!
    مونکي ڪا خاص حيرت نه ٿي.
    -----
    I'm blunt
    مونکي سمجه نه ٿو اچي ته ڇا ڪريان.
    -----
    How come
    اهو ڪيئن ؟
    -----
    There are no two ways about it
    انهي ۾ ڪو شڪ ناهي.
    -----
    Use your wits!
    هوش کان ڪم وٺ!
    -----
    I nearly died
    مري مري بچيو آهيان.
    -----
    Get a move on
    جهٽ پٽ ڪر يار.
    -----
    What's got into you nowadays?
    توکي ٿي ڇا ويو آهي اڄڪلهه؟
    -----
    Get cracking
    جلدي ڪر.
    -----
    What’s up?
    ڇا پيو ٿئي؟
    -----
    Don’t bank on it. / Don't trust on it.
    ان تي اعتبار نه ڪجانءِ.
    -----
    No big deal
    ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
    -----
    Easier said than done
    چوڻ سولو آهي ڪرڻ ڏکيو.
    -----
    Don’t be long
    دير نه ڪجانءِ
    -----
    It doesn’t make a difference
    انهي سان ڪو فرق نه ٿو پوي.
    -----
    Mark my words
    مونکان لکي وٺ. (مطلب: ائين ضرور ٿيندو)
    -----
    Keep the matter to yourself
    اها ڳالهه پاڻ تائين رکجانءِ. (ڪنهن کي نه ٻڌائجانءِ)
    -----
    It's the twist of fate
    اهو سڀ قسمت جو ڦيرو اٿئي.
    -----
    Good-for-nothing
    ڪنهن نه ڪم جو (بيڪار، نڪمو)
    -----
    So help me God
    انشاءالله
    -----
    It’s beneath me to meet him
    هن سان ملڻ منهنجي شان جي خلاف آهي.
    -----
    What is eating you
    توکي ڪهڙي تڪليف آ.
    -----
    I have a word to say
    مونکي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آ.
    -----
    There's no call for swearing
    قسم نه کڻ.
    -----
    I stand corrected
    مان پنهنجي غلطي مڃان ٿو.
    -----
    Blast him
    ڌوڙ وجهيس.
    -----
    Do me a favor.
    هڪ ڪم ته ڪر.
    -----
    What’s the use?
    فائدو؟ (ان جو ڪهڙو فائدو؟)
    -----
    Who cares?
    مونکي پرواه آهي ڇا؟ (جيئن وڻيس ڪري، فرق نه ٿو پوي)
    -----
    You had better hold your tongue
    پنهجي زبان تي قابو رک، پنهنجي زبان کي لغام ڏي.
    -----
    Behave yourself
    تميز سان ڳالهاءِ
    -----
    Between ourselves
    پنهنجو پاڻ ۾ آهيون... (پنهنجي ڳالهه آ، آپس ڪي بات)
    -----
    Bear it in your mind.
    اها ڳالهه پنهنجي دماغ ۾ وجهي ڇڏ.
    -----
    I beg your pardon
    معاف ڪجو.
    -----
    Oh,that reminds me!
    اوه، ياد آيو!
    -----
    Mind you, you will reget it!
    ياد رک! پڇتائيندين!
    -----
    It’s pointless to discuss with you.
    توسان بحث ڪرڻ فضول آ.
    -----
    There’s always room for improvement
    بهتري جي گنجائش هميشه رهندي آهي.
    -----
    Buddy, Mustn’t grumble
    بس يار! مڙئي هلون پيا. (جيئون ٿا پيا)
    -----
    His days are numbered
    هو ٻه ٽن ڏينهن جو مهمان آهي.
    -----
    Be that as it may
    خدا ڪري ايئن ئي هجي.
    -----
    Make yourself at home
    پنهجو ئي گهر سمجهه.
    -----
    Don’t be formal.
    تڪلف نه ڪر.
    -----
    Talk sense!
    ڪا عقل جي ڳالهه ڪر!
    ----
    What a taste!
    مزيدار!!
    -----
    Change the subject.
    ٻي ڪا ڳالهه ڪر (موضوع مٽاءِ)
    -----
    Shame on you.
    شرم ڪر!
    -----
    There's nothing to worry about
    فڪر جي ڪا ڳالهه ناهي.
    -----
    Don't use obscene language
    ڪنو نه ڳالهاءِ
    -----
    I couldn’t help laughing.
    مونکان کل نڪري وئي.
    -----
    He refused me point-blank
    هن مونکي صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
    -----
    The chances are slim.
    انهي ڳالهه جا امڪان تمام گهٽ آهن.
    -----
    It’s up-to you!
    اهو تو تي ڇڏيل آ.
    -----
    It’s out of the question
    سوال ئي پيدا نه تو ٿئي.
    -----
    Don’t get me wrong
    مونکي غلط نه سمجهه.
    -----

    So that’s that
    اڇا! ته اها ڳالهه آهي.
    -----
    Don’t play the fool
    چريو نه ٿيءُ.
    -----
    Don’t cut in me
    منهنجي ڳالهه وچ مان نه ڪٽ.
    -----
    His word carries weight
    هن جي ڳالهه ۾ وزن آهي.
    -----
    What ails him?
    هن کي ڪهڙي تڪليف آ؟
    -----
    I am feeling dizzy/giddy.
    مونکي چڪر ٿا اچن.
    -----
    You've spoken of my heart
    منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي اٿئي.
    -----
    He's out of sorts
    هن جي طبيعت خراب آهي.
    -----
    You are a chatter-box/Talkative.
    ڏاڍو گهڻ ڳالهائڻو آن. (ڏاڍي ڄاڙي ٿو هڻين)
    -----
    He's hard-up nowadays
    اڄڪلهه هن جو هٿ تنگ آهي.
    -----
    I will sort you out.
    مان توکي سڌو ڪري ڇڏيندس.
    -----
    I carved my way.
    مون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيو.
    -----
    He is one in a million
    هو لکن ۾ هڪ آهي.
    -----
    He is a well-off person.
    هو هڪ خوشحال ماڻهو آهي.
    -----
    Don't give hush money!
    رشوت نه ڏي.
    -----
    I am near-sighted.
    منهنجي پري جي نظر جهڪي آهي.
    -----
    That's all whitewash
    اهو سڀ ڏيکاءُ آهي.
    -----
    This is a blind alley job.
    انهي نوڪري جو ڪو مستقبل ناهي.
    ----
    New lords, new laws.
    نئين حڪومت، نوان قانون.
    -----
    Please don't cut me short!
    منهنجي ڳالهه نه ڪٽ.
    -----
    I am out with you.
    مان توکان ناراض آهيان.
    -----
    God will set things right
    الله سڻائي ڪندو.
    -----
    Get off my back
    منهنجي پويان نه لڳ. (پيڇو نه ڪر)
    -----
    Mend your ways.
    پنهنجا طريقو صحيح ڪر.
    -----
    School your temper!
    پنهنجي ڪاوڙ تي قابو رک.
     
    چاھت علي، چندر، بختاور ٽالپر ۽ 23 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    School your temper!
    پنهنجي ڪاوڙ تي قابو رک.


    لک قرب ... قيمتي شيئرنگ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بهترين ليک. هي اهي ليک آهن جيڪي گوگلنگ دؤران ڪم اچي سگهن ٿا. مثال طور ڪو اهڙن لفظن جي معنىٰ ڳوليندو هجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    بهترين سائين تمام سٺي ونڊ آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه تمام قيمتي جملا.
    مون ته ڪاپي تي اهي لکي به ورتا.
    اڃا جيڪڏهن توهان وٽ ٻيا به اهڙا جملا هجن ته ونڊ ڪجو.مهرباني ٿيندي،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
     
  7. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سائين تمام سٺي ونڊ آهي، جاري رکو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    دوستو، اوهان جي حوصلا افزائي ۽ سکڻ لاءِ آمادگي مجبور ڪيو آهي ته اڳتي به اهڙي قسم جو تحريرون ونڊيندو رهان.. قرب دوستن جا.
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بهترين ادا


    جاري رکجو
     
  11. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    تما زبردست ادا مهرباني
     
  12. فيصل ميمڻ

    فيصل ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ويب انجنيئر
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام زبردست سائين
     
  13. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي.
     
  14. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    زبردست ڪم جي ڳالهه آهي مون ته پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڇڏيا..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو