”مير غلام محمد ٽالپر“

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رياض ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2014۔

  1. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    ميرغلام محمد خان ٽالپر، ٽنڊي باگي شهر ۾ 1876ع ڌاري جنم ورتو.ان زماني ۾ لاڙجي ماڻهن کي تعليم جي اهميت جي خبر ڪا نه هئي، ان ڪري هو پنهنجن ٻارن کي ڪون پڙهائيندا هئا. ميرصاحب کي تعليم سان دلچسپي هئي. هو چوندو هو تـه انگريزي علم کان سواءِ ترقي ڪرڻ ممڪن ناهي. هن آسپاس جي ماڻهن کي همٿايو ۽ شوق ڏيارو تـه هو پنهنهجي پٽن ۽ نياڻين کي تعليم ڏيارين. 1920ع ۾ مشهور استاد ، اديب ۽ شاعر محمد صديق ”مسافر“ جي صلاح سان هن ٽنڊي باگي شهر ۾ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي اسڪول قائم ڪيو. مسافر هرڪم ۾ ميرصاحب جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. جلدي مير صاحب پنهنجي خرچ سان اسڪول جي شاندار عمارت سان گڏ هڪ بهترين هاسٽل پڻ ٺهرائي. ان ۾ ڪيترائي شاگرد مفت رهندا هئا. آس پاس جي غريب خاندانن جا هزارين ٻارهن اسڪول مان تعليم پرائي سٺي روز گار سان لڳا.

    مير غلام محمد ٽالپر کي ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين جي تعليم جو به اونو هو. ان ڪري هن 1928ع ۾ ٽنڊي باگي شهر جي مير محلي ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ هڪ زنانون اسڪول کوليو. همت افزائي لاءِ اسڪول جي ماسترياڻين کي پگهار کانسواءِ کاڌو ۽ رهائش به مفت ملندي هئي. اسڪول ۾ علم سان گڏ ڀرت ڀرڻ‘ ۽ چرخي تي سٽ ڪٽڻ جي سکيا ڏني ويندي هئي. هتي دائين جي سکيا ۽ ڄاڻ جو انتظام پڻ هو. مير غلام محمد ٽالپر انهن ادارن جو سمورو خرچ پاڻ پنهنجي ذاتي آمدني مان ڪندو هو. مير غلام محمد ٽالپر 12فيبروري 1923ع تي وفات ڪيائين.

    هي معلومات ڏهين ڪلاس جي شاگرد گل محمد ملڪاڻي ڏني آهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي ڄاڻ
     
  3. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    جس هجي ان ننڍڙي کي سائين ....
     
  4. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    مهربانيون ادا. اسان جي ڪوشش آهي سڀني ڀائرن کي همٿايون، انهن کي ڪجهه لکڻ لا همٿايون.
     
  5. محمد امين ڀٽي

    محمد امين ڀٽي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    سائين جيڪڏهن ڏنل معلومات کي درست سمجھون ته پوءِ http://www.talpur.org/Home/mankani-...ir-yar-muhammad-khan/mir-ghulam-muhammad-khan هن لنڪ کي ڇا سمجھون؟ ان کان علاوه سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي درسي ڪتاب چوٿين آسان سنڌي ۾ تاريخ وفات سنه 1932ع لکيل آهي. هاڻ دوست رهنمائي ڪن ته اسان ٻارن کي ڪهڙي تاريخ ٻڌايون؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو