پُراڻا بدبودار جوراب

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ شخص جڏنهن به پنهنجي دوستن جي محفل ۾ پُهچندو هو ته سڀ ماڻهون کيس ڏسي پنهنجي نڪ تي رومال رکي ڇڏيندا هُئا! جڏنهن هر ڀيري ائين ٿيڻ لڳو ته هن کي به تشويش ٿي ۽ هڪ دوست کان نڪ تي رومال رکڻ جو سبب پُڇيو، جنهن ٻُڌايس ته ان جو سبب اُهي بدبور جوراب آهن جيڪو تون پائي اچي محفل ۾ پلٿي ماري ويهندو آهين . تون ڇو نٿو اهي جوراب تبديل ڪرين!
    ٻئي ڏينهن اهو شخص بازار مان نوان جوراب وٺي آيو ۽ پائي وري اچي ساڳي محفل ۾ پُهتو ! حسب دستور دوستن وري به پنهنجي نڪ تي رومال رکڻ شروع ڪيا ته کيس ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ اُٿي بهي تقرير ڪرڻ لڳو !
    مونکي خبر آهي ته توهان مونکي ڏسي پنهنجي نڪ تي رومال ڇو ٿا لڳايو، پر هاڻ ته آئون نوان جوراب وٺي پائي آيو آهيان ۽ پُراڻا بدبودار جوراب لاهي ڇڏيا اٿم. جي يقين نٿو اچيو ته هي ڏسو !
    ائين چئي هو پنهنجي پينٽ جي ٻنهين کيسن مان پُراڻا جوراب ڪڍي دوستن کي ڏيکارڻ لڳو !
    هي ڏسو ! هي آهن پُراڻا جوراب ! لله هاڻ ته پنهنجي نڪن تان رومال هٽايو !
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو