عورتن جي تعليم

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اڄ ڪلهه جي دنيا جي سڀ کان پهرين ضرورت علم آهي، ڇو جو تعليم جي ڪري ئي انسان هيتري ترقي ڪئي آهي. اهو انسان جيڪو پهرين غارن م رهندو هو. وڻن جي پنن سان پنهنجو جسم ڍڪيندو هو، اهو انسان جيڪو پهرين جانورن جو ڪچو گوشت کائيندو هو، پر جڏهن کان ان علم جي طرف ڌيان ڏنو ته اهوئي انسان هاڻي عاليشان گهرن ۾ رهي ٿو، هر قسم جا کاڌا کائي ٿو، ۽ انسان ڪتابن جي ذريعي پڙهائي کي لاذمي قرار ڏنو آهي. قرآن جي جڏهن پهرين آيت نازل ٿي ته ان جو پهريون لفظ ”اقراءُ“ يعني ”پڙهه“ هو، اسلام ۾ پهريون حڪم پڙهڻ جو ٿيو ۽ حضور ضلي الله عليه جن به سدائين خدا کان اهائي دعا گهرندا هئا ته“ قُل رَب زِدني علماَ“ يعني ”اي الله منهنجي علم ۾ اضافو ڪر “ اڄ تائين دنيا ۾ جن ملڪن ترقي ڪئي آهي. انهن ملڪن ۾ تعليم جو معيار تمام سٺو آهي ۽ جيڪي ملڪ ترقي نه ڪري سگهيا آهن، انهن ملڪن ۾ پڙهائي لاءِ ڪي به سٺا انتظام نه ڪيل آهن ۽ تعليم اها شيءَ آهي، جيڪا انسان کي دنيا جي متعلق ٻڌائي ٿي ۽ ان کي جهالت جي اونداهي مان ڪڍي ٿي. اهو انسان جيڪو پڙهيل نه آهي ته انجو مطلب اهو ته جيڪڏهن مري به ويندو ته ان پنهنجي زندگي نا مڪمل گذاري آهي، زندگيءَ جي ڪتاب ۾ تعليم اهو سبق آهي جيڪڏهن ان ڪتاب مان تعليم جو سبق ڪڍي ڇڏجي ته اها زندگي هڪ ناڪمام ۽ بيڪار زندگي آهي ۽ ان زندگي گذارڻ جو ڪو به فائدو ڪونهي.

    هر آسماني ڪتاب ۾ پڙهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. خدا تعالى هن دنيا ۾ هر انسان کي عقل برابر ڏنو آهي، پر ان کي استعمال وري به ڪجهه ماڻهو ٿا ڪن ۽ جيڪي ماڻهو عقل ٿا استعمال ڪن ته اڳيان هلي اهي ئي ماڻهو ڪامياب ٿا ٿين. هن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ هڪ الڳ مقام ٿا ٺاهين ۽ تعليم سان انسان نپنهنجي عقل کي استعمال ڪرڻ سکي ٿو. حضور صلي الله عليه وسلم جو ارشاد مبارڪ آهي ته ” عالم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تهي فرض آهي“ پر اچڪلهه عورت جي تعليم کي حيثيت نه ڏني ويندي آهي ۽ ماڻهن جي نظريي جي مطابق جيڪڏهن اڄ تائين دنيا 75 سيڪڙو ترقي ڪئي آهي. ته ان ۾ 70 سيڪڙو مردن جو هٿ آهي ۽ صرف 5 سيڪڙو عورتون ترقي ڪري سگهيون آهن ۽ خاص طور تي مشرق ۾ هر لحاظ سان عورت هر ڪم ۾ مرد کان تمام گهڻو پٺِان آهن، جو سبب اهو نه آهي ته عورت ترقي ڪري ئي نٿي سگهي، يا عورت کي عقل گهٽ آهي، پر ان جو سبب اهو آهي ته عورتن جي پڙهائي کي ڪابه اهيمت نه ڏني ويندي آهي ۽ ڪي ماڻهو ”پردي“ جي بنياد ڪري عورتن کي پڙهائڻ ئي جرم سمجهندا آهن ۽ اهي ماڻهو پنهنج پٽن تي زياده زور ڏيندا آهن ۽ انهن کي بهتر تعليم ڏيندا آهنم اهڙا به گهڻائي ماڻهو هوندا آهن جن جا پٽ ته لنڊن يا آمريڪا ۾ پڙهندا آهن پر انهن جي نياڻين کي ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ به تعليم نه ڏياريندا آهن، ڇو؟ انهن جون ڌيئر گهر کان ٻاهر به نه نڪري سگهنديون آهن ۽ نه ئي انهن کي اها خبر هوندي ته تعليم هوندي ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪي ماڻهو تمام مذهب پرس آهن ۽ دولت مند به آهن، الله جي حڪمن کي مڃين ٿا. پر جيڪڏهن ان جي اولاد ۾ هن جا پٽ پڙهيل آهن، ڌيئر اڻ پڙهيل آهن ته منهنجي نظر ۾ اهي دوزخي آهن. ڇو ته اهو عورت سان انصاف نه آهي ۽ اهي ماڻهو مرد کي سٺو ٿا سمجهن، پر عورت کي خراب ٿا سمجهن ۽ انصاف نٿا ڪن ته انهن مانهن کي اها خبر هئڻ گهرجي ته نا انصافي ڪرڻ وارو به دوزخ ۾ ويندو ۽ عورت سان نا انصافي جي ڪري پنج وقت نماز پڙهڻ وارا به دوزخ ويندا.

    جنهن لحاظ سان پاڻ اهو چئو ته عورت ترقي نه ڪري سگهي آهي ته پوءِ ڪنهن جڳهه تي اهو چو ڻ به غلط ٿي ويندو آهي، ڇو جو ڪي ڪي عورتون اهڙيون به آهن جيڪي مردن کان ڏهه قدم اڳيان نڪري ويون آهن جيئن: مدرٽريسا، ليڊي ڊائنا، هيلري ڪلنٽن، بينظير ڀٽو، راڻي ايلز بيٿ، حسينه واجد، اندرا گانڌي ۽ ٻيو به گهڻيون عورتون آهن جن دنيا جي سامهون پنهنجو پاڻ، کي مڃرائي ڇڏيو آهي ۽ اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن عورت کي هر طرح جون سهوليون ملن ٿيون ته اها عورت ڪنهن مرد کان گهٽ نه آهي.

    اسلام عورت کي هڪ تمام وڏو مقام ڏنو آهي، ڇو جو اسلام اچڻ کان اڳ عورتن جي ڪا حيثيت ڪا نه هئي ۽ حضرت عيسى عليه کان پهرئين ته عورت کي جانور سمجهيو ويندو هو ۽ جنهن گهر ۾ عورتون گهڻيون هونديون هيون ته ان گهر کي منحوس ۽ ناپاڪ چوندا هئا ۽ گهڻائي ماڻهو پنهنجي ڌيئرن کي زنده دفنائي ڇڏيندا هئا، انهن کي ماري ڇڏيندا هئا، يا باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندا هئا، عربن ۾ جنهن عورت گهر ۾ بلڪل پوري طريقي سان قيد هوندي هئي ا۽ انهن مردن جي ذهن ۾ اها ڳالهه هوندي هئي ته عورت اسان جي ڪهڙي ڪم ايندي. ان جي شادي ٿيندي ته ان مان اسان کي ڪهڙو فائدو پهچندو، پر پٽ ته اسان کي پيريءَ تائين ڪم ايندو ۽ بعد ۾ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي پٽن کي زياده حيثيت ڏيندا هئا انهن جو ئي اولاد وڏو ٿي هنن کي موڙ ٻڌي ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجي ماءُ کي پنهنجي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن. پر اسلام عورت کي هڪ تمام وڏو مقام ڏنو آحي ۽ ان جي نسل کي ٽن وڏن عهدن سان نوازيو آهي ته عورت هڪ ماءُ به هوندي آهي، ڌيءَ به هوند آهي ته زال به هوندي آهي، حضور صلي الله عليه وسلم جن خود فرمايو ته ”ماءُ جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي“ يعني ته عهدو مليو ته اهو مقصد آهي، جنهن ڪري پاڻ هن دنيا ۾ اچو ٿا ۽ هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته هو جنت ۾ وڇي ۽ اها جنت انسان هڪ ماءُ يعني عورت جي خدمت سان حاصل ڪري سگهي ٿو، پاڻ سڳورا ٻنهي جهانن جي مالڪ آهن، پاڻ صلي الله عليه وسلم تمام نيڪ هئا، پاڻ صلي الله عليه وسلم پنهنجي وفات کان ڪجهه وقت پهرن حضرت فاطمه رضه جي ڪن ۾ چيو هو ته تون مون کي جنت ۾ سڀ کان پهريائين ملندئين، يعني پاڻ سڳورن سان سڀ کان پهرئين هڪ عورت يعني پاڻ سڳورن جي ڌيءَ بي بي فاطمه کي خاتون جنت ٿيڻ جي مبارڪ ڏني.

    هن خدا جي تخليق ڪيل دنيا ۾ هر ماڻهو هڪ جهڙو آهي ۽ نه ئي پاڻ کي عورت ۽ مرد جو فرق بيان ڪرڻ گهرجي، ڇو جو مرد ۽ عورت جي مثال هڪ سلطنت جي بادشاهه جي بادشاهه ۽ وزير وانگر آهي ۽ جيڪڏهن هڪ مرد ان سلطنت جو بادشاهه آهي ۽ عورت جيڪڏهن وزير جي بغير ڪو به ڪم نه ٿو ڪري سگهجي.

    عورت ۽ مرد هڪ ئي گاڏيءُ جا ڦيٿا هوندا آهن ۽ ڦيٿا برابر حيثيت جا هوندا آهن ۽ سدائين گڏ هلندا آهن. مغرب مرد ۽ عورت جي پڙهائي ۾ ڪو به فرق نه رکيو ويو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته يورپ، آمريڪا جا ملڪ اسان کان تمام گهڻو اڳيان نڪري ويا آهن، پر مشرق ۾ عورت کي پدي جي بنياد تي پڙهايو نه ويندو آهي، پر اهڙي ماڻهن کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهجي، اهڙيون به تمام گهڻيون عورتون هونديون آهن جيڪي پردي کي قائم رکندي به سدائين پڙهنديون آهن ۽ خاص طور تي ڳوٺن ۾ عورتن کي نه پڙهايو ويندو آهي، پر اها هر ماڻهو کي پنهنجي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن توهان هڪ پٽ پڙهايو ته ان سن ڪنهن ٻئي کي فائدو نه پهچندو، پر هڪ ڇوڪريءَ کي پڙهائڻ هڪ خاندان کي پڙهائڻ جي برابر هوندو آهي، جيڪڏهن هڪ ڇپڪري پڙهيل لکيل هوندي ته ان جو ملطب هو پنهنجي اولاد کي به سٺي تربيت ڏيندي، پنهنجي گهر کي به پڙهائيندي، ان کي هن معاشري جو هڪ سٺو فرد بنائيندي، پر هڪ اڻپڙهيل عورت نه خود پڙهيل هوندي نه ئي پنهنجي اولاد جي سٺي ترتيب ڪري سگهندي ۽ نه هن کي معاشر جو سٺو فرد بنجڻ ۾ ڪا مدد ڪري سگهندي ۽ اهئي هڪ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل عورت ۾ فرق آهي ۽ ضروري ناهي ته تعليم صرف اها تعليم هجي جيڪا آهي. تعيلم هر قسم جي ٿيندي آهي قرآن به دنيا جو سٺي ۾ سٺو ۽ پاڪ ڪتاب آهي ۽ جيڪا عورت اڻ پڙهيل آهي پر ان کي قرآن جي تعليم ڏنل آهي ته پاڻ ان کي آڻ پڙهيل نٿا چئي سگهون.

    پاڻ سڳورن هڪ حديث ۾ فرمايو آهي ته ” علم حاصل ڪريو پينگهي کان قبر تائين“ تعليم عورت لاءِ تمام گهڻي حيثيت رکي ٿي، تنهن ڪري تعليم حاصل ڪرڻ هر عورت جو بنيادي فرض آهي، ڇو جو تعليم انسان کي دنيا ۾ ڪم اچي ٿي، پر انسان گڏو گڏ آخرت ۾ خدا ان جو اجر ڏي ٿو ۽ ان ڪري عورت کي هر قسم جون سهوليتون هئڻ گهرجي ۽ ان کي پرهائڻ گهرجي ته جيئن جن ڪمن ۾ عورت بلڪل ترقي نه ڪري سگهي آهي، انهن م هوءِ اڳتي وڌي جيئن ته عورت کي پڙهائڻ جو مطلب هڪ خاندان کي پڙهائڻ جي برابر آهي انهيءَ طريقي سان جيڪڏهن هر عورت کي سٺي نموني پڙهايو ويندو ته انشاالله هڪ اهو به زمانو ايندو جڏهن پاڪستان به دنيا جي ترقي يا فته ملڪن م سڃاتو ويندو ۽ اڄ ڪلهه ته ڇوڪرين جي پڙهائي لاءِ ڳوٺن ۾ به اسڪول کوليا وڃن ٿا. ۽ انهن جي پڙهائي تي حڪومت به زور ڏي ٿي ۽ جيڪڏهن ائين رهيو ته ڪنهن وقت مشرق جي هر ڇوڪري لکيل پڙهيل هوندي ۽ پنهنجي پاڻ کي دنيا جي سامهون مڃائي ويند.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو