مان اعتراف ٿو ڪريان ته ............ ڪوثر ٻرڙو

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مون کي سرڪاري نوڪري ڪندي ٻٽيهه ورهيه پورا ٿيڻ وارا آهن، ان عرصي دوران مون کي هاڻي اهو احساس ٿيو آهي ۽ اعتراف به ڪيان ٿو ته ريڊيو جي نوڪريءَ جي رومانس، جنون ۽ شوق ۾ پنهنجي گهر ۽ اولاد کي اهو وقت ۽ ڌيان نه ڏئي سگهيس، جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ ڏيڻ کپندو هو، نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ملڪ جي ٻين حصن ۾ به رهيس پر پنهنجي اباڻي شهر خيرپور جي ريڊيو اسٽيشن تي به رهڻ جا ڪيئي موقعا به مليا پر نوڪريءَ جي جنون ۾ پنهنجي شهر، ڳوٺ، گهر ۽ اولاد کي وقت نه ڏئي سگهيس، جنهن جي ڪري منهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تمام گهڻي متاثر ٿي، نوڪريءَ سان ان حد تائين جنون هو جو منهنجو وڏڙو پٽ عاصم اڄوڪي ڏينهن يعني 11 آگسٽ 1997تي هي دنيا ڇڏي ويو هو، پر ان کان فقط هڪ رات اڳ به پٽ جي شديد بيماري هوندي به مان ريڊيو تي ” موتين مالها، پروگرام ڪري رهيو هوس.

    سو هاڻي شديد احساس ٿي رهيو آهي ۽ اهو به اعتراف ٿو ڪريان ته جيڪڏهن گهر ۽ ٻارن کي گهربل وقت ڏيان ها ته اولاد جي تعليم ۽ تربيت ايتري متاثر نه ٿي ها. ريڊيو جي نوڪريءَ سان گڏ مون کي اولاد ۽ پنهنجي فيملي ڏي به ڌيان ڏيڻ کپي ها ته شايد انهن جي تعليم ۽ تربيت وڌيڪ بهتر ٿئي ها.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    معاف ڪندا، نالي ۾ غلطي آهي، هي اعتراف آهي ڪوثر ٻرڙو صاحب جو.
     
    عرفان سيال هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪوثر ٻرڙي جي ان اعتراف طرف اسان سڀني کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي گهر، پنهنجي ٻارن ۽ پنهنجي عزيزن کي به مناسب وقت ڏيڻ گهرجي ..... نه ته دير ٿي ويندي، اوهان جا گهروارا، اوهان جا ٻار اوهان جو ڌيان گهرن ٿا.
     
    عرفان سيال، منصور سرور ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو