صوفي ازم انسانيت آهي ۽ انسانيت ۾ هيڪڙائي هوندي آهي،صوفي سنڌ مان ورتل

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    صوفي ازم انسانيت آهي ۽ انسانيت ۾ هيڪڙائي هوندي آهي، اها ئي هيڪڙائي ڌڻي سائين جي وصف آهي، هن سڄي سنسار جو والي هو هڪ ڌڻي سائين آهي، جيڪو ڪُل ڪائنات جو مالڪ حقيقي آهي، جيڪو رب العالمين آهي، هن سڄي وايو منڊل جو اهو مالڪ ۽ آهي، ڌرتيءَ جا سمورا ڀورا ۽ ڪارا انسان هڪ خدا جا خلقيل آهن، هندو، مسلمان، سک، عيسائي اهي سڀ انسان هڪ ئي خدا جا بڻايل آهن، اسان پاڻ مٿان ڀل ڪيترائي ۽ ڪهڙا به خطاب رکي انسان ته هڪڙي ئي چيز مان تخليق ٿيندڙ آهي، انسانن جون مذهبي سڃاڻپون ۽ ثقافتي ۽ تهذيبي تمدن جيڪڏهن الڳ آهن ته منجهن انساني جذبو جيڪو محبت ۽ ڀائيچاري جي احساسن سان جڙيل هوندو آهي، اهو هڪ ئي ۽ ساڳيو آهي.

    انساني محبت ۽ ڀائيچاري واري ان جذبي کي ئي صوفي ازم جو نالو ڏجي ته گهٽ نه ٿيندو، سڀني جو رب ساڳيو هڪ آهي، سڀني جو پاليندڙ اهو ئي هڪ آهي، خدا انسان کي محبت سان خلقيو آهي، انسان خدا کي بيحد عزيز آهي، خدا انسان کي بيحد پسند ڪري ٿو، خدا انهن انسانن سان محبت ڪندو آهي، جيڪي انسان نيڪ هوندا آهن ۽ ٻين انسانن سان نفرت ۽ تعصب بجاءِ محبت ۽ خلوص سان پيش ايندا آهن، انسان ڪهڙي به رنگ، نسل ۽ قوم ۽ قبيلي جو هجي جيڪڏهن اهو نيڪ آهي ته خدا ان سان راضي آهي ۽ انتها درجي جي محبت ڪندو آهي پر جيڪڏهن ڪو انسان، جيڪو ڪهڙي به قوم قبيلي ۽ رنگ نسل سان واسطو رکندو هجي، اهو برائي جا ڪم ڪري ٿو، خدا ان کي ناپسند ڪري ٿو، دنيا جا سمورا مذهب نيڪيءَ جو درس ڏين ٿا، خدا وٽ سڀ کان ڀلو اهو آهي جنهن جا عمل ڀلا آهن، عملن جو دارو مدار نيتن تي هوندو آهي، نيتن جو پارکو الله پاڪ آهي، الله پاڪ هر انسان جي عملن کان بخوبي واقف آهي، موت کانپوءِ جڏهن انسان ڌرتيءَ تان واپس حقيقي دنيا ۾ خدا وٽ پهچي ٿو ته اهو خدا تعاليٰ آڏو پنهنجي عملن جو پاڻ جوابده بڻجي ٿو، خدا هر هڪ کي نيڪ عملن جو اجورو ڏئي ٿو ۽ بد عملن جي سزا ڏئي ٿو، اصل ۾ مذهب هر ماڻهو جو پنهنجو ضمير جو مسئلو هوندو آهي، مذهب جي باري ۾ ڪنهن انسان کي ڪو نه ٿو جڳائي ته اهو ڪنهن انسان جي دين ۾ مداخلت ڪري، ”تنهنجو دين توسان ۽ منهنجو دين مونسان“ اهو ئي خدائي فرمان آهي، مذهب جو معاملو انسان ۽ خدا جي وچ جي ڳالهه آهي، خدا ڄاڻي ۽ بندو ڄاڻي ٽئين جو ڪجهه ناهي. خدا سان پنهنجو ڳانڍاپو جوڙڻ جو طريقو هر انسان جو پنهنجو پنهنجو هوندو آهي، هر ڪو پنهنجي مذهبي طريقي سان خدائي احڪامن کي پورو ڪري ٿو، ڪائنات جي ذري ذري کي خدا ڄاڻي ٿو، هن ساري نظام هستي کي هلائيندڙ، ڦيرائيندڙ هڪ خدا آهي، قوالي جي بادشاهه نصرت فتح علي خان هڪ بهترين قوالي چئي آهي ته ”ڪوئي تو هي جو نظام هستي چلا رها هي، وهي خدا هي، وهي خدا هي. سنڌ جو سرموڙ شاعر لطيف فرمائي ٿو ته
    پاڻهين پسين پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب
    پاڻهين خلقي خوب، پاڻهين طالب تن جو
    ڪنهن ملڪ ۽ قوم جو ڪو انسان يا چند انسان گڏجي ڪري اهو اعلان ڪن ٿا ته خدا تائين رسائي وارو طريقو اسان جو صحيح آهي ۽ جيڪو ڪجهه اسان ٻڌايون اهو صحيح آهي ۽ ٻين انسانن جا مذهبي ۽ ثقافتي طور طريقا غلط آهن، جيڪو به اسان واري طريقي کي نه اپنائيندو اهو ڏوهي آهي ۽ پوءِ اهي انسان پنهنجي طاقت ۽ اثر جي ذريعي پنهنجو ڏاڍ قائم ڪري سندن طريقي تي به هلڻ وارن ٻين انسانن تي ظلم ۽ جبر برپا ڪن ٿا، پنهنجي وس ۾ آڻڻ لاءِ زور ۽ ظلم آزمائين ٿا ۽ ساڻن اختلاف ڪندڙن کي انتها ۽ ساڻن اختلاف ڪندڙن کي انتها درجي جون ظلم جون سزائون ڏين ٿا ۽ کين ماري ڇڏن ٿا، اها انتهاپسندي آهي جيڪا انساني محبت جي دشمن آهي، انتهاپسندي جنگ ۽ جهيڙا، نفرت ۽ حسد کي ڦهلائي انساني محبت ۽ امن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، انتهاپسندي دنيا کي بارود جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، انهي بارود جي باهه ۾ اڄ سڄي دنيا جا انسان جلي ۽ ٻري رهيا آهن، خدا جي محبت، خدا جو پيار ۽ خدا جو راضپو انهي انتهاپسنديءَ کي ناپسند ڪري ٿو، خدا جو پيار ۽ خدا جو راضپو ان ۾ آهي ته انسان، ڪائنات جي هر شيءِ سان پيار ڪري، انسان ٻئي انسان سان پيار ڪري، اها ئي انسانيت آهي، اهو ئي صوفي ازم آهي، اهو ئي سچل، سامي ۽ شاهه لطيف جو پيغام آهي ۽ اهو ئي هر مذهب جو اعلان آهي.
    انسانيت صوفي ازم جو روپ ڌاري انسان کي رنگ، نسل ۽ مذهب جي بنياد تي تضاد پيدا ڪرڻ کان روڪي ٿي، انسانيت هر انساني ڏاڍ کان روڪي ٿي، انسانيت هر قسم جي ڏاڍ ۽ ظلم جو مقابلو ڪري ٿي ۽ سوڀ ماڻي ٿي، تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا ئي دور آيا آهن جڏهن صوفي ازم انتهاپسندي سان جنگ ڪئي آهي، صوفي ازم يعني انساني محبت ۽ انتهاپسندي جي لڙائي سڄي دنيا اندر اڄ به جاري آهي ۽ صوفي ازم يعني انساني محبت، انتهاپسندي جو مقابلو ڪندي رهي آهي ۽ ڪندي رهي ٿي، صوفي ازم يعني انساني محبت کي سچل سائين جهڙي عاشق ۽ صوفي، محبتي هيئن ڳايو آهي ته:
    هندو مومن سان مٺي محبت جا ڪر ميل
    سچل سائين، مخدوم بلاول، شاهه لطيف، منصور حلاج ۽ ڪاسٽيلو جهڙا صوفي ۽ انسانيت جا عاشق سدائين انتهاپسندن سان وڙهندا رهندا ۽ ٽڪر کائيندا رهيا آهن، انهن شهيد صوفين پنهنجو ساهه ڏئي صوفي ازم يعني انساني محبت جي نظريي کي اتساهه بخشيو آهي، صوفي ازم اصل کان انساني روح ۾ گهر ڪري ويٺل آهي، صوفي ازم يعني انساني محبت انساني روح ۾ شامل آهي، پر نفرت، حسد ۽ انا انساني روح مان صوفي ازم يعني انساني محبت کي ساڙي ختم ڪري ڇڏي ٿي، صوفي ازم انساني برابري کي ترجيح ڏئي ٿو، صوفي جي دل جو پنو هر قسم جي اوڻائي کان صاف آهي ڇو ته صوفي لاڪوفي هوندو آهي، صوفي هر قسم جي مذهبي ٻنڌڻن کان آجو آهي، صوفي جو من ڌوتل اڇو چٽو هوندو آهي، صوفي ازم يعني انساني محبت، ملائيت جي نفي ڪري ٿي، ملائيت معنيٰ انتهاپسندي، صوفي ازم يعني انساني محبت هر قسم جي انتهاپسندي سان ٽڪر کايو بيٺي آهي، صوفي انساني اتحاد ۽ امن ۽ انسانيت محبت ۽ ڀائيچاري کي پسند ڪري ٿو، صوفي ازم هڪ اهڙي ڇٽي آهي، جنهن جي هيٺان هر مذهب رنگ ۽ نسل جو ماڻهو پاڻ کي انتهاپسندي جي تيز تپش کان بچڻ لاءِ ويهي ٿو، صوفي ازم جو نظريو انسانن کي پاڻ ۾ متحد ڪري ٿو، اهو صوفي ازم يعني انساني محبت جو اثر آهي، جو سڀ انسان ساڳئي پاٽڙي ۾ ڀتُ کائن ٿا ۽ ساڳئي مٽ مان سرڪيون ڀرين ٿا، محبت ۾ عاجزي ۽ نيزاري هوندي آهي، محبت ۾ خودي ۽ انا ناهي هوندي، صوفين جي محبت خوديءَ بنا هوندي آهي، جيئن لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
    پاڻان ڏار، پريتڻو، سسئي ساڻ کڻيج
    محبت انساني انا کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، صوفي ازم ٻڌائي ٿو ته تشدد انا کي وڌائي ٿو پر محبت انا کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، صوفي ازم جي طرف سڄي دنيا جا انسان هاڻي رجوع ڪري رهيا آهن، دنيا سمجهي ٿي ته انساني محبت ۾ ئي انساني فلاح ۽ بهبود آهي، ڪنهن ڏاهي محبت انسان جي اندر جو ڪن ڪچرو ڪڍي چڏي ٿي، محبت سچائي ۽ سٺائي آهي، اڄ سڄي دنيا ۾ صوفي ازم جي پرچار لاءِ انيڪ ڪوششون ٿي رهيون آهن، سنڌ ۾ ميلا ملاکڙا ۽ سنڌ فيسٽيول جهڙا انساني اتحاد ۽ امن ۽ خوشحالي لاءِ ٿي رهيا آهن، هڪ ڏينهن ايندو جڏهن سڀئي انسان محبت جي اهمجيت کي سمجهندا ۽ صوفي ازم جي جهنڊي هيٺ پنهنجي نظرياتي زندگي گذاريندا، صوفي ازم ۾ انساني خوشحالي جو راز سمايل آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صوفي ازم بابت اڄوڪي ڊان ۾ مبارڪ علي جو لکيل ڪالم ضرور پڙهو ۽ سوچيو ته ڇا صوفي ازم سنڌ جي فائدي ۾ آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو